ٺل)رپورٽ: ميرڀٽي)باھو کوسا ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان تي پنج لک چٽي وجھي کيس ھميشھ لاءِ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي ان ڏس ۾ باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله بنگلاڻي ۾ بنگلاڻي ۽ مرهيٽا برادري ۾ ھلندڙ ڪارو ڪاري تڪرار جو جرڳو بنگلاڻي برادري جي چيف مقدم جهانگير خان بنگلاڻي جي سر پينچ هيٺ ٿيو، ملهار خان بنگلاڻي ۽ سردار مرهيٽو جون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ سردار خان مرهيٽو مٿان ڪارنهن جو الزام ثابت ٿيڻ بعد مٿس پنج لک چٽي وڌي وئي،جنهن هڪ لک موقعي تي ادا ويا ،جهولي جهلڻ تي ويھ ھزار معاف ڪيا ويا باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندو، نوجوان کي ھميشھ لاءِ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي، فيصلو قبول ڪرڻ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارايا ويا، مرهٽا برادري موجب ڏيتي ليتي جي تڪرار کي ڪارنهن جو رنگ ڏنو ويو هو.
سمنڊ، پورٽ گرانڊ، آمريڪي ڪائونسليٽ حدن ۾ هوندي به نفري عام ٿاڻن جيتري
ڪراچي: پورٽ گرينڊ، آمريڪن قونصليٽ سميت ٻيا اهم علائقا ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ هجڻ باوجود نفري عام ٿاڻن جيتري آهي. جنهن ڪري پوليس کي پريشاني به ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪس پوليس موجب ته ٿاڻي کي 7 سب انسپيڪٽر، 17 اي ايس آءِ، 11 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 93 ڪانسٽيبل مليل آهن. جيڪو انگ ٿاڻي جي حد جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي. وڏي منشي ٻڌايو ته آمريڪن قونصليٽ ۽ پورٽ گرينڊ اهم هنڌن آهن جتي سدائين چوڪس رهڻو پوي ٿو. جڏهن ته بيچ لگزري، نيٽي جيٽي پُل، سلطان آباد، ريلوي پٽڙي، ڪي پي ٽي هيڊ آفيس، مڇر ڪالوني، لالا زار ۽ آءِ سي آءِ آءِ پُل به سندن ٿاڻي جي حد ۾ اچي ٿي. ڄاڻايل علائقا بدامني ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان مشهور رهيا آهن. جنهن ڪري گھڻي نفري ڄاڻايل هنڌن تي گشت لاءِ مقرر ٿيل هوندي آهي.
ڊاڪس ٿاڻي تي ايس ايڇ اوز جي مقرري لاءِ منٿلي به معمول کان وڌيڪ
ڪراچي: ڊاڪس ٿاڻي تي مقرر ٿيندڙ ايس ايڇ اوز پاران منٿلي به معمول جي ايس ايڇ اوز کان وڌيڪ ڏيڻي پوي ٿي. ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ نه رڳو سامونڊي حد آهي پر سندن زميني حدن ۾ به سڻڀا علائقا شامل هجڻ ڪري ايس ايڇ اوز پاران مقرري توڙي “اعليٰ اختيارين” ڏانهن منٿلي جي مد ويندڙ رقم به معمول کان وڌيڪ وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي ) کان نڪرندڙ ٽرالر ۽ وڏين گاڏين جي آمد رفت به ڊاڪس ٿاڻي کان ٿئي ٿي.
پاڪستاني حدن مان مڇي ماريندڙ 273 ڀارتي مهاڻي گرفتار ڪيا ويا
ڪراچي: ڊاڪس ٿاڻي جي پوليس سال 2018ع ۾ پاڪستاني حدن ۾ غيرقانوني طور تي داخل ٿيندڙ 273 ڀارتي مهاڻن کي مختلف ڪارواين ۾ گرفتار ڪري مٿن مختلف نوعيت جا 19 ڪيس داخل ڪرڻ ۽ 44 لانچون تحويل ۾ وٺڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي. ان حوالي سان ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته پاڪستاني مهاڻن مٿان پڻ غيرقانوني قدم کڻڻ تي 1 ڪيس داخل ڪري 21 مهاڻن کي گرفتار ۽ سندن قبضي مان هڪ لانچ هٿ ڪئي وئي آهي.
ڊاڪس ٿاڻي وٽ گاڏين سان گڏ ٻيڙيون موبائل پڻ موجود
ڪراچي: 10 سالن کان ڊاڪس پوليس جا پاڻي ۾ بيٺل “ٻيڙا موبائيل” پاڻي پوڻ سبب ڳري ويا، ڪيئي سالن کان پوليس سمنڊ اندر گشت ڪرڻ ڇڏي ڏنو، حدون پوليس جون هجڻ باوجود پوليس هاڻي سمنڊ اندر وڃڻ کان به لنوائي ٿي. رڳو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جاچ ڪرڻ تائين محدود پوليس هاڻي پنهنجي سامونڊي حد جو گشت ئي نه ٿي ڪري! ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته ڊاڪس پوليس وٽ سمنڊ ۾ گشت ڪرڻ لاءِ 2 وڏا ٻيڙا هئا. ۽ ان ٻيڙن تي گشت انچارج هڪ اي ايس آءِ ۽ 10 کان مٿي پوليس اهلڪار هوندا هئا. پر گشت ڪندڙ پوليس اهلڪار “ٽوٻا” نه هجڻ ڪري ٻيڙن ۾ وڃڻ کان به لنوائيندا هئا. جنهن سبب پوليس آهستي آهستي سمنڊ جو گشت گھٽائي ڇڏيو. ۽ آخر ۾ پوليس سمنڊ ۾ بلڪل وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ گشتي ٻيڙا ڪناري تي بيهاري ڇڏيا جيڪي 10 سالن تائين بيٺل هجڻ سبب پاڻي پوڻ ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ سبب ڳري ويا.
ڪراچي جي ڊاڪس ٿاڻي جو منفرد رڪارڊ، سنڌ جي راڄڌاني کان ڀارت تائين 6 هزار ميل حد ۾ شامل
ڪراچي: ڪراچي جو ڊاڪس پوليس ٿاڻو حدن جي حوالي سان سنڌ جي سمورن ٿاڻن کان وڏو ٿاڻو، اونهي سمنڊ ۾ ڀارتي بارڊر تائين 6 هزار مِيل حد ڊاڪس ٿاڻي ۾ اچي ٿي، ڀارتي مهاڻن جي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ، پاڪستان مهاڻن پاران غيرقانوني طور تي مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ، مڇيءَ جي شڪار دوران آبي جيوت جي نسل ڪشي، لانچن ۾ مهاڻن جا جھيڙا ۽ سج لهندي لانچن جون بتيون نه ٻاريندڙ مهاڻن خلاف ڪاروائي ڊاڪس ٿاڻي تي ئي ٿئي ٿي. وڏي حد رکندڙ ٿاڻي تي اهلڪارن جو تعداد ڪراچي جي عام ٿاڻن جيترو ئي آهي. ان سلسلي ۾ “پنهنجي اخبار” پاران گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ته ڪراچي جي ضلعي سٽي جو ڊاڪس ٿاڻو سنڌ جي سمورن ضلعن جي ٿاڻن کان مليل حَدن جي حوالي سان منفرد آهي. ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ نه صرف 6 هزار ميل سمنڊ اندر حد آهي پر خشڪ پٽيءَ ۾ به ڊاڪس ٿاڻي جي حد انتهائي ڊگھي آهي. جيتوڻيڪ ڪياماڙيءَ، ابراهيم حيدري، ميرپور ساڪرو، ٺٽو سميت ٻيا سمنڊ جا ڪنارا ڀرپاسي جي ٿاڻن جي حدن ۾ ۾ ئي اچن ٿا. پر سمنڊ اونهو ٿيڻ شرط ئي ڊاڪس ٿاڻي جي حد شروع ٿي وڃي ٿي. جيڪا سمنڊ اندر ڀارتي دنگ تي ختم ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته سمنڊ اندر ٿاڻي جي حد لڳ ڀڳ 6 هزار مِيلن تائين پکڙيل آهي. پوليس موجب ته سمنڊ اندر لاش ملڻ، مهاڻن جا لانچن ۾ پاڻ ۾ جھيڙا ٿيڻ، ڀارتي مهاڻن جي پاڪستاني حدن ۾ غيرقانوني داخل ٿيڻ سميت ٻين مختلف نوعيتن جا ڪيس ڊاڪس ٿاڻي تي ئي داخل ڪيا وڃن ٿا. ڊاڪس ٿاڻي جي وڏي منشي ارشد چوڌري “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سمنڊ اندر ٿيندڙ واقعن جي جاچ کان ويندي سمورا معاملا ڊاڪس پوليس ئي ڏسندي آهي. هن چيو ته سامونڊي فوج صرف واقعن ۾ ملوث ماڻهو اسان جي حوالي ڪندي آهي. پوءِ انهن واقعن جي جاچ، ڪيس داخل ڪرڻ سميت ڏوھ جا سمورا پاسا اسان ڏسندا آهيون. هن چيو ته اسان جي ٽيم ٺٽيءَ ضلعي جي علائقي ميرپور ساڪرو تائين به جاچ ڪرڻ وئي آهي. جتي ٻن هيروئني مهاڻن جو لانچ اندر جھيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ مهاڻو سمنڊ ۾ ڪِري پيو هو. ان معاملي جي جاچ به ڊاڪس پوليس ڪئي هئي. ڊاڪس پوليس جو چوڻ آهي ته ٿاڻي جي خشڪ پٽيءَ جا به ڪافي علائقا ڊاڪس جي حد ۾ اچن ٿا. پوليس موجب ته ڊاڪس ٿاڻي لڳ ڀڳ ٻين ٿاڻن کان مليل حدن جي حوالي سان وڏو ۽ منفرد ٿاڻي آهي جنهن جي سامونڊيءَ حد ۾ ڀارت سان لڳي ٿي.
ملير ۾ پوليس ۽ وڪيلن ۾ ڇڪتاڻ، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ، سائل رلي ويا
ملير(رپورٽ: درياءَ خان شر)ملير ۾ سينيئر وڪيل جي گرفتاري ۽ ٿاڻي مان عدالتي ڇاپي دوران بازيابي کانپوءِ وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. 3 ڏينهن اڳ شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او سينيئر وڪيل سڪندر شر کي شراب واپرائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جڊيشل مئجسٽريٽ آصف علي عرف اڪبر ڄامڙو جي مداخلت تي ٿاڻي تان وڪيل کي ڇڏرائي ايس ايڇ او کي رڪارڊ سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. عدالتي حڪ باوجود ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون پيش نه ٿيو، جڏهن ته 3 ڏينهن کان عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ سبب سائيلين پريشاني ۾ ورتل آهن. عدالتي حڪم تي ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر ڊي ايس پي کي وڪيلن سان ڳالهين لاءِ موڪليو پر ڪوبه نتيجو نه نڪري سگهيو آهي. وڪيل اڄ به عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بدقسمتي سان ترقي ۾ٻين ملڪن کان پوئتي آهيون: شاهه محمود قريشي
اسلام آباد (رپورٽر) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ کان هينئر تائين 42 سرمائيداري جا معاهدا ٿيا آهن، بدقسمتي سان اسان ترقي جي ميدان ۾ ٻين ملڪن کان پوئتي آهيون. اسلام آباد ۾ سفرا جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته غير مستحڪم داخلي صورتحال عوامي سطح تي پاڪستان جي منفي سڃاڻپ جو سبب بڻي، داخلي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اثرائتي پرڏيهي پاليسي جوڙي نه ٿي سگهجي. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي رڪارڊ واپاري خسارو ورثي ۾ مليو آهي، قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ قرض گهربل آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته 21 هين صدي ايشيا جي صدي آهي، ايشيا ۾ هر سال 476 ارب ڊالرن جي سرمائيداري ٿي رهي آهي. هن چيو ته بدقسمتي اسان اسان ترقي جي ميدان ۾ ٻين ملڪن کان پوئتي آهيون، اسان پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ هينئر تائين 42 سرمائيداري جا معاهدا ڪيا آهن، گلوبل ٽريڊ ۾ پاڪستان جو شيئر 0.12 سيڪڙو آهي.
سنڌ اسميبلي ۾ پارٽي پوزيشن
ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي 168 جي ايوان ۾ پي ٽي آءِ وٽ تعداد صرف 30 ميمبرن جوآهي، سندن مقابلي ۾ حڪمران جماعت پ پ پ وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 99 ميمبر موجود آهن. پي ٽي آءِ کانسواءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ٻين جماعتن مان جي ڊي اي وٽ 14، ايم ڪيو ايم پاڪستان وٽ 20، ايم ايم اي وٽ هڪ ۽ لبيڪ پاڪستان وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ 3 ميمبر موجود آهن. سنڌ اسيمبلي جي گڏيل ايوان ۾ مخالف ڌر وٽ ٽوٽل 68 ميمبر موجود آهن.
پي اي سي اجلاس ۾سياسي گرما گرمي نه رهي، شهباز شريف جي ساڄي شيري رحمان ۽ کاٻي پاسي کان پي ٽي آءِ اڳواڻ ويٺل هو
اسلام آباد: ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ٿيل اجلاس دوران سياسي اختلاف پري پري تائين نظر نه اچي رهيا هئا. پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرمين جي شهباز شريف جي ساڄي پاسي کان پيپلز پيارٽي جي شيري رحمان ۽ کاٻي پاسي کان پي ٽي آءِ جي رياض فتيانه ويٺل هو. اجلاس دوران ڪنهن به ميمبر هڪٻئي تي سياسي جملي بازي نه ڪئي ۽ بهتر ماحول ۾ اجلاس مڪمل ٿيو.
ملڪي تاريخ ۾ هن وقت تائين 15 پي اي سي ڪميٽيون قائم ٿي چڪيون
اسلام آباد: ملڪي تاريخ ۾ هن وقت تائين 15 پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيون قائم ٿي چڪيون آهن. شهباز شريف جي سربراهي ۾ قائم ٿيل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 15هين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي هوندي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سيڪريٽري ڪميٽي جي تاريخ بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ پهرين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 20 مئي 1948ع ۾ قائم ڪئي وئي جيڪا آخري وقت تائين غير موثر رهي. ٻي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي اپريل 1951ع ۾ قائم ٿي جنهن جو چيئرمين ناڻي جو مملڪتي وزير غياث الدين پٺاڻ هيو. ٽين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اپريل 1953ع ۾ قائم ٿي جنهن جو چيئرمين ناڻي جو وزير محمد علي هو، چوٿين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اپريل 1956ع ۾ قائم ٿي جنهن جو چيئرمين ناڻي وارو وزير سيد امجد علي هو. جڏهن ته مارچ 1960ع ۾ ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين ناڻي جو وزير محمد شعيب هو، پنجين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جولاءِ 1965ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين قومي اسيمبلي جو ميمبر نورالامين هو. ٻي ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نومبر 1965ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو به چيئرمين نورالامين هو، ٽئين ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جون 1970ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين ناڻي جو وزير مظفر علي قزلباش هو، ڇهين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آگسٽ 1972ع ۾ ٺاهي وئي جنهنجو چيئرمين پهريان ناڻي جو وزير مبشر حسن ۽ بعد ۾ راڻا محمد حنيف خان ٿيو، چوٿين ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مارچ 1978ع ۾ ٺاهي وئي جنهنجو چيئرمين گورنر اسٽيٽ بئنڪ اي جي اين قاضي هو، پنجين ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آگسٽ 1982 ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين غلام اسحاق خان هو، ستين پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي آگسٽ 1985ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين قومي اسيمبلي جو ميمبر صاحبزاده محمد علي شاهه هو. اٺين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مارچ 1989ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين حاڪم علي زرداري هو، نائين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مئي 1991ع م ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين قومي اسيمبلي جو ميمبر حمزه هو، ڏهين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آگسٽ 1995ع ۾ ٺاهي وئي ۽ ان جو چيئرمين قومي اسيمبلي ميمبر رائو محمد هاشم خان هو. يارهين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي مئي 1997ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين حمزه هو. ڇهين ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي آگسٽ 2000ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين ايڇ يو بيگ هو. ٻارهين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نومبر 2003ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين ملڪ الهيار خان هو، تيرهين پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي اپريل 2008ع ۾ ٺاهي وئي جنهنجو چيئرمين ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾ چوڌري نثار علي خان ٿيو جيڪو 14 ڊسمبر 2011ع تائين چيئرمين رهيو جنهن بعد نديد افضل چن مارچ 2013ع تائين چيئرمين هو. جڏهن ته چوڏهين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڊسمبر 2013ع ۾ ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه هو. هي ٻيو ڀيرو هو ته اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾ سيد خورشيد شاهه پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو چيئرمين ٿيو. پندرهين پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي تازو ڊسمبر 2018ع جي آخري ڏهاڪي ۾ قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو چيئرمين شهباز شريف ٿيو آهي جنهن ڪالهه پنهنجو ڪم باضابطا طور شروع ڪري ڏنو آهي.
گذريل 8 سالن جا 18 هزار 42 آڊٽ اعتراض التوا ۾ هجڻ جو انڪشاف
اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي پهرئين اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ گذريل 8 سالن جا 18 هزار 43 آڊٽ اعتراض التوا ۾ پيل آهن جن کي موجوده پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي اڪلائڻو پوندو. اجلاس دوران پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته گذريل 8 سالن جا آڊٽ اعتراض التوا ۾ پيل آهن جن جو مجموعي تعداد 18 هزار 43 آهي، جن ۾ سال 2010-11 ۾ 937 سال 2011-12 ۾ 2 هزار 403 سال 2012-13 ۾ 2 هزار 729، 2013-14 ۾ 893، سال 2014-15 2 هزار 564، 2015-16 ۾ 2 هزار 484، سال 2016-17 ۾ 2 هزار 935 جڏهن ته 2017-18ع جون 3 هزار 98 آڊٽ پيرائون التوا ۾ آهن.
نئين گاج ڊيم جي اڏاوت: سُپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار کان ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو
اسلام آباد ( ن پ ا ) سپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار کان نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ فيصل واوڊا پيش ٿيا، چيف جسٽس چيو ته اوهان کي افتتاح ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، اسان کي ڊيم جي اڏاوت جو ٽائيم فريم ڏيو. وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته پاڻي وسيلن کي خاص اهميت ڏئي رهيا آهيون، ڀاشا ۽ مهمند ڊيم به اسان جي ترجيح ۾ شامل آهن، سنڌ سرڪار کي منڇر ڍنڍ سبب منصوبي تي خدشا آهن، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن عدالت مداخلت نه ڪري معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن. وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته نئن گاج ڊيم لاءِ ناڻي ۽ پاڻي بجلي وارين وزارتن سان رابطو ڪري رهيا آهيون، چيف جسٽس چيو ته ڪابينا ڇا جي هوندي آهي، اوهان پنهنجي ساٿي وزير سان سڌي ڳالهه ڪري سگهو ٿا، پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪيو ويندو، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلو. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته بيوروڪريسي جي معاملن جي ڪري معاملو رولڙي جو شڪار نه ٿئي.
علي رضا عابدي قتل ڪيس ۾ اهم گرفتاري ٿيڻ جي دعويٰ
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته علي رضا عابدي جي ڪيس ۾ ايئرپورٽ تان اهم گرفتاري ٿي آهي. تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي جي وفد مرحوم علي رضا عابدي جي گهر سندس پيءُ سيد اخلاق عابدي سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه علي رضا عابدي جي پيءُ ي هن وقت تائين جي جاچ جي حوالي کان آگاهه ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڏاڍو افسوس جوڳو واقعو هو علي رضا ڏاڍو خوش انسان هو، اسان هن کي ته واپس نٿا آڻي سگهون پر ظالم کي سزا ملڻ گهرجي، ايئرپورٽ تان اهم گرفتاريون ٿيون آهن، توهان اطمينان رکو علي رضا جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ هن شهر ۾ ڪنهن کي به امن خراب ڪرڻ نه ڏيندس. هن چيو ته مون کي ڳجهن ادارن طرفان ڪو به ٿريٽ نه ملي هئي، جڏهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي تحت رٿيل ميلاد جي محفل ۾ ڌماڪو ٿيو ان کان پوءِ پي ايس پي جي ڪارڪن تي حملا ٿيا ته مون اجلاس گهرايو، اجلاس ۾ علي رضا عابدي جي ٿريڊ جي حوالي سان خبر نه مليون هيون.
پاڪ-ترڪ انٽرنيشنل ڪيگ ايجوڪيشن دهشتگرد تنظيم قرار
اسلام آباد (رپورٽر) پاڪ-ترڪ انٽرنيشنل ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن دهشتگرد تنظيم قرار، سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏي، جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ پاڪ-ترڪ انٽرنيشنل ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن معاملو تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو يو آهي ته حڪومت فتح الله ۽ ٻين تنظيمن کي به دهشتگرد قرار ڏئي، ترڪي به پاڪ-ترڪ انٽرنيشنل ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، اسلامي سربراهي ڪانفرنس به ان کي دهشتگرد قرار ڏنو، پاڪستان جا ترڪي سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪ-ترڪ انٽرنيشنل ڪيگ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا اڪائونٽ منجمند ڪيا وڃن،پاڪستان عالمي سفارتي معاهدن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته تنظيم جون سموريون اين او سيز رد ٿيل آهن، تنظيم جا 28 اسڪول ترڪ حڪومت جي سهڪار سان هلندا رهيا.