ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهروکاتي پاران اڄ قلم 144 لاڳو ڪندي سمنڊ ڏانهن وڃڻ تا اتي وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي . جاري ڪيل نوٽيفڪيشن اڄ کان لاڳو هوندو .نوٽيفڪيشن موجب نئين سال جي شروعات جي موقعي تي به سمنڊ ڏانهن وڇڻ تي مڪمل طور پابندي لاڳو هوندي جڏهن ته ريڊ زون قرار ڏنل علائقن ۾ 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي لاڳو پاندي ۾ به 6 مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي .
نئين سال جي شروعات کان اڳ ئي سمنڊ وڃڻ تي پابندي لاڳو
قلم 144 لاڳو ڪندي سمنڊ ڏانهن وڃڻ ۽ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي
ريڊ زون ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي ۾ واڌ ڪئي وئي
شيخ رشيد سياسي خانه بدوش آهي: مرتضيٰ وهاب
علي ترين هڪ ارب جي ٽيم خريد ڪئي، جي آءِ ٽي وري بلاول جي لنچ بل تي ٺهي وئي
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير شيخ رشيد کي سياسي خانه بدوش قرار ڏيندي چيو آهي ته شيخ رشيد وزارت ماڻڻ لاءِ عمران خان جو درٻاري بڻجي ويو، علي زيدي شيخ رشيد جو شاگرد هئڻ جو اعتراف ڪري پنهنجي 2 نمبر سياست کي تسليم ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ شيخ رشيد جي تنقيد تي ردعمل ظاهر ڪندي صوبائي صلاحڪار مرتضي وهاب چيو ته جهانگير ترين جي پٽ علي ترين هڪ ارب رپين جي ڪرڪيٽ ٽيم خريد ڪئي آهي پر جي آءِ ٽي وري بلاول ڀٽو جي لنچ بل تي ٺهي وئي.
هن چيو ته شيخ رشيد جهانگير ترين بابت سوال جي جواب ۾ پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪئي، ڳالهين کي گهمائڻ آسان آهي ته عليمه خان جي ڏوهه کي لڪائڻ آسان ناهي، شيخ رشيد سياسي خانه بدوش آهي، جنهن جي مير جو مقدر نالا لئي ۾ ڪِرڻ آهي، هو ريلوي جي وزارت لاءِ عمران خان جو درٻاري بڻجي ويو.
صوبائي صلاحڪار چيو ته علي زيدي شيخ رشيد جو شاگرد هئڻ جو اعتراف ڪندي پنهنجي 2 نمبر سياست کي تسليم ڪيو آهي
مرتضي وهاب چيو ته جهانگير ترين جي پٽ هڪ ارب رپين جي ڪرڪيٽ ٽيم خريد ڪئي، پر جي آءِ ٽي وري بلاول ڀٽو جي لنچ بل تي ٺهي وئي، اسان جي خلاف 50 سالن کان بي بنياد جاچ ٿي رهي آهي، ڇو ته اسان جو ڏوهه عوام جو آواز بڻجڻ آهي، آصف زرداري هڪ ڏهاڪو جيل ۾ گذاريو، اسان ايترو صبر ڪنداسين جو ظلم شڪست کائي ويندو.
مفاهمت يا مزاحمت ؟ سڀاڻي پيپلز پارٽي جي سي اي سي اجلاس ۾ اهم فيصلن جو امڪان
بلاول ۽ آصف جي صدارت ۾ سڀاڻي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو
پ پ پاران موجوده صورتحال تي غور ويچار بعد حڪمت عملي جوڙي ويندي
ڪراچي ( ن پ ا ) پاڪستان پيپلزپارٽي جو سي اي سي جو اجلاس سڀاڻي نئون ديرو هائوس ۾ ٿيندو، ذريعن موجب موجوده صورتحال ۾ مفاهمت بدران مزاحمت جي سياست شروع ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.
پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي شام نئون ديرو ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرادري ڪندا.
اجلاس دوران شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريبن جي تيارين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ مختلف اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو.
سي اي سي اجلاس ۾ پ پ جي چئني صوبن جا صدر ۽ مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي پاليسي جو نئين سر جائزو ورتو ويندو ۽ ذريعن موجب اجلاس دوران مني لانڊرنگ ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ سميت مجموعي صورتحال تي مشاورت بعد مفاهمت بدران مزاحمت جي سياست شروع ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.
ڳڙهي خيري ۾ جديد طريقي سان گڏهن جي حجامت ڪندڙ ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل
خميسو ٻرڙو ڪجهه عرصي کان موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي گڏهن جي بُت تي وڌي ويل وار لاهي ٿو
ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيري ۾ ڊگهي عرصي کان گڏهن جي حجامت ڪندڙ شخص ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهي. خميسو ٻرڙو پهرين گڏهن جي حجامت ڪندو هو پر ڪجهه عرصي کان هو موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي گڏهن جي حجامت ڪري ٿو. خميسي ٻرڙي جو چوڻ آهي ته شهر جا ماڻهو حجامت لاءِ گڏهه وٺي ايندا آهن ۽ هو معمولي پئسن تي گڏهن جي بُت تي وڌي ويل وار لاهيندو آهي. واضح رهي ته اداڪار عامر خان جي فلم ”ٿري ايڊيٽ“ ۾ به عامر خان سائنسدانن جي هڪ اڪيڊمي کوليندو آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙو سين به نظر ايندو آهي، جتي ٻاررا موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي جانورن جي حجامت ڪندا آهن.
”بيگار بسون ڇو نه پڪڙيون” ايس ايس پي ٽرئفڪ مٺي ۾ سب انسپيڪٽر کي ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو
ايس ايس پي ٽرئفڪ سارجنٽ کي پ پ ڪارڪنن کي ڳڙهي خدا بخش موڪلڻ لاءِ 4 بسون پڪڙڻ جو ٽارگيٽ ڏنو هو
بيگار ۾ گاڏيون نه پڪڙڻ تي ٽرئفڪ سارجنٽ محمد سومار خاصخيلي کي ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو
مٺي (ن پ ا) ايس ايس پي ٿرپارڪر عمران قريشي بي نظير ڀٽو جي ورسي ۾ ڊيوٽي تي ڳڙھي خدابخش پوليس نفري موڪلڻ لاءُ ٽرانسپورٽرن جون بيگار ۾ بسون نه پڪڙي سگهڻ تي ٽرئفڪ سارجنٽ سب انسپيڪٽر محمد سومار خاصخيلي کي ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو. معلوم ٿيو آھي ته ايس ايس پي ٽرئفڪ سارجنٽ کي نفري ڳڙھي خدابخش اماڻڻ لاءُ مختلف رستن تي هلندڙ 4 بسون پڪڙي اچڻ جو ٽارگيٽ ڏنو هو پر ٽرانسپورٽرن بيگار ۾ بسون پڪڙڻ جي اڳواٽ خبر پئجي وڃڻ ڪري بسون لڪائي ڇڏيون، تنهن ڪري ٽرئفڪ پوليس رڳو 2 بسون پڪڙي سگهي. ايس ايس پي سخت ڪاوڙ ۾ اچي ضلع جي ٽرئفڪ سارجنٽ سب انسپيڪٽر محمد سومار خاصخيلي کي ايس ايس پي آفيس جي قائم لاڪ اپ ۾ ڪوارٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو آھي. ۽ باقي سندس اسٽاف جي اهلڪارن کي چتاءُ ڏنو ته صبح سوير تائين وڌيڪ 2 هينو بسون پڪڙي پوليس لائن تائين نه پهچائڻ جي صورت ۾ کين به ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويندو. اهڙي وارننگ بعد ٽرئفڪ پوليس جا اهلڪار مختلف گيريچن. بس اڏن سميت روڊ رستن تي هينو بسن کي ڳولڻ ۾ رڌل هئا. هوڏانهن ٽرئفڪ جو ضلع انچارچ سارجنٽ محمد سومار خاصخيلي سخت سردي ۾ لاڪپ اندر رات گذاري رهيو هو.
جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ کوڙ شيون کِل جوڳيون آهن: وڏو وزير
جي آءِ ٽي رپورٽ مني لانڊرنگ کان لانڊري تائين اچي وئي آهي، ايترا وڏا الزام نه آهن جو سزا ملي سگهي: مراد علي شاهه
جي آءِ ٽي الزامن جو عدالت ۾ دفاع ڪنداسين، اُميد ته سُپريم ڪورٽ جي حڪمن يڃڪڙي ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ٿيندي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته جي آءَ ٽي ۾ جيڪي مامره سامهون آيا آهن انهن جو جواب عدالتن ۾ ڏينداسين .هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي حوالي سان سندس مزار تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو .صحافين پاران پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پيپيلزپارٽي قيادت کي عوام جي خدمت ڪرڻ تي عدالتن ۾ گهليو پيو وڃي اسين عوام خاطر عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون .هن چيو ته پاور پلانٽ کي سبسڊي اڄ نه 2008 کان ڏني پئي وڃي اها سبسڊي به عوام جي ڀلائي لاءِ ڏئي رهيا آهيون .هن چيو ته اسين عوام جي دخمت تي يقين رکون ٿا . سيد مراد علي ساهه جو چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول کانپوءِ ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون ويون ۽ هن وقت امن امان جي حوالي سان صورتحال ڪافي بهتر آهي .
ڪشمور ڀرسان بي ايس فيڊر مان پيرسن عورت جو لاش هٿ، لاوارث حالت ۾ اسپتال منتقل
بي ايس فيڊر ۾ پيرسن عورت جو لاش هٿ ڪيو ويو، عُمر اٽڪل 50 سال لڳي ٿي: پوليس
سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش ڪشمور اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيو ويو آهي
ڪشمور (ن پ ا) ڪشمور جي گڊو ٿاڻي جي حد ۾ سيف لاا محله جي ڀرسان بي ايس فيڊر ۾ 50 سالن جي عورت جو لاش گڊو پوليس ڪڍرائي ڪشمور اسپتال جي سرد خاني ۾ رکي ڇڏيو جڏھن لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھيو. پوليس چيو آهي ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاوارث حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
نيوزيلينڊ ۾ سيهڙن جي ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ رڍن مٿان سواري
تيز برسات کانپوءِ جهنگلي سيهڙ ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ اهڙي ڪوشش ڪئي

ويلنگٽن (م ڊ) زندگي جي بچاءَ ۽ بقا لاءِ انسان توڙي جانور هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن، اهڙي ئي جهنگلي سهيڙن جي ڪوشش مشهور ٿيل آهي. نيوزيلينڊ ۾ تيز برسات کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ پاڻي وڌڻ لڳو، جنهنڪري جهنگلي سيهڙ ٻڏڻ لڳا، جنهن کان بچڻ لاءِ جهنگلي سيهڙن حيران ڪندڙ زهانت کان ڪم ورتو ۽ ڀرسان ويندڙ رڍن مٿان سواري ڪرڻ لڳا. جهنگلي سيهڙ ڪجهه دير تائين رڍن مٿان سواري ڪندي محفوظ خشقي واري هنڌ لهي ڀڃي ويا. اهڙي منظر کي رڍن جي ڌنار پاران ڪيمرا ذريعي محفوظ ڪري يادگار بڻائي ڇڏيو. ياد رهي ته اها خبر پراڻي آهي پر تصويرون هاڻي سامهون آيون آهن.
کپروڀرسان ڪنئال کي 50 فُٽ گهارو، پاڻي سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل کي ٻوڙي ڇڏيو، علائقي واسي گهارو ٻڌڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل
بااثر ماڻهو رڳو پنهنجي زمينن کي بچائڻ لاءِ پاڻي روڪي رهيا آهن، آبپاشي عملو به نه پهتو: رهواسي
کپرو (ن پ ا) کپرو ڀرسان کپرو ڪئنال کي آر ڊي 122 وٽان گهارو پئجي ويو جيڪو وڌي 50 فٽ تي پهچي ويو آهي گهاري سبب 200 کان وڌيڪ ايڪڙن تي مشتمل فصل ڪڻڪ توريو ۽ وڏف جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي آبپاشي عملدارن پاران وقت سر نه پهچڻ سبب ڳوٺاڻا ۽ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن گهاري پوڻ جا ڪارڻ هيٺ بااثر کي پاڻي فل ڪري ڏيڻ ۽ کاڄڻي موري وٽان واهه جا دروازا هينڊاپ ڪرڻ سبب پاڻي جو دٻاء وڌڻ ڪري گهارو پئجي ويو وقت سر انتظاميان جو نه پهچڻ سبب پيل گهارو وڌي 50 فٽ تائين پهچي ويو آهي اڃان پاڻي وڌي رهيو آهي بااثر گهاري کي بند ڪرڻ بجاء پنهنجين زمينن تي بند ٻڌائي رهيا آهن جڏهن ته ڀنڀرا. درس. هنڱورجا. ۽ ٻين ڪيترن ئي برادرين جا گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته آچار هنڱورجو. موسو درس. راڻو درس. عبدالعليم درس. عويس سميت ڪيترن ئي زميندارن جا پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن پر انتظاميان هن وقت تائين گهاري واري هنڌ تي ناهي پهتي جنهن ڪرص پاڻي جو وهڪرو اڃان تائين جاري آهي.
انڊونيشيا ۾ سونامي جي تباھي،مارجي ويلن جو انگ 429 ٿي ويو، 1400 زخمي سونامي جو خطرو برقرار ھزارين بي گھر
سونامي کانپوءِ ڪيترائي لاش هٿ، درجنين ماڻهو گم، مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو امڪان
زخمين جو انگ وڌي ويو، 128 گم، وڌيڪ سونامي اچڻ جو خطرو برقرار: اختيارين

جڪارتا (ا ڊ) انڊونيشيا جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ ايجنسي جو چوڻ آهي ته انڪ ڪراڪاٽوا ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سبب ايندڙ سونامي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 429 ٿي ويو آهي. سماترا ۽ جاوا ٻيٽ تي آيل سونامي سبب وڏيون ڇوليون اٿڻ ڪري وڏو جاني نقصان ٿيو هو. اختيارين پاران جاري ڪيل تازي بيان ۾ چيو آهي ته زخمين جو انگ وڌي 1400 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 128 ماڻهو اڃان تائين گم آهن. ٻرندڙ جبلن واري علائقي ۾ رهندڙن کي نئين هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو ڪارروايون جاري آهن. گذريل ڏينهن پڻ سماترا ٻيٽ ڀرسان ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ جو خطرو ڏيکاريو ويو. انڊونيشيا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت لاءِ سامونڊي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن کي متبادل علائقن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، انڊونيشيا ۾ هلندڙ سال اهو سڀ کان وڌيڪ تباهي پکيڙيندڙ واقعو ثابت ٿيو آهي.
سرحد ۾ چور دڪان جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ سامان چورائي ويا
سرحد(ن پ ا) سرحد مان اڻڄاتل چور دُڪان جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. خبرموجب اسٽيشن روڊ تي واقع واپاري سنتوش ڪمار جي ڪريانه جي دوڪان جا تالا ٽوڙي دوڪان ۾ پيل هزارين روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا. دوڪان مان چوري جي واردات جو سرحد پوليس کي اطلاع پڻ ڏنو ويو.
نوازشريف کي اڊيالا جيل کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو
نوازشريف کي ڪوٽ لکپت جيل جي بي ڪلاس روم ۾ رکيو ويندو: گهرو سيڪريٽري
اسلام آباد ( م ڊ ) العزيزيه ريفرنس ۾ گرفتار نوازشريف کي اڊيالا جيل کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو، ڪوٽ لکپت جيل ۾ نوازشريف لاءِ بي ڪلاس ڪمرو تيار ڪيو ويو.
نيب ٽيم صبح ڌاري اڊيالا جيل پهتي، جتان روڊ ذريعي نوازشريف کي ايئرپورٽ پهچائڻ بعد خصوصي جهاز ذريعي لاهور پهچايو ويو، جنهن بعد اڳوڻي وزيراعظم کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو
پنجاب جي گهرو سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ نوازشريف لاءِ بي ڪلاس ڪمرو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي وي، هنڌ بسترو، ڪمبل، هيٽر، ڪرسي ۽ ميز رکرائي وئي آهي، کيس هڪ خدمتگار ۽ گهران ماني گهرائڻ جي سهولت به هوندي.
گهرو سيڪريٽري جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبي ۾ امن خراب ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، ڀڃ ڊاهه ڪندڙن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا، امن امان جي حوالي سان ڪشمنر ۽ آر پي کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
سنڌ جو خوراڪ کاتو آبادگارن لاءِ قرض کڻي ڪڻڪ خريداري ڪندي پاڻ 104- ارب جو قرضي ٿي ويو!
خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ خريداري لاءِ بينڪن کان قرض کڻڻ سبب 14 لک وياج ڀرڻ تي مجبور
آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ کان وٺي ڪڻڪ کڻي پهچائڻ تي هر ٻوريءَ تي هڪ سئو رپيا وڌيڪ ڀرڻا پون ٿا

ڪراچي (رپورٽ:دودو چانڊيو) سنڌ جو خوراڪ کاتو آبادگارن لاءِ قرض کڻي ڪڻڪ خريد ڪندي بئنڪن جو 104 ارب رپين جو قرضي بڻجي ويو آهي. کاتي کي هر سال صرف وياج تي 14 لک رپيا ادا ڪرڻا پون ٿا، سنڌ جو خوراڪ کاتو هر سال آبادگارن کان هڪ ڪروڙ 10 لک کان هڪ ڪروڙ 20 لک جي لڳ ڀڳ ٻوريون خريد ڪندو آهي، جيڪو سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ جو 30 سيڪڙو هوندو آهي. آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ کان وٺي ڪڻڪ کڻي گدامن ۽ سينٽرن تائين پهچائڻ تائين سنڌ جي خوراڪ کاتي کي هر ٻوريءَ تي هڪ سئو رپيا وڌيڪ ادا ڪرڻا پون ٿا، اهڙي ريت سنڌ جي خوراڪ کاتي کي اها ٻوري چار مهينا مختلف گدامن ۾ رکڻ بعد ساڳئي اگهه تي فلور ملن ۽ اٽي چڪين کي ڪوٽا تحت وڪرو ڪرڻي پوي ٿي. هر سال توڙي جو ڪڻڪ جو امدادي اگهه الڳ هجي ٿو. خوراڪ کاتي وٽ ڇاڪاڻ ته پنهنجا پئسا ناهن، تنهن ڪري کاتو پهرين نيشنل بئنڪ ۽ هاڻي سنڌ بئنڪ کان هر سال قرض کڻي سنڌ جي آبادگارن کان ڪڻڪ وٺندو آهي، اهو قرض گڏ ٿي هاڻ 104 ارب رپيا ٿي ويو آهي، جنهن جو وياج ئي هر سال 14 ارب رپيا خوراڪ کاتو بئنڪن کي ادا ڪري ٿو، خوراڪ واري صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال ٻڌايو ته سنڌ جي خوراڪ کاتي جو قصو هلي ئي قرضن تي ٿو جيڪو آئون25 سالن کان ڏسندو پيو اچان. هن چيو تهآئون بنيادي طور آبادگار آهيان، مونکي تازو خوراڪ کاتي جو قلمدان مليو آهي، بارداڻو غريب آبادگارن کي ملندو ئي ناهي، سڀ وڏيرا ۽ سيٺ کڻي ويندا آهن، صوبائي وزير چيو ته جڏهن ڪڻڪ لهندي آهي ته فوڊ انسپيڪٽر اسان وزيرن جو به فون ناهن کڻندا، مون اچڻ سان ئي سيڪريٽري خوراڪ کي هدايتون ڏنيون آهن ته جيڪڏهن ڪو فوڊ انسپيڪٽر فون نه کڻندو ته اهو معطل هوندو، آئون هن کاتي کي ضرور سڌاريندس.
ڏهرڪي: فلمي سين، ڪار پٽڙين ۾ ڦاسي پئي، ٽرين ڏسي ڪار سوارن ٽپا ڏئي جان بچائي
ڏهرڪي (اعظم سهرياڻي ) ڏهرڪي ريلوي اسٽيشن ڀرسان,سانڪو روڊ جي کليل ڦاٽڪ ڪراس ڪندي ڪار ريلوي ٽريڪ جي پٽڙين ۾ ڦآسي پيئي، ڪراچي کان لاهور ويندڙ ڪراچي ايڪسپريس ٽرين پهچي ويئي ٽرين کي ويجهو ڏسي ڪار سوارن ڪار مان ٽپو ڏيئي جان بچائي، ٽرين جو ٽريڪ تي ڦاٿل ڪار ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آھي ته ڪار کي ٽڪر لڳڻ بعد ڪار سوار موقعي تان ڀڄي ويا. حادثي جو شڪار ٿيل ڪار جي ڊرائيور ميرپور ماٿيلو جي رهواسي غلام فريد شيخ والد غلام حسين کي ڏهرڪي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. پوليس موجب ڊرائيور غلام فريد شيخ ميرپور مان سواري کڻي داد لغاري ڇڏي ڏهرڪي واپس اچي رهيو هيو ته ڪار پٽڙين ۾ ڦاسي پئي، ٽرين ايندو ڏسي ڊرائيور جان بچائي آھي، پوليس جو چوڻ آھي گاڏي جو مالڪ ڳڙهي چاجر جو رهواسي علي محمد بوزدار ٻڌايو وڃي ٿو.
پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ ڪرسمس ملهايو پيو وڃي
گرجا گهرن ۾ خاص عبادت جا انتظام، امن لاءِ دعائون گهريون وينديون
مرڪزي تقريب ويٽيڪن سٽي ۾ ٿيندي، پوپ فرانسس روايتي رسم ادا ڪندو
ڪراچي (ا ڊ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري پاران حضرت عيسيٰ عليهه اسلام جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان ڪرسمس ملها يو پيو وڃي. اڄوڪي ڏينهن تي گرجا گهرن ۾ گڏيل طور خاص عبادت جا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن عبادت ۾ امن توڙي سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون آهن. مرڪزي تقريب ويٽيڪن سٽي ۾ ٿيندي، پوپ فرانسس روايتي رسم ادا ڪندو. ڪرسمس جي ڏينهن تي مسيحي برادري هڪٻئي ۾ تحفن جي ڏي وٺ ڪندي آهي، جڏهن ته مزيدار ۽ خاص کاڌا پڻ تيار ڪيا ويندا.