واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي اقتصادي صلاحڪار پيٽر نو وارو چيو آهي ته بيجنگ حڪومت “ميڊ ان چائنا 2025” نالي حڪمت عملي تحت آمريڪا، جاپان ۽ يورپي يونين جو مستقبل چورائڻ چاهي ٿي.
جاپاني اخبار کي انٽرويو ڏيندي نو وارو چيو ته چيني حڪومت عالمي واپار ۾ جيڪي طريقا استعمال ڪري رهي آهي، انهن سان آمريڪا ۽ چين جو واپاري تڪرار حل ٿيڻ جو امڪام گهٽ نظر اچي رهيو آهي.
هن چيو ته هن وقت چين هر قسم جي ٽيڪنالوجي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
چين آمريڪا، جاپان ۽ يورپي يونين جو مستقبل چورائڻ چاهي ٿو: آمريڪي صدارتي صلاحڪار
سنڌيونيورسٽي آفيسرز يونين جي چونڊ جون سرگرميون تيز
24 ڊسمبر تي رٿيل چونڊ ۾ ابراهيم ميرجت ۽ سجاد شاهه پينل ۾ مقابلو
گرلس جمنازيم هال ۾ پولنگ ٿيندي ،160 ووٽرز ووٽ جو حق استعمال ڪندا
ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيسرز ايسو سيئيشن جي چونڊن سومر 24 ڊسمبر تي ٿي رهي آهي جنهن لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن . چونڊن ۾ ابراهيم ميرجت ۽ سجاد شاه جا پينل آمهون سامهون آهن .چونڊ جي سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. آفيسرز اتحاد پينل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اميدوار ساجد قيوم ميمڻ اڳ ۾ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪو آهي جڏھن ته آفيسرز اتحاد پينل جا باقي اميدوار صدارتي اميدوار محمد ابراهيم ميرجت، نائب صدارت لاء غلام قادر سهارڻ، سيڪريٽري جنرل تي الهوڌاريو سهتو، جوائنٽ سيڪريٽري تي مير علي احمد ٽالپر، فنانس سيڪريٽري تي محمد بخش بلوچ ۽ پريس سيڪريٽري جي عهدي تي تسليم حسين مرزا بيٺل آهن .جڏهن ته ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي سيٽن تي ساجد قيوم ميمڻ جي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ محمد انور چنا، ضياء الدين پٺاڻ، ممتاز علي پنهور، عبدالغفار صبحپوٽو ۽ عتيق احمد اميدوار آهن.هوڏانهن آفيسرز فرينڊز پينل جي اميدوارن ۾ صدارتي عهدي لاء سيد سجاد حسين شاهه، نائب صدارت لاء فيصل زمان مغل، سيڪريٽري جنرل تي منظور علي پنهور، جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ ڪاشف علي ناريجو، فنانس سيڪريٽري لاء پير بخش بجير ۽ پريس سيڪريٽري لاء مھتاب احمد قبوليو اميدوار آهن، جڏهن ته ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي جي سيٽن تي غلام نبي ڪاڪا رفيق احمد بروهي، غلام شبير عباسي، نادر علي مغيري، اعجاز احمد قريشي، نديم ٻٽ، نعيم احمد ۽ دائود احمد چنڙاليڪشن وڙهي رهيا آهن.
اليڪشن يونيورسٽي جي گرلس جمنازيم هال ۾ ٿيندي جنهن ۾ ووٽن جو ڪل تعداد 160 آهي جڏهن ته لاءِ اليڪشن جو ٽائيم صبح 9 کان شام جو 3.30 رکيو ويو آهي جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمين معشوق صديقي کٽي آيل عهديدارن جي حتمي لسٽ جاري ڪندو..
”جميل سومرو سان تکو ڇو ڳالهايو“ : جيالي کي نوٽيس
جيالن جي جميل سومري سان بحث واري ويڊيو سوشل ميڊياتي وائرل ٿي
اسلام آباد(رپورٽر) اسلام آباد ۾ پيپيلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات نه ڪرائڻ تي پ پ اڳواڻ جميل سومري سان تلخ ڪلامي ڪندڙ جيالن کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ،جڏهن ته يوٿ انفارميشن سيڪريٽري فدا عباسي جي جي ميمبرشپ ئي معطل ڪئي وئي آهي . واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان جيالن بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات نه ڪرائڻ تي جميل سومري آڏو احتجاج جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ جيالا جميل سومري کي چئي رهيا هئا ته اوهان بلاول کي يرغمال بڻائي ورتو آهي ، عام ڪارڪنن کي ساڻس ملڻ نٿو ڏنو وڃي . جميل سومرو جي روڪڻ تي جيالن سخت احتجاج ڪندي چيو ته سند قائد ذوالفقار علي ڀٽو کين اها جرت ڏني آهي ته هو پنهنجي حق لاءِ آواز بلند ڪن .
ٻڌايو وڃي سنڌ جي اربين روپيه بجيٽ ڪيڏانهن پئي وڃي:حليم عادل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ 2 سالن اڳ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معذور بڻيل نينگر زاهد شاھ جي سنڌ سرڪار سار نه لَڌي، سندس گھر جو گاڏو هلڻ مشڪل ٿي ويو، معذور شاگرد جو علاج ڪرائڻ لاءِ گھر وارا سخت پريشان آهن. پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ سرجاني ٽائون پهچي شاگرد ۽ سندس وارثن سان ملاقات ڪري کين هڪ لک 20 هزار روپين جوامدادي چيڪ ڏنو. ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري ٻارڙا مري رهيا آهن اربين روپيا بجيٽ آهي،ٻڌايو وڃي ته اها ڪيڏانهن پئي وڃي؟ هن چيو ته زاهد شاهه وانگر سنڌ ۾ ڪيترائي ٻارڙا علاج نه ٿيڻ جي ڪري زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ رڳو بجيٽ ۾ هر سال اضافو آندو آهي، پر عوام کي ڪي به سهولتون نه پيون ملن.
ڪوهستان واري علائقي ۾ غيرت جي نالي تي ٻه عورتون ٻه مرد قتل
جوابدارا فائرنگ ڪري ٻن عورتن سميت چار سئوٽن کي قتل ڪيو
جوبدار فرار،سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن:ڊي آءِ جي هزاره
پشاور(م ڊ)ڪوهستان واري علائقي ۾ جوابدار ٻن عورتن سميت 4 سئوٽن کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو،نجي ٽي وي جي رپورٽ مطابق جوابدار پنهنجي ئي ٻن سئوٽ عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري بعد ۾ ٻن سئوٽ مردن کي قتل ڪيو،واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو،ڊي آءِ جي هزاره جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن،کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو.
راڻيپور ۾ گونگي ناري سان گهر ۾ گهڙي جوابدار جي زيادتي
مهراڻ ڪالوني ۾ واقعو،14 ورهين جي نينگري جا وارث گهر کان ٻاهر ويل هئا
پوليس ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو،جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا
راڻيپور )ن پ ا)راڻيپور جي مهراڻ ڪالوني ۾ نوجوان ضمير حسين پاران معصوم 14 ساله گونگي نينگري سان زيادتي ڪري ورتي،
وارثن جو نينگري جي والد محمد جمن ڊومڪي ۽ سندس ماء حاجياڻي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته جوابدار ضمير حسين ولد مريد حسين شاهاڻي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ،اسين غريب ماڻهو آھيون، ڏينهن جو ڪنهن ڪم ڪار سانگي ٻاهر نڪري ويا هئاسين گهر ۾ ڪير به موجود نه هيو صرف منهنجي 14 سالن جي نياڻي جيڪا ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم آھي گهر ۾موجود هئي، جوابدار گهر ۾داخل ٿي گهر ۾ موجود نياڻي سان زيادتي ڪئي آھي گهر ۾ موجود ننڍن ٻارن جي رڙين تي پاڙي وارا پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويو.
راڻيپور جي ايس ايڇ او صدورو لاشاري ٻڌايو ته نينگري جو ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪيو آھي ۽ نامزد ڪيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو پڻ جاري آھي.
خيرپور ۾ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي ميرواه ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

خيرپور ۾ نائين درجي جي شاگردياڻي گهرو اڻبڻت تان مير واهه ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، موقعي تي موجود شهرين واهه ۾ ٽپا ڏئي ناري کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، ناري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل. تفصيل موجب خيرپور شهر جي دل مان گذرندڙ مير واهه ڪينال ۾ خاڪي شاهه پل وٽان 15 ورهين جي ناري پروين ڌيءَ غلام اڪبر لاشاري ٽپو ڏئي زندگي جو ڏيئو اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته موقعي تي موجود شهرين ميرواهه ڪينال ۾ ٽپا ڏئي کيس ٻڏڻ کان بچائي بيهوشي جي حالت ۾ ڪينال مان ڪڍي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتي سندس ڊاڪٽرن پاران علاج ڪيو پيو وڃي ڊاڪٽرن موجب سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. ناري جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڌيءَ جو ڪپر وٽان گذرڻ دوران پير ترڪي پيو ۽ هوءَ واهه ۾ ڪري پئي، سندس ڌيءَ خودڪشي جي ڪوشش ناهي ڪئي. پوليس موجب ناري پروين نائين درجي جي شاگردياڻي آهي جنهن گهرو اڻبڻت تان خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي موقعي تي موجود شهرين بچائي ورتو.
هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي چونڊ ۾ نثار دراني گروپ ڪامياب، جگديش مولاڻي گروپ کي شڪست
فرهاد ابڙو نائب صدر، احمد عالماڻي خزانچي، ممتاز عالم لغاري اڳ ئي بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري چونڊجي چڪو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي چونڊن جا غير حتمي غير سرڪاري نتيجا اچي چڪا آهن، جنهن تحت حيدرآباد بار ۾ نثار دراني گروپ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته جگديش آر مولاڻي گروپ کي شڪست ملي وئي. هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿي. جنهن ۾ صدارت جي عهدي تي نثار احمد دراني جگديش آر مولاڻي گروپ کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي. بار جي نائب صدر جي سيٽ تي فرهاد ابڙو عبد الستار سرڪي کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿي ويو. خزانچي جي سيٽ تي احمد عالماڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته محسن رضا گوپانگ کي شڪست ملي وئي. هاءِ ڪورٽ بار جي لائبريري سيڪريٽري جي چونڊ لاءِ چئن اميدوارن ممتاز عالم لاشاري، بلاول بجير، شاهده پروين ۽ ناصر شيخ ۾ مقابلو ٿيو. مقابلي ۾ ممتاز لاشاري لائبريري سيڪريٽري طور ڪامياب ٿي ويو. صدر طور ڪامياب نثار احمد دراني 457 ووٽ کنيا جڏهن ته جگديش آر مولاڻي 153 ووٽ کڻي سگھيو. نائب صدر فرهاد ابڙو 371 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، سندس مقابلي ۾ عبدالستار سرڪي 236 ووٽ کڻي سگھيو. خزانچي لاءِ بشير احمد عالماڻي 318 ووٽ کنيا، محسن رضا گوپانگ 289 ووٽ کڻي سگھيو، جڏهن ته لائبريري سيڪريٽري لاءِ ممتاز لاشاري 222 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. بار جي چونڊ ۾ جنرل سيڪريٽري ممتاز عالم لغاري اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪو آهي.
حيدرآباد ۾ آپريشن، هڪ درجن کان وڌيڪ سائن ۽ بل بورڊز هٽايا ويا
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ انتظاميا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سائن ۽ بل بورڊز هٽائي ڇڏيا. ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد ۽ ميونسپل ڪاميٽي قاسم آباد جي اينٽي انڪروچمينٽ سيل ٿڌي سڙڪ روڊ ۽ واڌو واهه روڊ تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران روڊن جي ٻنهي پاسن کان لڳل هڪ درجن کان وڌيڪ بل بورڊ ۽ سائن بورڊ هٽايا ويا. عملدارن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آپريشن ڪيو پيو وڃي.واضح رهي ته عدالتي حڪم تي 2 هفتا اڳ به آپريشن شروع ٿيو هو، پر ڪمشنر جي مداخلت سبب ڪارروائي روڪي وئي هئي.
پنوعاقل ۾ موٽرسائيڪل کي چنگچي رڪشا جو ٽڪر، نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي فوت
موٽرسائيڪل سوار سليم سومرو ٽڪر لڳڻ سبب ڪري ٽرڪ جي هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو
چنگچي رڪشا ڊرائيور فرار،لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو
پنوعاقل (ن پ ا) قومي شاهراه تي موٽر سائيڪل کي رڪشي جو ٽڪر، نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت، لاش کي هڪ ڪلاڪ بعد موٽروي پوليس پهچي تعلقه اسپتال کڻائي پهتي، ان ڏس ۾ پنوعاقل جي ڀٽا فروٽ لڳ موٽرسائيڪل سائيڪل نوجوان سليم سومرو کي پٺيان ايندڙ چنگچي رڪشي جو ٽڪر لڳڻ سان نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو فوتي نوجوان جو لاش هڪ ڪلاڪ تائين قومي شاهراه تي پيل رهيو جنهن بعد موٽروي پوليس پهچي لاش کي تعلقه اسپتال کڻائي پهتي جتي ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جي مڙه کي وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو مڙه بائجي چوڪ پيرواه تي سندس گهر ۾ پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، چنگچي رڪشا ڊرائيور چنگجي سميت فرار ٿي ويو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينڊر ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ پنوعاقل پوليس ٽرڪ کي پنهجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
ڪوٽڙي:سڱاوتي تڪرار تان ڌريون وڙهي پيون،ٻن عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي
ڪوٽڙي (رپروٽر) ڪوٽڙي ۾ ڳوٺ علي آباد کوسه برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڳاوتي تڪرار تان جهيڙو ,عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل،ان ڏس ڪوٽڙي ويجهو ڳوٺ علي آباد ۾ کوسه برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ,جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت ٻنهي ڌرين جا 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ هڪ ڌر جا ،الله بچايو کوسو ، بخر کوسو ، پاندي کوسو ، ٽروھ کوسو ، نواب کوسو ، عورت سفوران ۽ ملوڪه کوسو زخمي ٿي پيو ،جڏهن ته ٻئي ڌر جا عبدالغفور ۽ گل محمد کوسو زخمي ٿي پيا آهن ، زخمين کي فوري تعلقه اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو آهي
هوڏانهن پوليس ڪاروائي ڪندي ٻن ڄڻن عبدالغفور ۽ گل محمد کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آھي ، زخمي الله بچايو کوسو موجب ٻنهي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جوابدارن اسان جي ڳوٺ مٿان حملو ڪري اسان جا عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ڪري وڌا آهن .
ڏوڪري: گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ھڪ ٻار فوت، 2 زخمي
ڏوڪري: معظم ۽ شيراز مڱريو زخمي، زخمين کي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو

ڏوڪري( ن پ ا) ڏوڪري باءِ پاس لڳ ڳوٺ مڱريا ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ھڪ ٻار فوت ٿي ويو، جڏھن تھ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ گھر اندر راند کيڏندڙ 12 سالن جو علي ڏنو چنو ڀت جي ھيٺان اچي دٻجي فوت ٿي ويو، معظم ۽ شيراز مڱريو زخمي ٿي پيا. فوتي ٻارڙي جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ ھڪ ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي جو ڪو بھ ڪيس داخل نھ ٿي سگھيو آھي. پوليس جو چوڻ آھي تھ اتفاقي واقعو پيش آيو آھي، فوتي ٻارڙي جي وارثن اڃا تائين ڪو بھ ڪيس داخل نھ ڪرايو آھي.
پاڻي بحران برقرار، بلوچستان کي سنڌ جي حصي مان واڌو پاڻي فراهم
تربيلا وٽ پاڻي جي سطح 1416 فوٽ رهجي وئي، سنڌو، چناب ۽ جهلم جا وهڪرا بدستور گهٽيل

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ جي ٽنهي بيراجن وٽ لاڳيتو ٻن مهينن کان پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، جيڪا اڄ وڌي مجموعي طور 28.75 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته ڪنٽرول روم سکر پاران جاري ٿيل انگن اکرن موجب ارسا جي هدايتن تي 91ع ٺاهه جي ابتڙ نومبر مهيني جي ٻي هفتي کان بلوچستان کي سنڌ جي حصي مان سکر ۽ گڊو بيراجن وٽان واڌو پاڻي ڏياريو پيو وڃي، جيڪو هاڻ وڌائي 33.55 سيڪڙو ٿي ويو آهي. سکر بيراج جي ڪنٽرول روم جي انچارج عزيز سومرو موجب پاڻي جي اها ايلوڪيشن ارسا پاران جاري ڪئي پئي وڃي. بلوچستان کي زيرو سيڪڙو کوٽ ڏبي، سنڌ جا انگ اکر غلط آهن، بلوچستان کي اڄ به 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي پيو ملي ٿو. سنڌ کي کوٽ 38 سيڪڙو کڻڻي آهي پر اهي 32 سيڪڙو کڻن پيا. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ارسا جي ترجمان خالد رانا “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرا گهٽجي وڃڻ بعد انهن مان پاڻي کڻت به گهٽائي وئي آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1416.4 فوٽ رهجي وئي آهي“ جتان کڻت 5 هزار ڪيوسڪ گهٽائي وئي آهي. منگلا ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ هزار ڪيوسڪ گهٽجي 16700 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، هيٺاهون وهڪرو 20000 مان گهٽائي 15000 ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي. گڊو بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو 26870 ۽ هيٺاهون وهڪرو 23376 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، جتي پاڻي جي کوٽ 23.25 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گڊو وٽان بلوچستان کي 1320 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جيڪو 91ع واري معاهدي کان 38.50 واڌو آهي. سکر بيراج وٽ پاڻي جو وهڪرو 18240 ريڪارڊ ڪيو ويو ، جتي پاڻي کوٽ 33.30 ٿي وئي آهي، بلوچستان کي اتان کير ٿر ڪينال وسيلي 500 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جيڪو سندن حصي کان 27.60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڪوٽڙي بيراج وٽ به پاڻي جي کوٽ 29.70 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اتي پاڻي جي فراهمي 2760 ڪيوسڪ آهي. منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1110.85فوٽ رهجي وئي آهي جتي پاڻي جي آمد رڳو 5591 ڪيوسڪ آهي، اتان کڻت 21000 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. پنجاب ۾ مرالا وٽان به رڳو 5513 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي . ڪوٽڙي ۽ پنجند وٽ هيٺاهون وهڪرو بدستور ٻڙي آهي.
اپوزيشن جي هر ڳالهه قبول پر احتساب کان پوئتي نه هٽنداسين: وزير اعظم
اسان ڪوبه ڪيس ناهي ٺاهيو، اهي سڀ ڪيس پراڻا آهن، اپوزيشن چوي ٿي ته اسان انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻايون پيا
ماضي ۾ ماڻهن پئسو ٺاهڻ لاءِ حڪومت کي استعمال ڪيو ۽ ڪرپشن بچائڻ لاءِ اسيمبلين جي اوٽ ورتي ؛ لاهور ۾ تقريب کي خطاب

لاهور(م ڊ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پارٽي ليڊر شپ کي هدايت ڪئي آهي ته اپوزيشن جي هر ڳالهه مڃي وٺو، پر اهو نٿو ٿي سگهي ته اسان احتساب کان پوئتي هٽي وڃون.
لاهور ۾ پنجاب حڪومت جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته اسيمبلي ۾ روز ڊرامو ٿي رهيو آهي، اپوزيشن چوي ٿي اسان انتقام وٺي رهيا آهيون، اسان ڪوبه ڪيس ناهي ٺاهيو، اهي سڀ پراڻي دور جا ڪيس آهن.
هن چيو ته پارٽي ليڊر شپ کي چئي ڇڏيو آهي ته اپوزيشن جي هر ڳالهه ٻڌو ۽ تسليم ڪيو، سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو، شهباز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائي ڇڏيو پر اهو ڪير به نه سوچي ته احتساب جي عمل کان پوئتي هٽي وينداسين.
وزير اعظم چيو ته ملڪي سالميت، مستقبل ۽ ايندڙ نسلن لاءِ ضروري آهي ته ڪرپشن ۽ بدعنواني جو خاتمو ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪرپشن سبب ملڪ جو مستقبل به خطري ۾ پئجي ويندو آهي، اپوزيشن اهو نه چوي ته احتساب کان پوئتي هٽي وڃو.
عمران خان وڌيڪ چيو ته 22 سال اڳ ڪرپشن خلاف ئي سياست جي ميدان تي لٿو هئس، هيءَ ماڻهو پهرين حڪومت کي پئسو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ پوءِ اسيمبلي کي ڪرپشن بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر هاڻي ائين نه ٿيندو.
هن چيو ته جڏهن ڪرپشن ٿيندي آهي ته ڀوڳڻو عوام کي پوندو آهي، جيڪڏهن بجلي، گئس مهانگي ڏينداسين ته انڊسٽري ٻين ملڪن سان مقابلو نه ڪري سگهندي، رپيو هيٺ ڪرڻ شروع ٿي ويندو ۽ ڊالر جي قيمت وڌي ويندي آهي.
هن چيو ته زمين جا 30ڪيس حل ڪرڻ ۾ 30 سال لڳي ويندا آهن، پر اسان سول پروسيجر ڪورٽس جو قانون آڻي رهيا آهيون، جنهن ذريعي هڪ سال اندر سمورن سول ڪيسن جو فيصلو ٿي ويندو.
وزير اعظم چيو ته پوليس کي سياسي بڻائڻ جو ڳرو نقصان ٿيو آهي، خاص ڪري پنجاب ۾ پوليس کي سياسي ڪرڻ جو نقصان ٿيو، سڌارا آڻي پوليس کي سياست کان پاڪ ڪنداسين.
هارين جي حوالي سان ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪوشش آهي ته ننڍين شين سان هارين جي مدد ڪجي، هارين کي مٿي آڻڻو پوندو ته جيئڻ 40 مڻ فصل ڏيندڙ زمين مان 80 مڻ تائين اُپت حاصل ڪري سگهجي.
نريندر مودي کي ٻڌائڻو آهي ته اوهان اقليتن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندا آهيو ۽ اسان ڪيئن پيش ايندا آهيون: عمران خان
اقليتن جي تحفظ جي حوالي سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڀارتي اداڪار نصير الدين شاهه جو انٽرويو پڙهي رهيو هئس ته احساس ٿيو، قائد اعظم گهڻو اڳ چيو هو هندوستان ۾ مسلمانن کي برابري جو شهري نه سمجهيو ويندو پر اسان اقليتن کي برابري جو حق ڏنو آهي.
هن چيو ته اسان ڀارت جي نريندر مودي کي پڇڻ گهرون ٿا ته اوهان پنهنجي اقليتن کي ڪهڙي ريت رکو ٿا ۽ اسان ڪهڙي ريت رکون ٿا.
امن سڀني جي مفاد ۾ آهي، دوستي جي آڇ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه
آرمي چيف ڪراچي جي نيول اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي: آءِ ايس پي آر
پاڪستان اڻکٽ قربانين سان امن حاصل ڪيو آهي، دهشتگردن جو خاتمو اڃا باقي آهي
ڪراچي( رپورٽر) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته امن سڀني جي مفاد ۾ آهي ۽ پاڪستان جي دوستي جي آڇ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪراچي جي نيول اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو.
ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان اڻکٽ قربانين کانپوءِ امن حاصل ڪيو آهي.
هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن امن جي بحالي لاءِ وڏي پئماني تي قربانيون ڏنيون آهن ۽ پنهنجا سر گهوري ملڪ ۾ امن قائم ڪرايو.
جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته جديد ٽيڪنالاجي جنگ جو انداز تبديل ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ باقي آهي.
پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستان جي نئين حڪومت ڀارت طرف به دوستي جو هٿ وڌايو آهي، ڳالهيون ئي سمورن مسئلن جو واحد حل آهن، جڏهن ته دوستي جي آڇ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.