fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*
ايندڙ فلم ڏسڻ کانپوءِ نقادن جا وات بند ٿي ويندا: ڪنگنا راناوت
ڪنگنا راناوت ايندڙ فلم ۾ جهانسي جي راڻي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي
ڪنگنا راناوت

ڪنگنا راناوت

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪوئين ڪنگنا راناوت پنهنجي ايندڙ فلم جي باري ۾ ايترو تي پراميد آهي، جو سندس چوڻ آهي ته هن جا نقاد ايندڙ فلم ڏسڻ کانپوءِ پنهنجا وار بند ڪري ڇڏيندا. انڊين ايڪسپريس موجب ڪنگنا راناوت جو چوڻ هو ته سندس خيال آهي ته جيڪي هن ۽ فلم خلاف ڳالهائي رهيا آهن، اهي فلم ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي وات بند ڪري ڇڏيندا. سندس چوڻ هو ته شروع ۾ کيس اها فلم ڏکي لڳي پر فلم ٽيم جي مدد سان بهترين ڪم ڪيو ويو آهي. ڪنگنا فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ پهريون ڀيرو ڪو ڊائريڪشن پڻ ڏئي رهي آهي. فلم جي ليکڪ جي حوالي سان ڪنگنا چيو ته هن ايندڙ فلم به ساڳيو ڪهاڻيڪار لکي رهيو آهي، جيڪا هڪ پيار جي ڪهاڻي آهي. ڪنگنا راناوت جي مانيڪارانيڪا ايندڙ سال نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

سري ديوي جي ننڍي ڌيءُ به بالي ووڊ قدم رکڻ لاءِ تيار

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مرحوم اداڪاره سري ديوي جي وڏي ڌيءُ جهانوي ڪپور کانپوءِ هاڻي سندس ننڍي ڌيءُ خوشي ڪپور به بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ڪرن جوهر پاران نيها ڌوپيا جي شو، نو فلٽر نيها ۾ ڳالهائيندي چيو ته هو ايندڙ سال فلم ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ خوشي ڪپور سان گڏ جاويد جعفري جو پٽ ميزان جعفري پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. ڪرن جوهر ميزان جعفري بابت ڳالهائيندي چيو ته هن ۾ هڪ اسٽار بڻجڻ جو سموريون خوبيون موجود آهن. ڪرن جوهر چيو ته سندس فلم 2019 ۾ ريليز ٿيندي جنهن ۾ مک ڪردار خوشي ڪپور ۽ ميزان جعفري ادا ڪندا.

فاطمه ثنا شيخ عامر خان سان لاڳاپن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) فلم دنگل ۾ عامر خان سان گڏ پنهنجي ڪيريئر جي ڪامياب شروعات ڪندڙ فاطمه ثنا شيخ ۽ عامر خان وچ ۾ لاڳاپن جو خبرون ڀارتي ميڊيا ۾ هلي رهيون هيون. فلم دنگل ۾ فاطمه ثنا شيخ عامر خان جي ڌيءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو. ان کانپوءِ عامر خان ۽ فاطه ثنا جي هڪ ٻي فلم سيڪريٽ سپر اسٽار پڻ ريليز ٿي هئي، جنهن ۾ عامر خا ن پڻ ڪردار ادا ڪيو هو. فاطمه ثنا شيخ پاران ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون خبرون ٻڌڻ افسوسناڪ آهي، اهڙن افواهن سبب سندس پريشانين ۾ واڌارو آيو آهي. فاطمه جو چوڻ هو ته اهڙين خبرن ڪري سندس خاندان به پريشان ٿيو هو. کي فرق نٿو پوي ته ماڻهو ڇا ٿا چون، ماڻهن جو ڪم ڳالهيون ڪرڻ آهي، جڏهن ته هوءَ سکي رهي آهي ته اهڙي قسم جي افواهن سان ڪيئن منهن ڏجي.

فاطمه ثنا شيخ

فاطمه ثنا شيخ

جيڪولين يتيم ۽ بيمار ٻارن سان گڏ ڪرسمس ملھايو

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره جيڪولين فرنينڊس ڪرسمس يتيم ٻارڙن ۽ ڪينسر جي مريضن سان گڏ ملهائي. اداڪاره جيڪولين فرنينڊس ڪرسمس کان اڳ شام ڪيترن ئي يتيم خانن جو دورو ڪيو ۽ سانتا ڪلاز جو روپ ڪري ٻارڙن ۾ تحفا ورهايا. اداڪاره جو چوڻ هو ته ڪرسمس خوشيون ورهائڻ جو نالو آهي، ان لاءِ مون ان موقعي جي شروعات نيڪي سان ڪرڻ کي اوليت ڏني آهي. ذريعن موجب جيڪولين ٻارڙن سان گڏ نچندي ۽ ڳائيندي به رهي، ان سان گڏ تعليم حاصل ڪرائڻ جي اهميت تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڪرسمس جي موقعي تي اداڪاره جيڪولين فرنينڊس ڪينسر اسپتال به وئي ۽ اتي مريضن جي عيادت ڪندي مريض ٻارڙن ۾ تحفا ورهايا.

جيڪولين يتيم ٻارڙن ۾ تحفا ورھائيندي

جيڪولين يتيم ٻارڙن ۾ تحفا ورھائيندي

سري ديوي جي “زيرو” ۾ اداڪاري ڏسي مداح لڙڪ لاڙي ويٺا
سري ديوي جي مداحن سندس آخري پرفارمنس ڏسڻ لاءِ زيرو ڏٺي

ممبئي (شوبز نيوز) هلندڙ سال اوچتو لاڏاڻو ڪري ويل بالي ووڊ جي ناليواري اداڪاري سري ديوي آخري ڀيرو شاهه رخ خان جي فلم زيرو ۾ مختصر ڪردار ادا ڪيو هو. سري ديوي جا مداح سندس زندگي جي آخري پرفارمنس ڏسڻ لاءِ زيرو فلم کي ڏسي رهيا آهن، جنهن دوران ڪيترائي مداح سري ديوي کي ڏسي لڙڪ لاڙي ويٺا. سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئٽر تي ڀارت ۾ سري ديوي جي نالي سان ٽرينڊ بڻجي ويو آهي ۽ مداح زيرو فلم ڏسڻ کانپوءِ سري ديوي کي آخري ڀيرو وڏي اسڪرين تي اداڪاري ڪندي ڏسڻ ويا، جنهن بابت هو تاثر ونڊي رهيا آهن.

ڪنگ خان فلم جي مشهوري لاءِ دبئي پهتل

دبئي (شوبز نيوز) ڪنگ خان شاهه رخ پنهنجي نئين ايندڙ فلم “زيرو” جي مشهوري لاءِ دبئي پهتل آهي. ڪنگ خان گذريل فلم جي ناڪامي کانپوءِ پنهنجي نئين فلم جي ڪاميابي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي ۽ فلم جي مشهوري لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. شاهه رخ خان جي نئين فلم ڪرسمس جي موقعي تي ريليز ٿيندي، جنهن ۾ ڪترينا ڪيف ۽ انوشڪا شرما پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

شاھ رخ خان

شاھ رخ خان

نوازالدين صديقي شو سينا سربراهه بال ٺاڪري بڻجندو

ممبئي (شوبز نيوز) هندو انهاپسند تنظيم شو سينا جي سربراهه بال ٺاڪري تي بالي ووڊ فلم ٺاهي پئي وڃي، جنهن ۾ نواز الدين صديقي مرحوم بال ٺاڪري جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نوازالدين صديقي پاران بال ٺاڪري جي روپ ۾ نظر ايندو، جڏهن ته ان حوالي سان نواز الدين صديقي جون تصويرون پڻ وائرل ٿي رهيون آهن. فلم جو نالو ٺاڪري ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته فلم جي هدايتڪاري پڻ شو سينا ايم پي اي سنجي رائوت ڏني آهي. فلم کي ايندڙ سال مارچ ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته نوازالدين صديقي سان گڏ امرتا رائو، عبدل القادر امين، انوشڪا جهادو ۽ ٻيا اهم ڪردار ادا ڪندا. فلم کي هندي، مراٺي ۽ انگريزي ۾ پيش ڪيو ويندو.

سونم ۽ راجڪمار نئين فلم ۾ هم جنس پرست جي ڪردارن ۾ نظر ايندا

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور نوجوان اداڪار راجڪمار رائو ۽ سونم ڪپور نئين ايندڙ فلم ”ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا“ ۾ هم جنس پرست جا ڪردار نڀائيندا. ڀارتي ميڊيا موجب فلم ”اومرتا، نيوٽن ۽ استري“ جهڙين ننڍي بجيٽ سان ٺهندڙ سپر هٽ فلمون ڏيندڙ راجڪمار رائو پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا“ ۾ هم جنس پرست جي ڪردار ۾ نظر ايندو، جيڪو سندس ٻين ڪردارن کان بلڪل منفرد آهي. ذريعن موجب فلم جي ڪهاڻي به هم جنس پرستي تي ٻڌل آهي، جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته فلم ۾ هم جنس پرست ناري جو ڪردار سونم ڪپور نڀائي رهي آهي، جڏهن ته سندس والد جو ڪردار سندس اصلي پيءُ انيل ڪپور پاڻ نڀائيندو.

”ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا“

”ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا“

سونم ڪپور جو پيءُ جي سالگره تي جذباتي پيغام

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور پنهنجي پيءُ انيل ڪپور جي سالگره جي موقعي تي پيغام جاري ڪري سڀني کي جذباتي ڪري ڇڏيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي بيان جاري ڪندي سونم ڪپور چيو ته فلم انڊسٽري ۾ منهنجي 10 ورهين جي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو والد گڏ فلم ۾ اچي رهيو آهي ۽ منهنجي شادي ٿيندي به ڏٺي. سونم ڪپور چيو ته زندگي ڏکئي ۽ خوبصورت به آهي، توهان جي ٿورائتي آهيان ته مون کي محبت ڪرڻ سيکاري منهنجي جذبن کي هوا ڏني ۽ پرورس ۾ اخلاقيات جو سبق سکياريو. سونم ڪپور پيغام سان گڏ فلم “ايڪ لڙڪي جو ديکا تو ايسا لگا” جي سيٽ جي ڪميرا جي پردي جي هڪ تصوير به جاري ڪئي.

بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور

بالي ووڊ اداڪاره سونم ڪپور

ايڪشن فلمن ۾ مونکي نئين سڃاڻپ ڏني آهي: ٽائگر شيروف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ ٿوري عرصي ۾ ايڪشن فلمن ذريعي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندڙ جيڪي شيروف جي پٽ ايڪشن هيرو ٽائگر شيروف چيوآهي ته ايڪشن فلمن کيس سڃاڻپ ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته 2018ع سال سندس ڪيريئر لاءِ بهترين سال رهيو، ڪيريئر جي شروعات ۾ ناڪام ٿي پر بعد ۾ ايڪشن فلمن سندس ڪيريئر کي سهارو ڏنو. وڏين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ سبب ڪاميابي لاءِ پرجوش آهيان. ٽائگر شيروف چيو ته باغي ٿري تيارين جي مرحلي ۾ آهي، کيس اميد آهي ته فلم ڪامياب ٿيندي. ٽائگر شيروف اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2 ۾ اداڪاري جا جلوا ڏيکاريندو جيڪا ايندڙ سال ريليز ٿيندي.

ٽائيگر شروف

ٽائيگر شروف

ايشا امباني کي ساهرن پاران اربين روپين جو تحفو
مڪيش امباني جي نياڻي کي سندس ساهرن محل نما گهر ڏنو

ممبئي (اينٽرٽينمينٽ) هلندڙ سال جي بهترين شادي قرار ڏني ويندڙ ڀارت جي امير ترين شخص مڪيش امباني جي ڌيءُ کي سندس ساهرن پارن ارب روپين جو محل نما گهر تحفي ۾ ڏنو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايشا امباني کي خوبصورت ۽ مهانگي علائقي ۾ پنجاهه هزار فوٽن کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل محل نما گهر ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي وَر آنند پيرامل سان گڏ منتقل ٿيندي. ممبئي ۾ موجود ان گهر جي خاص ڳالهه اها آهي ته اتان ممبئي جو خوبصورت منظر نظر اچي ٿو. ارب روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيل محل کي شيشي توڙي اسٽيل سان تيار ڪيو ويو آهي. ايشا امباني جي گذريل 35 سالن ۾ ٿيندڙ سڀ کان مهانگي شادي قرار ڏني پئي وڃي.

ايشا امباني کي ساهرن پاران تحفي م ڏنل محل نم گھر

ايشا امباني کي ساهرن پاران تحفي م ڏنل محل نم گھر

سنڌ جي البيلي راڳي سرمد سنڌي جي ورسي، سرن ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش
حيدرآباد ۾ ٿيل تقريب ۾ تاج جويو، وشنو مل، آڪاش ملاح ۽ ٻين ڀيٽا پيش ڪئي

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ صوفي سنگت پاران تقريب ڪوٺائي سنڌ جي ڀلوڙ قومي راڳي سرمد سنڌي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ صوفي سنگت جي اڳواڻ آڪاش ملاح، تاج جويو، وشنو مل ۽ عمير خواجه سميت چيو ته سرمد سنڌي اسان جو قومي هيرو آهي، سرمد هڪ وڏو فنڪار ۽ هڪ وڏو ڪردار هو جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هنن چيو ته سرمد سنڌي پنهنجي دور ۾ وطن پرستي کي اڀاريو، سندس آواز ۾ سنڌ لاءِ درد هو. هو پنهنجي گيتن ذريعي سنڌ جي غريب ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز بڻيو .27 ڊسمبر جي ڏينهن تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سندن چوڻ هو ته سرمد سنڌي جي سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن کي سلام پيش ڪيون ٿا، سرمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان سچو پيارو ڪندو هو ۽ هن هميشه سنڌ جي سورن کي ڳايو. هنن چيو ته سرمد سنڌي سان سائين جي ايم سيد ۽ عبدالواحيد آريسر به تمام گهڻو پيار ڪندا هئا ۽ سندس گيت ٻڌندا هئا، هو اسان کان جسماني طور تي وڇڙي ويو آهي پر هو اسان جي دلين ۾ همشه ياد رهندو .

اسٽار نه پر هڪ مڪمل انٽرٽينر ٿيڻ چاهيان ٿو: رنوير سنگهه

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته سدائين مون هڪ مڪمل انٽرٽينر بڻجڻ چاهي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار رنوير سنگهه جو چوڻ هو ته هو جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي، اهو مداحن لاءِ ئي آهي ته جيئن هو انٽرٽين ٿي سگهن. هن چيو ته صرف اڳتي وڌڻ ولاءِ ڪم نٿو ڪرڻ چاهيان، ڪڏهن اسٽار ٿيڻ نه چاهيو، پر هڪ اهڙو اداڪار ٿيڻ چاهيان ٿو جيڪو هڪ مڪمل انٽرٽينر هجي.

سرمد سنڌي

سرمد سنڌي

سونم ڪپور ۽ عاليھ ڀٽ

سونم ڪپور ۽ عاليھ ڀٽ

عاليه ڀٽ ۽ سونم ڪپور به فواد جي فلم جون مداح نڪتيون

لاهور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار فواد خان ۽ ماهره خان جي نئين فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جون جهلڪيون جاري ٿيندي ئي فلم تمام گهڻو پسند ڪئي وئي. نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۾ به فلم جي واکاڻ جاري آهي. فلم جي ڀارتي سليبريٽيز به واکاڻ ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا، سڌارت ملهوترا، ڪرن جوهر ۽ انو راگ ڪيشپ ته جهلڪيون ڏسي فلم بابت خيالن جو اظهار ڪيو، پر هاڻي بالي ووڊ اسٽارز عاليه ڀٽ ۽ سونم ڪپور به فواد خان جي فلم جي واکاڻ ڪندي ٽوئيٽر ڪندي لکيو ته شاندار ٽريلر آهي. بلال لاشاري جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم جي ڪاسٽ ۾ فواد خان، ماهره خان، حمائمه ملڪ، حمزه علي عباسي، گوهر رشيد، فارس شفيع، شفقت چيما، نيئر اعجاز ۽ صائمه بلوچ به شامل آهن.

سينيئر اداڪار علي اعجاز لاءِ ميڙاڪي جو فيصلو

لاهور (شوبز ڊيسڪ) لاهور جي الحمرا آرٽس ڪائونس جي انتظام هيٺ ليجنڊ اداڪار علي اعجاز جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويندو. ذريعن موجب الحمرا آرٽس ڪائونسل سينيئر اداڪار علي اعجاز کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس ياد ۾ تعزيتي ريفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن ۾ علي اعجاز سان گڏ ڪم ڪندڙ سينيئر اداڪار ۽ ويجهي دوست به خيال ونڊيندا. ٻڌايو پيو وڃي ته تعزيتي ريفرنس جنوري جي پهرين هفتي ۾ ڪوٺايو ويندو.

سينيئر اداڪاره ناهيد شبير جو شادي بعد شوبز ڇڏڻ جو اعلان

لاهور (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني سينئر ادڪاره ناهيد شبير شوبز ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي سان واسطو رکندڙ خوبصورت اداڪاره جو چوڻ آهي ته 2019 شادي جو سال ٿي سگهي ٿو، جنهن بعد شوبز ڇڏي ڏينديس. هڪ انٽرويو دوران ناهيد شبير چيو ته کاڌو رڌڻ سان عشق آهي، اداڪاره نه هجان ها ته کاڌن جو هوٽل کوليان ها. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي آڇون ٿيون، پر پهرين اوليت ٽي وي ڊرامه ئي آهن، ان لاءِ فلم ڏانهن وڃڻ جو ناهي سوچو.

سينئر ادڪاره ناهيد شبير

سينئر ادڪاره ناهيد شبير

ايڪس مين ڊارڪ فينڪس جون جهلڪيون جاري
“ايڪس مين ڊارڪ فيونڪس” ايندڙ سال نمائش لاءِ پيش ٿيندي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور فلم ايڪس مين سيريز جي نئين فلم جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. “ ايڪسمين، ڊارڪس فيونڪس” جي هدايتڪاري سائمن ڪينبرگ ڏني آهي، جڏهن ته فلم ۾ اداڪاري جا جوهر جيمز ميڪوئي، جينيفر لارينس، نڪولس هالٽ، سوفي ٽرنر ۽ ٻيا هالي ووڊ اسٽارز شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي غير معمولي طاقتن ۽ صلاحيتن جي مالڪ هڪ ٽيم طرف آهي، جيڪا برائي جو رستو اختيار ڪري ٿي، جڏهن ته فلم ۾ ٻي ٽيم سٺائي لاءِ وڙهندي نظر اچي ٿي. مارول اينٽرٽينمينٽ جي فينٽسي ۽ ايڪشن سان ڀرپور ايندڙ سال پيار جي ڏينهن تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

شاهه رخ به سلمان خان جو مداح نڪتو

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان به سلمان خان جي فلمن جي چونڊ جو نڪتو. ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته سلمان خان کي فلمن ۽ جذبن جي سٺي سمجهه آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته فلم ۾ ماڻهو ڇا ڏسڻ پسندا ڪندا. هن چيو ته هڪ دوست طور مون کان پڇندو آهي ته فلم ۾ ڇا آهي؟ ماڻهن کي پسند ايندي يا نه. ڪنگ خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سلمان کي فلمن جي تمام گهڻي سمجهه آهي. هوڏانهن تازو ريليز ٿيل شاهه رخ خان جي فلم ”زيرو“۾ سلمان مختصر ڪردار نڀايو.

شاهه رخ خان ۽ سلمان خان

شاهه رخ خان ۽ سلمان خان