اسلام آباد(رپورٽر) اسلام آباد ۾ پيپيلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات نه ڪرائڻ تي پ پ اڳواڻ جميل سومري سان تلخ ڪلامي ڪندڙ جيالن کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ،جڏهن ته يوٿ انفارميشن سيڪريٽري فدا عباسي جي جي ميمبرشپ ئي معطل ڪئي وئي آهي . واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان جيالن بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات نه ڪرائڻ تي جميل سومري آڏو احتجاج جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ جيالا جميل سومري کي چئي رهيا هئا ته اوهان بلاول کي يرغمال بڻائي ورتو آهي ، عام ڪارڪنن کي ساڻس ملڻ نٿو ڏنو وڃي . جميل سومرو جي روڪڻ تي جيالن سخت احتجاج ڪندي چيو ته سند قائد ذوالفقار علي ڀٽو کين اها جرت ڏني آهي ته هو پنهنجي حق لاءِ آواز بلند ڪن .
”جميل سومرو سان تکو ڇو ڳالهايو“ : جيالي کي نوٽيس
جيالن جي جميل سومري سان بحث واري ويڊيو سوشل ميڊياتي وائرل ٿي
سکر بار جي چونڊ، پروگريسو پينل اڪثريت سان ڪامياب
علي حيدر ادا صدر چونڊجي ويو، سڪندر جوڻيجو 157 ۽ عمران شمسي 61 ووٽ کنيا
محفوظ اعواڻ جنرل سيڪريٽري ٿي ويو، مخالف اميدوار عجيب الله جوڻيجو 336 ووٽ کنيا
سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر بار جي چونڊن جا مڪمل نتيجا پڌرا ٿي ويا. سينيئر وڪيل قربان ملاڻي جي پروگريسو پينل وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. چونڊ نتيجن موجب پروگريسو پينل جو علي حيدر ادا 716 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته همدرد پينل جا صداتي اميدوار سڪندر جوڻيجو 157 ۽ محمد عمران شمسي 61 ووٽ کڻي سگهيا. نائب صدر جي عهدي تي پروگريسو پينل جو الاهي بخش ميتلو 588 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، مخالف اميدوار ظهير بابر 334 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. بار جي چونڊ نتيجن موجب جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي پروگريسو پينل جو محفوظ احمد اعواڻ 617 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته همدرد پينل جو عجيب الله جوڻيجو 336 ووٽ کڻي سگهيو. اهڙي ريت جوائنٽ سيڪريٽري جي چونڊ ۾ به پروگريسو پينل سوڀارو رهيو، جنهن جي اميدوار ذوالفقار ملاڻي 585 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، مخالف اميدوار ميڊم فرزانه کوسو رڳو 275 ووٽ کڻي سگهي. لائبريري سيڪريٽري جي عهدي تي به پروگريسو پينل جو سيد ظفر شاهه 550ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو، جڏهن ته همدرد پينل جي ميڊيا رضوانه ميمڻ 366 ووٽ ٻئي نمبر تي رهي.
ٻڌايو وڃي سنڌ جي اربين روپيه بجيٽ ڪيڏانهن پئي وڃي:حليم عادل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ 2 سالن اڳ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معذور بڻيل نينگر زاهد شاھ جي سنڌ سرڪار سار نه لَڌي، سندس گھر جو گاڏو هلڻ مشڪل ٿي ويو، معذور شاگرد جو علاج ڪرائڻ لاءِ گھر وارا سخت پريشان آهن. پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ سرجاني ٽائون پهچي شاگرد ۽ سندس وارثن سان ملاقات ڪري کين هڪ لک 20 هزار روپين جوامدادي چيڪ ڏنو. ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري ٻارڙا مري رهيا آهن اربين روپيا بجيٽ آهي،ٻڌايو وڃي ته اها ڪيڏانهن پئي وڃي؟ هن چيو ته زاهد شاهه وانگر سنڌ ۾ ڪيترائي ٻارڙا علاج نه ٿيڻ جي ڪري زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ رڳو بجيٽ ۾ هر سال اضافو آندو آهي، پر عوام کي ڪي به سهولتون نه پيون ملن.
جاپان ۾ فوت ٿي ويلن جا پتلا ٺاهيندڙ عجب رسم
جاپاني ڳوٺ فوتين توڙي ڳوٺ ڇڏيندڙ جا پتلا ٺاهي رکن ٿا
شخص جو پتلو اتي رکيو ويندو آهي، جتي هو وڌيڪ ڏٺو ويندو هو

ٽوڪيو (دلچسپ) جاپان ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ به آهي، جتي جيڪو ماڻهو مري ويندو آهي يا ڳوٺ مان لڏي ويندو آهي، ان جا پتلا ٺاهي رکيا ويندا آهن. جاپان جي ان قديم ڳوٺ ۾ اها رسم صدين کان هلندي اچي ٿي. فوتي يا لڏي ويل شخص جو پتلو ان جڳهه تي رکيو ويندو آهي، جتي هو وڌيڪ ڏٺو ويندو هو. ڏکڻ جاپان ۾ ناگورو نالي ڳوٺ آهي، اهي پتلا گڏن جهڙا آهن. هڪ سياح جڏهن ان ڳوٺ ۾ ويو ته هن ان سوين پتلن جو تصويرون ٺاهيون، جيڪي تمام گهڻيون مشهور ٿي ويون آهن. ڳوٺ ۾ صرف 40 ماڻهو رهن ٿا جڏهن ته پتلن جو انگ 150 کان وڌيڪ آهي. برطانوي سياح ۽ فوٽو گرافر ٽريور موگ اهي تصويرون ٺاهيون آهن.
ڪوهستان واري علائقي ۾ غيرت جي نالي تي ٻه عورتون ٻه مرد قتل
جوابدارا فائرنگ ڪري ٻن عورتن سميت چار سئوٽن کي قتل ڪيو
جوبدار فرار،سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن:ڊي آءِ جي هزاره
پشاور(م ڊ)ڪوهستان واري علائقي ۾ جوابدار ٻن عورتن سميت 4 سئوٽن کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو،نجي ٽي وي جي رپورٽ مطابق جوابدار پنهنجي ئي ٻن سئوٽ عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري بعد ۾ ٻن سئوٽ مردن کي قتل ڪيو،واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو،ڊي آءِ جي هزاره جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن،کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو.
راڻيپور ۾ گونگي ناري سان گهر ۾ گهڙي جوابدار جي زيادتي
مهراڻ ڪالوني ۾ واقعو،14 ورهين جي نينگري جا وارث گهر کان ٻاهر ويل هئا
پوليس ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو،جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا
راڻيپور )ن پ ا)راڻيپور جي مهراڻ ڪالوني ۾ نوجوان ضمير حسين پاران معصوم 14 ساله گونگي نينگري سان زيادتي ڪري ورتي،
وارثن جو نينگري جي والد محمد جمن ڊومڪي ۽ سندس ماء حاجياڻي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته جوابدار ضمير حسين ولد مريد حسين شاهاڻي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ،اسين غريب ماڻهو آھيون، ڏينهن جو ڪنهن ڪم ڪار سانگي ٻاهر نڪري ويا هئاسين گهر ۾ ڪير به موجود نه هيو صرف منهنجي 14 سالن جي نياڻي جيڪا ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم آھي گهر ۾موجود هئي، جوابدار گهر ۾داخل ٿي گهر ۾ موجود نياڻي سان زيادتي ڪئي آھي گهر ۾ موجود ننڍن ٻارن جي رڙين تي پاڙي وارا پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويو.
راڻيپور جي ايس ايڇ او صدورو لاشاري ٻڌايو ته نينگري جو ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪيو آھي ۽ نامزد ڪيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو پڻ جاري آھي.
خيرپور ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي ميرواه ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

خيرپور ۾ نائين درجي جي شاگردياڻي گهرو اڻبڻت تان مير واهه ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، موقعي تي موجود شهرين واهه ۾ ٽپا ڏئي ناري کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، ناري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل. تفصيل موجب خيرپور شهر جي دل مان گذرندڙ مير واهه ڪينال ۾ خاڪي شاهه پل وٽان 15 ورهين جي ناري پروين ڌيءَ غلام اڪبر لاشاري ٽپو ڏئي زندگي جو ڏيئو اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته موقعي تي موجود شهرين ميرواهه ڪينال ۾ ٽپا ڏئي کيس ٻڏڻ کان بچائي بيهوشي جي حالت ۾ ڪينال مان ڪڍي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس ڊاڪٽرن پاران علاج ڪيو پيو وڃي ڊاڪٽرن موجب سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. ناري جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڌيءَ جو ڪپر وٽان گذرڻ دوران پير ترڪي پيو ۽ هوءَ واهه ۾ ڪري پئي، سندس ڌيءَ خودڪشي جي ڪوشش ناهي ڪئي. پوليس موجب ناري پروين نائين درجي جي شاگردياڻي آهي جنهن گهرو اڻبڻت تان خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي موقعي تي موجود شهرين بچائي ورتو.
سنڌ جي 6 ضلعن ۾ ننڍيون چونڊون سڀاڻي ٿينديون،تياريون مڪمل
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي سميت سنڌ جي 6 ضلعن جي 56 تڪن تي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين، يوسي ڪائونسلرن جون ننڍيون چونڊون سڀاڻي ٿينديون. جنهن ۾ 141 اميدوارن پاران مختلف پارٽين جي ٽڪيٽ توڙي آزاد حيثيت ۾ حصو ورتو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران ڄاڻايل ضلعن ۾ 389 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. جن ۾ مردن لاءِ 57 ۽ عورتن لاءِ 55 پولنگون شامل آهن. اليڪشن ڪميشن پاران 389 پرزائيڊنگ آفيسرن جي مقرري جو پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي چونڊ ۾ نثار دراني گروپ ڪامياب، جگديش مولاڻي گروپ کي شڪست
فرهاد ابڙو نائب صدر، احمد عالماڻي خزانچي، ممتاز عالم لغاري اڳ ئي بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري چونڊجي چڪو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي چونڊن جا غير حتمي غير سرڪاري نتيجا اچي چڪا آهن، جنهن تحت حيدرآباد بار ۾ نثار دراني گروپ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته جگديش آر مولاڻي گروپ کي شڪست ملي وئي. هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿي. جنهن ۾ صدارت جي عهدي تي نثار احمد دراني جگديش آر مولاڻي گروپ کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. بار جي نائب صدر جي سيٽ تي فرهاد ابڙو عبد الستار سرڪي کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿي ويو. خزانچي جي سيٽ تي احمد عالماڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته محسن رضا گوپانگ کي شڪست ملي وئي. هاءِ ڪورٽ بار جي لائبريري سيڪريٽري جي چونڊ لاءِ چئن اميدوارن ممتاز عالم لاشاري، بلاول بجير، شاهده پروين ۽ ناصر شيخ ۾ مقابلو ٿيو. مقابلي ۾ ممتاز لاشاري لائبريري سيڪريٽري طور ڪامياب ٿي ويو. صدر طور ڪامياب نثار احمد دراني 457 ووٽ کنيا جڏهن ته جگديش آر مولاڻي 153 ووٽ کڻي سگھيو. نائب صدر فرهاد ابڙو 371 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، سندس مقابلي ۾ عبدالستار سرڪي 236 ووٽ کڻي سگھيو. خزانچي لاءِ بشير احمد عالماڻي 318 ووٽ کنيا، محسن رضا گوپانگ 289 ووٽ کڻي سگھيو، جڏهن ته لائبريري سيڪريٽري لاءِ ممتاز لاشاري 222 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. بار جي چونڊ ۾ جنرل سيڪريٽري ممتاز عالم لغاري اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪو آهي.
ڀارت ۾ مسلمان واپارين کي قتل ڪندڙ 8 ڄڻن کي عمر قيد سزا
ٻن مسلمان ڳئن جي واپارين کي انتهاپسندن جي هجوم قتل ڪيو ويو هو
جوابدارن امتياز ۽ مجلوم انصاري کي ڳئن جي واپار دوران قتل ڪري ڇڏيو هو
جهارکنڊ (ا ڊ) ڀارت ۾ مسلمان ڳئن جي واپارين کي قتل ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي 8 هندو انتهاپسندن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. امتياز خان ۽ مجلوم انصاري کي ٻه سال اڳ قتل ڪيو ويو هو، جهارکنڊ جي عدالت ٻن سالن کانپوءِ ٻن مسلمان واپارين سان انصاف ڪندي جوابدارن کي عبرت جو نشان بڻايو آهي. جوابدارن کي ڪورٽ آندو ويو ته انتهاپسندن جي هجوم نعرا هڻڻ شروع ڪيا. ڳئن جي حفاظت جي نالي ۾ قتل ٿيندڙ لاءِ اهو ٻيون ڀيرو انصاف مهيا ڪيو ويو آهي. قتل ڪيل مجلوم انصاري ۽ امتياز شهر ڏانهن ڳئن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته هندو انتهاپسند جي هجوم کين قتل ڪري ڇڏيو هو. قتل ڪيلن مان امتياز جي عمر 12 سال هئي. جوابدارن پاران اعليٰ عدالت ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
حيدرآباد ۾ آپريشن، هڪ درجن کان وڌيڪ سائن ۽ بل بورڊز هٽايا ويا
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ انتظاميا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سائن ۽ بل بورڊز هٽائي ڇڏيا. ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد ۽ ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد جي اينٽي انڪروچمينٽ سيل ٿڌي سڙڪ روڊ ۽ واڌو واهه روڊ تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران روڊن جي ٻنهي پاسن کان لڳل هڪ درجن کان وڌيڪ بل بورڊ ۽ سائن بورڊ هٽايا ويا. عملدارن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آپريشن ڪيو پيو وڃي.واضح رهي ته عدالتي حڪم تي 2 هفتا اڳ به آپريشن شروع ٿيو هو، پر ڪمشنر جي مداخلت سبب ڪارروائي روڪي وئي هئي.
هندو انتهاپسندن نصيرالدين شاهه کي لٽريچر فيسٽيول ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو
ڪنهن کي همٿ ناهي جو ڀارت مان ڪڍي، هي منهنجو ملڪ آهي: نصيرالدين شاهه
اداڪار جي بيان تي اتهاپسندن کيس اجمير لٽريچر فيسٽيول ۾شرڪت کان روڪي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڀلوڙ اداڪار نصيرالدين شاهه پاران گذريل ڏينهن ڏنل بيان کانپوءِ انتهاپسندن کيس اجمير لٽريچر فيسٽيول ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو آهي. اجمير لٽريچر فيسٽيول ۾ نصيرالدين شاهه کي پنهنجي ڪتاب جي مهرت تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، جنهن دوران ڀارتيه جنتا پارٽي جي ڪارڪنن نصيرالدين شاهه خلاف سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، جنهنڪري نصيرالدين شاهه کي ايونٽ مان واپس وڃڻو پئجي ويو. تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي نصيرالدين شاهه چيو آهي ته ڀارت سندن ملڪ آهي، جنهن مان نيڪالي ڏيڻ جي ڪنهن کي همٿ ناهي. نصيرالدين شاهه پاران اتر پرديش ۾ مڇريل هجوم هٿان قتل ٿي ويل پوليس آفيسر تي ڳالهائيندي چيو هو ته ڀارت ۾ انسان کان وڌيڪ ڳئن کي تحفظ حاصل آهي ۽ ڀارت انتهاپسندي طرف وڌي رهيو آهي، جنهنڪري هو پنهنجي ٻارن جي لاءِ پريشان آهي. نصيرالدين شاهه جي بيان کانپوءِ انتهاپسندن پاران کيس پاڪستان وڃڻ جو مشوري سان گڏ کيس غدار ڪوٺيو ويو. ردعمل ڏيندي نصيرالدين شاهه چيو ته هي سندن ملڪ آهي، ڪنهن کي همٿ ناهي جو کين ملڪ مان ڪڍي.
نوان جتوئي ڀرسان شاعر محمد بخش خاصخيلي جي ورسي 25 ڊسمبر تي ملهائي ويندي
نوان جتوئي(رپورٽر) نوان جتوئي ڀرسان لطيف جي پارکو، اديب ۽ شاعر حافظ محمد بخش خاصخيلي جي 15ورسي 25ڊسمبر تي ملهائي ويندي. ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي ۾ورسي تقريب ڪوٺائي حافظ محمد بخش خاصخيلي جي زندگي تي روشني وڌي ويندي، جڏھن ته حافظ محمد بخش خاصخيلي جي پوٽي ايڊووڪيٽ احمد ظفر جي سهڙيل ڪتاب”ھاڻي پاڻي تي پاڻي ٿيندو“ مهورتي تقريب پڻ ٿيندي.
پنوعاقل ۾ موٽرسائيڪل کي چنگچي رڪشا جو ٽڪر، نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي فوت
موٽرسائيڪل سوار سليم سومرو ٽڪر لڳڻ سبب ڪري ٽرڪ جي هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو
چنگچي رڪشا ڊرائيور فرار،لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو
پنوعاقل (ن پ ا) قومي شاهراه تي موٽر سائيڪل کي رڪشي جو ٽڪر، نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت، لاش کي هڪ ڪلاڪ بعد موٽروي پوليس پهچي تعلقه اسپتال کڻائي پهتي، ان ڏس ۾ پنوعاقل جي ڀٽا فروٽ لڳ موٽرسائيڪل سائيڪل نوجوان سليم سومرو کي پٺيان ايندڙ چنگچي رڪشي جو ٽڪر لڳڻ سان نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو فوتي نوجوان جو لاش هڪ ڪلاڪ تائين قومي شاهراه تي پيل رهيو جنهن بعد موٽروي پوليس پهچي لاش کي تعلقه اسپتال کڻائي پهتي جتي ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جي مڙه کي وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو مڙه بائجي چوڪ پيرواه تي سندس گهر ۾ پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، چنگچي رڪشا ڊرائيور چنگجي سميت فرار ٿي ويو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينڊر ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ پنوعاقل پوليس ٽرڪ کي پنهجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
شهباز شريف گوٽ فٽ ڪري ورتي، ائين لڳي ٿو دم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو: شيخ رشيد

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف ڳوٽ فٽ ڪري ورتي، ائين لڳي ٿو ته دم ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو، نواز شريف کي ننڍي ڀاءُ ۽ چوڌري نثار جون ڳالهيون دير سان سمجهه ۾ آيو آهن.
پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته رحمان بابا ايڪسپريس جو افتتاح سڀاڻي ٿيندو.
هن چيو ته لڳي ٿو شهباز شريف ڳوٽ فٽ ڪري ورتي آهي، ٻليءَ کي کير سنڀالڻ جو ذمو ڏنو ويو، اسان پاڻ گهرائيندا آهيون، “اچو شهباز شريف اسان کي اسيمبلي ۾ گاريون ڏيو” جيڪو سڀ کان وڏو چور آهي، اهو احتساب ڪندو، هو پنهنجا آرڊر به پاڻ جاري ڪندو.
شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري چوي ٿو ڏک ٿيندو آهي جڏهن غريب جو حق ماريو ويندو آهي، سڀ کان وڏا چور ۽ ڦورو ته اوهان آهيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن جي احتجاجي تحريڪ نه پر ٽريلر هلندو، ٻه ٽي هفتا ٿوري گهڻي موسيقي ٿيندي، پورو گيت ڪير به نه ڳائيندو.