fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

افغان طالبان وٽ 60 هزار ويڙهاڪ ۽ ڏيڍ ارب آمريڪي ڊالرن جي ملڪيت آهي: برطابوي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ انڪشاف

طالبان جو افغانستان جي 70 سيڪڙو علائقي تي قبضو، آفيم ڪمائي جو وڏو ذريعو آهي: رپورٽ

طالبان پاران آفيم جي واپارين، ٽرانسپورٽ توڙي قدرتي معدنيات ذريعي آمدني حاصل ڪري ٿو

ڪابل(ا ڊ) برطانوي خابرو اداري بي بي سي پاران افغان طالبا جي ڪمائي جي ذريعن ۽ آمدني جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته طالبان وٺ ڏيڍ ارب ڊالرن ملڪيت موجود آهي، جنهن جي مدد سان هو سڄي ملڪ مان 60 هزار ويڙهاڪن ذريعي افغان حڪومت توڙي نيٽو ۽ آمريڪي فوج خلاف بغاوت کي جاري رکي رهيا آهن. طالبان جي آمدني جو وڏي ۾ وڏو ذريعو آفيم ۽ منشيات سان جڙيل ٻين شين جو ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته طالبان ان کان انڪاري آهي، ياد رهي ته طالبان 1996ع کان 2001ع کان افغانستان تي حڪومت ڪئي، جنهن دوران اتي شريعت لاڳو ڪئي وئي هئي. رپورٽ موجب طالبان وٽ ڏيڍ ارب آمريڪي ڊالرن جي ملڪيت آهي، افغان طالبان وٽ 2010ع تائين 40 ڪروڙ ڊالر ملڪيت هئي، پر هاڻي ان ۾ وڏي انگ ۾ واڌاريو آيو آهي. افغانستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آفيم پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، جتي ساليانو ڏيڍ ارب ڊالر جو آفيم وڪرو ڪيو ويندو آهي. طالبان جي سڀ کان وڌيڪ آمدني آفيم ۽ هيروئن جي وڪري سان ٿئي ٿي. طالبان آفيم پيدا ڪندڙ آبادگارن کان پڻ ڏهه سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪندو آهي، جڏهن ته واپارين کان پڻ ٽيڪس وصول ڪئي ويندي آهي. غير قانوني معيشت ۾ طالبان جو ساليانو حصو 10 ڪروڙ کان 40 ڪروڙ ڊالر تائين لڳايو ويو آهي. آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته 60 سيڪڙو آمدني منشيات مان حاصل ٿئي ٿي. آمريڪا ۽ اتحادي فوجين جي هوائي ڪارروائين سبب طالبان جي آمدني گهٽي آهي. طالبان منشيات جي معيشت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندي چوندو رهيو آهي ته ان تي 2000ع ۾ پابندي مڙهي وئي هئي. بي بي سي جي رپورٽ موجب طالبان افغانستان جي 70 سيڪڙو ايراضي تي اثر انداز آهي، جتان هو ٽيڪس پڻ وصولي ڪندو آهي. طالبان پاران حڪومتي چيڪ پوسٽن توڙي انتظامي عهدن تي قبضي کانپوءِ اتان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ جي ذريعي پڻ پنهنجا خرچ ۽ هٿيار خريد ڪندو آهي. افغانستان کاڻين ۽ معدنيات سان پڻ مالا مال آهي، جتي طالبان پاران ڪيترين ئي کاڻين تي قبضو ڪيو آهي جتان پڻ طالبان ٽيڪس وصولي ڪندو آهي، گڏيل قومن جو منشيات بابت اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته 2014ع ۾ افغان صوبي هلمند ۾ 30 سيڪڙو کاڻين تي طالبان جو قبضو آهي، جتان هن هڪ ڪروڙ ڊالر جي رقم حاصل ڪئي. طالبان معدنيات سان مالا مال صوبن مان نڪرندڙ ٽرانسپورٽ کان پڻ ٽيڪس وصول ڪندو آهي، جنهن مان کيس ساليانو پنج ڪروڙ ڊالر آمدني ٺهندي آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب آمريڪا ۽ افغان حڪومت ڪيترن ئي ملڪن مٿان طالبان جي مالي مدد ڪرڻ جو الزام لڳائيندي رهي آهي پر اهي ملڪ ان کان انڪار ڪندا رهيا آهن. سعودي عرب، پاڪستان، گڏيل عرب عمارات، قطر جهڙن ملڪن جا شهري پڻ طالبان کي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن. ان جو صحيح انگ اکر موجود ته ناهن پر بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اهي ساليانو 50 ڪروڙ ڊالر تائين ٿي سگهن ٿا.

اسلام ڪوٽ ۾ حددخليون هٽائڻ تان چڪريون ،احتجاج ، پوليس صحافين تي به ڪڙڪي پئي

شهرين حددخليون خلاف آپريشن دوران غريبن جا گهر ڊاهڻ خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

پوليس زبردستي ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ ڪوريج لاءِ پهتل صحافين کي به تشدد جو نشانو بڻايو

اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ حددخليون هٽائڻ خلاف شهرين پاران باءَ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو ، پوليس طرفان ڌرڻو ختم ڪرائڻ دوران احتجاج ڪندڙن ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي اهلڪارن وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون .لٺبازي ۾ شهري توڙي ڪوريج لاءِ پهتل صحافي پڻ زخمي ٿي پيا .احتجاج ڪندڙن الزام مڙهيو ته مقامي انتظاميه حددخلين جي آڙهه ۾ سندن گهر ڊاهي پٽ ڪري رهي آهي جڏهن ته بااثر ماڻهن جي جاين خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي .اينٽي انڪروچمينٽ پوليس تشدد ۾ ٽن صحافين غازي بجير. سڌير راٺوڙ ۽سجاول بجير سميت وڪيل مصطفي هنڱورجو ۽ سهراب راهمون سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا پوليس انهن جون ڪئمران به ڦري ورتيون .شهرين ۽ صحافين تي تشدد بعد وڏي انگ ۾ شهري روڊن تي نڪري آيا جن اهڙي عمل خلاف سخت احتجاج ڪيو .ايس ايس پي عمران قريشي جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن صهافين تي تشدد ناهي ڪيو ،تشدد حددخليون هٽائيندڙ عملي ڪيو آهي .سندس موقف هو ته اهي اهلڪار ٻاهر جا هئا جن مقامي صهافين کي نه ٿي سڃاتو بعد ۾ ايس ايڇ او اچي مامري کي تاريو .هن ٻڌايو ته چڪرين ۾ حدخليون هٽائيندڙ عملي جا 2 ماڻهو به زخمي ٿيا آهن .

ٽنڊوالھيار: گهراڻو پاڙي جي رهواسين جو قبرستان ۾ دڪان اڏڻ خلاف احتجاج

ٽنڊوالھيار (ن پ ا) گهراڻو پاڙي جي رهواسين قبرستان ۾ دڪان اڏڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
احتجاج دوران رھواسين دانھيندي چيو تھ مدرسي جي انتظاميھ قبرن جي بي حرمتي ڪري اتي نوان دڪان اڏي رھي آھي، جنهن لاءِ قبرون ڊاھي پٽ ڪيون ويون.
هنن چيو ته اسان جي ڪير ٻدڻ وارو نه آھي، ھنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽس وٺي قبرن جي بي حرمتي ۽ دڪانن جي اڏاوت بند ڪرائي وڃي.

محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

پوليس جي نيو ڪراچي ۾ ڪارروائي، متحده ٽارگيٽ ڪلر ڪاشف ۽ آصف گرفتار

ٽارگيٽ ڪلر آصف عوامي تحريڪ جي محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪئي ھئي: ايس ايس پي
نيو ڪراچي مان گرفتار ٿيل متحدھ جا 2 ٽارگيٽ ڪلر

ڪراچي (بيورو رپورٽ ) ڪراچي پوليس 13 ماڻهن کي قتل ڪندڙ ۽ محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪندڙ ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو آهي .ايس ايس پي سينٽرل عارف اسلم رائو صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيو ڪراچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي .ٽارگيٽ ڪلر ڪاشف علي عرف ڪاشف ڪالا 13 ماڻهن جي قتل ڪيس ۾ پوليس کي گهربل هو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي .هن ٻڌايو ته ڪارروائي ۾ هڪ ٻئي تارگيٽ ڪلرز کي به گرفتار ڪيو ويو جنهن جو نالو آصف رضا عرف آصف ميٺا آهي جيڪو به بلال ڪالوني ، گلشن اقبال توڙي نيوڪراچي ۾ ماڻهن کي قتل ڪندو رهيو آهي .ٽارگيٽ ڪلر محبت سنڌ ريلي تي ٿيل فائرنگ ۾ به ملوث رهيو آهي ، جوابدار چائنا ڪٽنگ ،ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ توڙي ٻين ڪيترن ئي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي .جوابدارن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف ،دستي بم توڙي گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن .جوابدارن تي نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا توڙي گلشن اقبال ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن .

لاڙڪاڻي ۾ زنگيجا برادري جو پوليس خلاف مظاهرو

نوجوان کي بيگناهه قاضي احمد پوليس حوالي ڪيو ويو : وارث

پوليس آصف علي تي چرس رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي

لاڙڪاڻو (رپورٽر)لاڙڪاڻي ۾ نوجوان کي گرفتاري بعد قاضي احمد پوليس حوالي ڪرڻ خلاف زنگيجا برادري احتجاج ڪندي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيون جتي نوجوان جي آزادي لاء نعريبازي ڪئي وئي . نظر محلي مان سول لائين پوليس پاران نوجوان آصف علي زنگيجو کي گرفتار ڪري قاضي احمد پوليس حوالي ڪرڻ خلاف زنگيجا برادري جي ماڻهون مظھر زنگيجو ،امتياز زنگيجو مرتضي ڪورائي حاتم زنگيجو ۽ ٻئين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هئنيو ويو پوليس خلاف نعريبازي پڻ ڪئي وئي ،ان موقعي تي هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بي گناه سول لائين پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ،جنهن بعد پوليس رشوت نه ڏيڻ تي نوجوان آصف علي زنگيجو کي قاضي احمد پوليس حوالي ڪري مٿس 4ڪلو چرس رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي ۽ ظلم آهي ،هنن نوجوان کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو .

ڳڙهي خيري ۾ جديد طريقي سان گڏهن جي حجامت ڪندڙ ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل

خميسو ٻرڙو ڪجهه عرصي کان موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي گڏهن جي بُت تي وڌي ويل وار لاهي ٿو

ماڻهو گڏهن کي وٺي ايندا آهن ته کين حجامت ڪري صاف سُٿرو بڻايان: خميسو ٻُرڙو

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيري ۾ ڊگهي عرصي کان گڏهن جي حجامت ڪندڙ شخص ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل آهي. خميسو ٻرڙو پهرين گڏهن جي حجامت ڪندو هو پر ڪجهه عرصي کان هو موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي گڏهن جي حجامت ڪري ٿو. خميسي ٻرڙي جو چوڻ آهي ته شهر جا ماڻهو حجامت لاءِ گڏهه وٺي ايندا آهن ۽ هو معمولي پئسن تي گڏهن جي بُت تي وڌي ويل وار لاهيندو آهي. واضح رهي ته اداڪار عامر خان جي فلم ”ٿري ايڊيٽ“ ۾ به عامر خان سائنسدانن جي هڪ اڪيڊمي کوليندو آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙو سين به نظر ايندو آهي، جتي ٻاررا موٽر سائيڪل ذريعي مشين هلائي جانورن جي حجامت ڪندا آهن.

ڀارت ،آسٽريليا سان باڪسنگ ڊي مقابلي لاءِ ميدان ۾ لهنديون

ڀارتي ٽيم جا ٻئي اوپنر ٻاهر، جديجا، اگروال ۽ روهت شرما ٽيم ۾ شامل

سٽيو سمتھ ۽ورات ڪوھلي

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ ڀارت ۾ ٽئين باڪسنگ ڊي ٽيسٽ سڀاڻي کيڏي ويندي. ميلبورن ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ڪرسمس جي مناسبت سان باڪسنگ ڊي ٽيسٽ آهي. پهرين ٽيسٽ ۾ ڀارت آسٽريليا کي شڪست ڏني هئي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ۾ ڪينگروز ڀارت کان بدلو ورتو هو. ڀارت ٽئين ٽيسٽ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽي تبديليون ڪيون وينديون. اوپنرن مرلي وجي، ڪي ايل راهول ۽ فاسٽ بالر کي کي ٽيم مان ٻاهر ڪري آل رائونڊر رويندرا جديجا کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن هت ميانڪ اگروال پڻ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪندو. روهت شرما صحتياب ٿيڻ کانپوءِ پڻ ٽيم جو حصو بڻجي ويو آهي. آسٽريليا طرفان پيٽرهينڊزڪمب جي جڳهه تي مچل مارش کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ٽيم ۾ ورات ڪوهلي، اجنڪيا راهاني، ميانڪ اگروال، هنوما وهاري، چتيشور پوجارا، رشڀ پانٽ، رويندرا جديجا، محمد شامي، اشانت شرما ۽ جسپريت ڀمرا شامل آهن. ڪينگروز جي ٽيم ۾ ايرون فنچ، مارڪس هيرس، ڪپتان ٽم پين، عثمان خواجه، شان مارش، مچل مارش، ٽريوس هيڊ، پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ، نيٿن ليون، جوش هيزل ووڊ شامل آهن.

راولپنڊي: آرمي چيف جي ڪرسمس تقريب ۾ شرڪت، مسيحي برادري کي واڌايون

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه راولپنڊي جي هڪ چرچ ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪري مسيحي برادري کي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون، آرمي چيف چيو آهي ته مسيحي برادري ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪرسمس جي موقعي تي راولپنڊي جي ڪرائسٽ چرچ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي موجود مسيحي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏنيون.
تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته مسيحي برادري ملڪ جي قيام ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ هن وقت ملڪ جي ترقي لاءِ صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي

سپريم ڪورٽ پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو نئون بورڊ ٽوڙي ڇڏيو، ياسمين راشيد کي توهين عدالت جا نوٽيس

سُپريم ڪورٽ طرفان ياسمين راشد سوڌو ٻين ميمبرز کي ٻن ڏينھن ۾ جواب ڏيڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ جي منظوري کانسواءِ ميمبرز جي مقرري نھ ڪئي وڃي: عدالت

لاهور( م ڊ ) سپريم ڪورٽ پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو نئون بورڊ ٽوڙيندي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ٻين کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته عدالت جي منظوري کانسواءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن بابت معاملي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ڪميشن جو نئون بورڊ جوڙڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بورڊ کي ٽوڙي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو بورڊ جوڙڻ تان پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري صحت ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري صحت کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ اختيارين کي ٻن ڏينهن اندر توهين عدالت نوٽيس جو جواب ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ تجويز ڪيل نالا عدالت آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر سپريم ڪورٽ جي منظوري کانسواءِ بورڊ جي ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

پوليس سُپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري جي احاطي مان ن ليگي ايم اين اي افضل کوکر کي گرفتار ڪري ورتو

افضل کوکر کي سرڪاري زمين تي قبضي جي ڪيس ۾ داخل ڪيو ويو

افضل کوکر خلاف سرڪاري زمين تي قبضي جو ڪيس داخل ٿيل آهي: پوليس

لاهور( م ڊ ) سرڪاري زمين تي قبضي واري ڪيس ۾ ليگي ايم اين اي افضل نديم کوکر کي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري مان گرفتار ڪيو ويو.
لاهور پوليس سپريم ڪورٽ ۾ پيشي بعد عدالت مان ٻاهر نڪرڻ شرط ئي نون ليگ جي ايم اين اي افضل نديم کوکر کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب افضل کوکر خلاف نواب ٽائون ٿاڻي ۾ شهري جي درخواست تي زمين جي قبضي جو ڪيس داخل آهي، ڪيس جي متن موجب زمين تي قبضي بعد اتي افضل کوکر جي رهائشگاهه کوکر پئليس ٺاهي وئي آهي.

سامارو:ڪرنٽ لڳڻ سبب آبپاشي عملدار مرڻينگ

بيلدار مصري سميجو کي پاڻي جي ماپ وٺندي مٿان گذرندڙ تارن مان ڪرنٽ لڳو

سامارو(ن پ ا)سامارو ويجھو آبپاشي کاتي جو بيلدار مصري سميجو ڀنڀرا شاخ تي پاڻي جي راڊ ذريعي ماپ وٺي رھيو ھو تھ مٿان گذرندڙ تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويو جنھن کي مرڻينگ حالت ۾ تعلقا اسپتال سامارو آندو ويو آھي.

يوسي 10 ۽ 11 جي رهواسين جو لاڙڪاڻي جي ميئر اسلم شيخ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو (ن پ ا) لاڙڪاڻو جي يوسي 10 ۽ 11 جي رهواسين جو لاڙڪاڻو جي ميئر اسلم شيخ خلاف احتجاج ڪيو آهي. يوسي 10 ۽ 11 جي رهواسين اطهر ڀٽي جبار جمالي ۽ طارق ڪلهوڙو جي اڳواڻيءَ ۾ پراڻو اسٽيڊ جي رائيس ڪئنال جي پل تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي ميئر اسلم شيخ خلاف احتجاج ڪيو. سندن چوڻ هو ته لاڙڪاڻي جي ميئر لاڙڪاڻو کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي حيدري محلي ۽ ڪوثر مل ۾ 5 ڏينهن کان 2 ڦٽ نالي جو گندو پاڻي بيٺل آهي پر انتظاميه بي خبر آهي. هنن مطالبو ڪيو ته لاڳاپيل عملدار اسان جو مسئلو حل ڪري اسان جي بي چيني ختم ڪن.

غوثپور ۾ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ ريلي

غوثپور (ن پ ا) قبائلي جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ سول سوسائٽي امن ڪاميٽي شهري مذهبي سياسي سماجي قومپرست ڌرين پاران پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، بک هڙتالي ڪيمپ پريس ڪلب اڳيان لڳائي وئي جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

خانپورمھر: نوجوان گھريلو پريشانين سبب خودڪشي ڪري ڇڏي

درزڪو ڪم ڪندڙ ڪيلاش ڪمار ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال کڻي ويندي فوت ٿي ويو

خانپورمھــر(ن پ ا)خانڳڙھ جي مينگھواڙ پاڙي جي رھواسي 18 سالن جو نوجوان ڪيلاش ڪمار پٽ چيترام مينگھواڙ گھريلو اڻبت تان ڪاوڙجي ڪارو پٿر پي خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال پھچايو ويو جتي ھو فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي تھ نوجوان ڪيلاش ڪمار درزڪو ڪم ڪندو ھو ۽ ڪجھ ڏينھن کان گھريلو پريشانين ۾ مبتلا ھو.

جوهي ۾ وري پاڻي کوٽ خلاف مظاهرو

پاڻي لاءِ ڊگهي جدو جھد بعد اڄ وري ٻيھر مظاھرو ڪيو ويو

جوھي (ن-پ-ا) جوھي جي ڊگهي پاڻي جي جدو جھد بعد اڄ وري ٻيھر مظاھرو ڪيو ويو آبادگارن کي 5 ڏينھن پاڻي ڏيڻ بعد وري پاڻي بند ڪيو ويو آھي تنهن ڪري اڄ وري آبادگار اڳواڻ روڊن تي اچي ويا جڏھن ته آباد گار اڳواڻ ميھر گاڏھي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته آخر ڪار اسان جو پاڻي ڇو ڀند ڪيو ويو آھي، پھريان ب اسان کي پاڻي دير سان ملڻ ڪري ڪڻڪ جو فصل نه ٿيڻ جي برابر آھي ۽ وري پاڻي بند ڪيو ويو آهي، ھاڻي پاڻي نه مليو ته اسان وري ڪراچي پريس ڪلب جي اڳيان ڌرڻو ھڻنداسين.