fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*
ڪوٽڙي ۾ آل پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ شروع ٿي وئي
افتتاحي ميچن ۾ پنجاب 8 رنسن تان سنڌ ۽ بلوچستان ڪي پي کي32 رنسن تان شڪست ڏني, اسپيشل رانديگرن جا مسئلا حل ڪري ڪرڪيٽ ميدانن تان قبضا ختم ڪرائينداسين: ڪمشنر حيدرآباد

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ شروع ٿي وئي، پهرين ڏينهن ٿيل ٻن ميچن ۾ پنجاب سنڌ ۽ بلوچستان ڪي پي کي شڪست ڏني. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ شروع ٿيل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ ۾ سنڌ ٽيم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. پنجاب ٽيم 4 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون ٺاهيون، بيٽسمين نثار علي 70 ۽ محسن خان 65 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ سنڌ ٽيم مقرر اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 204 رنسون ٺاهي سگهي. ميچ کٽڻ بعد پنجاب ٽيم جي رانديگرن خوشي ۾ جهمريون پڻ هنيون. ٻي ميچ ۾ بلوچستان ٽيم ڪي پي کي 32 رنسن تان شڪست ڏئي ميچ پنهنجي نالي ڪئي. بلوچستان ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي بلوچستان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسون ٺاهيون، بيٽسمين اڪرم شاندار بيٽنگ ڪندي 130 ۽وقاص علي 36 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ ڪي پي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهي سگهي، ڪي پي جي بيٽسمين ايوب خان 35 ۽ معين علي 41رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. هوڏانهن افتتاحي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ڪمشنر حيدرآباد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر حيدرآباد چيو ته اسپيشل نوجوانن لاءِ راندين جا موقعا ٿيڻ تمام بهتر عمل آھي، حيدرآباد ڊويزن جي اسپيشل رانديگرن جي نوڪري وارو مسئلو به حل ڪنداسين. هن چيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ جيڪڏهن ڪرڪيٽ ميدانن تي قبضا آھن ته رهواسي شڪايت ڪن ته جيئين اسان قبضا ختم ڪرائي سگهون.

ڪوٽڙي : بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جي افتتاحي تقريب

ڪوٽڙي : بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جي افتتاحي تقريب

خيرپور جي هاڪي ٽيم سکر کي هارائي ڇڏيو
دوستاڻي ميچ ۾ ينگ هاڪي ڪلب 1-2 تان ڪيئر هاڪي ڪلب کي هارايو

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ خيرپور جي ينگ هاڪي ڪلب دوستاڻي ميچ ۾ سکر هاڪي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي. ضلعي هاڪي ايسوسي ايشن ۽ سکر جي ڪيئر هاڪي ڪلب جي سهڪار سان خيرپور جي بخت علي ڏھوٽ اسٽيڊيم ۾ خيرپور جي ينگ هاڪي ڪلب ۽ سکر جي ڪيئر هاڪي ڪلب ۾ دوستاڻي ميچ کيڏي وئي. ميچ ۾ سخت مقابلي بعد ينگ ھاڪي ڪلب هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان ڪيئر هاڪي ڪلب کي شڪست ڏني. ان موقعي تي خاص مھمان سيد ذاڪر حسين زيدي، رياض علي ڏھوٽ ۽ سيڪريٽري ڪيئر ھاڪي ڪلب سکر نعمان شيخ فاتح ٽيم ۾ انعام ورهايا.

خيرپور : ھاڪي ٽيم ۾ انعام ورھايا پيا وڃن

خيرپور : ھاڪي ٽيم ۾ انعام ورھايا پيا وڃن

آسٽريليا پاڪستان دورو پي ايس فائنل سان مشروط ڪري ڇڏيو
آسٽريلوي سڪيورٽي ٽيم پي ايس فائنل جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي، رپورٽ تحت ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان دوري بابت معاملا طئي ڪندي

سڊني (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا پاڪستان دورو پي ايس ايل جي لاهور ۽ ڪراچي جي ميچن سان مشروط ڪري تجويز ڪيل شيڊول ۾ به ترميم ڪري ڇڏي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سڪيورٽي ٽيم ۽ 3 عملدار مارچ جي پهرين هفتي ۾ پي سي بي جي مهمان بڻجندا، جيڪي 17 مارچ تي پي ايس ايل فائنل سميت سموري سڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيندا. ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ حڪومت ان رپورٽ جي روشني ۾ سمورا معاملا طئي ڪندا. ڪرڪيٽ آسٽريليا اختيارين پاڪستان ٽيم اماڻڻ جو اشارو ڏنو پر اڃا تائين قطعي فيصلو ڪرڻ کان اڳ سڪيورتي صورتحال جي تسلي ۽ وقت وٺڻ چاهين ٿيون، جنهن سبب ميچن جو شيڊول به تبديل ڪيو پيو وڃي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ پي سي بي

ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ پي سي بي

شهدادپور ۾ سپرليگ جاري، عباس ۽ الحسيني ٽيمون ڪامياب
عباس اليون حيدري اليون ۽ الحسيني شهباز اليون کي شڪست ڏني، عباس اليون جي زاهد سروري ۽ الحسيني ٽيم جي احمد بروهي بهترين رانديگر جا ايوارڊ ماڻيا

شهداد پور (رپورٽر) شهدادپور ۾ مقصودو محب علي سپر ليگ ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن، کيڏيل ٻن ميچن ۾ عباس اليون ۽ حسيني اليون ٽيمن ڪاميابي ماڻي. پهرين ميچ ۾ حيدري اليون ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 10 اوورن ۾ 47 رنسون ٺاهي سگهي، جواب ۾ بيٽسمين زاهد سروري جي30 رنسن جي مدد سان عباس اليون 5 اوورن ۾ هدف ماڻي ميچ کٽي. ٻي ميچ ۾ شهباز اليون پهرين بيٽگ ڪندي پوري ٽيم 88 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي، جواب ۾بيٽسمين احمد بروهي 45 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم الحسيني کي ڪامياب ڪيو. حسيني اليون نائين اوور ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري 6 وڪيٽن تان ميچ کٽي. ٻنهي ميچن جي رانديگرن زاهد سروري ۽ احمد بروهي کي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي خاص مهمان حاجي خان رند ۽ محب علي فاتح ٽيمن جي بهترين قرار ڏنل رانديگرن ۾ ميڊل ورهايا. جڏهن ته ٽونامينٽ جون وڌيڪ ميچون خميس ڏهاڙي کيڏيون وينديون.

سيبسٽين گروسجين

سيبسٽين گروسجين

سيبسٽين گروسجين فرانس ڊيوس ڪپ ٽيم جو ڪپتان مقرر

پيرس (اسپورٽس ڊيسڪ) اڳوڻو فرانسيسي رانديگر سيبسٽين گروسجين ٻن سالن لاءِ فرانس ڊيوس ڪپ ٽيم جو ڪپتان مقرر ٿي ويو. 40 ورهين جو فرانسيسي رانديگر کي ڪيريئر دوران 4 اي ٽي پي ٽائٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ هن 2010 ۾ عالمي ٽينس تان رٽائرمينٽ ورتي هئي. گروسجين پنهنجي بيان ۾ چيو ته قومي ڊيوس ڪپ ٽيم جو ڪپتان مقرر ٿيڻ مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته آئون هر چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهيان. گروسجين 2001 ۾ ڊيوس ڪپ فاتح ٽيم جو حصو هو.

آلرائونڊر امجد جاويد رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو
امجد جاويد گڏيل عرب عمارات جي ڀلوڙ رانديگر ۽ اڳوڻو ڪپتان آهي

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) گڏيل عرب عمارات جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر امجد جاويد عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. 38 سالن جو امجد جاويد ساڄي هٿ سان فاسٽ بالنگ ڪرڻ سان گڏ بيٽنگ به ڪندو هو. هن گڏيل عرب عمارات جي 15 ون ڊي ميچن ۾ نمائندگي ڪئي، جڏهن ته 22 ٽي 20 ميچن ۾ پڻ يو اي اي طرفان کيڏيون. امجد جاويد کي وڏي عمر ۾ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو، انڪري سندس عالمي ڪرڪيٽ اندر ڪيريئر گهڻو وقت هلي نه سگهيو. امجد جاويد تيز بالنگ ڪرائڻ سان گڏ بيٽنگ به سٺي ڪندو هو، جنهنڪري هو يو اي اي جو اهم ۽ سينيئر رانديگر طور ڳڻيو ويندو هو.

ڀارت ،آسٽريليا سان باڪسنگ ڊي مقابلي لاءِ ميدان ۾ لهنديون

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ ڀارت ۾ ٽئين باڪسنگ ڊي ٽيسٽ سڀاڻي کيڏي ويندي. ميلبورن ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ڪرسمس جي مناسبت سان باڪسنگ ڊي ٽيسٽ آهي. پهرين ٽيسٽ ۾ ڀارت آسٽريليا کي شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ۾ ڪينگروز ڀارت کان بدلو ورتو هو. ڀارت ٽئين ٽيسٽ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي تبديليون ڪيون وينديون. اوپنرن مرلي وجي، ڪي ايل راهول ۽ فاسٽ بالر کي کي ٽيم مان ٻاهر ڪري آل رائونڊر رويندرا جديجا کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن هت ميانڪ اگروال پڻ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪندو. روهت شرما صحتياب ٿيڻ کانپوءِ پڻ ٽيم جو حصو بڻجي ويو آهي. آسٽريليا طرفان پيٽرهينڊزڪمب جي جڳهه تي مچل مارش کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ٽيم ۾ ورات ڪوهلي، اجنڪيا راهاني، ميانڪ اگروال، هنوما وهاري، چتيشور پوجارا، رشڀ پانٽ، رويندرا جديجا، محمد شامي، اشانت شرما ۽ جسپريت ڀمرا شامل آهن. ڪينگروز جي ٽيم ۾ ايرون فنچ، مارڪس هيرس، ڪپتان ٽم پين، عثمان خواجه، شان مارش، مچل مارش، ٽريوس هيڊ، پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، نيٿن ليون، جوش هيزل ووڊ شامل آهن.

سٽيو سمتھ ۽ورات ڪوھلي

سٽيو سمتھ ۽ورات ڪوھلي

شعيب ۽ ثانيه نيٺ پنهنجي پٽ جي پهرين تصوير جاري ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ۽ ڀاتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا وڏي انتظار بعد نيٺ پنهنجي پٽ جي تصوير جاري ڪري ڇڏي. شعيب ملڪ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي مداحن سان پٽ اذهان جي تصوير جاري ڪندي لکيو ته تيز ترين قطار ۾ زندگي جيئڻ به هڪ تفريح ٿي سگهي ٿي، هاڻي دنيا کي هيلو چوڻ جو وقت ٿي ويو آهي. شعيب ملڪ ۽ ثانيه مرزا کي هن سال 31 آڪٽوبر تي پٽ پيدا ٿيو هو، جنهن جو نالو اذهان مرزا ملڪ رکيو ويو.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل شعيب ۽ ثانيا مرزا جي پُٽ جي تصوير

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل شعيب ۽ ثانيا مرزا جي پُٽ جي تصوير

باقراڻي ۾ الشهباز ٽيم والي بال ٽورنامينٽ کٽي ورتي

باقراڻي(رپورٽر) باقراڻي ۾ شھيد شفيق احمد عباسي جي ياد ۾ ڪرايل والي بال ٽورنامينٽ الشھباز باقراڻي ٽيم کٽي ورتي. ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پراڻي گڏ ٽيم ۽ الشهباز باقراڻي ٽيم ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن بعد باقراڻي جي ٽيم مقابلو کٽي ٽورنامينٽ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. ٽورنامينٽ ۾ الشھباز ٽيم باقراڻي، پراڻي گڏ ، دولت کوکر ، ڏوڪري ۽ ٻين شهرن جي ٽيمن حصو ورتو. فائنل مقابلي بعدخاص مھمان اڳوڻي نائب ناظم آفتاب احمد عباسي ۽ حاجي ڪفايت ڪلھوڙو فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ پنج ھزار روڪ رقم انعام طور ڏني وئي، جڏهن ته ٽرافي ھارائيندڙ ٽيم کي به ٻه ھزار ۽ رنر-اپ ٽرافي ڏني وئي.

وارهه ۾ لانگ رينج رائيفل شوٽنگ مقابلو پنجاب واسي کٽي ورتو

وارهه (رپورٽر ) وارهه ۾ لانگ رينج رائيفل شوٽنگ مقابلو پنجاب واسي کٽي ورتو، جابلو علائقي ڪوٽ نواب گڙتل ۾ ٿيل لانگ رينج رائيفل شوٽنگ مقابلي ۾ عبيد ابراهيم نشاني بازي ۾ سڀني کي ماري ويو، جڏهن ته پنجاب اسيبملي جو ميمبر سردار جمال لغاري ٻي ۽ ميان رفيق ٽئين نمبر تي آيو، نواب سردار خان چانڊيو جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ مقابلي ۾ ملڪ جي مختلف شهرن کان رائيل جي نشاني بازي ۾ شوق رکندڙن حصو ورتو، جڏهن ته تقريب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، نثار کهڙو ۽ امتياز شيخ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي.

وارهه ۾ لانگ رينج رائيفل شوٽنگ ڏيک

وارهه ۾ لانگ رينج رائيفل شوٽنگ ڏيک

شهدادپور ۾ اسٽوڊنٽ ٽيم انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتي
اسٽوڊنٽ ٽيم رائل ڪلب جي ٽيم کي 65 رنسن تان هارائي اعزاز ماڻيو, ڪاشف پرويز ميچ جو بهتر رانديگر ۽ قربان لاکو ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

سانگهڙ (رپورٽر) شهداد پور ۾ اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ٽيم رائل ڪرڪيٽ ٽيم کي شڪست ڏئي انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي. عبدالسلام ٿهيم اسٽيڊيم ۾ قادر جوڻيجو جي ياد ۾ ڪرايل پهرين انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ جي 30 اوورن تي ٻڌل فائنل ۾ اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ڪلب پهرين بيٽنگ ڪندي 180 رنسون ٺاهيون. رائل ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 24 اوررن ۾ 115 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ان موقعي تي خاص مهمان عبدالقادر جوڻيجو ۽ رضا وساڻ فاتح ٽيم جي ڪپتان کي ٽرافي ڏني. ميچ جو بهترين رانديگر ٽنڊو آدم جي ڪاشف پرويز کي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ رائل ڪرڪيٽ ڪلب شهدادپور جي قربان لاکو کي ڏنو ويو.

شھدادپور: اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽرافي سان گڏ گروپ فوٽو

شھدادپور: اسٽوڊنٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽرافي سان گڏ گروپ فوٽو

بي بي ايل: ميلبورن رينيگڊس ايڊليڊ کان ميچ کٽي ورتي
ميلبورن رينيگڊس 174 رنسن جو هدف 5 وڪيٽن تي ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪرسچن 49 ۽ محمد نبي 48 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي ٽيم جي سوڀ ڏياري

ايڊليڊ (اسپورٽس ڊيسڪ) بگ بيش ليگ جا شاندار مقابلا جاري، ميلبورن رينيگڊس 5 وڪيٽن تان ايڊليڊ اسٽرائيڪرز کي هارائي ڇڏيو. ايڊليڊ اول ميدان تي بگ بيش ليگ جي 6هين ميچ ۾ ميلبورن رينيگڊس ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو. بيٽنگ جي دعوت ملڻ تي ايڊليڊ اسٽرائيڪرز پهرين کيڏندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون. بيٽسمينن ايم ڊبليو شارٽ شاندار ففٽي هڻي 65 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ويلس 42 ۽ ويٿرلينڊ 32 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. ميلبورن رينيگڊس طرفان رچرڊسن 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن محمد نبي ۽ بائس هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي. 174 رنسن جي جواب ۾ ميلبورن رينيگڊس آخري اوور جي پهرين بال تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي مليل هدف ماڻي ميچ پنهنجي نالي ڪئي. ڪرسچن 49 ۽ محمد نبي 48 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو. ٻين بيٽسمينن ۾ وائيٽ 32 ۽ هارپر 28 رنسون ٺاهيون. ايڊليڊ اسٽرائيڪرز طرفان راشد خان ۽ اسٽين ليڪ 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته والينٽي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ايڊليڊ: ميلبورن رينيگڊس جا رانديگر

ايڊليڊ: ميلبورن رينيگڊس جا رانديگر

مهندرا سنگهه ڌوني

مهندرا سنگهه ڌوني

ڀارت جو ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز لاءِ ڌار ڌار ٽيمن جو اعلان، ڌوني جي واپسي

ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا خلاف ون ڊي، نيوزلينڊ خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڌار ڌار ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڀارتي بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي جي چونڊيل اسڪواڊ ۾ اڳوڻي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني جي ٻيهر واپس ٿي، ريشب پنت کي ون ڊي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو، جڏهن ته سريش رائنه بدستور ٽيم جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو، آل رائونڊر هرديڪ پانڊيا انجري کان ڇوٽڪاري بعد ٻيهر اسڪواڊ ۾ واپسي ڪئي، فاسٽ بالر اميش ياديو ٻنهي اسڪواڊز ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو. آسٽريليا ۽ نيوزلينڊ خلاف چونڊيل ون ڊي اسڪواڊ ۾ ڪپتان ويرات ڪوهلي، نائب ڪپتان روهت شرما، لوڪيش راهول، شيکر ڌون، امباتي رائيڊو، دنيش ڪارٿڪ، ڪيدر جاديو، ڌوني، پانڊيا، ڪلديب ياديو، يزويندر، جديجا، ڀونشور ڪمار جسپريت ڀمرا، خليل احمد ۽ محمد شامي شامل آهن. نيوزلينڊ خلاف چونڊيل ٽي 20 اسڪواڊ ۾ ڪپتان ويرات ڪوهل، نائب ڪپتان روهت شرما، لوڪيش راهول، ريشب پنت، دنيش ڪارٿڪ، ڪيدر جاديو، ڌوني، هرديڪ پانڊيا، ڪرونل پانڊيا، ڪلديپ ياديو، يوزويندر اڇامل، جسپريت بمرا ۽ خليل احمد شامل آهن.

ننگرپارڪر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دلبر اليون سخت مقابلي ڪندي کٽي ورتو

ننگرپارڪر (رپورٽ فيض کوسو ) ننگرپارڪر ۾ مرحوم الهبچايو مهر ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڳوٺ سوندر ۾ ٿيو. جنهن ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي 8 بهترين ٽيمن دلبر اليون، ڪنگز اليون، شهيد غلام رحيم اليون، طوفان اليون، غوثيه اليون رامسر، غازي اليون اسلام ڪوٽ، حر مجاهد اليون، ڊينجرز اليون حصو ورتو. ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ دلبر اليون ننگرپارڪر ۽ ڪنگز اليون ننگرپارڪر جي وچ ۾ ٿيو، جيڪو انتهائي سخت مقابلي کانپوءِ دلبر اليون 5 رنسن تان پنهنجي نالي ڪيو. دلبر اليون پهريان بيٽنگ ڪندي 98 جو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ڪنگز اليون 93 اسڪور ٺاهي سگهي. ٽورنامينٽ جي ڀلوڙ رانديگر جو ايوارڊ ننگر پارڪر جي بهترين آل رائونڊر فضل حسين، بهترين بيٽسمين انظار حسين ۽ بالر جو ايوارڊ سجاد حسين حاصل ڪيو . آخر ۾ ونر ٽيم جي ڪپتان لجپت ڪولهي ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان نصرﷲ کوسو کي فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلعي ٿرپارڪر جي نائب صدر محمد خان مهر ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ڏنو.

شڪيب الحسن سعيد اجمل ۽ عمر گل جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ڍاڪا (اسپورٽس ڊيسڪ) بنگلاديش جي اسٽار آل رائونڊر شڪيب الحسن ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان گهڻيون وڪيٽون وٺندڙ دنيا جو ٽيون بالر ٿي ويو. ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فيصلائتي ميچ دوران بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي شڪيب الحسن 3 وڪيٽون ورٺي پاڪستاني بالرن سعيد اجمل ۽ عمر گل جو وڌيڪ وڪيٽن وارو رڪارڊ ٽوڙي اعزاز ماڻيو. عمر گل ۽ سعيد اجمل لڳاتار 85 وڪيٽون ورتيون هيون، جڏهن ته شڪيب الحسن جي وڪيٽن جو انگ وڌي 88 ٿي ويو. ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻيون وڪيٽون وٺڻ جو عالمي اعزاز اڳوڻي پاڪستاني آل رائونڊر شاهد آفريدي کي حاصل آهي، جنهن 98 وڪيٽون ورٺي اهو رڪارڊ جوڙيو. جڏهن ته سريلنڪن فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا 92 وڪيٽون وٺي ٻئين نمبر تي موجود آهي.

سعيد اجمل ۽ شڪيب الحسن

سعيد اجمل ۽ شڪيب الحسن