fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*
جيڪب آباد ۾ فٽبال رانديگرن جو مظاهرو
فٽبالر سهراب کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رانديگرن مظاهرو ڪيو، شڪايت باوجود گرائونڊ مان گندو پاڻي نه ڪڍيو ويو، 4 ڏينهن کان راند بند آهي: رانديگر

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ رانديگرن پاران فٽبال گرائونڊ مان نيڪال جو پاڻي نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. فٽبالر سھراب کوسو، ڪليم الله، نذر محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رانديگرن شاهه عبدالطيف ڀٽائي فٽبال گرائونڊ مان نيڪال جو پاڻي نه ڪڍڻ خلاف مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. مظاهري دوران پي ٽي آءِ ايم پي ايم اسلم ابڙو پهچي گرائونڊ مان پاڻي نيڪالي لاءِ خاطري ڪرائي. رانديگرن جو چوڻ هو ته فٽبال گرائونڊ مان نيڪال جو پاڻي اڃان تائين ناھي ڪڍيو ويو، جنھن سبب چئن ڏينهن کان راند بند آهي. هن چيو ته شڪايت باوجود فيفا جي فٽبال گرائونڊ مان گندو پاڻي نه ڪڍڻ سبب بدبو پکڙجي وئي آهي، ضلعي انتظاميا جو رويو مذمت جوڳو آهي. رانديگرن راندين واري صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته گرائونڊ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ميونسپل انتظاميه کي حڪم جاري ڪري ته جيئن پنهنجي راند جاري رکي سگهون. مظاهري دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي اسلم ابڙو رانديگرن سان ڳالهيون ڪيون، پاڻي نيڪال لاءِ اپاءُ وٺڻ لاءِ ڊي سي عمران علي سان رابطو ڪيو، جنهن بعد اسلم ابڙو چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين شھر ۾ صفائي بدران شھرين کي ڏکيايون ڏئي رهيو آهي، فٽبالرن جي شڪايت باوجود ميونسپل عملي جو رويو ڳڻتي جوڳو آهي.

فٽبال گرائونڊ مان پاڻي نه ڪڍڻ خلاف مظاهرو

فٽبال گرائونڊ مان پاڻي نه ڪڍڻ خلاف مظاهرو

باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: ڀارت جون پهرين ڏينهن 215 رنسون
پوجارا ۽ ورات ڪوهلي آسٽريليا اڳيان ڀت بڻيل، 94 رنسن جي ڀائيواري

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ ڀارت ۾ ٽئين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن ڀارت شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڏينهن جي پڄاڻي تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 215 رنسون ٺاهي ورتيون. ميلبورن ۾ باڪسنگ ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. جيڪو صحيح ثابت ٿيو ۽ ڀارتين شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 215 رنسون ٺاهي ورتيون. ڀارت طرفان ڊيبيو ڪندڙ ميانڪ اگروال شاندار بيٽنگ ڪندي 76 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته وهاري صرف 8 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. پوجارا ميانڪ اگروال سان ڀائيواري ڪندي اسڪور کي اڳتي وڌايو. ڏينهن جي پڄاڻي تائين پوجارا 68 ۽ ورات ڪوهلي 47 رنسن تي ڪريز تي ڪينگروز اڳيان ڀت بڻيل رهيا. آسٽريليا طرفان پيٽر ڪمنز ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن ۾ چار ميچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر آهي.

ورات ڪوھلي

ورات ڪوھلي

ڪوٽڙي ۾ آل پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جا مقابلا
پنجاب 7 وڪيٽن تان سنڌ ۽ بلوچستان 9 وڪيٽن تان ڪي پي کي مات ڏني، بلوچستان جي بدر سنچري ٺاهي، سنڌ جي ثناءُ الله 96 رنسون ٺاھيون

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ آل پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جا شاندار مقابلا جاري آهن، ڪي پي سنڌ ۽ بلوچستان پنجاب ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڪرايل ٽي ٽوئنٽي سپر ليگ جي ٻئين ڏينهن 2 ميچون کيڏيون ويون. پهرين ميچ ۾ سنڌ ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو، سنڌ مقرر 20 اوررن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 246 رنسون ٺاهيون، جن ۾ثناءُ الله شاندار 96 رنسون ٺاهيون،ڪي پي جي بالرن شاهزيب 2، مطيع الله هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته سنڌ ٽيم جا 3 بيٽسمين رن- آئوٽ ٿيا. جواب ۾ ڪي پي جي بيٽسمينن 3 وڪيٽن جي نقصان تي 19 اوررن ۾ 247 رنسن جو هدف ماڻي ميچ کٽي. ايوب خان 47 بالن تي 84 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مطيع الله 21بالن تي 47 رنسون اسڪور ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو. سنڌ جي بالرن ظفر اقبال 2 ۽ شفيع الله هڪ وڪيٽ ورتي. هوڏانهن ٻي ميچ ۾ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ مقابلو ٿيو. پنجاپ ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پنجاب مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 227 رنسون ٺاهيون، جن ۾ بيٽسمين رياست علي 44 بالن تي 88 ۽ ڪامران خان 34 بالن تي 54 رنسون ٺاهيون. بلوچستان جي بالرن شاهزيب 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪاشف ۽ اڪرم هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي. 2 بيٽسمين رن-آئوٽ ٿيا. جواب ۾ بلوچستان ٽيم گهربل هدف 16 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ماڻي ميچ کٽي. بلوچستان جي بيٽسمين بدر منير شاندار سنچري هڻي 120 رنسون ٺاهيون، ڪي پي ڪي جي بالر محسن هڪ وڪيٽ ورتي.

ڪرڪيٽ سپر ليگ جا شاندار مقابلا جاري

ڪرڪيٽ سپر ليگ جا شاندار مقابلا جاري

ڊيل اسٽين شان پولاڪ کان ٽيسٽ وڪيٽن جو رڪارڊ کسي ورتو
ڊيل اسٽين فخر زمان کي آئوٽ ڪندي 422 شڪار مڪمل ڪيا

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي تيز ترين بالر ڊيل اسٽين پنهنجي ملڪ طرفان سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ جوڙي ورتو آهي. ڊيل اسٽين پاڪستان خلاف باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ فخر زمان کي آئوٽ ڪندي 422 وڪيٽون پوريون ڪيون ۽ اهڙي طرح هن شان پولاڪ جي 421 وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ڊيل اسٽين 89 ٽيسٽ ميچن ۽ 162 اننگز ۾ اهو رڪارڊ پورو ڪيو. ڊيل اسٽين 2004ع ۾ انگلينڊ خلاف ڊيبيو ٽيسٽ کيڏيو هو.

نجم سيٺي ۽ شهريار خان

نجم سيٺي ۽ شهريار خان

نجم سيٺي جو شهريار خان خلاف قانوني ڪارروائي جو اشارو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي شهريار خان خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي نجم سيٺي چيو ته ڀارتي بورڊ کان هرجاڻي وارو ڪيس هارائڻ ۽ ڳري ڏنڊ تي شهريار خان مون کي ذميوار قرار ڏن، جڏهن ته سندس سمورا الزام ڪوڙ تي ٻڌل هئا. هن چيو ته ائين چوڻ بلڪل غلط نه هو ته گڏيل سيريز جي معاهدي تي عمل نه ڪرڻ سبب ڀارتي بورڊ تي ڪيس ڪرڻ جو فيصلو ذاتي طور ڪيو هو. نجم سيٺي اشارو ڏنو ته شهريار خان جي سنگين الزامن تي قانوني ڪارروائي جو حق رکان ٿو، ڀارتي بورڊ خالف آءِ سي سي ۾ ڪيس لاءِ پي سي بي گورننگ بورڊ مان منظوري ورتي وئي هئي.

انٽر ڪالجيٽ باسڪيٽ بال چيمپئن شپ ۾ ملتان کي شڪست
فائنل مقابلي ۾ بنون جي ٽيم 40-50 تان ملتان جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو, چيمپئن شپ ۾ 15 ٽيمن حصو ورتو

ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) بنون جي ٽيم ملتان کي شڪست ڏئي انٽر ڪاليجٽ باسڪيٽ بال چيمپئن شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي. تعليمي بورڊ ميدان ۾ ٿيل انٽرڪاليجٽ باسڪيٽ بال چيمپئن شپ جي فائنل مقابلي ۾ بنون ۽ ملتان جي ٽيمن سخت مقابلو ڪيو، راند جي پڄاڻي تي بنون جي ٽيم 40 جي ڀيٽ ۾ 50 پوائنٽن تان ٽائٽيل پنهنجي نالي ڪري سوڀ جو جشن ملهايو. چيمپئن شپ ۾ ڪل 15 ٽيمن حصو ورتو، جڏهن ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي ٽرافيون ۽ روڪ رقم جا انعام به ڏنا ويا.

بينڪرافٽ بال ٽيمپرنگ جي ذميواري وارنر تي مڙهي ڇڏي

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) بال ٽيمپرنگ ۾ سزا ڪاٽيندڙ آسٽريلوي اوپنر بينڪرافٽ بال خراب ڪرڻ جي سموري ذميواري ڊيوڊ وارنر تي مڙهي ڇڏي آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ پاران بال خراب ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪپتان اسٽيون سمٿ، نائب ڪپتان ڊيوڊ وارنر ۽ بينڪرافٽ مٿان هڪ هڪ سال جي پابندي لڳائي. آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽيسٽ دوران بينڪرافٽ بال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي هو پڪڙجي پيو هو. فاڪس اسپورٽس کي انٽرويو ڏيندي بينڪرافٽ جو چوڻ هو ته ڊيوڊ وانر کيس بال خراب ڪرڻ لاءِ چيو جيڪو هن ڪيو. سندس چوڻ هو ته کيس غلطي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي وئي، جنهنڪري منهنجو ڪيريئر خطري ۾ پئجي ويو.

بينڪرافٽ ۽ ڊيوڊ وارنر

بينڪرافٽ ۽ ڊيوڊ وارنر

سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪپتاني تان نه هٽائڻ گهرجي: ڊيوڊ واٽمور

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ ڊيوڊ واٽمور چيو آهي ته سرفراز احمد کي ٽيسٽ ڪپتاني تان نه هٽائڻ گهرجي. هڪ انٽرويو ۾هن پي سي بي ۽ سليڪشن ڪميٽي کي مشورو ڏنو ته ٽنهي طرز جي ڪرڪيٽ ۾ تسلسل آڻڻ جي ضرورت آهي ۽ سرفراز احمد قيات لاءِ مناسب آهي. ڊيوڊ واٽمور جو چوڻ هو ته اهو چوڻ سولو آهي ته ڪپتان تبديل ڪري ڇڏيو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، پر هن وقت صورتحال اها آهي ته سرفراز احمد پاڪستاني ٽيم جي ڪامياب ڪپتان آهي ۽ مڪي آرٿر به ائين ئي سمجهي ٿو، ان ڪري ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي.

ڊيوڊ واٽمور

ڊيوڊ واٽمور

ڪوٽڙي ۾ بلائينڊ ڪرڪيٽ سپرليگ ۾ سنڌ پهرين ميچ کٽي ورتي

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ جاري بلائنڊ ڪرڪيٽ سپرليگ ۾ سنڌ ۽ ڪي پي ميچون کٽي ورتيون. پاڪستان بلائينڊ ڪائونسل جي انتظام هيٺ جاري بلائينڊ ڪرڪيٽ سپرليگ جي ٽئين ڏينهن پنجاب پهريان بيٽنگ ڪندي 20 اورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 219 رنسون ٺاهيون، بيٽسمين نثار علي 61 ۽ رياست علي 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته ڪي پي جي بالرن مجيب الرحمان 2 وڪيٽون ورتيون ,متيع الله ,اعجاز ۽ شاهزيب هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي، هڪ رانديگر رن-آئوٽ ٿيو، جواب ۾ڪي پي ٽيم 19 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ميچ کٽي، بيٽسمين معين 70بالن تي 92 رنسون اسڪور ڪيون، ايوب خان 17 بالن تي 30 رنسون اسڪور ڪري ٽاپ اسڪورر رهيا. پنجاب جي بالرن احتشام ٽي وڪيٽون ورتيون ۽ هڪ وڪيٽ ادريس ورتي. ٻي مئچ ۾ سنڌ 8 وڪيٽن جي نقصان تي بلوچستان کي شڪست ڏني. بلوچستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ٽن وڪيٽن تي 209 رنسون ٺاهيون، بلوچستان جي بيٽسمين اسلم 35 بالن تي 62، بدر 36 بالن تي 40 ۽ شاهزيب 19 بالن تي 36 رنسون ٺاهيون. سنڌ جي بالرن صادق ۽نواز هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ سنڌ جي رانديگرن 17 اوون ۾ ٻن وڪيٽ جي نقصان تي گهربل هدف ماڻي ميچ پنهنجي نالي ڪئي. سنڌ جي بيٽسمين هارون 40 بالن تي 71، راشد 30 بالن تي 47 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. سنڌ پنهنجي ٽن مئچن مان پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي.

شهدادپور ۾ اسٽوڊنٽ ٽيم انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتي

سانگهڙ (رپورٽر) شهداد پور ۾ اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ٽيم رائل ڪرڪيٽ ٽيم کي شڪست ڏئي انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي. عبدالسلام ٿهيم اسٽيڊيم ۾ قادر جوڻيجو جي ياد ۾ ڪرايل پهرين انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ جي 30 اوورن تي ٻڌل فائنل ۾ اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ڪلب پهرين بيٽنگ ڪندي 180 رنسون ٺاهيون. رائل ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 24 اوررن ۾ 115 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ان موقعي تي خاص مهمان عبدالقادر جوڻيجو ۽ رضا وساڻ فاتح ٽيم جي ڪپتان کي ٽرافي ڏني. ميچ جو بهترين رانديگر ٽنڊو آدم جي ڪاشف پرويز کي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ رائل ڪرڪيٽ ڪلب شهدادپور جي قربان لاکو کي ڏنو ويو.

شھدادپور: اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽرافي سان گڏ گروپ فوٽو

شھدادپور: اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽرافي سان گڏ گروپ فوٽو

اسلام ڪوٽ ۾ آل سنڌ فيميل فٽبال ٽورنامينٽ ۾ شاندار مقابلا جاري
صوبائي وزير شهلا رضا افتتاح ڪيو, 12 ورهين کان گهٽ ڄمار وارين ڇوڪرين لاءِ ڪرايل ٽورنامينٽ 8 ضلعن جي ٽيمن شرڪت ڪئي

اسلام ڪوٽ (رپورٽر) ٿر فائونڊيشن جي سهڪار سان دِيا وومين فٽبال ڪلب پاران شروع ڪيل فٽبال ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جي 12 سالن کان گهٽ عمر وارين ڇوڪرين جي ٽيمن جا مقابلا جاري آهن. عورتاڻي ترقي جي صوبائي وزير اسيمبلي شهلا رضا ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو. ٽورنامينٽ ۾ ٿر فائونڊيشن پرائمري اسڪولن جي ڇوڪرين جي ٽيمن سميت سنڌ جي 8 ضلعن ڪراچي، ميرپورخاص، حيدرآباد، سکر، خيرپور ۽ حب جي ڇوڪرين جي ٽيمن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل ھمايون عزيز چيو ته ٿر تبدلي ٿيندو ۽ پاڪستان وارو نعرو سچ ثابت ٿي رهيو آهي، ٿر جهڙي علائقي ۾ اھڙي قسم جا ايونٽس ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته ٿر جا ٻار انتھائي ھوشيار ۽ محنتي آهن، ٿر جي ٻارن کي آئون فوجي جنرل ڏسڻ چاهيان ٿو. ٻي پاسي ڊي ٿرپارڪر آصف جميل شيخ چيو ته ٿر فائونڊيشن جو ڪم واکاڻ جوڳو آهي، جنهن ڏورانهين علائقي ۾ پروگرام ڪرايو. هن چيو ته ھتان جي ٻارڙين ۾ وڏو ٽيلينٽ موجود آهي، جنهن ٽيلينٽ کي اڀارڻ يقينن وڏو ڪم آھي. ان موقعي تي ٿر فائونڊيشن جي تعليم واري شعبي جي مينيجر سبين شاهه چيو ته اسان فٽبال جي 8 ئي ضلعن جي ٽيمن کي ڦڙت ڏٺو سين. هن چيو ته ٿر فائونڊيشن جو مشن رڳو تعليم ئي نه پر ٿر جي عورتن کي هر طرح سان بااختيار بڻائڻ لاءِ ٻيا موقعا پڻ فراهم ڪري رهي آهي. ٽورنامينٽ ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل ھمايون عزيز ۽ ڊي سي ٿرپارڪر آصف جميل ٻارڙن ۾ ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ ورھايا.

اسلام ڪوٽ: آل سنڌ فيميل فٽبال ٽورنامينٽ جي رانديگرياڻين جو صوبائي وزير شھلا رضا سان نڪتل گروپ فوٽو

اسلام ڪوٽ: آل سنڌ فيميل فٽبال ٽورنامينٽ جي رانديگرياڻين جو صوبائي وزير شھلا رضا سان نڪتل گروپ فوٽو

بي بي ايل : ھوبارٽ هريڪنز ميچ کٽي ورتي
هوبارٽ 155 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو, بگ بيش ليگ پوائنٽس ٽيبل تي هوبارٽ ٻئين نمبر تي اچي وئي

هوبارٽ (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا جي بگ بيش ليگ جي ستين ميچ ۾ هوبارٽ هوريڪنز ميلبورن اسٽارز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. هوبارٽ هريڪنز ميچ ۾ ٽاس کٽي ميڪس ويل جي ميلبورن اسٽارز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني، جنهن دوران ميلبورن اسٽارز پنج وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنسون ٺاهيون، گلين ميڪسويل طوفاني بيٽنگ ڪندي پنج ڇڪن جي مدد سان 45 رنسون ٺاهي نميان رهيو جڏهن ته آرشر ۽ ڊي سي شارٽ 3 ۽ 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ هوبارٽ طرفان ڪپتان ميٿيو ويڊ 52 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڊي سي شارٽ 2 وڪيٽون حاصل ڪرڻ سان گڏ 34 رنسون ٺاهيون، جنهن تي کيس ميچ جو ڀلوڙ رانديگر قرار ڏنو ويو. هوبارٽ هريڪنز ڪاميابي کانپوءِ ٽيبل پوائنٽس تي ٻئي نمبر تي اچي وئي آهي، جڏهن ته ميلبورن رينيگيڊز پهرين نمبر تي موجود آهي.

ميٿيو ويڊ شاٽ کيڏندي

ميٿيو ويڊ شاٽ کيڏندي

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم وٽ رينڪنگ بهتر ڪرڻ جو موقعو

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان شروع ٿيندي، سيريز کٽڻ جي صورت ۾ پاڪستان وٽ رينڪنگ بهتر ڪرڻ جو موقعو موجود آهي. پاڪستان ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز وائيٽ واش ڪرڻ جي صورت ۾ ڇهين نمبر تي اچي سگهي ٿي، جڏهن ته هڪ جي مقابلي ۾ ٻن ميچن تان کٽڻ جي صورت ۾ پڻ ڇهين نمبر تي اچي سگهي ٿي. ڏکڻ آفريڪا وٽ به پاڪستان کي وائيٽ واش ڪرڻ جي صورت ۾ ٻي نمبر تي اچڻ جو موقعو موجود آهي. ٻي پاسي بالر توڙي بيٽسمين پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي پوائنٽون وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا.

اڳوڻي آسٽريلوي بالر، ڪوهلي کي چيلنج ڏئي ڇڏيو

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪندي اڳوڻي آسٽريلوي بالر مچل جانسن چيو آهي ته آسٽريليا خلاف ميلبورن ٽيسٽ ۾ ڪوهلي سنچري ٺاهڻ ۾ ناڪام ويو ته کيس رٽائرمينٽ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مچل جانسن هڪ روڊ جي تصوير جاري ڪئي، جيڪا ٽيسٽ پچ جي عڪاسي ڪري رهي هئي. هوڏانهن ڀارتي صارفين ڊگهي وقت کان ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪندڙ مچل جانسن تي پڻ جوابي تنقيد ڪئي، جنهن تي جانسن ويرات ڪوهلي لاءِ وڏو چيلنج رکيو ته سنچري ٺاهي يا رٽائرمينٽ ڏئي.

ڇور ڀرسان سورهيه بادشاهه ٽيپ بال ٽورنامينٽ

ڇور(ن پ ا) ڇور ڀرسان سورهيه بادشاه ه ڪرڪيٽ ٽيم دستگير ڪلب کي هارائي ٽيپ بال ٽورنامينٽ کٽي ورتي. ڳوٺ نوھيون ۾ مست ميرل فقير جي ياد ۾ڪرايل ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل مقابلي ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي ڳيريلي جي ٽيم دستگير ڪلب مقرر 10 اوورن ۾ 65 رنسون ٺاهيون. جواب ۾نوهيون جي ٽيم سورهيه بادشاهه گهربل هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪئي. ان موقعي تي خاص مهمان استاد يوسف ۽ ٻين فاتح ٽيم جي ڪپتان اشرف نهڙي کي ٽرافي ۽ ٻين رانديگرن ۾ انعام ورهايا.

فاتح ٽيم جو ڪپتان ٽرافي وصول ڪندي

فاتح ٽيم جو ڪپتان ٽرافي وصول ڪندي