لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ڪن ۾ ڇا چيو هو، پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ تشريح ڪري ڇڏي.
فياض الحسن چوهاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف شهباز شريف کي ڪن ۾ چيو هو ته “زرداري کان پاسو ڪريو” زرداري اڳ به اسان کي وڪرو ڪري کائي ويو هو.
هن چيو ته آصف زرداري صاحب جڏهن پاڻ ڦاسندو آهي ته کيس ن ليگ ۽ ميثاق جمهوريت ياد اچي ويندي آهي، هيءَ پنهنجن کي بچائڻ لاءِ هڪٻئي جي ويجهو ٿي رهيا آهن.
صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو ته هيءَ بليڪ ميل ڪري اين آر او گهرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ڏکڻ پنجاب صوبي جي حوالي سان ڳالهائيندي فياض الحسن چيو ته شهباز شريف سمورا اختيار هئڻ باوجود ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاهڻ لاءِ وک نه کنئي، ڏکڻ پنجاب صوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
نواز، شهباز شريف جي ڪن ۾ ڇا چيو؟فياض الحسن تشريح ڪري ڇڏي
نواز شريف شهباز کي چيو ته “زرداري کان پاسو ڪريو” هو اڳ به اسان کي وڪڻي کائي چڪو
نواز-زرداري بليڪ ميل ڪري اين آر او گهرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: پنجاب جو وزير
ليبر کاتي جا 240 ملازم ڊيپوٽيشن تي مقرر،پورهيتن لاءِ قائم اسپتالون ۽ اسڪول ويران
سوشل سيڪيورٽي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ڪامورن رپورٽ سيڪريٽري ليبر حوالي ڪري ڇڏي
ڊيپوٽيشن تي مقررين سبب ننڍن شهرن جون اسپتالون ۽ اسڪول ويران ٿي ويا آهن:سيڪريٽري جو اعتراف
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ليبر کاتي ۾ 240 ملازم غيرقانوني طور ڊيپوٽيشن تي مقرر هجڻ جو انڪشاف، سوشل سيڪيورٽي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ڪامورن رپورٽ سيڪريٽري ليبر حوالي ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري اعتراف ڪيو آهي ته کاتي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقررين سبب پورهيتن لاءِ قائم ڪيل ننڍن شهرن جون اسپتالون ۽ اسڪول ويران ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته ڪجهه ڏينهن اڳ ليبر کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي پاران کاتي ۾ اختيارين کان ڊيپوٽيشن تي مقررين جا تفصيل طلب ڪيا هئا. جنهن بعد لاڳاپيل اختيارين پاران رپورٽ سيڪريٽري حوالي ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ليبر کاتي جي ماتحت هلندڙ سوشل سيڪيورٽي ۾ 40 ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ 200 مختلف عهدن جا ملازم ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل هئا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ليبر کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 240 ملازمن کي واپس پنهنجي اصل عهدن ڏانهن اماڻيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ پاران پڻ ڊيپوٽيشن تي پابندي آهي. هن چيو ته ڊيپوٽيشن سبب نوري آباد، گھوٽڪي ۽ ٻين ننڍن شهرن ۾ پورهيتن لاءِ قائم ڪيل اسپتالون ۽ سندن ٻارڙن لاءِ هلندڙ اسڪول ويران ٿي ويا هئا.
شاهپور جهانيان ۾ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر،ٻه ڄڻا زخمي
شاهپورجهانيان(ن پ ا)شاهپورجهانيان باب جهانيان سامهون قومي شاهراھ تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ ننگرمڪان واسي 2 نوجوان شاهزيب چنا ۽ عاقب چنا سخت زخمي ٿي پيا. جن کي فوري طور سندن وارث پي ايم يو اسپتال نوابشاھ کڻائي ويا.جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿي ويو.
ڪراچي:ڪالا پل ۾ حددخلين خلاف آپريشن،رهواسين جي سخت مزاحمت،خوف ۾ دڪاندار فوت
هزارا ۽ريلوي ڪالوني ۾ آپريشن دوران دڪاندارن سخت مزاحمت ڪئي، پٿراءُ
چڪتاڻ سبب ٽرئفڪ جام،آپريشن جو ٻڌي دڪاندار کي دل جو دورو پئجي ويو،اسپتال ۾ دم ڏنو
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي )ڪراچي ۾ ڪالاپل واري علائقي جي هزارا ۽ ريلوي ڪالوني ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي ڪوشش، آپريشن عملي ۽ پوليس تي پٿراءُ سبب سبب عملو واپس روانو، ڇڪتاڻ سبب همراھ هيانءُ ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويو.
ڪالاپل ڀرسان هزارا ۽ ريلوي ڪالوني ۾ سرڪيولر ريلوي ٽريڪ تان غيرقانوني دڪان هٽائڻ لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ عملي پوليس جي مدد سان آپريشن جي ڪوشش ڪئي ته دڪاندارن سخت مزاحمت ڪندي پوليس ۽ ڪي ايم سي جي عملي تي پٿراءُ ڪري ڏنو، چڪرين سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي، هزارا ڪالوني روڊ تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون.
آپريشن جو ٻڌي هڪ دڪاندارپرويز کي دل جو دورو پيو، جنهن کي اين آءِ سي وي ڊي کڻائي ويا، جتي هن دم ڏيئي ڇڏيو. هوڏانهن مسلسل ٽن ڪلاڪن جي سخت ڇڪتاڻ بعد ايس ايس پي پيرمحمد شاهه، ايس ايس پي ريلوي شهلا قريشي ۽ ڊپٽي ڪمشنر موقعي تي پهتا، جن هزارا ڪالوني ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون.
دڪاندار اڳواڻ زيد محمد، سجاد حسين شاهه ، راشد عباسي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته رڳو هزارا ڪالوني ۾ 371 دڪان ۽ 3 هزار گھر آهن، 45 هزار جي لڳ ڀڳ آدمشاري آهي. اسان انتظاميه کي انڌاڌنڌ آپريشن ڪرڻ نه ڏينداسين، پنهنجي گھرن ۽ دڪانن کي بچائڻ لاءِ سخت مزاحمت ڪنداسين، پوءِ ڀلي اسان کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڇو نه ڪيو وڃي.
ٽنڊي الهيار جا ٻارڙا سماجي ڪمن ۾ سرگرم،ايس ايس پي سان ملاقات، سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي
ايس ايس پي ٻارڙن کي سماجي ڪمن لاءِ 50 هزار روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو
ٽنڊو الهيار(رپورٽر) ٽنڊي الهيار جا ٻارڙا سماجي ڪمن ۾ سرگرم ٿي ويا، ايس ايس پي کين مڪلم سهڪار جي خاطري ڏياري ڇڏي آهي،ان ڏس ۾ ٽنڊوالھيار جي ايس پي پي رخسار کھاوڙ سان اڄ ٽنڊوالھيار جي معصوم ٻارن ملاقات ڪري مختلف فلاحي ڪمن ۾ مدد لا درخواست ڪئي،جنهن تي ايس ايس پي 50ھزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ،ٻارن ۽ ايس ايس پي جي گفتگو پيش ڪجي ٿي
ساماري ۾ عدالتي حڪم تي ڇاپو،باندي ڄاڻايل ٻه عورتون ٻارن سميت بازياب

سامارو( رپورٽر )سامارو عدالتي حڪم تي پوليس جو ڇاپو، مڙسن پاران مائٽن وٽ باندي ڄاڻايل 2 عورتون ٻارن سميت بازياب ،سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي سامارو پوليس راھو آباد ۾ ڇاپو ھڻي مڙسن پاران مائٽن جي گھرن ۾ قيد ڄاڻايل ٻن عورتن مسمات نوازن زال شوڪت ماڇي ۽ مسمات سليمت زال منظور ۽ سندس ٻن ٻارن 7 ورهين جي ساجان 3 ورهين حنيف ماڇي کي بازياب ڪرايو آھي ،پوليس موجب عورتن جي مڙسن جي عدالت ۾ ڏنل درخواستن تي مليل حڪم موجب عورتن کي ٻارڙن سميت بازياب ڪرايو آھي ،کين سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جڏھن ته عورتن جو چوڻ آھي اسين مائٽن وٽ خوش آھيون
سي پيڪ مان ڀاڱو نه مليو!، بلوچستان اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور
اپوزيشن جو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور، سي پيڪ مان رڳو 4 سيڪڙو حصو پيو ملي: متن
بلوچستان سڪهڙي جو شڪار آهي، اعلانيل حصو ڏنو وڃي: وڏو وزير ڄام ڪمال
ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان اسيمبلي سي پيڪ رٿا ۾ حصو نه ملڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران مخالف ڌر جي ميمبرز سي پيڪ ۾ حصو نه ملڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سوڌو ٻين صوبائي ميمبرز ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر منظوري ڏئي ڇڏي. اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير ڄام ڪمال جو چوڻ هو ته سي پيڪ جي شروع ٿيڻ کان اڳ وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون، پر بريفنگ ۾ رڳو 4 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، جڏهن ته سي پيڪ ۾ بلوچستان جي ڪابه اسڪيم به شامل ناهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي عوام تي رحم ڪندي سي پيڪ ۾ گهربل حصو ڏئي.
پنگرئي ۾ خوني تڪرار جو نبيرو،پيش امام جي خون بها85 لک مقرر
ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ارباب انور جي سرپئنچي ۾ لغاري ۽ جوڻيجا برادرين ۾ تڪرار جو نبيرو ٿيو
پيش امام ممتاز لغاري جو خون جوڻيجا برادري تي ثابت،جوڻيجا برادري ميڙ وٺي تڏو به بخشرايو
پنگريو)ن پ ا)پنگريو جي دريا خان لغاري محلي ۾ باءِ پاس وٽ لغاري ۽ جوڻيجا برادرين ۾ پلاٽ جي تڪرار تان ٿيل خوني جھيڙي جو اڳوڻي گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم ٿرپارڪر ارباب انور نبيرو ڪري ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيو جنھن کانپوءِ تڏو بخشائڻ لاءِ جوڻيجا برادري جا نيڪ مرد ۽فيصلي جو ھڪ امين ارباب انور لغاري بردري وٽ لنگھي آيا جن کي مقتول پيش امام ممتاز لغاري جي وارثن عزت ڏيندي خون معاف ڪري ڇڏيو، جڏھن ته 4 سال اڳ ونگو روڊ تي دريا خان لغاري پاڙي وٽ ھڪ تڪراري پلاٽ تان جوڻيجا ۽ لغاري برادرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ھو ،جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا 10 ماڻھو زخمي ٿي پيا ھئا ۽پيش امام ممتاز لغاري جھيڙي ۾ قتل ٿي ويو ھو ، واقعي جا ٻنھي ڌرين پنگريو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايا ھئا،ٻنهي برادرين جي نيڪ مردن جي ڪوششن سان لغاري برادري ۽ جوڻيجا برادري متفق ٿي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ارباب انور کي امين مقررڪيو، جن پيش امام ممتاز لغاري جي خون جو قصاص 85 لک رپيا جوڻيجا برادري مٿان مقرر ڪيو ۽ تڪراري پلاٽ مقتول جي اولاد کي ڏيڻ ۽ھڪٻئي تي داخل ڪيسن تان ھٿ کڻڻ ۽ جوڻيجا برادري کي تڏو بخشرائڻ لاء نيڪ مردن جو ميڙ وٺي لغاري برادري وڃڻ جھڙو فيصلو ڪيو جنھن کي ٻنھي ڌرين قبول ڪيو .
ميرپور ماٿيلو:گهنٽا گهر ويجهو گهڻ ماڙ رهائشي عمارت کي باهه
شهرين پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو،فائر برگيڊ گاڏي دير سان پهتي

ميرپور ماٿيلو(رپورٽر)ميرپور ماٿيلو شھر جي گھنٽا گھر چوڪ ڀرسان واقع ھڪ گھڻ ماڙ رھائشي عمارت ۾ ڪپيل ڪمار نالي شھري جي فليٽ کي شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳي وئي, جنهن سبب گھر ۾ پيل سمورو آلھ تلھ سڙي رک ٿي ويو, فليٽ ۾ باھ لڳڻ سبب عمارت ۾ رھندڙ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ سمورا رھائشي عمارت خالي ڪري محفوظ ھنڌن تي منتقل ٿي ويا، باھ جي واقعي واري اطلاع تي شھري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا ۽ انهن پوليس ۽ رينجرز سان گڏجي ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ باھ تي ضابطو آندو, شھر جي مصروف علائقي ۾ باھ لڳڻ باوجود ميونسپل ڪميٽي جي فائر برگيڊ گاڏي ھڪ ڪلاڪ دير سان پھتي, جنهن به جڏھن باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو پاڻي وارو پائيپ ڦاٽي پيو.
ڊاڪٽر جاويد نيب جي حراست ۾ فوت ناهي ٿيو، تشدد جون خبرون ڪوڙيون آهن: نيب ترجمان
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي ڪيمپ جيل ۾ ڊاڪٽر جاويد ميان جي فوت ٿيڻ ۽ هٿڪڙيون لڳل لاش جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ قومي احتساب بيورو کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. نيب لاهور ڊاڪٽر فوت ٿيڻ واري معاملي تي وضاحت جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊاڪٽر جايد ميان ڪيمپ جيل لاهور ۾ قيد هو، سندس جڊيشل رمانڊ ورتل هو. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر جاويد جي طبيعت خراب هئڻ سبب کيس اسپتال آندو ويو، جتي دل جو دورو پوڻ سبب هن دم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب ترجمان ڊاڪٽر جي لاش کي هٿڪڙيون لڳل هئڻ واري معاملي تي موقف اختيار ڪيو ته جڏهن به ڪنهن جوابدار کي اسپتال آندو ويو آهي ته کيس هٿڪڙيون هنيون وينديون آهن. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي پڌري ٿيل هٿڪڙين واري تصوير تي مختلف ڌرين سان واڳيل ماڻهو تجزين سان گڏ نيب کان سوال به ڪري رهيا آهن. هڪ شهري سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر جي طبيعت خراب هئي ته کيس هٿڪڙيون ڇو هنيون ويون ۽ نيب ٻڌائي ته دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ دل جي مرض ۾ مبتلا قيدي جو هٿڪڙيون هڻي علاج ڪيو ويندو.
لاڙڪاڻي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻه ڌريون وڙهي پيون،لٺيون ۽ سرون لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد منور آباد ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺيون، سرون ۽ ٺونشا لڳڻ سبب هڪ ئي ڌر جا نديم علي، جمشيد ڪلهوڙو، عاطف ڪلهوڙو، حسيب، جنيد ڪلهوڙو ۽ ٻيا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ، ان موقعي تي جهيڙي ۾ زخمي ٿيلن صحافين کي ٻڌايو ته سڱاوتي تڪرار تان جوابدار شمن علي ڪلهوڙو، محمد قاسم، علي حسن، سليم ڪلهوڙو، خدا بخش ڪلهوڙو ۽ ٻين هٿياربندن اسان مٿان حملو ڪيو.
نيب حراست جي پت وائکي، ڪرپشن الزام ۾ گرفتار ڊاڪٽر فوت، لاش کي هٿڪڙيون لڳل
سرگوڌا يونيورسٽي لاهور ڪئمپس جي ڊاڪٽر ميان جاويد کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو ويو
ڊاڪٽر جيل ۾ دل بيهڻ سبب فوت، نيب عملدارن لاش کي لڳل هٿڪڙيون نھ کوليون!

سرگوڌا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۽ اداري ۾ انسانيت جي احترام جي دعويدار قومي احتساب بيورو جي پت وائکي ٿي وئي. نيب حراست ۾ هيٺ ماڻهن کي هٿڪڙيون هڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
قومي احتساب بيورو پاران ڪرپشن الزام هيٺ حراست ۾ ورتل سرگوڌا يونيورسٽي لاهور ڪئمپس جو ڊاڪٽر ميان جاويد دل جو دورو پوڻ سبب جيل ۾ ئي فوت ٿي ويو، پر نيب جي انسانيت جي احترام واري دعوائن جا پول پڌرا ڪري ويو.
دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو قانون ڪنهن به شهري کي ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ کان اڳ گرفتاري جي اجازت نٿو ڏئي، پر پاڪستان ۾ رڳو شڪ جي بنياد تي ڊاڪٽرن ۽ استادن کي ٻڌي جيل ڀيڙو ڪرڻ عام ڳالهه آهي.
لاهورجيل ۾ نيب حراست دوران فوت ٿيل ڊاڪٽر ميان جاويد جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته فوتي ڊاڪٽر جي لاش کي به هٿڪڙيون لڳل آهن..
صفائي نه هجڻ ڪري مريضن سان گڏ آيل وارث به بيمار ٿيو پون
اسپتالن جي ٻن گاڏين مان هڪ ايم ايس جي استعمال هيٺ، ٻي گم
نوابشاهه: صفاہي ء سٿراہي جو خراب انتظام ھئڻ ڪري مريض سان ايندڙ سندس خدمت گار ماہٽ چويھ ڪلاڪن جي اندر بيمار ٿي دوا وٺڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا مريضن کي وارڊن تائن پھچائڻ جي لاء چار لفٽون.آھن جن مان ٽي ڪافي عرصي کان خراب آھن جڏھن تہ بلاڪ ڊي جي ھڪڙي ھلندڙ آھي پر نہ ھلڻ جي برابر آھي، معياري ء ملٽي نيشنل ڪمپنين جون دوائون ضلعي جي آفيسرن ء با اثر ماڻھن کي ايل پي ڪري ڏنيون وينديون آھن جيڪي اسپتال مہ بہ داخل نہ ھوندا آھن اسپتال جي وارڊن جي مرمت يا رنگ ڪرڻ جو ٺيڪو بہ من پسند ماڻھن کي ڏنو ويندو آھي اسپتال مہ مريضن کي ٽراما سينٽر کان وارڊن مہ.شفٽ ڪرڻ جي لاء ٽوٽل 6 ايمبولينسون آھن جنھن مان ٻہ نہ ھلڻ جي برابر آھن جڏھن تہ 3 ايمبولينس بولان جيڪي مريضن کي کڻڻ بجاء پنھنجي بااثر ماڻھن جي مريضن کي ٻين اسپتالن لاء شفٽ ڪرڻ لاء رکيون ويون آھن جڏھن تہ وينٽي ليٽر واري ايمبولينس من پسند ء وي آئ پروٽوڪول مہ استعمال لاء رکي وئ آھي. جڏھن ته ٻه ڪارون پڻ اسپتال جون ملڪيت آھن انھن مان ھڪڙي ڪار ايم ايس جي استعمال مہ آھي جڏھن تہ ٻي ڪار جي خبر ناھي تہ ڪنھن جي استعمال ۾ آھي.
پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه ۾ اهم عهدن تي ڪلارڪ ڪم ڪرڻ لڳا، سهولتون اڻلڀ
هڪ ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ رکندڙ اسپتال جي انتظاميا ڪواليفائيڊ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ، گزيٽيڊ آفيسر ڀرتي نه ڪري سگھي
اسپتال جي بيڊز جي حالت خراب، سِرن جي ٽيڪ تي بيٺل، مريض ويهارڻ سان کي پٽ تي ڪريو پوي، مرمت جي مد ۾ آيل ڪروڙين رپيا خرچ نه ٿيا

نوابشاهه (ڊ ر) اڳوڻي صدر آصف زرداري جي شھر ۾ قائم سرڪاري اسپتال (پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي، اسپتال) نواب شاھ بي لاڀ بڻيل آهي، اسپتال ۾ ڪواليفائڊ گزيٽيڊ ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ ء پنج گزيٽيڊ آفيسر، جن ۾ ٻه اڪائونٽنٽ ٻه سپرينڊنٽ ء ھڪ ايڊمنسٽريٽر ڪواليفائيڊ ڀرتي ڪرڻ بدارن انھن جي خالي جاين تي اسپتال جي ڪلارڪن کان ڪم ورتو پيو وڃي، ھڪ ارب رپين کان وڌيڪ سالياني بجيٽ رکندڙ اسپتال بنيادي سھولتن کان محروم آھي. نئين ٺھيل ٽراما سينٽر کي اسپتال انتظاميا وارڊن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. جنھن ۾ آپريشن ٿيٽر، آهي نه ايمرجنسي ڪارڊيو . اسپتال ۾ ايندڙ مريض آءِ سي يو جي سھولتن کان به محروم آھن. ڳڻتي جوڳي حالت وارا مريض آءِ سي يو، دل جي مرض واري وارڊ ء آپريشن ٿيٽر تائين پھچڻ لاء ٽراما سينٽر کان منتقل ٿين ٿا، جنهن دوران ڪيترائي مريض دم ڌڻي حوالي ڪيو ڇڏين، اھڙيون شڪايتون اسپتال انتظاميا کي ڏنيو ويون پر ٽراما سينٽر۾ اڄ ڏينھن تائين سهولتون نه ڏئ سگھيي آهي. اسپتال ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف ميل ء في ميل ء لوئر اسٽاف کي گڏائي 2000 کان وڌيڪ ملازم ڀرتي ٿيل آھن جڏھن ته رجسٽرار ء ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرن جو انگ 300 کان وڌيڪ آھي. مختلف بيمارين لاء اسپتال ۾ چار بلاڪ قائم ڪيا ويا آھن ھر بلاڪ ٽه ماڙ آھي ء ٽوٽل چار بلاڪ آھن ء ھر بلاڪ ۾ ٽي وارڊ آھن انھن وارڊن ۾ ڪل 879 بسترا آھن. اسپتال ۾ رکيل بيڊ اھڙا آھن جو مريض کي سمھاريو وڃي ته مريض پٽ تي ڪريو پوي، ڀڳل ٽٽل بيڊ جي ھيٺان سرون رکي مريضن کي سمھاريو ويندو آھي جڏھن ته مرمت جي مد ۾ ڪروڙين روپيا اسپتال جي بجيٽ آھي پر انھن بيڊن جي مرمت نٿي ڪرائي وڃي. هوڏانهن مريضن کي ملندڙ کاڌو غير معياري ھوندو آھي جنھن ڏينھن ڪنھن صحت کاتي جي آفيسر جي آمد جو اطلاع ملندو آھي ته انھي ڏينھن مرغي مريضن کي نصيب ٿيندي آھي جڏھن ته اسپتال جي ڪچن جو خرچ روزانو لکين روپيا ۾ آھي. مريضن کي اسپتال ۾ ملندڙ دوائن جي بجيٽ ڪروڙن ۾ آھي پر مريضن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي دوائن بدران لوڪل ڪمپنين کان سستي اگھ مہ دوائون وٺي مريضن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن سال جي آخر ۾ مريضن کي اھي به.دوائون ڪونہ ٿيون ملن ايتري قدر جو انجيڪشن واري سرنج بہ مريض جا وارث بہ ٻاھران پرائويٽ ميڊيڪل اسٽورن تان خريد ڪندا آھن.
گولاڙچي مان اڳ گم ٿيل نوجوان ڀارتي جيل ۾ قيد هئڻ جو انڪشاف
روپا ولاسي ٻڌايو آهي ته گم ٿيل نوجوان ڀارت ۾ قيد آهي:نوجوان جو والد

ڪڙيو گهنور(ن پ ا)گولاڙچي مان ڇھ مھينا پھريان گم ٿيل نوجوان ڀارتي جيل ۾ اسير بنيل.ڀارتي سنڌي ڇوڪري وارثن کي اطلاع ڏنو. مليل فون نمبر تي جيل انتظاميان پڻ رابطو ڪري ورتو.گولاڙچي لڳ ڳوٺ چڀڙشاھاڻي مان ڇھ مھينا پھريان لاپتا ٿيل 21 سالن جو پوڙھو پٽ ٻانڀڻيون ڀيل جو پتو پئجي ويوآھي انهي سلسلي ۾ ٻانڀڻيون ڀيل “پنهنجي اخبار” سان رابطو ڪري ٻڌايو ته ڇھن مھينن تائين لاپتا نوجوان پٽ جي ڳولاڪئي.سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڳولا ڪئي آخر گولاڙچي ٿاڻي تي پٽ جي گمشدگي جي اين سي ڪٽرائي. ھُن ٻڌايو ته ڪجھ ڏينهن پھرين ڀارت مان روپا ولاسي نالي ڇوڪري جيڪا شوشل ورڪر آھي فون ذريعي اطلاع ڏنو ته سندس پٽ ڀارت جي صوبي گجرات جي ضلع پالن پور جي شھر ٿراڊ جي جيل ۾ آھي.ھُن ٻڌايو ته ٿراڊ جيل ۾ پوڙھي ڀيل اسان کي توھان جو نمبر ڏنو ھو. ٻانڀڻيون ڀيل ٻڌايو ته روپاواسي نالي ڇوڪري اسان کي واٽس اپ ذريعي پڻ رابطو ڪري ڀارتي جيل ۾ قيد پوڙھو جا فوٽو ۽ سندس کان مليل شناختي ڪارڊ فون نمبر فون جون سمون ۽ ٻيو سامان پڻ ڏيکاريو. ھن ٻڌايو ته ڀارتي جيل حڪام سان پڻ ڳالھ ٻولھ روپاولاسي ۽ جيل ۾ قيد نرسي ٺاڪر نالي جي معرفت ٿي آھي. جيڪو ھن وقت آزاد ٿي ويو آھي جنهن ڀارت مان رابطو ڪري پنهجي آزادي جي خبر به ڏني ۽ پوڙھو ڀيل جي آزادي لاء مدد جي خاطري پڻ ڪرائي آھي.ٻانڀڻيون ڀيل موجب ته نرسي ٺاڪر ۽ روپا ولاسي ڀارتي جيل عملدران سان رابطو ڪرايو ويو جنهن ۾ ھو کيس رستو ڀٽڪي اچڻ جي ڪيس ۾ چالان ڪري جيل موڪلڻ جي تصديق ڪن ٿا. روپاولاسي جيڪو ڀارت جي شھر ٿراڊ جو شوشل ماڻھون آھي جنهن جي معرفت ھنن جو رابطو ٿيو آھي.ٻانڀڻيون ڀيل اقليت جي وفاقي وزير ۽صوبائي وزير ۽ انصار برني کي اپيل ڪندي چيو ته رستو ڀٽڪي سرحد پار ڪري ويل نوجوان پٽ کي آزاد ڪرائيڻ ۾ مدد ڪن