اسلام آباد (بيورورپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته پي پي جا ٽي وزير پڪڙجڻ وارا آهن، جي آءِ ٽي اسان ناهي بڻائي زرداري جي خلاف جي آءِٽي سپريم ڪورٽ بڻائي ۽ اڄ زرداري سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان کي هر هر ساڳي ڳالهه ڪرڻ جي عادت ناهي. اي سي ايل ۾ جنهن جو نالو وڌو ويو آهي اُها هڪ ڊگهي فهرست آهي ۽ ان ۾ بلاول جو نالو به شامل آهي. هن چيو ته اِهو ئي حڪومت جو ڪم هو اسان ته رڳو ادارن جي هدايت تي عمل ڪيو آهي. هن چيو ته اميد آهي ته جلد ئي زرداري جي معاملي تي سچائي سامهون اچي ويندي پر ان جي نااهلي بابت ڪجهه به نٿا چئي سگهون پر اِهو ضرور آهي ته جلد ئي جيل ڀرجڻ شروع ٿي ويندا. اڄ نواز شريف جي باري ۾ جاري بيان تي ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف جي دولت جي ڪري سندس پٽ اڄ پاڪستان ناهن آيا عدالت ۾ پيش ناهن ٿيا. نواز شريف هڪ ملڪ کي ٻه ارب ڊالرن جي آڇ ڪئي هئي. هن چيو ته نواز شريف مون کي آفر ناهي ڏني.
ڪو حيا آهي ڪو شرم آهي، مرادعلي شاهه استعيفيٰ ڏئي: شيخ رشيد
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ڪو حيا هوندو آهي ڪو شرم هوندو آهي، ڪرپٽ ماڻهن جي احتساب تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته مارچ کان اڳ سمورا گندا آنا گڏ ٿي ويندا، 30 مارچ تائين ٻهارو ڦري ويندو. هن چيو ته آصف زرداري پٽ بلاول کي استعمال ڪري رهيو آهي، افسوس آهي ته بلاول به پنهنجي والد جي سياست پويان لڪي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري جو ٻيو گهر جيل آهي، آصف زرداري جيل وڃي سمورن ڏوهارين سان واسطا قائم ڪيا، شهباز شريف جي معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهائيندس. شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس ريلوي تي ٿورو ڪيو آهي، هن ڪيترائي سال پراڻن ڪيسن جي فيصلي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،ريلوي 28 سالن بعد اڄ ٻيهر زنده ٿي آهي، جڏهن ته رائل پام بابت فيصلو 4 جنوري تي اسلام آباد ۾ ٿيندو.
پيپلز پارٽي مراد علي شاهه جي استعيفيٰ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو
اسلام آباد(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مون کي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جو مقصد اِهو آهي ته صوبو بلڪل به ڪم بند ڪري ڇڏي، حڪومت چاهي ئي نٿي ته ڪو ڪم ڪيو وڃي ڇو ته هنن کي ڪم ڪرڻ اچي ئي نٿو. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته مون ٻڌو آهي ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي پر هن وقت تائين فهرست ناهي ڏٺي، جڏهن کان وڏو وزير بڻيو آهيان تڏهن کان سرڪاري دورن کان سواءِ ڪيڏانهن به ناهيان ويو. هن چيو ته منهنجي مٿان اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي پر مون وٽ ڪي اختيار آهن ئي نه جنهن کي آئون غلط استعمال ڪيان. پ پ اڳواڻ چيو ته هي ڪرڪيٽ جي راند ناهي پر سياست آهي، اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ بيوقوفي ظاهر ڪندو آهي. حڪومت طرفان استعيفيٰ واري مطالبي جي حوالي سان سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته اي سي ايل ۾ نالو اچي وڃي ته استعيفيٰ ڏيڻي پوندي آهي؟ ڪهڙي قانون جي تحت استعيفيٰ گهري رهيا آهيون؟ هن وڌيڪ چيو ته اسان کي حڪومت جي خلاف ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، انهن جون پنهنجون حرڪتون ئي اهڙيون جيڪي هنن کي ڪيرائي ڇڏينديون. گورنر راڄ جي حوالي سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته اِهي سڀ ڳالهيون رڳو ڳالهيون آهن، جيستائين وفاق ٺيڪ ڪم ڪندي ان جو ساٿ ڏينداسين جتي نه ڪندي اتي مخالفت ڪنداسين. پروگرام ۾ ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ جمهوريت آئي آهي، ڪيترين ئي ڪوششن کان پوءِ ملڪ ۾ هي سسٽم بڻيو آهي. وزير اعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عمران خان هڪ ڪٺ پتلي وزير اعظم آهي، حڪومت پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ جي لاءِ اهڙو ماحول بڻائي رهي آهي ته عوام باقي معاملن ۾ وچڙهيل رهي ۽ حڪومت کان ڪو به سوال نه ڪري، پي ٽي آءِ حڪومت ايتري عرصي ۾ ڪجهه ڊليور ناهي ڪيو. هن چيو ته پارليامينٽ هڪ وڏو ادارو آهي، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي عدالت آهي، حڪومت معاملن کي پارليامينٽ ۾ ڇو نٿي کڻي اچي؟ پ پ اڳواڻ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن استعيفيٰ گهرڻ جي ڳالهه آهي ته عمران خان سڀني کان پهرين پاڻ استعيفيٰ ڇو نٿو ڏئي؟ اسان به هن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيون ٿا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته اليڪشن ۾ ماڻهو گهڻيون ڳالهيون ڪري ويندا آهن، تحريڪ انصاف به عوام سان ڪيترائي واعدا ڪيا هئا پر هن وقتت ائين ڪجهه به نظر نه پيو اچي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻ جي لاءِ مخالف ڌر کي ٽارگيٽ ڪري رهي آهي پر ثبوتن جي تحت ڪو به الزام ٿابت ناهي ٿيو ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته ثبوتن کان سواءِ نه ڳالهائي، پاڪستان پيپلز پارٽي قانون جي تحت جدوجهد ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين ڪو به الزام عدالت ۾ ثابت نٿو ٿي وڃي تيستائين ڪنهن کي جوابدار قرار نٿو ڏئي سگهجي، اسان حڪومت تي ڪو به جهيڙو نٿا چاهيون ان ڪري ان کي نظرانداز ڪري رهيا آهن، حڪومت کي گهرجي ته ملڪ جي اصلي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏئي نه ته ڪرپشن بابت ويٺي روئندي رهي.
لاهور ۾ شادي هال بند ڪرڻ جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ جو حڪم
لاهور(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته شادي هالن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ شادي هالن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ بابت چيف جسٽس پاڪستان، لارڊ ميئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاهور جي وچ ۾ مڪالمو ٿيو. چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته لارڊ صاحب توهان شادي هالن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ ڇو نٿا ڪيو؟ چيف جسٽس چيو ته هيڏانهن شام 8 کان رات 10 وڳي تائين شادي هالن جو وقت هوندو آهي ۽ هوڏانهن ٽريفڪ جام ٿيندي آهي، عورتون تيار ٿي سٺا ڪپڙا پائي جتن ڪنديون آهن ۽ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهنديون آهن جڏهن شادي هال پهچنديون آهن ته بتيون ئي بند ٿي وينديون آهن. چيف جسٽس چيو ته شادي جي تقريب جي وقت ۾ پٺيان هڪ ڪلاڪ گهٽ ۽ اڳيان هڪ ڪلاڪ وڌائي ڇڏيو. ان موقعي تي ميئر لاهور چيو ته شادي جي تقريب جي وقت ۾ تبديلي جو اختيار به ڊي سي لاهور جو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پٽ توهان ان تي غور ڪيو ۽ شادي هالن جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ واڌ ڪيو.
پي ٽي آءِ مراد شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) تحريڪ انصاف مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نالو اچڻ تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خرم شير زمان چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪيرائينداسين، ان لاءِ جيڪو طريقيڪار اختيار ڪرڻو پيو، ڪنداسين. سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي خرم شير زمان چيو ته سنڌ ۾ به حڪومت ٺاهڻ پيا وڃون، عوام تياري ڪري، پ پ جي حڪومت اسان ڪيرائينداسين، اسان اڪيلا نه هونداسين، سموريون جماعتون گڏ هونديون. پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز ايل سي ايل ۾ نالو اچڻ وارن جا بينڪ اڪائونٽس سيل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو، حليم عادل شيخ دعويٰ ڪئي ته ڪيترائي پ پ ميمبر پي ٽي آءِ سان رابطي ۾ آهن، تحريڪ انصاف سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ وڃي رهي آهي، حليم عادل شيخ فريال ٽالپر جي زمين واري معاملي تي به عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
ايم ڪيو ايم به سنڌ حڪومت جي خاتمي لاءِ تيار، پ پ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي چڪو آهي: پي ٽي آءِ جي دعويٰ
ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو)پي ٽي آءِ پاران سنڌ ۾ مراد علي شاهه جي سرڪار ختم ڪري پنهنجي سرڪار ٺاهڻ وارو خواب آساني سان ساڀيان ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته 18هين ترميم ۾ فاروڊ بلاڪ جي ٺهڻ ۾ رڪاوٽون، اپوزيشن وٽ عددي تعداد تمام گهٽ ۽ پاڻ ۾ اتحاد نه هئڻ سبب خرم شير زمان جي دعويٰ عملي حوالي سان آسان نه پئي لڳي. پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ سرڪار ٺاهڻ لاءِ مخالف ڌر جي سمورن پارٽين جي سهڪار کانپوءِ به پي پي پي جي 21 منحرف ميمبرن جو ساٿ لازمي کپي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي جي 168 جي ايوان ۾ پي ٽي آءِ وٽ تعداد صرف 30 آهي، سندن مقابلي ۾ حڪمران جماعت پ پ پ وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 99 ميمبر موجود آهن. پي ٽي آءِ کانسواءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ٻين جماعتن مان جي ڊي اي وٽ 14، ايم ڪيو ايم پاڪستان وٽ 20، ايم ايم اي وٽ هڪ ۽ لبيڪ پاڪستان وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 3 ميمبر موجود آهن. سنڌ اسيمبلي جي گڏيل ايوان ۾ مخالف ڌر وٽ ٽوٽل 68 ميمبر موجود آهن، مخالف ڌر جي انهن ميمبرن ۾ لبيڪ پاڪستان ۽ ايم ايم اي هن وقت پي ٽي آءِ کان ناراض جماعتون آهن، تنهنڪري سنڌ اسيمبلي ۾ “اِن هائوس” تبديلي لاءِ اهي ٻئي پارٽيون پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏين اهو مشڪل نظر اچي رهيو آهي. پي ٽي آءِ کي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي مڪمل ساٿ کانپوءِ مراد علي شاهه جي سرڪار ڪيرائڻ ۽ نئين حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 21 ميمبر کپن، جيڪي پي پي پي جي ناراض ميمبرن کانسواءِ ممڪن ناهي. ان لاءِ به انهن ميمبرن کي پارٽي وفاداريون تبديل ڪري پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏيڻ سو به کليل راءِ شماري جي صورت ۾ 18هين ترميم جي ڪري ڏکيو هوندو. پي ٽي آءِ جي سنڌ حڪومت ڪيرائڻ واري دعويٰ بابت “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو ته 18هين ترميم بعد فارورڊ بلاڪ ٺهڻ سولو ڪم ناهي، پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سڀني مخالف ڌر جي جماعتن جي ساٿ کانسواءِ پي پي پي جي فاروڊ بلاڪ جي ضرورت آهي، اگر عدم اعتماد جي رٿ جمع ٿي ۽ راءِ شماري ٿي، ان دوران پي پي پي ميمبر غير حاضر رهن، پوءِ اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر سڄو عمل بنهه ڏکيو هوندو. اپوزيشن جي ٽين وڏي جماعت جي ڊي اي اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته اڃا پي ٽي آءِ ڪو رابطو نه ڪيو آهي، اسان جو فيصلو پاڳارو ڪندو، پر پي ٽي آءِ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيرائڻ ايترو آسان نه هوندو، جيترو هو سمجهن ٿا.
ڪراچي: ايم ڪيو ايم به سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي قيادت پيپلز پارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ جوڙڻ ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ کي آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ايم ڪيو ايم جي بهادرآباد مرڪز تي پي ٽي آءِ جي وفد فردوس شميم جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور نويد جميل سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هنن ايم ڪيو ايم کان سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ مدد طلب ڪئي جنهن جي ايم ڪيو ايم خاطري ڪرائي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس شميم نقوي چيو ته آئين ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جي گنجائش آهي آئين جي شق 235 ۾ آهي ته صوبو مالي مشڪلاتن جو شڪار هجي ته گورنر راڄ لڳائي سگهجي ٿو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شيرزمان چيو ته اسان وٽ سنڌ جي ايوان ۾ تبديلي لاءِ 18 کان ويهه ووٽن جي ضرورت آهي اسان وٽ مخالف ڌر جا 64 ووٽ آهن جڏهن ته پ پ جا 20 کان 22 ميمبر به اسان سان رابطي ۾ آهن. فارورڊ بلاڪ جوڙي ڇا جڙي چڪو آهي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري سنڌ جي معاملن کان آگاهي ڏني اٿم، پارٽي جيڪو به چوندي اهو قدم کڻندس. هن چيو ته گورنر راڄ جو ڪو به امڪان نه آهي، اهڙي سوچ ئي موجود نه آهي.
ڪراچي(رپورٽ:شوڪت ڪورائي)سنڌ جي قانوني ماهرن تحريڪ انصاف پاران صوبي ۾ گورنر راڄ واري مطالبي کي غير آئيني ۽ غير وقتائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ اهڙيون حالتون ناهن، جو وفاق سنڌ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪري. “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي بئريسٽر حق نواز ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ هڻڻ لاءِ آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ لازمي آهن، پي ٽي آءِ جو مطالبو ان بنياد تي آهي ته سنڌ حڪومت ڪرپشن ڪري رهي آهي، ان لاءِ تحريڪ انصاف وٽ هيل تائين ڪو اهڙو ثبوت ناهي، جنهن سان رياست کي نقصان پهچي رهيو هجي. هن چيو ته گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ اندورني ۽ بيروني خطرناڪ صورتحال هجي، پر اهڙي صورتحال سنڌ ۾ ناهي ۽ نه ئي ڪي جنگي حالتون آهن، ۽ نه ئي وري سنڌ حڪومت رياست مخالف ڪم ڪري رهي آهي. بئريسٽر حق نواز ٽالپر چيو ته تحريڪ انصاف جيڪڏهن سنڌ ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ته هو پارليامينٽ اندر تبديلي لاءِ هٿ پير هڻي سگهي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج بئريسٽر خواجه نويد جو چوڻ هو ته حالتون گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جهڙيون ناهن، گورنر راڄ ان صورت ۾ لڳائي سگهجي ٿو جڏهن صوبي ۾ حڪومت ڪم نه ڪري رهي هجي، امن امان جي صورتحال خراب هجي، شهرين جي زندگي محفوظ نه هجي، پارليامينٽ غير فعال هجي ۽ قانونسازي نه ٿي رهي هجي، پر سنڌ ۾ هن وقت اهڙي ڪابه صورتحال نظر نه ٿي اچي، جنهن سان وفاق گورنر راڄ لاڳو ڪري جنهن کي آئيني ۽ قانون حيثيت ملي سگهي. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ياسين آزاد پي ٽي آءِ جي مطالبي کي آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ته اهو آئين جي آرٽيڪل 232 ۽ 235 جي ڀڃڪڙي هوندي، آرٽيڪل 232 ۽ 235 ۾ گورنر راڄ بابت واضح هدايتون ڏنل آهن، سنڌ ۾ موجوده حالتون اهڙيون ناهن جو حڪومت کي برطرف ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو مطالبو جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ آهي، اها اڃا تائين صرف رپورٽ آهي، ان رپورٽ جي روشني ۾ ڪنهن به شخص تي ڏوهه ثابت ناهي ٿيو، جڏهن هن رپورٽ جي آڌار تي ڪو ڏوهي ثابت ٿئي ته ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، پر فوري طور اهڙو مطالبو غير آئيني آهي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده سرڪار جا اهڙا قدم آهن، جنهن سان نه ملڪ کي فائدو نظر اچي رهيو آهي ۽ نه وري جمهوريت جي هٿي ملندي، خبر ناهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ڪير اهڙي غلط لائين تي پيو هلائي، جنهن سان تباهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه حاصل نه ٿيندو. قانوني ماهرن جي راءِ آهي ته پ پ جا 50 ميمبر فارورڊ بلاڪ ٺاهين ته پوءِ قانوني طور اهو گروپ پي ٽي آءِ سان گڏجي حڪومت ٺاهي سگهي ٿو جيئن بلوچستان ۾ ثناءُ الله زهري خلاف ن ليگ جي ميمبرن بغاوت ڪئي هئي. اها ئي هڪ دري کليل آهي.
حڪومت جو جنوري جي وچ ۾ مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان
اسلام آباد (رپورٽر) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جنوري جي وچ ۾ مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزير اعظم هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته مني بجيٽ ريونيو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ناهيون آڻي رهيا. آءِ ايم ايف جي شرطن بابت ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي شرطن کان وڌيڪ سڌارن جي رفتار ۽ رخ اهم آهي، ناڻي واري وزارت هن وقت تائين جيڪي به فيصلا ڪيا، انهن جو آءِ ايم ايف جي شرطن سان ڪو به تعلق ناهي. اسد عمر جو چوڻ هو ته پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل جي بحالي جي لاءِ جنوري جي آخري تائين پلان سامهون اچي ويندو، اِهو طئي ٿي ويندو ته ٻنهي ادارن کي ڪيئن بحال ڪيو وڃي، انهن ادارن جي بحالي جي لاءِ گرينڊ حڪمت عملي بڻائي رهيا آهيون.
سنڌ اين ايف سي لاءِ ميمبر نامزد ڪيو آھي : اسد عمر
اسلام آباد )رپورٽر)آخرڪار سنڌ درڪار اين ايف سي ڪميشن لاءِ ميمبر نامزد ڪري ڇڏيو آھي سنڌ صوبي مان نامزدگي بعد وفاقي ناڻي وزارت اٺين اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ ڏھين اين ايف سي ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ سمري صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي اماڻي ڇڏي آھي ناڻي وزير اسد عمر صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌ صوبي مان نامزدگي ملي آھي اين ايف سي ڪميشن قائم ڪرڻ لاء سمري صدر کي اماڻي آھي جيئن صدر اين ايف سي ڪميشن قائم ڪري ٿو ،اين ايف سي ڪميشن جو فوري اجلاس طلب ڪيو ويندو هن چيو ته مان ارڙھين ترميم جي حق ۾ آھيان آئين تحت صوبن جو وسيلن ۾ موجود حصو گهٽ نٿا ڪري سگهون پر تمام وڏا خرچ هاڻي به وفاق جي ذمي آھن ارڙھين ترميم تحت جيڪي شعبا صوبن کي مليا آھن انهن تي صوبن کي خرچ ڪرڻ گهرجي ان حوالي سان اين ايف سي ڪميشن ۾ صوبن سان گالھ ٻول ٿيندي ياد رهي ته سنڌ صوبي کان سوا باقي ٽي صوبا اين ايف سي ڪميشن ۾ پهنجا ميمبر نامزد ڪري چڪا ھئا رڳو سنڌ صوبي مان نامزدگي باقي هئي جيڪا ٿي وئي آھي.
اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ ڪشمور پهچندو

ڪشمور)رپورٽر) ڪشمور اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ ڇنڇر ڏهاڙي ڪشمور مزاري هائوس پھچندو،ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي جي اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان خان مزاري طرفان مانجھاندي جي ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪندو.
چين ۾ 12سالن تائين پاڻ کي پوليس آفيسر سڏرائيندڙ فراڊي نيٺ پڪڙجي پيو
بيجنگ (دلچسپ نيوز) چين ۾ پاڻ کي پوليس آفيسر ظاهر ڪرڻ تي دوکي جي الزم ۾ گرفتار ڪيو ويو. وانگ فينگ 12 سالن کان پنهنجي گهرواري ۽ دوستن سميت سڀني کي پوليس بڻجي بيوقوف بڻائيندو رهيو. وانگ فينگ سدائين کان پوليس آفيسر ٿيڻ چاهيندو هو، پر آفيسر ٿيڻ لاءِ وٽس تعليم ۽ تربيت نه هئي. پوليس آفيسر نه هوندي به وانگ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين پاڻ کي پوليس آفيسر ظاهر ڪندو رهيو. آخرڪار پوليس وانگ فلينگ کي فراڊ ڪرڻ جي الزام ۾ سوگهو ڪري جيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو.
خيرپور مان 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت بازياب
خيرپور)رپورٽر)15 ڏينهن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گودو شاپ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي مبينه طور اغوا ڪيل شادي شده ناري مسمات بختيار پٺاڻ کي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خيرپور شهر ڀرسان ڦول باغ وٽان کيس بازياب ڪرائي ورتو آهي جنهن کي پوليس بازياب ڪرائڻ کانپوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پھچي وئي آهي واضح رهي ته 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل عورت جي ڀاءُ اظهر حسين ڪلهوڙو جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس چئن جوابدارن سعيد بروهي، وسيم بروهي، حقنواز ڪلهوڙو ۽ محمد نواز ڪلهوڙو مٿان داخل ڪرايو ھو
مٺي ۾ بک ۽ بدحالي وڌيڪ ٽن ٻارڙن کان حياتي کسي ورتي
مٺي(رپورٽر) سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻارڙا موت جو شڪار ٿي ويا آھن. جنهن کان پوءُ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 50 ٿي ويو ۽ هلندڙ سال ٻارن جي فوتگين جو انگ 620 تي پهچي ويو آهي. تازو فوت ٿيل 3 ٻارڙن ۾ 18 مهينن جو ڀيرجي، 17 مهينن جو مدن ۽ چار سالن جو سلمان ساهڙ شامل آھن. اسپتال ۾ وڌيڪ ٻ 40 ٻارڙن کي ميل نيوٽريشن ۽ نرسري وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو آھي . جنهن کان پوءُ اسپتال داخل ٻارن جو انگ 60 ٻڌايو وڃي ٿو.
اومني گروپ ۽ خانگي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڪيئن ملي؟: دلچسپ حقيقت پڌري
ڪراچي)رپورٽر)اومني گروپ ۽ ٻين نجي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڪيئن ملي،دلچسپ حقيقتون آڏو اچي ويون،پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان نجي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪرايو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ڪنهن ميمبر اومني گروپ ۽ ٻين پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو،ڪيپٽو پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ 16 مئي 2017ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو،ذريعن موجب صوبائي وزير ناصر شاهه سان اڪيلائي ۾ ملاقات کان پوءِ خرم شير زمان اهڙي قرارداد پيش ڪئي هئي، انهيءَ حوالي سان سوال اٿي رهيا آهن ته خرم شير زمان اومني گروپ ۽ پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيارڻ جي جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ ڇا ڪا ڊيل ڪئي هئي؟سنڌ اسيمبليءَ 3 جولاءِ 2017 ع تي نجي پاور پلانٽس کي سبسڊي ڏيڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو،14 جولاءِ تي ان وقت جي گورنر محمد زبير بل جي مخالفت ڪئي جنهن بعد 24 جولاءِ 2017 تي ساڳيو ئي ٺهراءُ ٻيهر منظور ڪيو ويو،پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان ڪنهن به مرحلي تي بل جي مخلافت نه ڪئي هئي
گئس بحران: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج،ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ ڌرڻا،ٽائرن کي باهه
ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ جي مختلف شھرن ۾ گئس جي ھٿراڌو کوٽ خلاف شھري سراپا احتجاج بڻيل.ڪنڌڪوٽ ۾ اڍائي مهينن کان گئس بند هجڻ خلاف شهري سياسي سماجي مذهبي اڳواڻ روڊن تي نڪري آيا. ڪنڌڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ گذريل اڍائي مهينن کان گئس جي هٿرادو بندش ختم نه ٿي.ان سلسلي ۾ گهنٽاگهر چوڪ کان ريلي جي صورت ۾ گئس آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو. شهرين، سياسي، سماجي، مذهبي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن طرفان گئس جي هٿرادو بندش خلاف هڪ ڪلاڪ تائين گئس آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ شهرين ۽ اڳواڻن دلمراد ڏاهاڻي،ابراهيم خاڪي،ظريت بجاراڻي،شاهنواز مرهيٽو ۽ ٻين چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي گئس فيلڊ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ موجود آهي. ان پي پي ايل گئس فيلڊ مان نڪرندڙ گئس پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين حصن تائين پھچي ٿي پر جتان نڪري ٿي اتي جا شھري گئس کان محروم آھن.گئس آفيس انتظاميا پاران ڌرڻي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ويون. ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ گئس انتظاميا پاران مذاڪرات ۾ اهو چيو ويو ته هڪ ڏينهن اندر سمورن علائقن ۾ بحال ٿي ويندي،جنهن بعد ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙنچتاءُ ڏنو ته جي گئس بحال نه ٿي ته ايندڙ هفتي وري ڌرڻو لڳندو.
ٻي طرف گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف جيڪب آباد ايڪشن ڪميٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو عابد سنڌي، مير جان مينگل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ شھر جي مختلف رستن تان مارچ ڪندي قومي شاھراھ تي سئي گئس آفس آڏو پھتا جتي مظاھرين ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ سبب شھري سخت پريشان آهن اسڪول ۽ آفيس وقت تي گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. .ھنن مطالبو ڪيو ته ھٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھرين کي گئس فراهمي يقيني بڻائي وڃي.۱
ھوڏانھن سنڌ ترقي پسند پارٽي نوابشاھ ۽ شهري اتحاد نوابشاھ جي اڳواڻن زنوار سجاد ملاح فرحان علي شاھ ڪامريڊ انور عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھ ۾ گهريلو گئس جي بدترين لوڊ شيڊنگ خلاف عظيم ڪالوني نوابشاھ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوبو 70 سيڪڙو گئس جي پيداوار ڏي ٿو پر سنڌ جي ماڻهن کي گئس ڏيڻ بدران انهن کي پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته نوابشاھ ۾ گهريلو گئس نه هجڻ ڪري شهري سخت پريشان آهن. هنن چيو ته جيڪڏهن نوابشاھ ۾ هٿرادو گهريلو گئس جي لوڊ شيڊنگ ختم نه ڪئي وئي تھ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
ڪرائسٽ چرچ ٽيسٽ سريلنڪا جي هٿن مان نڪري وئي، کٽڻ لاءِ اڃا 636 رنسون گهربل
ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف ٻين ٽيسٽ ۾ سريلنڪا ڏکياين جو شڪار ٿي وئي، ٻي اننگز ۾ 24 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃائي ويٺي، ميچ کٽڻ لاءِ اڃا 636 رنسون ٺاهڻيون پونديون.
ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندڙ ٻي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن نيوزلينڊ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 585 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪري سريلنڪا کي612 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏنو.
ٻي اننگ جي شروعات ڪندي سريلنڪا 24 رنسن تي 2 وڪيٽون وڃائي ويٺي. نيوزيلينڊ جي ٽام ليٿم شاندار سنچري اسڪور ڪري 176 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته نڪولس به پنهنجو وارو وڄائيندي 162 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان ڪمارا 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته چميرا ۽ پريرا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ٻي اننگز ۾ سريلنڪا جي گناٿيلڪا 4، ڪارونارتني ٻڙي تي آئوٽ ٿيو.
پهرين اننگ ۾ ڪيوي بالر ٽرينٽ بولٽ 6 شڪار ڪيا، ٽم سائوٿي 3 ۽ گرانڊهوم هڪ وڪيٽ ورتي.
ان کان اڳ سريلنڪا پهرين اننگ ۾ 104 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي، جڏهن ته ڪيوي ٽيم به 178 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي. اڄ ميچ جي چوٿين ڏينهن سريلنڪا 636 رنسن جو هدف ماڻڻ لاءِ ميدان تي لهندي.