ٺٽو: ٺٽو سجاول ۽ بدين ضلعن جي ساحلي پٽي تي سائبيريا کان هجرت ڪري ايندڙ پرديسي پکين جا ولر پهچڻ شروع ٿي ويا پرڏيهي پکين جو غير قانوني شڪار جاري وائلڊ لائيف کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي، رپورٽ موجب ٺٽو سجاول ۽ بدين جي سامونڊي علائقي ۾ وڏي پئماني تي پرڏيهي پکين جو غيرقانوني شڪار شروع ٿي ويو آهي سنڌ حڪومت پاران سياسي آشيرواد تحت مقرر ڪيل وائلڊ لائيف کاتي جا گيم وارڊن خاموش تماشائي بڻيل آهن، وائيلڊ لائف عملي ڏيتي ليتي جي بنياد تي شڪارين کي پکين جي شڪار جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، پکي وڪري لاءِ ڪراچي اماڻيا وڃن پيا ۽ مقامي سطح تي پڻ جاتي، لاڏيون، ڇڇ جهان خان، چوهڙ جمالي، سجاول، گولاڙچي، بدين، سيراڻي، ڪينجهر، جهرڪ، جهمپير، سونڊا ۾ پکين جو غير قانوني وڪرو جاري آهي، نيرڳي پکي 500 روپيا، سوراندو پکي 400 روپيا، چيکلو 150 روپيا، آڙي پکي 100 روپيا ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. رابطو ڪرڻ تي وائيلڊ لائيف کاتي ٺٽو جي ڊسٽرڪٽ سينچري وارڊن عدنان حامد خان ٻڌايو ته وائيلڊ لائيف کاتي وٽ وسلين جي کوٽ، سياسي مداخلت ۽ ڪمزور قانون سبب غيرقانوني شڪار کي روڪڻ مشڪل بڻيل آهي، ماضي ۾ سياسي گيم وارڊن جي ڪري وائيلڊ لائيف کي تمام گهڻو نقصان پهتو، اڪثر شڪاري ڍنڍن ۽ درياهه ۽ ڪچي جي علائقي ۾ شڪار ڪن ٿا اسان جي کاتي وٽ سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ نه فور بائي فور جون هيوي گاڏيون آهن ۽ نه وري ڪي ٻيڙيون موجود آهن جو شڪارين تائين پهچي غيرقانوني شڪار کي روڪي سگهون.
ڪينجهر ۾ وڌيڪ شڪار، وانجهار ۽ ڪيسٽن وسيلي پکي ڦاسايا وڃن ٿا
ٺٽو: ڪينجھر ڍنڍ ۾ پکين جي آمد وارو سلسلو شروع ٿيندي ئي شڪاري به سرگرم ٿي ويا آهن، وانجھار لڳائڻ توڙي ڪيسٽن ذريعي پکين کي ڦاسائڻ وارو سلسلو جاري آهي، جھمپير، ڪينجھر ڍنڍ جي رھواسين محمد ھاشم سولنگي، محمد امين، حبيب الله، يار محمد پينار ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪينجھر ڍنڍ تي سائيبيريا ۽ ٻين ٿڌن ملڪن کان ايندڙ پکين جو ڍنڍ ۾ غير قانوني شڪار جاري آھي پکين جي ڍنڍ تي لھڻ شرط ئي شڪارين پاران پکين کي پڪڙڻ ۽ انھن جي نسل ڪشي ڪرڻ لاء اڳواٽ ئي وانجھار ھنئي ويندي آهي. علي بحر، سونڊا، جھمپير، ٺٽو ۾ پکين جو کلي عام وڪرو جاري آھي پر وائلڊ لائيف کاتو اگھور ننڊ ستل آھي ھنن الزام ھنيو ته شڪاري وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن جي آشيرواد سان پکين جي نسل ڪشي ڪري رھيا آھن. ھنن وزير اعلي سنڌ، وائلڊ لائيف کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته فورن نوٽيس وٺي ڪينجھر ڍنڍ ۾ ايندڙ مھمان پکين جو تحفظ ڪري، شڪارين خلاف ڪاروائي ڪري،ڍنڍ ۾ لڳل وانجھار ڪڍرائيون وڃن.
پابندي باوجود بازن جو به شڪار، 10 لک کان هڪ ڪروڙ ۾ وڪرو
ٺٽو : سنڌ ۾ ناياب بازن جو غير قانوني شڪار جاري آهي ٺٽو سجاول ۽ بدين جي ساحلي ڪنارن تي ناياب بازن جي شڪار لاءِ 200 کان وڌيڪ شڪارين پنهنجون ڪيمپون قائم ڪري ورتيون آهن، جتي باز جو شڪار جاري آهي جڏهن ته انهن شڪارين ڍنڍن تي شڪارين هزار کان وڌيڪ ڄار وڇائي ڇڏيا آهن، چرخ باز 50 لک کان هڪ ڪروڙ ۽ بحري باز 10 لک کان 20 لک روپين ۾ وڪرو ٿيندو آهي مقامي دلال گهٽ پئسن ۾ باز خريد ڪري ڪراچي ۾ وڏي قيمت تي عرب شهزادن کي وڪرو ڪندا آهن، وائيلڊ کاتو في شڪاري ڪيمپ جا 10 هزار روپيا وٺندو آهي باز جي جهلجڻ تي 50 هزار خرچي طور رشوت وٺندا آهن، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ انهن ناياب بازن جي شڪار تي پابندي آهي پر پوءِ به سنڌ جي وائيلڊ لائيف کاتي انهن حوالي سان ڪوبه قدم نه کنيو آهي جڏهن ته وائيلڊ لائيف کاتي جي قانون تحت اهڙي شڪار لاءِ لائسنس هجڻ ضروري آهي پر هي رسم به پوري ناهي ڪئي وئي ۽ سرعام شڪار جاري آهي.
گولاڙچي: پنجاب جي ڊيلرز پاران نقلي زرعي دوائن جو وڪرو چوٽ تي
گولاڙچي(ن پ ا) گولاڙچي تعلقي جي شھرن گولاڙچي، ڪڙيوگهنور، ترائي ، کوراهه شھر ۾ نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون سرعام فروخت ٿيڻ لڳا آهن، جنهن جي ڪري آبادگارن کي وڏي پيماني تي نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. غير رجسٽرڊ ٿيل ڪپمنين طرفان بااثر واپارين ذريعي نقلي ٻج، دوائون ۽ ڪيمڪل وارو ڀاڻ تيار ڪري وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي علائقي جا بااثر واپاري ملوث آھن. انھن جي زريعي گولاڙچي، ڪڙيوگهنور، ترائي ۽ کورواهه ۾ غير قانوني زرعي دوائن جا دوڪان سرعام هلڻ لڳا آهن. پيسٽيسائيڊ جي آڙ ۾ آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رھيو آهي جيڪڏھن جلد ئي هنن خلاف ڪاروائي نه ٿي سگهي ته ايندڙ وقت ۾ آبادگارن کي وڏي معاشي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. انهي سلسلي ۾ آبادگارن خدابخش رند، حبيب ملاح، اعجاز خاصخيلي ۽ ٻين چيو آهي ته گذريل سال به نقلي ٻج ۽ ڀاڻ جي ڪري زمينون ايوريج نه ڏئي سگهيون جنهن ڪري ڪافي نقصان پڻ ٿيو ھو، هن دفعي پڻ رائيس ملون توڙي واپاري ٻج ۽ ڀاڻ جا نقلي ڪمپنين جا سيمپل مارڪيٽ مان خريد ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن خلاف اگر قانوني ڪاروائي عمل ۾ نه آنندي وئي ته ڪافي نقصان جو انديشو آهي. ملاوٽي عنصر پنهنجي ڪاروبار ۾ تمام ھوشيار آهن جن بابت ڪيتريون ئي شڪايتون ڪيون ويون آھن پر ڪجهه به نه ٿي سگهيو آهي. ھتان جي آبادگارن زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راھو، زراعت کاتي بدين ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته جلد کان جلد هنن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ٻئي صورت ۾ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي ۽ سخت احتجاج ڪيو ويندو
پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي: پي ٽي آءِ نوشهرو فيروز
نوشهروفيروز (رپورٽر)نوشهرو فيروز ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو ورڪرز ڪنوينشن ٿي گذريو، جنهن ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري مشتاق جوڻيجو، امان قاضي، اياز سولنگي، عامر بروهي، عبدالله عباسي ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هنن پ پ قيادت تي تنقيد ڪندي چيو ته آصف زرداري سنڌ جي بجيت ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ بدران مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه اماڻي ڇڏي آهي.
شڪارپور ۾ ايس ايس پي خلاف شيعا تنظيم جو احتجاج
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ۾ شيعا اڳواڻن کي سڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مجلس وحدت المسلمين جي سڏ تي امام بارگاھ ڪربلا کان لکيدر گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي مقصود ڊومڪي، مولانا سڪندر دل ۽ ٻين چيو ته شڪارپور ۾ دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، پر ايس ايس پي شيعا علمائن کي سڪيورٽي نه ڏئي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شيعا اڳواڻن کي سڪيورٽي ڏني وڃي.
ريلوي لائين تي 62 سال ريل هلي، 1991ع کان بند پيل
ٺاروشاهه: ٺاروشاھ ريلوي جي سرڪاري ڪاغذن ۾ هن سيڪشن جو آغاز آگسٽ 1929ع ٻڌايو ويو آهي. جيڪو 1991ع جي جولاءِ مهيني ۾ پڄاڻي تي پهتو. انگريز سرڪار طرفان علائقي جي عوام جي سهولت لاءِ ٺهرايل هي ٽريڪ محرابپور کان پڊعيدن 70 ڪلوميٽر، اهڙي ريت پڊعيدن کان ٽنڊوآدم 176 ڪلوميٽرن تي وڇايل هو. انهي جي وچ ۾ 26 ريلوي اسٽيشنون 5 جنڪشن، ٽنڊوآدم، سڪرنڊ، پڊعيدن، ٺاروشاهه ۽ محرابپور هيون. جيڪي 1991ع ۾ سرڪار جي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ٿي ويون. انهن جنڪشنن ۾ 3 ٽنڊوآدم، پڊعيدن ۽ محرابپور ته پنهنجي مين لائين تي هجڻ جي ڪري زندهه رهيون. باقي رهيل 2 ختم ٿي ويون، جنهن ۾ ٺاروشاهه به شامل آهي.
1995ع ۾ ماسٽر چندر ريل وسيلي اباڻي ڳوٺ آيو
ٺاروشاهه: ٺاروشاھ ريلوي جي جنڪشن اسٽيشن جيڪا انگريزن جي دور ۾ هلندي هئي جنهن ۾ انڊيا کان ٺاروشاھ ڄائي نامياري راڳي ماسٽر چندر سن 1955ع سيپٽمبر ۾ سفر ڪري ٺاروشاھ پهتو هيو
تاريخي ٺاروشاھ ريلوي اسٽيشن تي قبضا، ڪوارٽرن بعد گرائونڊ تي والار، پٽڙيون چوري، انتظاميا لاپرواهه
ٺاور شاهه : ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر ۽ نامياري راڳي ۽ شاعر ماسٽر چندر جي جنم ڀومي ٺاروشاهه جي تاريخي ريلوي اسٽيشن تي قبضا ٿي ويا آهن. پهريان ريلوي جي ڪواٽرن تي قبضا ڪيا ويا ۽ هاڻي ريلوي جي بچيل پلاٽن تي قبضا خورن ديرا ڄمائي پڪيون اڏاوتون جوڙي ڇڏيون آهن جڏهن ته ريلوي جي سرڪاري پلاٽ جيڪو راندين لاءِ ڇڏيو ويو هيو ان کي به نه بخشيو ويو اتي به بااثر قبضا مافيا هوٽلون ۽ مال جا واڙا قائم ڪري جنڪشن جي سونهن اجاڙي ڇڏي آهي قبضا مافيا جي سرگرمين سبب هريپور جي علائقي ۾ جهيڙا روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته ريلوي اسٽيشن جي مالڪي نه ٿيڻ ۽ ريلوي انتظاميا جي بي ڌياني سبب ريل جون قيمتي پٽڙيون ڪيترن ئي ميلن تائين چوري ٿي ويون آهن. سياسي سماجي اڳواڻن رضا محمد بهڻ، علي شير ڪيريو، ظفر چارڻ، مشتاق عباسي، ذاڪر عباسي، نصير ابڙو۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ساهتي پرڳڻي جي خوبصورت تاريخي شهر کي قبضا خور مافيائن بدصورت بڻائي ڇڏيو آهي خاص ڪري اسان جي تاريخي جنڪشن اسٽيشن کي جنهن جي سرڪاري پلاٽن توڙي سرڪاري ڪوارٽرن کي ريلوي پڊعيدن ۽ محرابپور جي عملدارن جي ملي ڀگت ڪري قبضا خورن کان ڳري رشوت ۽ ماهوار منٿلي عيوض قبضا مافيا سرڪاري پلاٽ ۽ سرڪاري ڪوارٽرن کي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو آهي سرڪاري پلاٽن تي ڏينهن ڏٺي جو قبضا ڪري اتي پڪا گهر ۽ هوٽلون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته راندين لاءِ ڇڏيل گرائونڊ ۾ مال جا واڙا ۽ مانڊڙيون رکي ريلوي اسٽيشن جي سونهن هٿ وٺي اجاڙي وئي آهي هنن چيو ته نه ڃاڻ اسان ڪيترائي دفعا احتجاج بک هڙتالون ڪرڻ سان گڏ لکت ۾ ريلوي انتظاميه ۽ پوليس کي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪنهن به لڳاپيل انتظاميا بااثر قبضا خورن خلاف نالي ماتر شوڪاز نوٽيس ڪڍي خاموش تماشائي بڻيل آهي.
پ پ قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف قاضي احمد ۾ جيالا جو احتجاج
قاضي احمد (ن پ ا) اڳوڻي صدر آصف زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين اڳوانن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف قاضي احمد ۾ پ پ اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي انجنيئر غفار جتوئي، نبي بخش ماڃوٺو، غلام نبي زرداري، سليم خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پ پ قيادت خلاف انتقامي ڪارروايون ڪندي نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا آهن.
روهڙي ۾ ناري جو مڙس ۽ سهري خلاف احتجاج
روهڙي (ن پ ا) روهڙي جي نارا ڪئنال جي رهواسڻ مڙس ۽ سهري خلاف احتجاج بعد ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته کيس قيد ڪري ظلم جو شڪار بڻايو ويو. ناري گل زادي اوڏ روهڙي ٿاڻي تي پهچي مڙس معشوق، سهري اربيلو اوڏ، سڌير گلاب ۽ عاشق اوڏ تي ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس داخل ڪرائڻ کانپوءِ ناري صحافين آڏو دانهيو ته مڙس ۽ سهري قيد بڻائي 18 ڏينهن تائين ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو.
ٽنڊو باگو ۾ ٻيڙي ورڪرز يونين جو نائب صدر رزاق ڀان سائي وگهي فوت
ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽنڊوباگو ۾ ٻيڙي ورڪرز يونين جو نائب صدر 50 سالن جو عبدالرزاق ڀان سائي وگهي فوت ٿي ويو. فوتي جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. هوڏانهن ٻيڙيون تيار ڪندڙ ڪاريگرن “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته ڪيترائي ڪاريگر ٽي بي، ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين مرضن ۾ وٺجي ويا آهن، پر صحت کاتي ڪي به اُپاءُ ناهن ورتا.
ميان صاحب جي پ پ پ ورڪرس ۾ ڪي بھ اختلاف ناهن: يوسي چيئرمين
ميان صاحب(ن پ ا) يونين ڪائونسل ميان صاحب جي يوسي چيئرمين حاجي اياز راڄپوت روزاني“پنھنجي اخبار” سان ڳالھائيندي چيو آھي تھ پيپلزپارٽي يوسي ميان صاحب جي ورڪرس ۾ ڪنھن بھ قسم جا اختلاف نھ آھن. مخالف اجايو واويلا ڪري ڪوڙيون خبرون ھلائي رھيا آھن. ھن چيو تھ اسان کي پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر ميرعابد خان ڀيو ۽ پ پ پ اڳواڻ ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي قيادت تي مڪمل اعتماد آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ميرعابد ڀيو ۽ امتياز شيخ ٻئي ڄڻا ڳڙھي خدابخش وڃڻ مھل ھڪڙي گاڏي ۾ سوار ھئا ۽ ٻنھي جا قافلا محترما جي ورسي ۾ شرڪت لاء گڏ نڪتا ھئا..
سنڌ جي مهان قوي شيخ اياز جي 21هين ورسي، لفظي ڀيٽا پيش
ڀٽ شاهه (ن پ ا) سنڌ جي مهان قومي شيخ اياز جي 21 هين ورسي تي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته سندس آخري آرامگاهه تي گل نڇاور ڪري خاص دعائون به گهريون ويون. ڀٽ شاهه ۾ يادگار ڪاميٽي طرفان شيخ اياز جي 21هين ورسي ملهائي وئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد مهر، تاج جويو، گاگن داس، دانش جتوئي، محسن جويو، نور سنڌي، نسرين الطاف ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. شاعرن، اديبن، دانشورن، صحافين سوڌو مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان واڳيل ماڻهن شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي گلن جون چادرون چاڙهي کيس لفظي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي تقريب ۾ شامل تاج جويو ۽ ٻين چيو ته شيخ اياز جي قومي شاعري سبب نوجوانن ۾ اُتساءَ آيو.
ڊکڻ ۾ ڪاري ڪامڻ ۾ ورتل نوجوان بستري ڀيڙو، واهر جي گهر
ڊکڻ(ن پ ا) ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ مبارڪ جيهو جو رهواسي نوجوان عمران جيهو ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا ٿيڻ سبب بستري ڀيڙو ٿي ويو آهي. سائي سان جهيڙيندڙ عمران جيهو “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته هو گهر جو اڪيلو فرد آهي، سندس ڀيڻ ڀاءُ ناهن. عمران ٻڌايو ته علاج لاءِ گهر جو سمورو سامان کپائي ڇڏيو آهي، پر صحتياب نه ٿي سگهيس. عمران موجب ڊاڪٽرن ٽرانسپلانٽ جو چيو آهي، جنهن تي هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ايندو. عمران لڙڪ لاڙيندڙ سنڌ حڪومت ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي ته سندس علاج ڪرائي حياتي بچائي وڃي.