ڪراچي (رپورٽ:شاهد ميراڻي) خيرپور ضلعي ۾ پهاڙن جي غيرقانوني ليز ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رائلٽي جي مد ۾ به مائينز اينڊ منرل کاتي جي اختيارين پاران روزانو لکين روپين جا گھپلا، اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڊي جي مائينز اينڊ منرل کي جاچ ٽيم پاران 20 سالن ۾ ٿيل ليز، بئنڪ اڪائونٽ، رائلٽي ۽ ضلعي ۾ سائيٽن جي تفصيلن سميت طلب ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين پاران خيرپور ضلعي جي پهاڙي علائقن مان نڪرندڙ پٿر ۽ بجري جي رائلٽي جي مد ۾ مبينا طور روزانو ٿيندڙ لکين روپين جي گھپلن ۽ غيرقانوني طور من پسند ماڻهن کي لائسنس جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين پاران ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي ) مائينز اينڊ منرل ڏانهن نوٽيس اماڻي کيس طلب ڪري ورتو آهي. جڏهن ته 1997ع کان هلندڙ مهيني تائين يعني 20 سالن جو سمورو رڪارڊ پڻ گھرائي ورتو آهي. مائينز اينڊ منرل کاتي ڏانهن اماڻيل نوٽيس ذريعي اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم پاران 20 سالن دواران لائسنس لاءِ درخواستگذارن جا تفصيل، رائلٽي جي مد ۾ ملندڙ رقم، ڄاڻايل عرصي ۾ جاري ڪيل لائسنس، بئنڪ اڪائونٽ جا تفصيل ۽ آڊٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، سيڪريٽري مائينز اينڊ منرل چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم ڊي جي ڏانهن نوٽيس اماڻيو آهي، مون کان مدد ورتي وئي ته رڪارڊ ڏيارڻ ۾ ساڻن قانون موجب هر سهڪار ڪندس. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري مائينز اينڊ منرل شمس الدين سومرو رابطو ڪرڻ تي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن جي اختيارين ڊائريڪٽر جنرل مائينز اينڊ منرل کان رڪارڊ ورتو آهي. مون سان ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم پاران مون کان ڪا مدد ورتي وئي ته رڪارڊ ڏيارڻ ۾ مان ساڻن سهڪار ڪندس، ليز بااثر سياستدانن جي ويجھن ماڻهن ۽ سندن سفارشين کي ڏنا وڃن ٿا، قانون موجب پهاڙن جي ڪٽائي به نه ٿي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته روهڙي رينج ۾ ايندڙ خيرپور ضلعي جي علائقن ابن شاھ، درگاھ ابراهيم آدم سلطان ۽ ٻين هنڌن تي موجود پهاڙون هيوي مشينن سان ڪٽي پٿرن جو وڏو ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو. ذريعن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته بااثر سياستدانن جي ويجھن ماڻهن کي آساني سان ليز ملي وڃي ٿي. جنهن بعد قانون جي ابتڙ پهاڙن جي ڪٽائي ڪئي ويندي آهي. پر ان باوجود مائينز اينڊ منرل کاتي جي اعليٰ اختيارين قانون کي حرڪت ۾ نه ٿيون آڻين.
خيرپور ۾ جبلن جي غيرقانوني ليز، رائلٽي جي مد ۾ ڪرپشن، اينٽي ڪرپشن جاچ شروع ڪري ڇڏي
مائنز اينڊ منرل کاتي جي اختيارين کان 20 سالن دوران ٿيل ليز، بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل طلب
مائنز اينڊ منرل کاتي جي عملدارن خلاف پٿر ۽ بجري جا غيرقانوني لائسنس جاري ڪرڻ جي جاچ
ايجوڪيشن ورڪس ۾ 42 ڪروڙن جا گهپلا، هڪ جاچ مڪمل، ڪامورن کي بچائڻ لاءِ جتن
چيف انجنيئر تي 428 ملين رپين جي ڪرپشن جو الزام، اينٽي ڪرپشن جاچ مڪمل ڪري ڇڏي
ڪجهه عملدارن پاران ٻيهر جاچ ڪرائي جوابدارن کي فائدو پهچا ئڻ جي ڪوشش
حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ 42 ڪروڙ 80 لک روپين جي رقم ۾ گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، اها رقم سنڌ جي 18 ضلعن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت جي حوالي سان ايجوڪيشن ورڪس کاتي کي ملي هئي، جنهن جي جاچ تي سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي جا ڪجهه آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويا آهن، جڏهن ته کاتي جا ٻيا آفيسر هن ڪيس کي ثابت ڪرڻ لاءِ سرگرم بڻيل آهن، اينٽي ڪرپشن کاتي جي ذريعن وٽان مليل دستاويزن موجب سنڌ جي ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ 2017ع جي شروعات ۾ ٺيڪيدارن کي مختلف اسمن جي مد ۾ 10 سيڪڙو اضافي رقم ادا ڪئي وئي، جنهن تي هڪ غيرسماجي تنظيم اينٽي ڪرپشن کاتي کي خط لکيو ته ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي چيف انجنئر فريدالدين صديقي انهن ٺيڪن جي مد ۾ 428 ملين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، هن درخواست جي بنياد تي چيف سيڪريٽري سنڌ جاچ جي منظوري ڏني، ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ون هيڊڪوارٽر ضمير عباسي کي هن معاملي جي جاچ جو آفيس مقرر ڪيو، ذريعن موجب ضمير عباسي 15 آگسٽ 2018ع تي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ فيبروري 2017ع کان جون 2017ع تائين ٿيل ٺيڪن جي مد ۾ 42 ڪروڙ 80 لک روپين جي ڪرپشن ٿي آهي، پنهنجي رپورٽ ۾ هن سفارش ڪئي آهي ته ان ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري، کين گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڪجهه بالا آفيسرن ان رپورٽ تي عمل ڪرڻ بدران اها جاچ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (اي) سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد جي عرفان علي ارباب جي حوالي ڪئي، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ لاڳاپيل عملدارن کي ڪرپشن ڪرڻ کان آجو قرار ڏيندي، پنهنجي بالا آفيسرن ڏانهن اماڻيل رپورٽ ۾ ذميوارن خلاف صرف کاتيوار ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي، ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليگل رضوان احمد ترمزي پاران ضمير عباسي جي رپورٽ کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اعليٰ عملدارن ڏانهن اماڻڻ بدران پاڻمرادو معاملي جي ٻيهر جاچ هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان ارباب حوالي ڪئي، جڏهن ته قانون مطابق اها جاچ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي معرفت اماڻڻ گهرجي ها، پر ذاتي مفادن خاطر اها انڪوائري سڌي ريت هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڏانهن اماڻي وئي، ذريعن موجب هن معاملي تان اينٽي ڪرپشن جي عملدارن وچ ۾ شديد اختلاف هلندڙ آهن ۽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذاڪر سمون، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان علي ارباب جي جاچ تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد کان ليگل اوپينئن وٺڻ بعد هن ڪيس جي جاچ ٻيهر شروع ڪرائي آهي ۽ سرڪل آفيسر حيدراباد شير محمد سانگي کي جاچ حوالي ڪندي، کانئس 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي. ذريعن موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڏانهن اماڻيل ليگل اوپينيئن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل ڄاڻايو آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ضمير عباسي جي رپورٽ ميرٽ ۽ ثبوتن تي ٻڌل هئي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان علي ارباب جي جاچ رپورٽ جوابدارن کي فائدو ڏيڻ لاءِ جوڙي وئي آهي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي آهي ته ضمير عباسي جي رپورٽ جي روشني ۾ هن ميگا ڪرپشن جو ڪيس جوابدارن خلاف داخل ڪيو وڃي، فيبروري 2017ع کان جون 2017 تائين سنڌ جي 18 ضلعن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ 428 ملين روپيا آيا هئا ۽ ان دور ۾ مهانگائي جو جواز ڄاڻائي چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس فريد صديقي ٺيڪيدارن کي 10 سيڪڙو اضافي ادائيگي ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو هو، جنهن تي اها جاچ نگران حڪومت ۾ شروع ڪئي وئي هئي، حيدرآباد: ضمير عباسي جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جنهن وقت ٺيڪيدارن کي ٺيڪن تي 10 سيڪڙو اضافي رقم ڏني وئي هئي، ان وقت گهربل سامان سستو هو پر ان جي باوجود اضافي ريٽ لڳائي رقم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي.
بجيٽ ختم ٿي وئي آهي، پيٽرول پمپن جا قرضي ٿي ويا آھيون:اي ايم ايس
مريضن کان تيل جي مد ۾ اوڳاڙي ڪئي آھي، ڪوشش آهي ته اوڌر تيل ملي وڃي
مٺي: اسپتال جي اي ايم ايس ڊاڪٽر چمن شرما رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسپتال کي تيل جي مد ۾ مليل بجيٽ ختم ٿي ويئي آھي. پيٽرول پمپن جا قرضي ٿي ويا آھيون، جيڪي وڌيڪ اوڌر تي تيل نٿا ڏين انڪري اسان صرف اڄ کان مريضن کان تيل جي مد ۾ اوڳاڙي ڪئي آھي. ڪوشش ڪريون ٿا ته ڪنهن پينٽرول پمپ تان اوڌر تيل ملي وڃي ته جيئن بجيٽ اچڻ تائين مفت ايمبولينسز سروس جاري رکي سگهون. هن چيو ته اسان وٽ تيل جا ڏوڪڙ نه هوندا ته اسين پنهنجي گهران ته تيل ڀرائي ريفر ڪيل مريضن کي اسپتالن تائين نٿا پهچائي سگهون.
مٺي سول اسپتال انتظاميه مفت ايمبولنس سروس مهيني بعد بند ڪري ڇڏي، مريض دربدر
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي صرف هڪ مهينو ئي عمل ٿي سگهيو، ڳري ڀاڙي جي اوڳاڙي شروع
ريفر ٿيندڙ هر مريض کان اوڳاڙڻ خاطر ڪراچي لاءِ 10 هزار ۽ حيدرآباد لاءِ 7 هزار روپيه ڀاڙو مقرر ڪيو ويو

مٺي(رپورٽر)مٺي سول اسپتال انتظاميه بجيٽ ختم ٿي وڃڻ جي بهاني مريضن لاءِسنڌ سرڪار پاران شروع ڪيل مفت ايمبولينسز سروس اوچتو بند ڪري ڇڏي،مريضن کان ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙو اوڳاڙي شروع ڪيو ويو آھي. جنهن ڪري مٺي سول اسپتال مان ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت شھرن جي اسپتالن ڏانهن ريفر ٿيندڙ ڏڪار متاثر ٻارڙا توڙي عام مريض ڀاڙو نه هجڻ ڪري دربدر ۽ پريشان ٿي ويا آھن. ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران هڪ مهينو اڳ تيل جي مد ۾ اضافي بجيٽ جاري ڪندي ڏڪار متاثر مريضن لاءِ مفت ايمبولينسز سروس شروع ڪئي هئي ۽ ڏڪار جون هنگامي حالتون معمول تي اچڻ تائين مفت ايمبولينسز سروس جاري رکڻ ۽ ڪنهن به مريض کان ڀاڙو اوڳاڙي نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي مقامي اسپتالن جي انتظاميه کي وارننگ جاري ڪئي هئي ته جنهن به مريضن کان ايمبولينسز سروس جي نالي تي ڀاڙو وصول ڪيو انکي جيل اماڻيو ويندو. ان اعلان کانپوءُ هڪ مهينو اڳ شروع ٿيل مفت ايمبولينسز سروس مٺي سول اسپتال انتظاميه بجيٽ ختم ٿي وڃڻ جو جواز ڄاڻائي بند ڪري ڇڏي آھي ۽ ريفر ٿيندڙ هر مريض کان ڪراچي لاءُ 10 هزار ۽ حيدرآباد لاءُ 7 هزار روپيه ڀاڙو جي نالي ۾ اوڳاڙي شروع ڪري ڇڏي آھي. مٺي سول اسپتال مان ڪيترائي ڪلاڪ اڳ ريفر ڪيل ڌار ڌار 3 مريض ۽ انهن جا وارث ڀاڙو نه هجڻ ڪري بيوس بڻجي اسپتال جي احاطي ۾ ويٺل هئا ۽ ان وقت اوچتو پي ٽي آءِ جو صوبائي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ اسپتال وزٽ لاءُ پهتو ته اهي مريضن جا وارث سندس آڏو دانهون ۽ التجائون ڪرڻ لڳا.ان موقعي تي موجود اسپتال جي ڪلارڪ رياض هنڱورجو ٻڌايو ته اسان وٽ تيل جي بجيٽ ختم ٿي آھي. ان ڪري اڄ کان مفت ايمبولينسز سروس بند ڪري اسپتال انتظاميه کي آگاه ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ريفر ٿيندڙ مريضن کان رڳو تيل جا پئسا وٺي مريض اسپتالن ڏانهن موڪلي رهيا آھيون.
احتساب عدالت جو فيصلو تاريخي آهي، نواز شريف دنيا جي وڏن ڪرپٽ ماڻهن ۾ شامل آهي: فواد چوڌري
حڪومت تي انتقامي ڪارروائي جو الزام مڙهيو پيو وڃي، اصل انتقام عمران خان کان ورتو ويو
نواز شريف کي ٻار بچائڻ لاءِ نه آيا، حسين ۽ حسن ڏيهه ورندا ته کين سزا ملندي: وفاقي وزير

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته احتساب عدالت جو فيصلو تاريخي آهي، نواز شريف دنيا جي وڏن ڪرپٽ ماڻهن ۾ شامل آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت تي انتقامي ڪارروائي جو الزام مڙهيو پيو وڃي، پر اصل انتقام عمران خان کان ورتو ويو هو، کانئس 40 سالن جي ملڪيت ۽ ڪاروبار جا ثبوت ۽ دستاويز گهريا ويا هئا. فواد چوڌري چيو ته نواز شريف کي ٻار بچائڻ لاءِ نه آيا، حسين ۽ حسن ڏيهه ورندا ته کين سزا ملندي.
لڳي ٿو ته پوري کيپ "اسيمبلي" کان "اڊيالا" منتقل ٿيندي:حافظ حسين
جيڪب آباد(رپورٽر) جميعت علماء اسلام جي مرڪزي ترجمان ۽ متحده مجلس عمل جي رابطا ڪميٽي جي سربراھ حافظ حسين احمد چيو ته ميان نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا “عزيزن” جي بدولت ملي آهي، لڳي ٿو ته پوري کيپ “اسيمبلي” کان “اڊيالا” منتقل ٿي ويندي. “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي حافظ حسين احمد چيو ته العزيزيه ريفرنس ۾ جيڪڏهن نواز شريف جا پٽ پيش ٿين ھا ته اڄ معاملو مختلف ھجي ھا، العزيزيه ريفرنس جو فيصلو عزيزن جي بدولت آيو آهي، ھن چيو ته احتساب عليم کان وٺي عليمه تائين ٿيڻ کپي،اسان ته چئون ٿا احتساب سڀ جو ٿيڻ کپي ۽ احتساب کي انتقام ۾ تبديل نه ڪيو وڃي، ھن چيو ته ملڪ ۾ جيڪا صورتحال موجود آهي اگر اھا صورتحال رھي ته پوءِ پوري کيپ “اسيمبلي” کان “اڊيالا” منتقل ٿي ويندي، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته اپوزيشن کي اپوزيشن ئي ڪرڻ کپي مگر اپوزيشن ان پوزيشن ۾ ناهي، اڄ به پنجاب جو ميان ۽ بي بي جي ميان جي حوالي سان جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي ان باوجود ھي پاڻ ۾ اپوزيشن کي متحد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ ليگي ڪارڪنن تي دھشتگردي ڪيس داخل
اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد ۾ پوليس پٿراءَ جو نون ليگ ڪارڪنن تي ڪيس داخل، دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا، احتساب عدالت ٻاهران ن ليگ ڪارڪنن پاران پوليس اهلڪارن تي پٿراءِ واري معاملي جو رمناني ٿاڻي تي ن ليگ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ دهشتگردي جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ڏنڊن ۽ پٿرن سان ڪارڪنن اهلڪارن کي حملو ڪري زخمي ڪيو، جوابدارن سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪري خوف ۽ هراس پکيڙي پکيڙيو، جيڪو دهشتگردي ايڪٽ ۾ اچي ٿو.
سکر هندو پنچائت جون چونڊون : ڌريون چلهه ۽ شناختي ڪارڊ تي چونڊ لاءِ بضد
پنچائت جي سال کان چونڊ نه ٿي ، قاعدن جي لتاڙ ڊي سي پاران رپورٽ عدالت حوالي
شناختي ڪارڊ تي ووٽ ڪرايو (رنجيت) ووٽ چلهه تي ئي ٿيندا:دوراڪا داس
سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) هڪ سال گذري وڃڻ بعد به ورهاڱي کان اڳ قائم هندو پنچائت سکر جون چونڊون نه ٿي سگهيون آهن. چونڊن جي تاريخ 17 نومبر 2018ع هئي پر ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڌر جي ڪمل ڪمار، جئه رام ۽ ٻين سکر هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته هندو پنچائت ستن عهديدارن تي ٻڌل آهي پر غير قانوني طور يارنهن عهدن تي چونڊون ڪرايون پيون وڃن. جنهن تي ڪورٽ سڳوري پاران چونڊون روڪڻ جا حڪم ڏئي ڊي سي سکر کي حقيقت معلوم ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون. تڏهوڪي ڊي سي الاهي بخش ميتلي جاچ ڪرڻ بعد ڌرين کي گهرائي ميٽنگ ڪئي ،جنهن ۾ اها ڳالهه ظاهر ٿي ته اڳ ڪيل چونڊن ۾ قاعدا اورانگهيا ويا. اهڙي رپورٽ هن ڪورٽ سڳوري ڏانهن به موڪلي ڇڏي. ان کان پوءِ هندو پنچائت جون گڏجاڻيون به ٿيون پر چونڊون پوءِ به نه ٿي سگهيون. مکي ايشور لال جي پينل جو چوڻ آهي ته اهي ڪورٽ جي حڪمن جي انتظار ۾ آهن. هوڏانهن اڳ رٿيل چونڊن ۾ ٻن عهدن تي رڳو هڪ هڪ اميدوار ڍولومل ۽ وڪيل شيوڪ ڪمار فارم ڀريو هو ،انهن به هاءِ ڪورٽ کي رجوع ڪيو ته کين بنا مقابلي عهديدار ڊڪليئر ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار پاران ڍولو مل سان رابطو ڪيو ويو ته سندس چوڻ هو ته مان جنرل سيڪريٽري تي بنامقابلي ڪاميابي ماڻي، انائونس نه ڪيو ويو ته ڪورٽ ۾ ويو آهيان پر وري نگران پنچائت ڳالهايو ۽ مان چپ ڪري ويس ان باوجود ڪا اڳڀرائي ناهي، حالانڪه ڪورٽ جو به ڪو اسٽي ناهي. هوڏانهن مکي پهرين پٽيشن داخل ڪندڙ جئه رام ۽ ڪمل ڪمار جو چوڻ آهي ته چونڊون دير ٿيڻ جو ڪو جواز ناهي قانون ۽ قاعدن موجب چونڊ ٿئي ته اسان کي ڪو اعتراض ناهي. هندو پنچائت جي چونڊن جي ڪمشنر سريچند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جو ڪو مسئلو ناهي اسان کي جڏهن به ڊاڪٽر دوارڪي جي سربراهي ۾ ٺهيل پنچائت جي نگران باڊي چوندي اليڪشن ڪرائينداسين. اسان کي سندن هدايت جو انتظار آهي. هوڏانهن هندو پنچائٽ جي مکي ايشورلال جو چوڻ آهي ته ڪورٽ سڳوري ڊي سي کي چيو هو ته ڌرين کي ٻڌي قاعدن موجب چونڊون ڪرايو پر ڊي سي ڳالهيون ٻڌيون جنهن ۾ برابر باءِ لاز ۾ فرق هو. پر هن رپورٽ ڪورٽ کي موڪلي ان ڪري هاڻ معامرو ڪورٽ ۾ آهي. هن چيو ته هونئن ته مکي اسان آهيون منهنجو ڏاڏو ڀڳوانداس پهريون مکي هو پر هاڻي جيڪو صدر ٿي. صدر جي اميدوار جواهر لال جو چوڻ هيو ته ڪجهه مهينا اڳ ڳئون شلا نگران پنچائت کي دلچسپي وٺي چونڊون ڪرائڻ گهرجن اسان سان واعدو به ڪيو اٿن، اسان لکي به ڏنو. ڪورٽ جي رڪاوٽ جي ڳالهه آهي ته ترت اوڏانهن وڃن. هن چيو ته جيڪو صدر هوندو اهو ئي مکي به هوندو. اسان چاهيون ٿه هر 18 سالن جي نوجوان کي ووٽ جو حق هجي باقي هو گهراڻي تي ڪرڻ ٿا چاهين، باقي اسان ان ڳالهه ۾ هنن سان متفق آهيون ته عورتن کي پنچائت جي چونڊن ۾ ووٽ جو حق نه هجي. نائب صدر جي اميدوار رنجيت ڪمار چيو ته نگران پنچائت نوجوانن جي رستا روڪ ڪري ٿي. هي نوجوانن جو ووٽ ڪرائڻ کان روڪين ٿا. نگران ۽ مکي گڏجي ڄاڻي واڻي اليڪشن کي اينگهائي رهيا آهن. هاڻ سو سال پراڻا قانون نه هلندا. هن چيو ته اليڪشن نه ٿيڻ جي ڪري ڪميونٽي جي سوين مسئلا حل نه ٿا ٿين. اسان چلهه تي نه پر شناختي ڪارڊ تي ووٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. هوڏانهن نگران پنچائت جي صدر ڊاڪٽر دوارڪا داس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪورٽ ۾ 15 جنوري تي ٻڌڻي آهي اها جيڪو چوندي ڪنداسين. باقي ووٽ چلهه تي ئي ٿيندا. ڪا ايم پي اي جي اليڪشن ناهي جو شناختي ڪارڊ تي ٿئي ۽ نه وري عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو اختيار آهي.
سنڌ کي سمجهڻ لاءِ شيخ اياز کي سمجهڻو پوندو،اياز مارڪس کان گهٽ نه هو:ساڃاهه وند
اياز تي ڳالهائڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۽ اياز کي سمجهيو وڃي: عزيز گوپانگ،اختر درگاهي ۽ ٻين جو اياز ميلي کي خطاب

حيدرآباد)رپورٽر) سنڌي اديبن دانشورن محققن ۽ تخليقڪارن چيو آهي ته شيخ اياز جديد سنڌي ادب جو سرواڻ شاعر آهي، شيخ اياز کي تيستائين سمجهي نه ٿو سگهجي، جيستائين سنڌ کي نه سمجهندا، هن جي شاعري ۾ انسان دوستي ۽ اشتراڪيت جا رنگ شامل آهن، اهڙو اظهار هنن خانا بدوش رائٽرس ڪيفي ۽ شيخ اياز ميلا ڪاميٽي پاران حيدرآباد ۾ جاري چوٿين اياز ميلي جي چوٿين ڏينهن تي ٿيل فڪري ويهڪن ۾ ڪيو، پهرين فڪري ويهڪ اياز جو گيڙو فڪر جي موضوع تي ٿي، جنهن جي ابتدا ۾ نامياري شاعر ۽ راڳي جمن دربدر شيخ اياز جي شاعري توکي ڪهڙي، مونکان سنڌ نه وسري پل واري وائي ڳائي ڪئي.هن فڪري ويهڪ کي خطاب ڪندي نامياري شاعر اياز گل چيو ته سمورا شاعر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان تصوف سان لاڳاپيل آهن،خود رومانوي ۽ انقلابي شاعري ۾ به تصوف جو اثر ملي ٿو، هن چيو ته اياز پاڻ کي منصور سان ڀيٽي ٿو يا ان جو پوئڳ سڏائي ٿو، هن شاعري ۾ هنڌين ماڳين منصور جو ذڪر ڪيو آهي.
نامياري ليکڪا سحر گل ڀٽي چيو ته اياز غزل کي گيڙو جو رنگ پارايو آهي ۽ هن پنهنجي شاعري ۾ انقلابيت ۽ آزاد خيالي کي به سمايو آهي، هن جي شاعري ۾ جتي انسان دوستي جو رنگ موجود آهي، اتي ان ئي شاعري ۾ اشتراڪت جا رنگ به ملن ٿا، هن چيو ته اياز پنهنجي شاعري ۾ نيون روايتون وڌيون ۽ نظم ۾ به باه جا شعلا ڀري ڇڏيا آهن، هن چيو ته اياز غزل ۾ به تبديليون آنديون، ڪٿي هو انقلابي آهي ته ڪٿي هو وي اشتراڪي نظر اچي ٿو، هن چيو ته اياز جي شاعري جديد تصورن سان آراستا شاعري آهي، هن چيو ته شاعر کي مجموعيت ۾ ڏسڻ گهرجي،
نامياري ليکڪ ۽ شاعر عزيز گوپانگ چيو ته اياز تي ڳالهائڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۽ اياز کي سمجهيو وڃي، اسان اياز کي سمجهڻ ۾ غلطيون ڪيون آهن، اسان مان جيڪو صوفي آهي، اهو ان کي صوفيت ۾ ڳولي ٿو، انقلابي کيس انقلاب م ڳولين ٿا ۽ مذهبي سندس دعائون ڳولي پڙهن ٿا، سندس شاعري ۾ ڪٿي به اياز کي ڳولڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي، هن چيو ته نثر لکي ها ۽ تحقيقي ڪم ڪري ها ته هو ڪارل ماڪس کان هرگز گهٽ نه هجي ها، هن ويهڪ جو ماڊريٽر اختردرگاهي هو، جنهن چيو ته شخ اياز سنڌ جو فڪر ۽ سنڌ جي شاعري جو فڪر آهي، هن چيو ته دنيا جا شاعر آفاقي هوندا آهن، هو جديد شاعري جو سرواڻ شاعر هو، گيڙو فطرت جو آهي ۽ گيڙو رتو فڪر سنڌيت به آهي، اياز به پنهنجي شاعري ۾ سنڌيت جو رنگ ڀريو آهي.
سنڌ ۾ شاعري جا ٻه مها راڻا هڪڙو ڀٽائي ۽ ٻيو شيخ اياز آهي:ڀارو مل امراڻي
انيڪ فنڪارن شيخ اياز کي ڳائي مقبول به ٿي ويا:سميع بلوچ
پليجي نه رڳو زرينه بلوچ پر اسانکي به شيخ اياز جي شاعري جهونگارڻ تي اتساهيو:مريم پليجو
حيدرآباد؛ شيخ اياز جي ميلي چوٿين ڏينهن واري تقريبن جي ٻئي ويهڪ شيخ اياز جا راڳي جي موضوع تي ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي نامياري براڊ ڪاسٽر ۽ شاعر سميع بلوچ چيو ته استاد ارباب خان کوسي سڀ کان پهرين شيخ اياز جي گيت جي ڌن ٺاهي ۽ بيدل مسرور سندس گيت ڳايو، جيڪو استاد ارباب خان جو شاگرد آهي، هن چيو ته سندس انقلابي شاعري کي بيدل مسرور سان گڏ جيجي زرينه به ڳايو، سنڌ ۾ سر ۽ موسيقي انتهائي وسيع آهي، جيڪا ڪڏهن به ختم ٿي نه ٿي سگهي، پر سنڌ مان تخليق ڄڻ ته ختم ٿي وئي آهي، فنڪارن ۾ شعوري تعليم جي ڪمي آهي ۽ شعور بنا شاعري کي سمجهي ڳائڻ مشڪل آهي، هن چيو ته ڪوبه سٺو فنڪار تيستائين پيدا نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين هو شاعري کي نه ٿو سمجهي، هن چيو ته انهن ميلن مان اسانکي لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي، استاد منظور علي خان کان ويندي، نئين ٽهي جي انيڪ فنڪارن شيخ اياز جي شاعري کي ڳايو آهي جنهن ڪري اهي مقبول به ٿيا آهن، عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل نامياري نقاد سياستدان ۽ اديب رسول بخش پليجي جي ڀيڻ مريم پليجو جيجي زرينه بلوچ تي ڳالهائيندي چيو ته رسول بخش پليجو نه رڳو زرينه بلوچ پر اسانکي به شيخ اياز جي شاعري جهونگارڻ تي اتساهيو، هن چيو ته رسول بخش پليجو اسانجي خاندان ۾ سرن کي آزاد ڪرڻ وارو شخص هو، هو شيخ اياز جا نظم کڻي آيو ۽ اسان جي امڙ سميت سڀني کي انهن جون ڌنون ٺاهڻ لاءِ پابند ڪيو، هن چيو ته ايئن لڳندو هو ڄڻ شيخ اياز اسان جي گهر جو ڀاتي هو، نامياري ليکڪ ڀارو مل امراڻي شيخ اياز جي راڳي صادق فقير تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌي شاعري تاريخ ۾ انيڪ راڻا پيدا ڪيا آهن، پر سنڌ ۾ شاعري جا ٻه مها راڻا آهن، هڪڙو ڀٽائي ۽ ٻيو شيخ اياز آهي، هن چيو ته ماڻهو لوڪ گيتن کي ٻڌن ٿا، پر ٿر سان واسطو رکندڙ ماڻهو ماءِ جي ٿڃ سان گڏ لوڪ گيتن تي پلجن ٿا، هن چيو ته صادق فقير جي سڃاڻپ اياز جا گيت به آهن ۽ هن اياز جي شاعري کي روح واري محبت ڳايو، هن چيو ته صادق فقير جي خواهش هئي ته ماڻهو کيس اياز جي راڳي طور سڃاڻين، هن ويهڪ جو ماڊريٽر ناميارو براڊ ڪاسٽر شاعر ۽ اديب نصير مرزا هو، جنهن چيو ته نئين ٽهي جا راڳي شيخ اياز جي شاعري کي ڳولهي ڳولهي لهن ٿا، هن چيو ته شيخ اياز جي راڳ کي ڳائيندڙ فنڪار اياز جا راڳي سڏجڻ لڳا آهن ۽ هي هن صدي ۾ نئون ٽرم متعارف ٿيو آهي، هن چيو ته شيخ اياز جي شاعري ترنم سان ٽمٽار آهي ۽ موسيقارن کي ڌنون ٺاهڻ تي پاڻ اتساهي ٿي. هن چيو ته شيخ اياز جو پهريون راڳي بيدل مسرور آهي.
پ پ جي آءِ ٽي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، 26 ڊسمبر تي حڪمت عملي پڌري ڪرڻ جو فيصلو
حڪومت ۽ جي آءِ ٽي ۾ ڳٺ جوڙ آهي، رپورٽ مخالفن ٺاهي: نيئر بخاري/فرحت الله بابر
بشير ميمڻ بغض رکي ٿو، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر بيگناهه آهن: شيري الرحمان
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ جي آءِ ٽي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، 26 ڊسمبر تي حڪمت عملي واضح ڪرڻ جو فيصلو، اسلام آباد ۾ پيپلز پاڙتي جي اڳواڻن نيئر بخاري، فرحت الله بابر ۽ شيري رحمان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي سسئي پليجو، نذير ڌوڪي ۽ ٻيا به موجود هئا. پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ اسان جي سياسي مخالفن ٺاهي آهي. پهرئين ڏينهن کان بشير ميمڻ اسان سان پنهنجي دل ۾ بغض رکي ٿو. 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو خلاف جي آءِ ٽي رپورٽ ٺهي هئي ۽ هاڻي آصف زرداري خلاف جي آءِ ٽي رپورٽ ٺاهي وئي آهي. اسان کي اڃا تائين جي آءِ ٽي جي تصديق ٿيل رپورٽ نه ملي آهي. الزام ثابت ٿيڻ تائين آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور بيگناھ آهن. هن چيو ته پارڪ لين ڪمپني جو جڏهن بنياد رکيو ويو تڏهن بلاول ڀٽو جي عمر هڪ سال هئي. پيپلز پارٽي ريفرنسن کان گھٻرائڻ واري نه آهي. پيپلز پارٽي جي 26 ڊسمبر تي ٿيندڙ سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وڏا فيصلا ڪيا ويندا. پيپلز پارٽي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته اسان گھٻرائڻ وارا ناهيون، ٻڌايو وڃي ته وزير اعظم جو خصوصي معاون ايف آئي اي ۾ ڇا ڪري رهيو هو. احتساب سڀني جو ٿيڻ کپي، ٻٽو معيار نه هجڻ کپي. حڪومت اپوزيشن کي دٻائڻ چاهي ٿي ته اسان جا وڪيل عدالت ۾ ثابت ڪندا ته جي آءِ ٽي رپورٽ جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي. پيپلز پارٽي جو هڪ طرفو احتساب ٿي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته حڪومت ۽ جي آءِ ٽي جو ڳٽ جوڙ نظر اچي رهيو آهي. احتساب جي آڙ ۾ انتقام ورتو پيو وڃي.
شهدادڪوٽ ۾ اي پي سي،بدامني خلاف 28 ڊسمبر کان تحريڪ هلائڻ جو اعلان
شھدادڪوٽ (رپورٽر )شھدادڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھري اتحاد جي سڏ تي آل پارٽيز ڪانفرنس ،ڏوھن جي واپسي لاء 3 ڏينھن جو الٽيميٽم، 28 ڊ سمبر کان ڀرپور تحريڪ ھلائڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ شھدادڪوٽ ۾ تيزي سان وڌندڙ بدامني خلاف شھري اتحاد جي سڏ تي شھر جي ليبر ھال ۾ آل پارٽيز ڪانفرس ٿي، جنھن ۾ شھر جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ مير غيبي خان مغيري،سماجي اڳواڻ وھاب پندراڻي،جي يو آء اڳواڻ مولانا محمد جان عابد،شھري اتحاد جي ايڊووڪيٽ عبدالوحيد ڀٽي،ايس يو پي اڳواڻ حمل خشڪ، ايس ٽي پي جي حيات تونيو،پورھيت اڳواڻ ڪامريڊ عرس سيلرو،قومپرست اڳواڻ حبدار ميرجت،پ پ اڳواڻ اڳواڻ اصغر شيخ،ڪائونسلر انيل ڪمار، شھيد ڀٽو جي وزير کوسو، شيعا اڳواڻ سيد اڪبرشاه ۽ ٻين چيو ته شھر ۾ تيزي سان وڌندڙ بدامني جي ذميوار پوليس انتظاميه مٿان آھي،پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي ڏوھ،ڦر،چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آھن،ڏوھن ۾ اضافي سبب واپاري غيرمحفوظ بڻيل آھن. ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته 3 ڏينھن اندر شھدادڪوٽ ۾ ٿيندڙ ڏوھاري سرگرمين جو نوٽيس وٺي ڪيل ڏوھ واپس ڪرايا وڃن،ٻئي صورت ۾ 28 ڊسمبر کان ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي جيڪا شھر جي امن ڪرائڻ تائين جاري رھندي.
مٺي سول اسپتال انتظاميه مفت ايمبولنس سروس بند ڪري ڇڏي
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي صرف هڪ مهينو ئي عمل ٿي سگهيو
ايمبولنس سروس لاءِ اوڳاڙي شروع،بجيٽ ختم ٿي وئي آهي:اي ايم ايس
مٺي(رپورٽر)مٺي سول اسپتال انتظاميه بجيٽ ختم ٿي وڃڻ جي بهاني مريضن لاءِسنڌ سرڪار پاران شروع ڪيل مفت ايمبولينسز سروس اوچتو بند ڪري ڇڏي،مريضن کان ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙو اوڳاڙي شروع ڪيو ويو آھي. جنهن ڪري مٺي سول اسپتال مان ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت شھرن جي اسپتالن ڏانهن ريفر ٿيندڙ ڏڪار متاثر ٻارڙا توڙي عام مريض ڀاڙو نه هجڻ ڪري دربدر ۽ پريشان ٿي ويا آھن.
ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران هڪ مهينو اڳ تيل جي مد ۾ اضافي بجيٽ جاري ڪندي ڏڪار متاثر مريضن لاءِ مفت ايمبولينسز سروس شروع ڪئي هئي ۽ ڏڪار جون هنگامي حالتون معمول تي اچڻ تائين مفت ايمبولينسز سروس جاري رکڻ ۽ ڪنهن به مريض کان ڀاڙو اوڳاڙي نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي مقامي اسپتالن جي انتظاميه کي وارننگ جاري ڪئي هئي ته جنهن به مريضن کان ايمبولينسز سروس جي نالي تي ڀاڙو وصول ڪيو انکي جيل اماڻيو ويندو. ان اعلان کانپوءُ هڪ مهينو اڳ شروع ٿيل مفت ايمبولينسز سروس مٺي سول اسپتال انتظاميه بجيٽ ختم ٿي وڃڻ جو جواز ڄاڻائي بند ڪري ڇڏي آھي ۽ ريفر ٿيندڙ هر مريض کان ڪراچي لاءُ 10 هزار ۽ حيدرآباد لاءُ 7 هزار روپيه ڀاڙو جي نالي ۾ اوڳاڙي شروع ڪري ڇڏي آھي.
مٺي سول اسپتال مان ڪيترائي ڪلاڪ اڳ ريفر ڪيل ڌار ڌار 3 مريض ۽ انهن جا وارث ڀاڙو نه هجڻ ڪري بيوس بڻجي اسپتال جي احاطي ۾ ويٺل هئا ۽ ان وقت اوچتو پي ٽي آءِ جو صوبائي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ اسپتال وزٽ لاءُ پهتو ته اهي مريضن جا وارث سندس آڏو دانهون ۽ التجائون ڪرڻ لڳا.ان موقعي تي موجود اسپتال جي ڪلارڪ رياض هنڱورجو ٻڌايو ته اسان وٽ تيل جي بجيٽ ختم ٿي آھي. ان ڪري اڄ کان مفت ايمبولينسز سروس بند ڪري اسپتال انتظاميه کي آگاه ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ريفر ٿيندڙ مريضن کان رڳو تيل جا پئسا وٺي مريض اسپتالن ڏانهن موڪلي رهيا آھيون.
اسپتال جي اي ايم ايس ڊاڪٽر چمن شرما رابطو ڪرڻ تي چيو ته اسپتال کي تيل جي مد ۾ مليل بجيٽ ختم ٿي ويئي آھي. پيٽرول پمپن جا قرضي ٿي ويا آھيون،جيڪي وڌيڪ اوڌر تي تيل نٿا ڏين انڪري اسان صرف اڄ کان مريضن کان تيل جي مد ۾ اوڳاڙي ڪئي آھي. ڪوشش ڪريون ٿا ته ڪنهن پينٽرول پمپ تان اوڌر تيل ملي وڃي ته جيئن بجيٽ اچڻ تائين مفت ايمبولينسز سروس جاري رکي سگهون. هن چيو ته اسان وٽ تيل جا ڏوڪڙ نه هوندا ته اسين پنهنجي گهران ته تيل ڀرائي ريفر ڪيل مريضن کي اسپتالن تائين نٿا پهچائي سگهون.
شهيد راڻي جي ورسي:سنڌ حڪومت جو 27 ڊسمبر تي عام موڪل جو اعلان
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ حڪومت بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو آهي ته صوبي جي سموري سرڪاري ادارن ۾ 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو جي ورسيءَ لاءِ سمورا سرڪاري ادارا بند رهندا.
گمبٽ مان مهينو اڳ اغوا ٿيل پورهيت بازياب، 10 جوابدار گرفتار
گمبٽ)ن پ ا)گمبٽ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ گلوسيال مان هڪ مهينو اڳ پاڻي جي واري تان اغوا ٿيل پورهيت شمن چاچڙ کي پوليس بازياب ڪرائي10 هٿياربندن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪري ڇڏي، ان موقعي تي اي ايس پي خيرپور عمران نيازي سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل پورهيت شمن چاچڙ کي هٿياربند هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي پوليس اٽالن سان پهچي اغوا ٿيل شمن چاچڙ کي بازياب ڪرائي 10 ماڻهن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.
پ پ-نوازليگ قيادت نيب ڪاررواين جي حقدار آهي: فاروق ستار
نيب قانون تي تنقيد ڪندڙن پنهنجي دور ۾ ان کي بهتر ڇو نه بڻايو؟
پي ٽي آءِ جو احتساب ڪير ڪندو؟ ڪرپٽ سياسي ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجن
حيدرآباد (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان بحالي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرپٽ سياسي ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي، نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي قيادت سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي هو ان جا حقدار آهن، حيدرآباد ۾ پروفيسر ادريس جي پونئرن سان تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اڄ پ پ ۽ ن ليگ جي ڪرپشن جي حوالي سان سياسي پنڊتن ۽ تجزيه ڪارن کان داستان ٻڌون پيا، هونئن ته پي ٽي آءِ چيو پئي ته اسين ٽيون آپشن آهيون، پر جيڪا صورتحال نظر اچي پئي ان مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ به حڪومت کانپوءِ انهن ٻن وڏين پارٽين وانگر ساڳيا ئي الزام کڻي ويندي.
هن چيو ته ته احتساب ۽ سياسي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، انصاف ٿيڻ گهرجي، ملڪ مان ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو عمل مڪمل طور تي تڏهن ختم ٿيندو، جڏهن موروثي سياست جو خاتمو ايندو، ڪرپشن ۾ ملوث ٻين پارٽين جو ته احتساب ٿئي پيو پر پي ٽي آءِ جو احتساب ڪير ڪندو؟ انهي ڪري آئون انهي ڳالهه جو حامي آهيان ته ملڪ مان ڪرپٽ سياسي ڪلچر جو خاتمو اچڻ گهرجي.
هن چيو ته نيب قانون تي تنقيد ڪندڙ پ پ ۽ ن ليگ پنهنجي دور حڪومت ۾ انهي قانون کي بهتر ڇو نه بڻايو؟ نيب اڄ جيڪو به انهن سان ڪري پئي، اهي ٻئي جماعتون انهي عمل جون مستحق آهن، هاڻي جڏهن انهن جي هٿان ڳالهه هلي وئي آهي، نانگ جو ليڪو ڪٽيندا ته ڪو به فائدو نه ٿيندو، اهو ملڪ جي وقار لاءِ به ڪا سٺي ڳالهه ته ناهي جو اڳوڻي صدر ۽ وزيراعظم تي ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا الزام لڳن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي ٻيهر سزا ڏئي، انهي ڪري به نااهل ڪيو آهي، جيئن هو پارٽي جو سربراهه نه رهي سگهي
ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته حيدرآباد جو دورو تنظيم بحالي ڪميٽي واري رابطن کي برقرار رکڻ آهي، پروفيسر ادريس به اسان جو همدرد دوست هيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي 1986ع واري نظرياتي پارٽي جهڙو بنائڻ لاِءِ ڪارڪنن تنظيم کي مستحڪم ڪيو.