fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*
ملي سائرس هيمسورٿ سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي
ملي سائرس سوشل ميڊيا ذريعي آسٽريلوي اداڪار سان شادي جي تصديق ڪئي
ملي سائرس هيمسورٿ

ملي سائرس هيمسورٿ

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪي پاپ ڳائڻي ملي سائرس آسٽريلوي اداڪار سان شادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سوشل ميڊيا ذريعي جاري ڪيل بيان ۾ ملي سائرس پنهنجي ور سان گڏ مٺي جي تصيور شيئر ڪئي، هن شادي جي حوالي سان تصوير به شيئر ڪئي، جيڪا آچر ڏينهن ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي هلي رهيون آهن. ٻئي ڄڻا ڏهه سال اڳ “لاسٽ سانگ” فلم جي شوٽنگ دوران مليا، جنهن کانپوءِ سندن وچ ۾ لاڳاپن جون خبرون هلنديون رهيون آهن. جوڙي پاران 2012ع ۾ مڱڻي ڪئي هئي پر اها هڪ سال اندر ئي ختم ٿي وئي هئي، پر هلندڙ سال نومبر ۾ هڪڀيرو ٻيهر سندن شادي جون خبرون سامهون آيون هيون.

مٿن چڪرابورتي بيمار ٿي پيو، علاج لاءِ آمريڪا منتقل

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ماضي جي مشهور اداڪار مٿن چڪرابورتي بيمار ٿي پيو. ڀارتي ميڊيا موجب مٿن چڪرورتي کي 9 سال پراڻو چيلهه جو سور وڌڻ سبب علاج لاءِ آمريڪا منتقل ڪيو ويو آهي. سندس علاج لاس اينجلس جي اسپتال ۾ ڪرايو ويندو. جڏهن ته مٿن جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، پرکيس چيلهه ۾ تمام گهڻو سور آهي. گذريل 9 سالن کان مٿن کي چيلهه ۽ پٺي جي سور جي شڪايت هئي، ان ڪري کيس 2016 دوران اسپتال ۾ به داخل ڪرايو ويو هو.

جيڪو چيو ان تي ڪو به افسوس ناهي: نصيرالدين شاهه

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي ڀلوڙ اداڪار نصيرالدين شاهه ڀارت ۾ انتهاپسندن جي تنقيد کانپوءِ جواب ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجا لفظ واپس نه وٺندو، هن جيڪو چيو کيس ان تي ڪو به افسوس ناهي. ڪجهه ڏينهن پهريان ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي خلاف ڳالهائڻ تي نصيرالدين شاهه کي انتهاپسندن پاران تنقيد جو نشانو بڻائيندي کيس غدار قرار ڏنو ويو هو، پر سندس حمايت ۾ ڪيترائي اداڪار توڙي سياسي اڳواڻ به ميدان تي آيا. نصيرالدين شاهه چيو ته هن جيڪو چيو ان تي قائم آهي، کيس پنهنجن لفظن تي ڪو به افسوس ناهي.

نصير الدين شاھ

نصير الدين شاھ

انيل ڪپور ۽ سونم جي فلم “اڪ لڙڪي ڪو ديکها تو” جون جهلڪيون جاري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي منفرد اداڪار انيل ڪپور ۽ سندس لاڏلي ڌيءُ سونم ڪپور جي فلم اڪ لڙڪي ڪو ديکها تو” جون پهريون جهلڪيون جاري ڪيون ويون آهن. فلم ۾ انيل ڪپور هڪ فڪرمند پيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٽريلر موجب سونم ڪپور پنهنجي پيءُ کان ڪو راز لڪائي رهي آهي. فلم ۾ راجڪمار رائو پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو سونم سان پيار ڪري ٿو پر هوءَ کيس پنهنجو سچ ٻڌائي ڇڏي ٿي. فلم بولڊ موضوع تي ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ سونم ڪپور کي هم جنس پرست جي ڪردار ۾ نظر ايندي. ٽريلر جاري ٿيڻ کانپوءِ لکين ماڻهن ٽريلر کي ڏسي ورتو آهي. فلم ۾ جوهي چاولا به نظر ايندي، جڏهن ته فلم کي ايندڙ سال فيبروري ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو.

انيل ڪپور ۽ سونم ڪپور

انيل ڪپور ۽ سونم ڪپور

رنوير ۽ سارا جي فلم “سمبا” جو نئون گانو

رنوير ۽ سارا جي فلم “سمبا” جو نئون گانو

رنوير ۽ سارا جي فلم “سمبا” جو نئون گانو ريليز ٿي ويو
ميرا والا ڊانس گانو سارا علي خان ۽ رنوير تي فلمايو ويو آهي

ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارن رنوير سنگهه ۽ سارا علي خان جي نئين فلم سمبا ريليز لاءِ تيار آهي، فلم جي ريليز ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ نئون گيت جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميرا والا ڊانس نالي گاني کي نيها ڪَڪَڙ ۽ نڪاش عزيز ڳايو آهي، جڏهن ته ڪمار پاران گيت کي لکيو آهي. سمبا ۾ رنوير سنگهه هڪ ڪرپٽ پوليس آفيسر ڪو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. روهت شيٽي جي هديتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم کي 28 جمعي ڏينهن ريليز ڪيو ويندو. فلم کي ڪرن جوهر پروڊيوس ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سارا علي خان ۽ رنوير سنگهه مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

حمائمه ملڪ

حمائمه ملڪ

ڪشمير جهڙي خوبصورتي دنيا ۾ ڪٿي به ناهي: ارجن رامپال

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ارجن رامپال چيو آهي ته ڪشمير جهڙي خوبصورتي دنيا ۾ ناهي، جڏهن ته ڪشمير جهڙي جڳهه ڀارت سميت دنيا ۾ ناهي. ارجن رامپال هن وقت پنهنجي ايندڙ ويب سيريز جي شوٽنگ لاءِ ڪشمير پهتل آهي، جتي هن شوٽنگ ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي رائزنگ ڪشمير نالي ميڊيا اداري سان ڳالهائيندي ارجن رامپال چيو ته هن دنيا ۾ ڪشمير جهڙي خوبصورتي هن ڪٿي به ناهي ڏٺي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير خدا جو تحفو آهي، هتي اچي کيس احساس ٿيو آهي ته هيءَ جڳهه قدرتي آهي. ارجن رامپال چيو ته ڀارتي فلمسازن کي ڪشمير اچي فلمن جي شوٽنگ ڪرڻ گهرجي. ارجن رامپال جي ويب سيريز “ دي فائنل ڪال” جي شوٽنگ ڪشمير ۾ جاري آهي، جنهن ۾ هو هڪ ڪشميري شخص سان دوستي ڪندڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

ارجن رامپال فلم جي شوٽنگ لاءِ ڪشمير پهتل

ارجن رامپال فلم جي شوٽنگ لاءِ ڪشمير پهتل

دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۾ منهنجو ڪردار سڀني کان مضبوط آهي: حمائمه ملڪ

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ توڙي بالي ووڊ ادڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ پاڪستاني خوبصورت اداڪارا حمائمه ملڪ چيو آهي ته پاڪستان جي ايندڙ ميگا بجيٽ فلم“ دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۾ سندس سڀ کان سگهارو ڪردار آهي. سندس چوڻ هو ته فلم ۾ هوءَ شهزادي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهنڪري شوٽنگ دوران کيس هر پرفيڪٽ رهڻو هو، جڏهن ته سندس خاص ميڪپ هوندو هو، جنهن جو بلال لاشاري پڻ خيال رکندو هو. هن چيو ته فلم ۾ سندس ڪردار منفرد ۽ تمام گهڻو وڻندڙ آهي، جنهنڪري اهو ڪردار سڀني کي پسند ايندو. دي ليجنڊ آف دي مولا جٽ کي ايندڙ سال عيد الفطر جي موقعي تي ريليز ڪيو ويندو. فلم ۾ فواد خان، ماهرا خان، همزه علي عباسي ۽ حمائمه ملڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

شاهه رخ خان منهنجي پهرين محبت آهي: فاطمه ثنا شيخ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دنگل اسٽار فاطمه ثنا شيخ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته شاهه رخ خان سندس پهرين محبت هو ۽ هوءَ ننڍڙائپ ۾ سندس لاءِ روئندو هو. فاطمه ثنا شيخ چيو ته هوءَ ايترو جلدي ڪنهن کي پسند ناهي ڪندي پر شاهه رخ خان جو معاملو الڳ آهي، جڏهن پهريون ڀيرو شاهه رخ خان سان ون ٽو ڪا فور فلم ۾ ڪم ڪيو ته خبر پئي ته هو شادي شده آهي، جنهنڪري منهنجي دل ٽٽي پئي هئي ۽ تمام گهڻو رنو. هن چيو ته شاهه رخ خان سندس پهرين محبت آهي، اڄ به هو ساڻس رومانس ڪرڻ چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پهرين محبت پهرين محبت هوندي آهي. فاطمه ثنا شيخ چائلڊ اسٽار طور شاهه رخ خان سان ون ٽو ڪا فور ۾ ڪم ڪيو هو.

فاطما ثنا شيخ

فاطما ثنا شيخ

دپيڪا پڊوڪون جا انسٽاگرام تي 3 ڪروڙ مداح

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ ٻيو نمبر مشهور ڀارتي بڻجي وئي آهي. انسٽاگرام تي دپيڪا جا 3 ڪروڙ فالوئرز آهن، جڏهن ته پريانڪا چوپڙا دپيڪا کان اڃان تائين اڳتي آهي. 30 ملين فالوئرز ٿيڻ کانپوءِ دپيڪا پاران سوشل ميڊيا تي پنهنجو وڊيو به جاري ڪيو، جنهن ۾ هوءَ مون والڪنگ ڪري رهي آهي. هلندڙ سال کيس ايشيا جي پرڪشش ترين عورت جو اعزاز پڻ مليو، جڏهن ته هوءَ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ عورت اداڪارا پڻ آهي، دپيڪا ايندڙ فلم ۾ لڪشمي اگروال جو ڪردار ادا ڪندي، جنهن کي مگهنا گلزار ڊائريڪٽ ڪري رهي آهي.

ديپيڪا پڊوڪون

ديپيڪا پڊوڪون

”دي ايڪسيڊنٽل پرائم منسٽر“ ۾ ڪم نه ڪرڻ چاهيو هو: انوپم کير

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار انوپم کير چيو آهي ته فلم “دي ايڪسيڊنٽل پرائم منسٽر“ جو حصو نه ٿيڻ چاهيو هو. ڀارتي ميڊيا موجب انوپم کير جو چوڻ آهي ته شروع ۾ ڪيترن ئي سبب جي ڪري ان فلم جو حصو نٿو ٿيڻ چاهيو، جن مان هڪ سبب فلم جو سياسي تڪرار هو. هن چيو ته اداڪار جي حيثيت ج۾ ڊاڪٽر من موهن سنگهه جو ڪردار نڀائڻ وڏو چيلنجنگ هو. جڏهن ته فلم جو هدايتڪار وجي رتناڪر آهي، فلم جي ڪهاڻي مايانڪ تيواري لکي آهي.

انوپم کير اڳوڻي وزيراعظم جي روپ ۾

انوپم کير اڳوڻي وزيراعظم جي روپ ۾

سلمان خان کي ميگا فلمن جي ناڪامي جي ڊپ وڪوڙي ورتو
سلمان نئين فلم ڀارت جي بجيٽ 150 مان گهٽائي 80 ڪروڙ تائين رکڻ جي هدايت ڪئي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان کي به فلمون فلاپ ٿيڻ جو ڊپ ٿيڻ لڳو. سلمان پراڊڪشن ٽيم کي پنهنجي ايندڙ فلم ”ڀارت“ جي بجيٽ گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. فلمن جي ناڪامي جو خوف سپر اسٽار سلمان خان کي وڪوڙي ويو، سلمان خان پنهنجي ايندڙ فلم ڀارت جي پراڊڪشن ٽيم کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته فلم جي بجيٽ جيتري ٿي سگهي، گهٽ ڪئي وڃي. ميڊيا رپورٽن موجب سلمان خان ۽ ڪترينه ڪيف جي فلم “ڀارت” جي بجيٽ 150 ڪروڙ کان وڌيڪ هئي، پر هاڻي سلمان خان فلم جي بجيٽ 80 ڪروڙ تائين رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، ته جيئن فلم جي ناڪامي جي صورت ۾ گهٽ نقصان برداشت ڪرڻو پوي.

بالي ووڊ جو سلطان سلمان خان

بالي ووڊ جو سلطان سلمان خان

شاهه رخ خان به ”مي ٽو“ مهم تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي
گهرواري سوڌو گڏ ڪم ڪندڙ عورتن جي عزت ڪندو آهيان: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) مي ٽو مهم بابت ڳالهائيندي بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ چيو آهي ته پنهنجي گهرواري گوري خان ۽ گڏ ڪم ڪندڙ عورتن جي عزت ڪندو آهيان. ڀارتي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو ۾ بالي ووڊ ۾ پکڙيل مي ٽو مهم بابت ڳالهائيندي شاهه رخ چيو ته آئون ٽن شين عزت، عزت ۽ عزت تي ڀروسو رکندو آهيان. هن چيو ته عزت جو مطلب برابري هوندو آهي، منهنجو مقصد سوشل ميڊيا تي هلندڙ هيش ٽيگ واري برابري ناهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي عورت دوستن کي به منهنجي ڪمزورين بابت ڄاڻ هجڻ گهرجي، پنهنجي وڏي پٽ آريان کي عورتن جي عزت ڪرڻ جي نصيحت ڪندو آهيان.

پاڪستان جي پهرين “مسلم عيسائي” گيت ڌوم مچائي ڇڏي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عيسائي برادري پاران ڪرسمس وڏي عقيدت، احترام ۽ جذبي سان ملهائي وئي، ان موقعي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ مسلم، عيسائي گيت ريليز ڪيو ويو آهي، جيڪو ريليز ٿين کانپوءِ مشهور ٿي ويو آهي. گيت ريليز ٿيڻ کانپوءِ لکين ماڻهو ان کي ڏسي چڪا آهن. مذهبي رواداري جو مثال قائم ڪندي پهريون ڀيرو مسلمان عيسائي ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهو گيت ريليز ڪيو ويو آهي. گيت ۾ مخلتف مذهبن وچ ۾ هم آهنگي تي زور ڏنو ويو آهي. گيت کي مسيحي مشعل ۽ مسلمان حيدر چائو ڳايو آهي. گيت ذريعي پيغام ڏنو ويو آهي ته سڀني جو خدا هڪ آهي، انڪري هڪٻئي سان محبت ذريعي رهڻ گهرجي. گيت کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو شيئر ڪيو پيو وڃي، جنهن مان ان جي مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ

ريچا چڍا “سيڪشن 375” لاءِ وڪيل کان سکيا وٺڻ لڳي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ منفرد فلمن جي ڪري مشهور ريچا چڍا پنهنجي ايندڙ فلم ۾ ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو وڪيل جو ڪردار ادا ڪندي. سندس فلم سيڪشن 375 کي اجي بهل ڊائريڪٽ ڪري رهيو آهي. فلم ۾ ڪردار سان انصاف ڪرڻ لاءِ هن ممبئي مان هڪ مشهور وڪيل کان ٽريننگ وٺڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ آهي ته ڪردار ادا ڪرڻ کان اڳ هو وڪالت جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. ريچا چڍا فلم جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ هڪ اهڙي وڪيلياڻي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪا ڪيس صرف انصاف ڏيارڻ لاءِ وڙهندي آهي.

گلوڪاره ريحانه جو نئون البم ايندڙ سال آڻڻ جو اعلان

لاس اينجلس (شوبز ڊيسڪ) آمريڪي گلوڪاره ريحانه جي گانن جو نئون البم ايندڙ سال ريليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. سماجي رابطي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي ريحانه پنهنجي گانن جي نئين البم جي ريليز جو اعلان ڪندي چيو ته اڃا تائين البم جو حتمي نالو ناهي چونڊيو. ريحانه جو ان البم کان اڳ 2016 ۾ ”انسٽي“ نالي گانن جو اٺون البم آيو هو.

رنوير سنگهه جي ”سمبا“ 4 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ ڪمائيندي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي هن سال جي آخري فلم “سمبا” ريليز ڪئي وئي، فلم ڊسٽريبيوٽرن ۽ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته فلم 4 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي ويندي. ڪرن جوهر جي پراڊڪشن ۽ روهت شيٽي جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم سمبا ۾ رنوير سنگهه سان گڏ سيف علي خان جي ڌيءُ ساره علي خان مرڪزي ڪردار نڀايو آهي. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب فلم ڊسٽري بيوٽر اڪشي راٿي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سمبا 3 کان 4 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ جو ڪاروبار ڪري بلاڪ بسٽر ثابت ٿيندي. هن چيو ته سمبا رڪارڊ ٽوڙ ڪمائي ڪري ڪاميابي جي حوالي سان ”چنائي ايڪسپريس“ کي به مات ڏيندي. هوڏانهن فلمي پنڊت ترن آدرش فلم کي هر حوالي سان فاتح قرار ڏيندي رنوير سنگهه ۽ روهيت شيٽي جي به واکاڻ ڪئي آهي.

رنوير سنگهه جي ”سمبا“

رنوير سنگهه جي ”سمبا“

شاهه رخ جي فلم ”زيرو“ 5 ڏينهن ۾ به 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل نه ٿي سگهي
21ڊسمبر تي سينيما ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيل فلم ”زيرو“ 5 ڏينهن ۾ صرف 81 ڪروڙ ڪمايا

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان، باربلي ڊول ڪترينه ڪيف ۽ انوشڪا شرما جي رومانوي فلم ”زيرو“باڪس آفيس تي 5 ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ ڪمائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي. 21 ڊسمبر تي سينيما ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيل فلم ”زيرو“ 5 ڏينهن ۾ صرف 81 ڪروڙ ڪمائي سگهي، جيڪڏهن فلم جي ڪمائي اهڙي طرح جاري رهي ته 100 ڪرڙو ڪلب ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وڌيڪ 2 ڏينهن لڳي ويندا. فلم پنڊت ترن آدرش موجب فلم ”زيرو“ سڀ کان گهڻي ڪمائي ٽئين ڏينهن 20 ڪروڙ 70 لک ڪمائي ڪئي، فلم پهرين ڏينهن به سٺي ڪمائي ڪئي، جيڪا 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ هئي، جڏهن ته چوٿين ۽ پنجين ڏينهن فلم گهٽ ڪمائي ڪئي. اهڙي طرح 5 ڏينهن ۾ فلم جي ڪمائي مجموعي طور 81 ڪروڙ تائين محدود رهي.

عامر خان پاران سلمان خان کي سالگرهه مبارڪ

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار عامر خان سلمان خان کي 53هين سالگرهه تي واڌايون ڏنيون. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار عامر خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي سلمان خان کي جنم ڏهاڙي جون واڌيون ڏيندي نيڪ خواهشن جو پيغام جاري ڪيو. پيغام ۾ عامر خان لکيو ته ”سلمان سالگره جون تمام گهڻيون واڌايون، هي سال تو لاءِ گذريل سالن کان وڌيڪ بهتري گذري“.

عامر خان ۽ سلمان خان

عامر خان ۽ سلمان خان