ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ محمد عباس ڪنڌ جي زخم سبب نه کيڏي سگهندو، نيوزلينڊ دوري دوران زخمي ٿيل محمد عباس فٽ نه ٿي سگهيو، سيريز ۾ شرڪت شڪي ٿي وئي
ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ کان اڳ پاڪستان ٽيم کي وڏو چڪو لڳي ويو، محمد عباس انجري سبب ميچ کان ٻاهر ٿي ويو.
ڪنڌ جي انجري سببب فاسٽ بالر محمد عباس سنچورين ٽيسٽ ۾ حصو نه وٺي سگهندو، جڏهن ته ان کان اڳ به محمد عباس ڏکڻ آفريڪا جي انوي ٽيشن اليون خلاف پريڪٽس ميچ ۾ به نظر نه آيو هو.
گذريل مهيني محمد عباس نيوزلينڊ خلاف دبئي ٽيسٽ دوران فيلڊنگ ڪندي انجري جو شڪار ٿيو هو، جنهن کيس سيريز جي ٽئين ميچ نه کيڏائي وئي هئي. سندس جاءِ تي شاهين آفريدي کي کيڏايو ويو هو.
پروٽيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر ۾ محمد عامر، شاهين آفريدي ۽ حسن علي شامل هوندا.
آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان 2016 ۾ وفاقي ۽ رياستي سطح تي ڪٽيل ٽڪيس جي رقم واپس چاهي ٿو
ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) آسي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي خبردار ڪيو آهي ته 31 ڊسمبر تائين عالمي ٽي ٽوئنٽي 2016 دوران ٽڪيس جي مد ۾ 2 ڪروڙ 30 لک ڊالر ادا نه ڪيا ته عالمي ڪپ 2023 جي ميزباني تان هٿ کڻڻو پوندو.
ڀارتي بورڊ جي اڳوڻي صدر ششانگ منوهر جي سربراهي ۾ ڪرڪيٽ کي عالمي سطح تي هلائيندڙ گورننگ باڊي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کان 2016 ۾ وفاقي ۽ رياستي سطح ٽيڪس جي مد ۾ ڪيل ڪٽوتي جي رقم واپس گهرڻ چاهي ٿي، آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪيو هو.
آءِ سي سي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رقم ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو ته هلندڙ سال جي نفعي واري حصي مان اها رقم ڪٽي ويندي.
آءِ سي سي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي اها به ڌمڪي ڏني ته رقم واپس نه ڪرڻ تي ڀارت ۾ شيڊول چيمپئنز ٽرافي 2021ع ۽ عالمي ڪپ 2023 جي ميزباني لاءِ ٻين آپشنز تي به غور ڪري سگهجي ٿو.
ڪراچي (م ڊ) پرتگال جي اسٽار لوئيس فيگو ۽ برازيلوي ڪاڪا جي پاڪستان دوري تي ويز معاملي تي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ويزا رد ناهي ٿي، پاسپورٽ واپس ٿيا هئا، ٻئي رانديگر ايندڙ مهيني پاڪستان ايندا.
هوڏانهن ايونٽ جو انتظام ڪندڙ حسن رائو جو چوڻ آهي ته ٻنهي رانديگرن کي ايندڙ مهيني پاڪستان اچڻو آهي، فيگو ۽ ڪاڪا جي پاڪستان آمد معاملي تي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن جي پاڪستان آمد سان ملڪ جو اميج بهتر ٿيندو، رانديگر جلد ايڪشن ۾ نظر ايندا.
پاڪستان 197 رنسن جو هدف چئن وڪيٽن تي ماڻي ميچ کٽي حارث سهيل 73 ۽ امام الحق 66 رنسون ٺاهي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو
بينوئي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان پريڪٽس ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا انويٽيشن اليون کي شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ جي ٽئين ڏينهن 197 رنسن جي هدف جي جواب ۾ امام الحق ۽ حارث سهيل جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان گهربل هدف 4 وڪيٽن تي حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي. بينوئي ۾ کيڏيل پريڪٽس ميچ جي ٽئين ڏينهن حارث سهيل 73 ۽ امام الحق 66 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. هوڏانهن ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان جي ٽيمن ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل پهرين ميچ 26 کان 30 ڊسمبر تائين سنچورين ۾ کيڏي ويندي.
پي سي بي رابطو ڪيو آهي، پاڪستان وڃڻ لاءِ غور ڪيون پيا: ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بهتر ٿي آهي، رانديگرن ۽ آفيشلز سان ڳالهائينداسين: ترجمان
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ بحال ڪرڻ لاءِ پي سي بي پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ان حوالي سان ايندڙ سال پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ ايندڙ سال يو اي اي ۾ پنج ون ميچن جي سيريز ٿيندي. پي سي بي ڪرڪيٽ آسٽريليا کان اپيل ڪئي آهي ته پي ايس ايل جو ڪامياب ميچون ٿين کانپوءِ آسٽريليا سڪيورٽي جو جائزو وٺي پوءِ پاڪستان اچڻ يا نه اچڻ جو فيصلو ڪري. ان حوالي سان ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڪيورٽي صورتحال بهتر ٿي آهي، پاڪستان جي دوري بابت غور ڪري رهيا آهيون پر ان حوالي سان رانديگرن توڙي آفيشلز سان رابطا جاري آهن. سندس چوڻ هو ته هو پي سي بي سان رابطي ۾ آهن ۽ دوري بابت غور ڪري رهيا آهن. آسٽريليا پاران جيڪڏهن پاڪستان جي دوري لاءِ راضي ٿي وئي ته سندس 20 سالن کانپوءِ سندس پهريون پاڪستان دورو هوندو.
چار مهينن جي پابندي کانپوءِ اوپنر عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپس لاءِ پر اميد
هلندڙ سال جولاءِ ۾ احمد شهزاد جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت آئي ته مٿس پابندي لڳي
لاهور (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد مٿان ڪرڪيٽ کيڏڻ تان پابندي جو وقت ختم ٿي ويو آهي. احمد شهزاد هلندڙ سال جولاءِ دوران ڊوپ ٽيسٽ مثبت آئي هئي، جنهنڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران مٿس پابندي مڙهي وئي هئي. احمد شهزاد وڏي عرصي کان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ناهي رهيو، ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي توڙي سندس ڪارڪردگي سبب ٽيم کان کيس ٻاهر رکيو ويو. پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ احمد شهزاد نئين جوش سان ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو امڪان آهي. امام الحق ۽ فخر زمان جي شاندار ڪارڪردگي سبب به کيس ٽيم ۾ واپسي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، انڪري احمد شهزاد کي پي ايس ايل ذريعي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو بهترين موقعو آهي.