لاهور ( اسپورٽس ڊيسڪ )پاڪستان هالي فيڊريشن پاران ايندڙ سال رٿيل پاڪستان سپر هاڪي ليگ ملتوي ڪئي وئي آهي. هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر مشهور ڪرائڻ لاءِ فيڊريشن طرفان پي ايڇ ايس ايل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو پر پر هاڻ ان منصوبي کي ملتوي ڪيو ويو آهي، هاڪي ليگ 12 کان 19جنوري تائين رٿيل هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فنڊ نه هئڻ ڪري ليگ ڪرائڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. پي ايڇ ايس ايل هاڻ لاهور ۾ مارچ ۾ ٿي سگهي ٿي پر ان حوالي سان حتمي تاريخ اڃان تائين ناهي آئي، ياد رهي ته 12 پرڏيهي رانديگرن پي ايڇ ايف کي ايونٽ ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي هئي.
مالي بحران سبب پاڪستان هاڪي سپر ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي
ايندڙ سال 12 کان 19جنوري تائين ليگ ٿيڻي هئي، نئين تاريخ جو اعلان نه ٿيو
ليگ ۾ پرڏيهي رانديگرن شموليت جو يقين ڏيارڻ باوجود سپر ليگ جتي تاريخ تبديل
سيبسٽين گروسجين فرانس ڊيوس ڪپ ٽيم جو ڪپتان مقرر

پيرس (اسپورٽس ڊيسڪ) اڳوڻو فرانسيسي رانديگر سيبسٽين گروسجين ٻن سالن لاءِ فرانس ڊيوس ڪپ ٽيم جو ڪپتان مقرر ٿي ويو.
40 ورهين جو فرانسيسي رانديگر کي ڪيريئر دوران 4 اي ٽي پي ٽائٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ هن 2010 ۾ عالمي ٽينس تان رٽائرمينٽ ورتي هئي. گروسجين پنهنجي بيان ۾ چيو ته قومي ڊيوس ڪپ ٽيم جو ڪپتان مقرر ٿيڻ مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته آئون هر چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهيان.
گروسجين 2001 ۾ ڊيوس ڪپ فاتح ٽيم جو حصو هو.
چيف جسٽس ڪرپشن فري پاڪستان سائيڪل ڊوڙ عرفان بلوچ کٽي ورتي
ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) چيف جسٽس ڪرپشن فري پاڪستان سائيڪل ڊوڙ عرفان بلوچ کٽي ورتي.
16 ڪلوميٽر ڊگهي سائيڪل ڊوڙ ۾ ذوهيب ٻئين ۽ اشعر بلوچ ٽئين پوزيشن ماڻي. ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس وٽان خاص مهمان عابد علي ايڊووڪيٽ مقابلي جو افتتاح ڪيو.
سنڌ سائيڪلنگ ايسوسي ايشن جي چيئرمين ۽ مقابي جي خاص مهمان عابد علي ايڊووڪيٽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس کان مقابلي جي شروعات ڪرائي.
ٽيم ڪراچي ايڪسپريس جي عرفان بلوچ 21 منٽ 30 سڪينڊن ۾ مقابلو کٽيو. ذوهيب بلوچ 3 سڪينڊ جي فرق سان ٻين پوزيشن ماڻي، جڏهن ته ٽيم ملير ٽائيگر جي اشعر بلوچ 5 سيڪنڊن جي فرق سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.
بي بي ايل: سڊني ٿنڊر سڪسرز کي 21 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي
سڊني سڪسرز 170 رنسن جي جواب ۾ 149 رنسون ٺاهي هٿيار ڦٽا ڪيا، جوز بٽلر کي 65 رنسون جوڙڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو
سڊني (اسپورٽس ڊيسڪ) بگ بيش ليگ ۾ شاندار مقابلا جاري آهن، سڊني ٿنڊر سڊني سڪسرز کي 21 رنسن هارائي ڪاميابي ماڻي. سڊني جي شوگرائونڊ اسٽيڊيم تي کيڏيل ميچ ۾ سڊني سڪسرز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
اوپنر بيٽسمين 63 رنسن جي مدد سان سنڊني ٿنڊر مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهيون. ٻين بيٽسمينن ۾ سيمز 28، فرگوسن 23 ۽ ڪپتان شين واٽسن 19 رنسون ٺاهيون. سڊني سڪسرز جي بالرن ڪوران 3 ، ڪيفي 2، ايبٽ ۽ ورشوئس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
170 رنسن جي هدف پويان لڳندي سڊني سڪسرز مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهي هٿيار ڦٽا ڪيا. ڪوران 62، سين ايبٽ 35، هينري ڪس 15 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. سڊني ٿنڊر طرفان بهترين بالنگ ڪندي سيمز ۽ فواد احمد 3-3 شڪار ڪيا، جڏهن ته ڪُڪ، گرين ۽ رين برڊ هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ بٽلر کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
نوشهري فيروز ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ مقابلا جاري، يونس ٽيم ميچ کٽي ورتي

يوسف قاضي 85 ۽ ڪامران 45 رنسون ٺاهيون، يوسف ميچ جو بهترين رانديگر قرار
نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهري فيروز ۾ سيد مٺل شاهه ميموريل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا جاري آهن. يونس ڪرڪيٽ ڪلب 94 رنسن تان مهراڻ ڪرڪيٽ کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ڊگري ڪاليج جي ميدان تي جاري ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ مهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم ٽاس فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. دعوت ملڻ تي بيٽنگ ڪندي يونس ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي220 رنسون ٺاھيون. يوسف قاضي 48 بالن تي 85 رنسون ۽ ڪامران 22 بالن تي 45 رنسون ٺاھي نمايان رھيا.
220 رنسن جي جواب ۾ مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 16 اوورن ۾ 106 رنسن تي ڍير ٿي وئي. يونس ڪرڪيٽ ٽيم جي آصف 4 شڪار ڪيا، جڏهن ته احمد سراج ۽ ڪامران 2-2 وڪيٽون ورتيون.
يونس ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين يوسف قاضي کي 85 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ڪوٽڙي ۾ آل پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ شروع ٿي وئي
افتتاحي ميچن ۾ پنجاب 8 رنسن تان سنڌ ۽ بلوچستان ڪي پي کي32 رنسن تان شڪست ڏني, اسپيشل رانديگرن جا مسئلا حل ڪري ڪرڪيٽ ميدانن تان قبضا ختم ڪرائينداسين: ڪمشنر حيدرآباد

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ شروع ٿي وئي، پهرين ڏينهن ٿيل ٻن ميچن ۾ پنجاب سنڌ ۽ بلوچستان ڪي پي کي شڪست ڏني.
پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ شروع ٿيل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ ۾ سنڌ ٽيم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
پنجاب ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون ٺاهيون، بيٽسمين نثار علي 70 ۽ محسن خان 65 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ سنڌ ٽيم مقرر اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 204 رنسون ٺاهي سگهي. ميچ کٽڻ بعد پنجاب ٽيم جي رانديگرن خوشي ۾ جهمريون پڻ هنيون.
ٻي ميچ ۾ بلوچستان ٽيم ڪي پي کي 32 رنسن تان شڪست ڏئي ميچ پنهنجي نالي ڪئي. بلوچستان ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي بلوچستان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسون ٺاهيون، بيٽسمين اڪرم شاندار بيٽنگ ڪندي 130 ۽وقاص علي 36 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ ڪي پي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهي سگهي، ڪي پي جي بيٽسمين ايوب خان 35 ۽ معين علي 41رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.
هوڏانهن افتتاحي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ڪمشنر حيدرآباد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر حيدرآباد چيو ته اسپيشل نوجوانن لاءِ راندين جا موقعا ٿيڻ تمام بهتر عمل آھي، حيدرآباد ڊويزن جي اسپيشل رانديگرن جي نوڪري وارو مسئلو به حل ڪنداسين. هن چيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ جيڪڏهن ڪرڪيٽ ميدانن تي قبضا آھن ته رهواسي شڪايت ڪن ته جيئين اسان قبضا ختم ڪرائي سگهون.
آسٽريليا پاڪستان دورو پي ايس فائنل سان مشروط ڪري ڇڏيو
آسٽريلوي سڪيورٽي ٽيم پي ايس فائنل جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي، رپورٽ تحت ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان دوري بابت معاملا طئي ڪندي

سڊني (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا پاڪستان دورو پي ايس ايل جي لاهور ۽ ڪراچي جي ميچن سان مشروط ڪري تجويز ڪيل شيڊول ۾ به ترميم ڪري ڇڏي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سڪيورٽي ٽيم ۽ 3 عملدار مارچ جي پهرين هفتي ۾ پي سي بي جي مهمان بڻجندا، جيڪي 17 مارچ تي پي ايس ايل فائنل سميت سموري سڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيندا.
ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ حڪومت ان رپورٽ جي روشني ۾ سمورا معاملا طئي ڪندا.
ڪرڪيٽ آسٽريليا اختيارين پاڪستان ٽيم اماڻڻ جو اشارو ڏنو پر اڃا تائين قطعي فيصلو ڪرڻ کان اڳ سڪيورتي صورتحال جي تسلي ۽ وقت وٺڻ چاهين ٿيون، جنهن سبب ميچن جو شيڊول به تبديل ڪيو پيو وڃي.
سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪپتاني تان نه هٽائڻ گهرجي: ڊيوڊ واٽمور
ٽنهي طرز جي ڪرڪيٽ ۾ تسلسل آڻڻ جي ضرورت آهي، سرفراز ٺيڪ آهي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ ڊيوڊ واٽمور چيو آهي ته سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪپتاني تان نه هٽائڻ گهرجي. هڪ انٽرويو ۾هن پي سي بي ۽ سليڪشن ڪميٽي کي مشورو ڏنو ته ٽنهي طرز جي ڪرڪيٽ ۾ تسلسل آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ سرفراز احمد قيات لاءِ مناسب آهي.
ڊيوڊ واٽمور جو چوڻ هو ته اهو چوڻ سولو آهي ته ڪپتان تبديل ڪري ڇڏيو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، پر هن وقت صورتحال اها آهي ته سرفراز احمد پاڪستاني ٽيم جي ڪامياب ڪپتان آهي ۽ مڪي آرٿر به ائين ئي سمجهي ٿو، ان ڪري ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي.
آمريڪا ۾ريفري ميچ روڪرائي ريسلر جا وار ڪتري ڇڏيا
سوشل ميڊيا تي وار ڪترڻ واري وڊيو وائرل، صارفين ۽ ماهرن فيصلو رد ڪيو
نيو جرسي (اسپورٽس ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ريفري ميچ روڪرائي ريسلر جا وڏا ڪٽرائي ڇڏيا. نيو جرسي ۾ اسڪول سطح تي ٿيندڙ ريسلنگ مقابلن ۾ ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي جڏهن ميچ ريفري ڪلهن تائين لٽڪيل وڏن وارن واري رانديگر کي وار ڪٽڻ بنا ميچ جاري رکڻ کان روڪي ڇڏيو. ريسلر جي وار ڪترن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
نوجوان ريلسر اينڊريو جانسن جي ڪوچ ميچ ريفري جي فيصلي تي احتجاج ڪندي معاملو ٺاهڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر ريفري چيو ته وار ڪتريا ويندا يا ميچ اڌ ۾ ڇڏي ناڪ آئوٽ لاءِ تيار ٿي وڃو، جنهن تي ڪوچ مجبور ٿي ريسلر جا وار ڪتري ڇڏيا.
پريالوءِ ۾ “دلڙي ي چوي اسڪول وڃان” جي نالي سان ثقافتي پروگرام
پروگرام ۾ ٻارڙن تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽيبلوز پيش ڪيا
پريالوءِ (رپوٽر ) پريالوءِ ۾ “ دلڙي چوي اسڪول وڃان” جي عنوان هيٺ هڪ ثقافتي پروگرام پريالوءِ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿي گذريو، جنهن دوران ٻارڙن ٽيبلوزپيش ڪري پنهنجي والدين سان گڏ پروگرام جي مهمان خاص ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه سميت ٻين کان خوب داد حاصل ڪيو. پروگرام ۾ سنڌ جي ثقافت واري راند ملهه ملاکڙي جا مقابلا پڻ ٿيا، جنهن ۾ سنڌ جي مشهورملهه پهلوانن محمد خان ڦل، اويس گھانگرو ، ديدارجمالي سميت ٻين حصوورتو. ملاکڙي ۾ پهلوانن پنهنجي زورآزمائي ڪندي هڪٻئي کي دسي مٽي سان رنگي ڇڏيو. ثقافتي پروگرام جي مهمان خاص ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه ملهه جي پهلوانن کي انعام پڻ ڏنا، جڏهن ته ثقافي پروگرام منقعد ڪرائڻ ۾ حسين مهر، وڏيرو معشوق علي ڌاريجو، راڻو خان ڦلپوٽو، گلشير مهر ڪردار ادا ڪيو.
شهدادڪوٽ ۾ يونائٽيڊ ٽيم الحسيني کي 59 رنسن تان هارائي ڇڏيو

شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) شهداد ڪوٽ ۾ مرحوم عبدالرزاق جي ياد ۾ ڪرايل ميچ ۾ يونائٽيڊ ڪرڪيٽ ٽيم الحسيني ڪرڪيٽ ٽيم کي 59 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
شهدادڪوٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ يونائيٽيڊ ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 202 رنسون ٺاھيون، جنهن جي جواب ۾ الحسيني ڪرڪيٽ ٽيم 143 رنسون ٺاھي آل آئوٽ ٿي وئي. احسان 55 ۽ عرفان گوپانگ 51 رنسون ٺاهيون.
ان موقعي تي خاص مهمان آزاد فورم شھدادڪوٽ جا اڳواڻ لياقت علي جوڻيجو ۽ زيب سنڌي فاتح ٽيم کي انعامي رقم ڏني.
ميچ دوران ڪامينٽيٽر جون ذميواريون جهوني ڪرڪيٽر وليم بلوچ هو، کيس به انعام طور رقم ڏني وئي.
خيرپور ڀرسان ملهه مقابلا، اويس گهانگري ميدان ماري ورتو
پريالوءِ ۾ ملهه مقابلن ۾ سنڌ جي پهلوانن مخالفن کي دسي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا، اويس گهانگهرو پهرين، محمد خان ڦل ٻئي ۽ ديدار جمالي ٽئين پوزيشن ماڻي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ملهه مقابلا ڪرايا ويا، سنڌ جي ڀلوڙ ملهه پهلوانن مخالف پهلوانن کي دسي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا. پريالوءِ جي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سماجي اڳواڻ حسين مهر پاران ڪرايل ملهه مقابلن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جي ڀلوڙ ملهه پهلوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ملهه پهلوانن سندرا ٻڌي ۽ ملهه ماري داد ماڻيو.
ملاکڙي ۾ پهلوان اويس گهانگهرو پهريون نمبر ماڻيو، محمد خان ڦل ٻئين ۽ ديدار جمالي ٽئين پوزيشن ماڻي. خاص مهمانن طور پ پ پ ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني، پ پ پ اڳواڻ اڏيل ڦلپوٽو، سينيئر وڪيل عبدالستار مهر شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي سيد جاويد علي شاهه ملاکڙي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ اويس گهانگهرو کي 20 هزار روڪ انعام ڏنو، جڏهن ته ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن ماڻيندڙ ملهه پهلوانن کي پڻ علائقي واسين وڏي انگ ۾ ملهه مارڻ تي داد ڏيڻ سان گڏ روڪ رقم طور انعام پڻ ڏنا.
ملاکڙي ۾ ٻارڙن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته سڪيورٽي لاءِ پوليس طرفان سخت انتظام پڻ ڪيا ويا هئا.
ٽي 20 رينڪنگ: بابر اعظم بدستور پهرين نمبر تي موجود

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ پاڪستاني بيٽسمين بابر اعظم 858 پوائنٽن سان پنهنجي پوزيشن برقرار رکي آهي.
آءِ سي سي پاران جاري ڪيل ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ موجب بابر اعظم پنهنجي پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، جڏهن ته فخر الزمان تنزلي بعد پنجين نمبر تي پهتو، رينڪنگ ۾ ٽئين پاڪستاني جو نمبر 28هون آهي.
بيٽنگ ۾ نيوزلينڊ جو ڪولن منرو ٻئين ۽ آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ ٽئين نمبر تي موجود آهن.
بالنگ جي شعبي ۾ شروعاتي 10 نالن ۾ پاڪستان جا ٽي بالر شامل آهن.
افغانستان جو نوجوان ليگ اسپنر راشد خان بدستور پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان جو شاداب خان ٻئين، ڀارت جو ڪلديپ ياديو ٽئين، انگلينڊ جو عادل رشيد چوٿين۽ آسٽريليا جو ايڊم زمپا پنجين نمبر تي آهن.
اهڙي ريت نيوزلينڊ جو ايش سوڍي ڇهين، بنگلاديش جو شڪيب الحسن ستين، پاڪستان جو فهيم اشرف اٺين، عماد وسيم نائين ۽ ڏکڻ آفريڪا جو عمران طاهر ڏهين نمبر تي آهن.
هوڏانهن آل رائونڊرن جي لسٽ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هي، شروعاتي 10 رانديگرن ۾ پاڪستان جو رڳو هو رانديگر ۾محمد حفيظ شامل آهي.
آسٽريليا جو گلين ميڪس ويل پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ٻئين تي بنگلاديش جو شڪيب الحسن ۽ ٽئين نمبر تي افغانستان جو محمد نبي موجود آهن.
پاڪستان جو محمد حفيظ 192 پوائنٽن سان 10هين نمبر تي آهي، جنهن بعد پاڪستان ٻيو رانديگر شعيب ملڪ 193 پوائنٽن سان 13هين نمبر تي موجود آهي.
خيرپور جي هاڪي ٽيم سکر کي هارائي ڇڏيو
دوستاڻي ميچ ۾ ينگ هاڪي ڪلب 1-2 تان ڪيئر هاڪي ڪلب کي هارايو

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ خيرپور جي ينگ هاڪي ڪلب دوستاڻي ميچ ۾ سکر هاڪي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ضلعي هاڪي ايسوسي ايشن ۽ سکر جي ڪيئر هاڪي ڪلب جي سهڪار سان خيرپور جي بخت علي ڏھوٽ اسٽيڊيم ۾ خيرپور جي ينگ هاڪي ڪلب ۽ سکر جي ڪيئر هاڪي ڪلب ۾ دوستاڻي ميچ کيڏي وئي.
ميچ ۾ سخت مقابلي بعد ينگ ھاڪي ڪلب هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان ڪيئر هاڪي ڪلب کي شڪست ڏني.
ان موقعي تي خاص مھمان سيد ذاڪر حسين زيدي، رياض علي ڏھوٽ ۽ سيڪريٽري ڪيئر ھاڪي ڪلب سکر نعمان شيخ فاتح ٽيم ۾ انعام ورهايا.
آءِ سي سي ٽي 20 ريڪنگ جاري، پاڪستان پهرين نمبر تي
پاڪستان 138 پوائنٽن سان پهرين، ڀارت ٻئين ۽ انگلينڊ ٽئين نمبر تي پهتا
دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، پاڪستان پهرين نمبر تي بدستور قائم آهي.
آءِ سي سي جي نئين جاري ڪيل رينڪنگ موجب پاڪستان 138 پوائنٽن بعد بدستور پهرين پوزيشن تي آهي. جڏهن ته ٽاپ 10 ٽيمن ۾ ڀارت 126 پوائنٽن سان ٻئين، انگلينڊ 118 پوائنٽن سان ٽئين، آسٽريليا 117 پوائنٽن سان چوٿين ۽ ڏکڻ آفريڪا 114 پوائنٽن سان پنجين نمبر آهن.
ان کانسواءِ نيوزلينڊ ڇهين، ويسٽ انڊيز ستين، افغانستان اٺين، سريلنڪا نائين ۽ بنگلاديش ڏهين نمبر تي آهي.