fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

فٽبال جي بادشاهه ميسي جو بارسلونا لاءِ نئون رڪارڊ

ميسي بارسلونا کي پنهنجي ڪيريئر ۾ 323 هين فتح ڏياري رڪارڊ جوڙيو

هڪ ميچ ۾ هيٽرڪ سان گڏ ٻن گولن ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جو رڪارڊ پڻ ميسي نالي
ليونل ميسي

بارسلونا (اسپورٽس نيوز) ارجنٽينا جو اسٽار رانديگر ۽ فٽبال جو بادشاهه رانديگر ليونل ميسي پنهنجي فٽبال ڪلب بارسلونا لاءِ نئون رڪارڊ جو ڙي ورتو آهي. فٽبال ڪلب ليوانتي خلاف ميچ ۾ بارسلونا ٻڙي جي مقابلي ۾ 5 گولن تان شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن جو سڄو ڪريڊٽ ليونل ميسي ڏانهن وڃي ٿو. ميچ ۾ بارسلونا ڪنگ گولن جي هيٽرڪ ڪندي مخالفن کي بيحال ڪري ڇڏيو، پر ڳالهه اتي ختم نه ٿي، هن ميچ ۾ ٻه وڌيڪ گول اسسٽ ڪيا، سندس مدد سان بارسلونا 5 گول ڪري ليوانتي ڪلب کي بدترين شڪست ڏني. ميسي لا ليگا جي 323 ميچ ۾ بارسلونا کي ڪاميابي ڏياري اڳوڻي فٽبال اسٽار زاوي جو 322 ميچن وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ميسي يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ سيزن ۾ 24 گول ڪرڻ يا مدد ڪرڻ جو رڪارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيو.

پاڪستان ايشين رسه ڪشي چيمپئن شپ جو ميدان ماري ورتو

ايونٽ ۾پاڪستان 2 سونا، هڪ-هڪ چاندي ۽ پتل جا ٻلا کٽي ورتا

پاڪستان پهرين، سريلنڪا ٻئين ۽ ڀارت ٽئين پوزيشن ماڻي

ڪولمبو(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ايشين رسه ڪشي چيمپئن شپ ۾ ميدان ماري ورتو، چيمپئن شپ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ڪولمبو ۾ ٿيل رسه ڪشي چيمپئن شپ جي مقابلن ۾ پاڪستان 2 سونا، هڪ-هڪ چاندي ۽ پتل جا ٻلا کٽي ورتا. ايونٽ ۾ پاڪستان پهرين، سريلنڪا ٻئين ۽ ڀارت ٽئين پوزيشن ماڻي. جڏهن ته چيمپئن شپ ۾ پاڪستان سميت 6 ملڪن مقابلن ۾ حصو ورتو، جن م مين اينڊ ويمن ڪمبائن مقابلا 600 ڪلو ڪيٽيگري ۾ ٿيا.

سنڌڙي ڀرسان پنوعاقل ٽيم والي بال ٽورنامينٽ کٽي ورتو

هڱورني ۾ مزمل ڪلب ٽنڊي الهيار جي ٿيٻا ڪلب کي هارائي اعزاز ماڻيو

ٽئين آل سنڌ شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ٽورنامينٽ ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو
سنڌڙي: فاتح ٽيم جو ڪپتان ٽرافي وٺندي

سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان پني عاقل جي ٽيم مزمل ڪلب ٽيون آل سنڌ شهيد مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شوٽنگ والي بال ٽورنامينٽ کٽي ورتو. هڱورني ۾ ٿيل ٽورنامينٽ ۾ مزمل ڪلب ٽنڊي الهيار جي ٽيم ٿيٻا ڪلب کي سخت مقابلي بعد 10-12 تان شڪست ڏئي اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. ان موقعي تي خاص  مهمان راندين جي اڳوڻي وفاقي وزير پير آفتاب شاھ جيلاني جي پٽ پير حسن شاہ، ھڱورنو ٽائون جو چيرمين ميرعلي رضا ٽالپر ۽ ٻين فاتح ٽيم کي انعام ڏنا. جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ کپري سميت مختلف شهرن جي 16 ٽيمن حصو ورتو.

 

عمران خان جهڙو مقام نٿو ماڻي سگهان: مشرفي مرتضيٰ

وزيراعظم عمران خان ۽ مشرفي مرتضيٰ

ڍاڪا (اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديش جي ون ڊي ڪپتان مشرفي مرتضيٰ چيو آهي ته هو چاهيندي به عمران خان جهڙو مقام ماڻي نٿو سگهي. بنگلاديشن جي عام چونڊن ۾ حڪمران پارٽي عوامي ليگ طرفان حصو وٺندڙ مشرفي مرتضيٰ جو پاڪستاني وزيراعظم بابت چوڻ هو ته حقيقت اها آهي ته جنهن مقام تي عمران خان پهتو آهي، اتي ماڻهو چاهيندي به نٿا پهچي سگهن، منهنجي خواهش رڳو خيراتي مدد ۽ راندين لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي آهي. هن چيو ته چونڊن واري تڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪندس.

 

پاڪستان کي ڏکڻ آفريڪا ۾ پهرين سيريز کٽڻ جوموقعو آهي:مڪي آرٿر

پاڪستاني بالنگ ڏکڻ آفريڪا کان گهڻي بهتر آهي، نوجوان بيٽسمين به سٺو کيڏين پيا

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته پاڪسستان ٽيم جي بالنگ ڏکڻ آفريقا جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر آهي، پاڪستان کي ڏکڻ آفريڪا ۾ پهرين سيريز کٽڻ جا امڪان آهن. ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي پهچڻ بعد مڪي آرٿر دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جي نوجوان بيٽنگ لائن هاڻي پاڪستان جي هوم گرائونڊ گڏيل عرب امارات کان وڌيڪ پرڏيهه ۾ بهتر بيٽنگ ڪري ٿي، ڇو ته هاڻي پاڪستاني بيٽسمين ليگ اسٽمپ تي نٿا بيهن، جڏهن ته هر بالر کي سٺي نموني منهن ڏين ٿا. مڪي آرٿر چيو ته اسان لاءِ اصل چيلنج 350 کان 400 رنسون ٺاهڻ آهي، جيڪڏهن ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين ته اسان ڪهڙي به ڪنڊيشنز ۾ 20 وڪيٽون وٺڻ جي صلاحيت رکون ٿا.

 

پرٿ ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن آسٽريليا جون ڀارت خلاف6وڪيٽن تي277رنسون

ڪپتان ٽم پين 16 ۽ پيٽر ڪمنز 11 رنسن تي ٻي ڏينهن جي راند جي شروعات ڪندا

ڀارتي رانديگر وڪيٽ وٺڻ تي خوشي ملھائيندي

پرٿ ( اسپورٽس نيوز ) آسٽريليا جي ڀارت خلاف چئن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ بيٽنگ جاري آهي، ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي آسٽريليا 6 وڪيٽن تي 277 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. آسٽريلوي ڪپتان ٽم پين پرٿ ٽيسٽ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. آسٽريليا طرفان مارڪس هيرس ۽ ايرون فنچ اننگز جي شروعات ڪئي. ٻنهي اوپنرن شاندار راند جو مظاهرو ڪندي پهرين وڪيٽ لاءِ 112 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪندي پنهنجون ففٽيون مڪمل ڪيون. آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ 112 رنسن تي ڪري جڏهن ايرون فنچ 6 چوڪن جي مدد سان 50 ٺاهي جسپريت بمرا جي ايل بي ڊبيلو ٿيو، جنهن بعد عثمان خواجه به وڏي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو ۽ 5 رنسن تي ياديو جو شڪار بڻيو. مارڪس هيرس کي 70 رنسن تي واهاري آئوٽ ڪيو. هينڊس ڪومب کي 7 رنسن تي اشانت شرما پويلين جو رستو ڏيکاريو. هڪ موقعي تي آسٽريليا جون تڪڙيون چار وڪيٽون ڪري پيون پر شان مارش ۽ ٽي ايم هيڊ جي سٺي ڀائيواري سان آسٽريليا کي سهارو مليو. هيڊ کي اشانت شرما، جڏهن ته مارش کي وهاري آئوٽ ڪيو. پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين آسٽريليا 6 وڪيٽن تي 277 رنسون ٺاهيون، ڪپتان ٽم پين 16 ۽ پيٽر ڪمنز 11 رنسن تي ٻي ڏينهن جي راند جي شروعات ڪندا.

شادي واريون چمڪندڙ نظر. دودو ٻن ديپکا پدوڪون ۽ رينڊر سنگھ آخرڪار پنهنجي شادي جي

شادي واريون چمڪندڙ نظر. دودو ٻن

ڪريو، نئين شادي واريون چمڪندڙ نظر. دودو ٻن تصويرن کي ورهايو، ڪنناڻي روايتون ۽ پهريون ڀيرو آنند ڪيج جي تقريب مان ٻيو. هونئن به ٻه ڀيرا ملڪ ڪومو ڪوم ۾ پنهنجي شادي جي شادي کان روانو ٿي ويا آهن، ماڻهن کي ننڍن ننڍن جي ڄاڻ بابت معلومات جي لاء اکين سان ڏسي رهي آهي. پدنون ۽ سنگھ جي پگهار جون تصويرون تصويرون بدترين فوٽوشيماٽ (پر مزاحيه تصوير) بعد ۾ ڀارت جي شادي ٿيل سنگ ميلن جي اسٽاڪ تصويرن تي تيزي ڪئي، نو نوى وارث سندن سوشل ميڊيا فيڊس تي سرڪاري اعلانات ڪيون آهن.

1 4 5 6