ڪراچي ( پ ن ا) پي ايس پي آفيس تي حملي بعد جوابدارن جي فرار ٿيڻ وارا سي سي ٽي وي فٽيجز منظرعام تي اچي ويا.
سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 هٿياربندن کي فرار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ گهٽي ۾ موجود ٻار فائرنگ جو آواز ٻڌڻ بعد خوف ۾ ڀڄندي نظر اچن پيا.
4 ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ رضويه ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن پي ايس پي جي آفيس تي حملو ڪيو هو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڪارڪن مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿيا هئا.
پوليس موجب هٿياربند جهانگير آباد وٽان آيا ۽ پي ايس پي جي آفيس تي حملي بعد ٻئي پاسي کان فرار ٿي ويا
پي ايس پي آفيس تي حملو: سي سي ٽي وي فٽيجز منظرعام تي اچي ويا
ٺاروشاهه: ٽن ٻارن جو پيءُ پراسرار بيماري ۾ وڪوڙيل، سرندي وارن کي علاج لاءِ سهائتا جي اپيل
30 ورهين جو نوجوان محمد رمضان ٻٻر بيماري سبب ذهني توازن وڃائي ويٺو
علاج لاءِ الهه تلهه وڪرو، پيرسن امڙ شهر مان خيرات گهري پيٽ پالڻ تي مجبور
ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان پراسرار بيماري سبب گهر جو اڪيلو سهارو ٽن ٻارن جو پيءُذهني توازن وڃائي ويٺو، غربت سبب علاج کان محروم، الهه تلهه وڪرو، پيرسن امڙ شهر مان خيرات گهري پيٽ پالڻ تي مجبور، پٽ جي علاج جي لاءِ اپيل، ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ اسحاق ننڍا موريا ۾ گهر جو اڪيلو سهارو ٽن ٻارن جو پيءُ 30 سالا نوجوان محمد رمضان ٻٻر پراسرار بيماري سبب ذهني توازن وڃائي ويٺو غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري بي يارو مدد گار گهر ۾ پيل آهي جڏهن ته سندس امڙ مير زادي ٻٻر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي هڪ ئي پٽ جو اولاد آهي جيڪوڪجهه سال اڳ بيمار ٿي پيو هو جنهن جي علاج تي گهر جو الهه تلهه وڪرو ڪرڻ باوجود ٺيڪ نه ٿي سگهيو هن چيو ته غربت سبب سٺو علاج نه ٿيڻ ڪري هو ذهني توازن وڃائي چڪو آهي منهنجو مڙس الله بخش ٻٻر معذوري سبب هڪ جاءِ تي ويٺل آهي پٽ گهر جو واحد ڪمائيندڙ هو پٽ جي ذهني توازن وڃائڻ سبب گهر ۾ فاڪاڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا آهيون هن روئيندي چيو ته فاڪاڪشي کان مجبور ٿي شهر مان خيرات وٺي پٽ جو علاج ڪرائڻ سميت ٻچن جو پيٽ پالي رهي آهيان پٽ جي علاج جي لاءِ تر جي چونڊيل نمائندن وس وارن ڏانهن به ويس پر ڪنهن به اڄ ڏينهن تائين ڪابه مدد نه ڪئي آهي نوجوان پٽ کي بيماري جي بستري تي ڏسي جيءُ جهري پوندو آهي هن چيو ته ڊاڪٽر پٽ جي علاج تي لکين روپيا خرچ جو ٻڌائي رهيا آهن هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته پٽ جو علاج ڪرائي سندس حياتي کي بچايو وڃي.
مالي بحران سبب پاڪستان هاڪي سپر ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي
ايندڙ سال 12 کان 19جنوري تائين ليگ ٿيڻي هئي، نئين تاريخ جو اعلان نه ٿيو
ليگ ۾ پرڏيهي رانديگرن شموليت جو يقين ڏيارڻ باوجود سپر ليگ جتي تاريخ تبديل
لاهور ( اسپورٽس ڊيسڪ )پاڪستان هالي فيڊريشن پاران ايندڙ سال رٿيل پاڪستان سپر هاڪي ليگ ملتوي ڪئي وئي آهي. هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر مشهور ڪرائڻ لاءِ فيڊريشن طرفان پي ايڇ ايس ايل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو پر پر هاڻ ان منصوبي کي ملتوي ڪيو ويو آهي، هاڪي ليگ 12 کان 19جنوري تائين رٿيل هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فنڊ نه هئڻ ڪري ليگ ڪرائڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. پي ايڇ ايس ايل هاڻ لاهور ۾ مارچ ۾ ٿي سگهي ٿي پر ان حوالي سان حتمي تاريخ اڃان تائين ناهي آئي، ياد رهي ته 12 پرڏيهي رانديگرن پي ايڇ ايف کي ايونٽ ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي هئي.
وڳڻ: سيپڪو 200 غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا
ٻرڙا ڪالوني، کبڙي مڪان پاڙي ۽ مين چوڪ سميت مختلف علائقن ۾ سيپڪو جو آپريشن
وڳڻ (ن پ ا (سيپڪو ايڪسن جي اڳواڻي ۾ وڳڻ شهر جي مختلف پاڙن ۾ بجلي چوري خلاف آپريشن ڪيو ويو، ٻرڙا ڪالوني، کبڙي مڪان محلا، بس اسٽينڊ روڊ، نصيرآباد ناڪو، وڳڻ مين چونڪ، پوراڻو بس اسٽينڊ سميت ڪيترن ئي پاڙن جا 200 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا.
سيپڪو ايڪسئن موجب قمبر ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ ننڊن وڏن شهرن ۾ بنا بلز جي بجلي استعمال ڪندڙ چورن خلاف اپريشن جاري آهي ۽ بجلي چوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
ڇاڇري ۾ آر او پلانٽ جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو
مختلف ڳوٺن جي آر او پلانٽ ملازمن الهجڙيو نهڙي ذوالفقار نهڙي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو
ڇاڇرو (ن-پ-ا)ڇاڇرو شھر ۾ ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ آر او پلانٽ تي ملازمت ڪندڙ ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، اڀ ڏاريندڙ نعرا، مختلف ڳوٺن جي آر او پلانٽ ملازمن الهجڙيو نهڙي ذوالفقار نهڙي نهال مينگهواڙ علي محمد راهمون قاضي راهمون سنجر خان راهمون اقبال راهمون دودو خان ٻين مظاهرو ڪيو، مظاهرين جو چوڻ هيو ته اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن،جڏهن ته ٿر ۾ آر او پلانٽ هلائيندڙ نجي ڪمپني پگهارون نه پئي ڏي، آر او پلانٽ آپريٽر جو چوڻ آهي ته گذريل پنج مهينن کان پگهارون بند آهن،آر او پلانٽ هلائڻ اسان بند ڪري ڇڏيا آهن، اسان جا مطالبا منظور ڪيا وڃن.
نئين سال جي شروعات کان اڳ ئي سمنڊ وڃڻ تي پابندي لاڳو
قلم 144 لاڳو ڪندي سمنڊ ڏانهن وڃڻ ۽ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي
ريڊ زون ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي ۾ واڌ ڪئي وئي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهروکاتي پاران اڄ قلم 144 لاڳو ڪندي سمنڊ ڏانهن وڃڻ تا اتي وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي . جاري ڪيل نوٽيفڪيشن اڄ کان لاڳو هوندو .نوٽيفڪيشن موجب نئين سال جي شروعات جي موقعي تي به سمنڊ ڏانهن وڇڻ تي مڪمل طور پابندي لاڳو هوندي جڏهن ته ريڊ زون قرار ڏنل علائقن ۾ 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي لاڳو پاندي ۾ به 6 مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي .
شيخ رشيد سياسي خانه بدوش آهي: مرتضيٰ وهاب
علي ترين هڪ ارب جي ٽيم خريد ڪئي، جي آءِ ٽي وري بلاول جي لنچ بل تي ٺهي وئي
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير شيخ رشيد کي سياسي خانه بدوش قرار ڏيندي چيو آهي ته شيخ رشيد وزارت ماڻڻ لاءِ عمران خان جو درٻاري بڻجي ويو، علي زيدي شيخ رشيد جو شاگرد هئڻ جو اعتراف ڪري پنهنجي 2 نمبر سياست کي تسليم ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ شيخ رشيد جي تنقيد تي ردعمل ظاهر ڪندي صوبائي صلاحڪار مرتضي وهاب چيو ته جهانگير ترين جي پٽ علي ترين هڪ ارب رپين جي ڪرڪيٽ ٽيم خريد ڪئي آهي پر جي آءِ ٽي وري بلاول ڀٽو جي لنچ بل تي ٺهي وئي.
هن چيو ته شيخ رشيد جهانگير ترين بابت سوال جي جواب ۾ پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪئي، ڳالهين کي گهمائڻ آسان آهي ته عليمه خان جي ڏوهه کي لڪائڻ آسان ناهي، شيخ رشيد سياسي خانه بدوش آهي، جنهن جي مير جو مقدر نالا لئي ۾ ڪِرڻ آهي، هو ريلوي جي وزارت لاءِ عمران خان جو درٻاري بڻجي ويو.
صوبائي صلاحڪار چيو ته علي زيدي شيخ رشيد جو شاگرد هئڻ جو اعتراف ڪندي پنهنجي 2 نمبر سياست کي تسليم ڪيو آهي
مرتضي وهاب چيو ته جهانگير ترين جي پٽ هڪ ارب رپين جي ڪرڪيٽ ٽيم خريد ڪئي، پر جي آءِ ٽي وري بلاول ڀٽو جي لنچ بل تي ٺهي وئي، اسان جي خلاف 50 سالن کان بي بنياد جاچ ٿي رهي آهي، ڇو ته اسان جو ڏوهه عوام جو آواز بڻجڻ آهي، آصف زرداري هڪ ڏهاڪو جيل ۾ گذاريو، اسان ايترو صبر ڪنداسين جو ظلم شڪست کائي ويندو.
مفاهمت يا مزاحمت ؟ سڀاڻي پيپلز پارٽي جي سي اي سي اجلاس ۾ اهم فيصلن جو امڪان
بلاول ۽ آصف جي صدارت ۾ سڀاڻي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو
پ پ پاران موجوده صورتحال تي غور ويچار بعد حڪمت عملي جوڙي ويندي
ڪراچي ( ن پ ا ) پاڪستان پيپلزپارٽي جو سي اي سي جو اجلاس سڀاڻي نئون ديرو هائوس ۾ ٿيندو، ذريعن موجب موجوده صورتحال ۾ مفاهمت بدران مزاحمت جي سياست شروع ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.
پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي شام نئون ديرو ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرادري ڪندا.
اجلاس دوران شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريبن جي تيارين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ مختلف اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو.
سي اي سي اجلاس ۾ پ پ جي چئني صوبن جا صدر ۽ مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي پاليسي جو نئين سر جائزو ورتو ويندو ۽ ذريعن موجب اجلاس دوران مني لانڊرنگ ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ سميت مجموعي صورتحال تي مشاورت بعد مفاهمت بدران مزاحمت جي سياست شروع ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.
سول اسپتال نوشهروفيروز کي اپ گريڊ نه ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي، علامتي بک هڙتال
مختيار علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي
سول اسپتال ۾ علاج جون بنيادي سهولتون ميسر ناهن، اسپتال ايندڙ مريض سخت پريشان ٿين ٿا: اڳواڻ
نوشهروفيروز(رپورٽر) سول اسپتال نوشهروفيروز کي اپ گريڊ نه ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي مهراڻ چوڪ کان شروع ٿي ۽ شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهتي جتي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙ اسپتال کي سهولتون ڏيو جا نعره هڻي رهيا هئا، ريلي جي اڳواڻي سنڌي ادبي سنگت ضلع نوشهروفيروز جي رابطه سيڪريٽري سيد مختيار علي شاهه، سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر، خادم سيال، سڪندر جروار، سيد شمس الدين، عزيز ڦل ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ علاج جون بنيادي سهولتون ميسر ناهن، جنهن ڪري اسپتال ايندڙ مريض سخت پريشان ٿين ٿا. اسپتال جي دل ۽ گردن واري وارڊ کي ايس اين اي نه هئڻ ڪري وارڊن ۾ مڪمل اسٽاف، ڊاڪٽر ۽ دوائون ناهن جنهن ڪري دل ۽ گردن وارن مريضن کي تمام گهڻو ڀوڳڻو پوي ٿو. هنن چيو ته انتظاميه هٿ وٺي اسپتال مان 45 ڊاڪٽر وڏن شهرن ڏانهن بدلي ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ پيدا ٿي آهي، اسپتال ۾ سرجن ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري غريب مريضن جا آپريشن به نه ٿا ڪيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته سول اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ وڏي وزير جي جاري ڪيل ليٽر تي فوري طور تي عمل ڪري شهرين کي علاج جهڙي بنيادي سهولت فراهم ڪئي وڃي.
ميان صاحب: 20 ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، وارث پوليس مان مايوس
ميان صاحب ( ن پ ا ) پوليس 20 ڏينهن اڳ اغوا بعد قتل ڪيل نوجوان جا قاتل گرفتار ڪري نه سگهي، وارثن پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوسي جو اظهار ڪندي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.
نوجوان محمد حنيف کي اغوا بعد قتل ڪرڻ وارو ڪيس داخل هئڻ باوجود ميان صاحب پوليس سندس قاتلن کي 20 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار ڪري نه سگهي.
نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس هيل تائين ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا آهن، پوليس جي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ آهي، معاملو جو نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن
ڪشمور مان ملندڙ عورت جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي
بي ايس فيڊر مان ملندڙ لاش جي سڃاڻپ امرون پٺاڻ طور ڪئي وئي
گهرواري کي مرگهي هئي ، پير ترڪڻ سبب ٻڏي هوندي :عبدالرسول
ڪشمور(ن پ ا) گڊو بيراج ڀرسان بي ايس فيڊر مان هٿ آيل عورت جي لاش جي سڃاڻپ مسمات امرون پٺاڻ طور ڪئي وئي آهي ، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو . اڄ صبح وقت بي ايس فيڊر ۾ لاش ترندي ڏسي گڊو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنهن کانپوءَ پوليس ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ٻاهر ڪڍيو. ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ لاش جي سڃاڻپ گڊو بي ايس فيڊر ڀرسان تاج محل پاڙي جي رھواسڻ عورت مسمات امرون پٺاڻ طور ڪئي وئي 60 سالا مسمات امرون پٺاڻ جو لاش ڪشمور سول اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو .سول اسپتال ڊاڪٽرن جي رپورٽ موجب مسمات امرون جو موت پاڻي ۾ ٻڏڻ ڪري ٿيو آهي رابطو ڪرڻ تي فوتي عورت جي مڙس عبدالرسول پٺاڻ چيو ته سندس گهرواري کي مرگهي جا دورا پوندا هئا بيماري جي حالت ۾ پير ترڪڻ سبب پاڻي ۾ ڪري فوت ٿي .
ڏهرڪي: معصوم شاگرد سان ڏاڍائي جي الزام ۾ گرفتار 2 جوابدار آزاد
پوليس جي دٻاءُ سبب راڄوڻي پيا ڪيون، غريب آهيون ڪجهه ڪري به نه ٿا سگهون: متاثر ڌر
ڪيس داخل ناهي، جوابدارن کي حراست ۾ نه ٿا رکي سگهون: پوليس جو موقف
ڏھرڪي ( ن پ ا ) ڏهرڪي پوليس معصوم شاگرد سان مبينا جنسي ڏاڍائي جي الزام هيٺ گرفتار ٻن جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو، نينگر جي والد دانهيو آهي ته پوليس جي ڌٻاءُ تي راڄوڻي لاءِ راضي ٿي ويا آهيون پر فيصلي کان اڳ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ زيادتي آهي، پوليس جو موقف آهي ته ڪيس داخل ڪرائڻ تائين جوابدارن کي حراست ۾ نه ٿا رکي سگهون
ڪجهه ڏينهن اڳ ڏهرڪي جي القطب ٽائون ۾ 6 هين ڪلاس جي شاگرد سان زيادتي جي جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس الزام هيٺ آيل ٻن جوابدارن فضل سومرو ۽ علي پنجابي گرفتار ڪيو هو، جن کي رات دير سان آزاد ڪيو ويو آهي.
رابطو ڪرڻ تي نينگر جي والد عبدلجبار ملڪ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پوليس دٻاءُ وجهي راڄوڻي لاءِ لکت ۾ راضپو حاصل ڪيو آهي، غريب آهيون، ڪجهه ڪري به نه ٿا سگهون، پر اڄ ڀرچونڊي پير ميان رفيق کان فيصلي جي تاريخ وٺڻي هئي، پر ان کان اڳ ئي پوليس جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڌريون پاڻ ۾ ٺهي ويون آهن، جنهن سبب ڪيس به داخل ناهي ڪرايو ويو، ڪيس داخل ڪرائڻ تائين جوابدارن کي حراست ۾ نه ٿو رکي سگهجي
ميڪسيڪو ۾ هيلي ڪاپٽر ڪري پوڻ ڪري گورنر ۽ سينيٽر مارجي ويا
ميڪسيڪو جي رياستي گونر پنهنجي مڙس ۽ سينيٽر سان هيلي ڪاپٽر ۾ سوار هئي
ميڪسيڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي رياست پيوبلا جي گورنر مارٿا اريڪا پنهنجي مڙس ۽ سينيٽر رافيل مورينو سميت حادثي جو شڪار ٿي ويا، سندن هيلي ڪاپٽر ڪري ٻئي مارجي ويا. مارٿا اريڪا ملڪ ۾ مخالف ڌر جي اهم اڳواڻ پڻ هئي، جڏهن ته اختيارين موجب هيلي ڪاپٽر ڪرڻ جڪو سبب اڃان تائين سامهون ناهي اچي سگهيو. مارٿا 10 ڏينهن اڳ ميڪسيڪو جي هڪ رياست جي گورنر طور قسم کنيو هو، هن پيوبلا رياست جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت گورنر هجڻ جو اعزاز ماڻيو هو. پيوبلا 31 ميڪسيڪو جي رياستن مان هڪ آهي، جنهن جي آبادي 60 لک کان وڌيڪ آهي.
ميهڙ ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ جو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويو
ميهڙ (ن-پ-ا) تحريڪانصاف تعلقي ميهڙ جي نائب صدر رئيس قربان بزنجو (بروهي ) جو ننڍو ڀاءُ عبدالله بزنجو لاڏاڻو ڪري ويو جنازه نماز اڄ عيد گاه ميهڙ ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ گاهي مهيسر روڊ تنيه هائوس ڀرسان تڏو وڇايو ويو آهي، جتي شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران مرحوم جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
ميهڙ ۾ حدخلين خلاف آپريشن، دڪانن جا دڪا ڊاهي پٽ ڪيا ويا
ميهڙ جي مين روڊ سميت مختلف رستن تان حددخليون هٽايون پيون وڃن
مک بازار، ريشم گلي ۽ ٻين علائقن ۾ دڪانن جا دڪا ۽ ڇپرا ڊاهيا ويا
ميهڙ (ن پ ا) سيشن ڪورٽ دادو ءِ پاڻي ڪميشن جي چيئرمين رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم جي حڪم تي ميهڙ جي مين روڊ سميت شهر جي مختلف رستن تان حد دخلين هٽائڻ واري ڪاروائي شروع ڪئي وئي آهي ا ن سلسلي ۾ عدالت جي حڪم تي اڃ به اسٽنٽ ڪمشنر عبدالفتاح پنهور، ايس ايڇ او اي سيڪشن امان الله چنو، ايس ايڇ او بي سيڪشن ممتاز سرڪي، ميونسپل ميهڙ جي چيف ميونسپل آفيسر اورنگزيب مگسي، مارڪيٽ ڪاميٽي جو چيئرمين مهراب لاکير ۽ ٻين جي نگراني ۾ وڏن پوليس اٽالن جي موجودگي ۾ شهر ۾ مين روڊ، مک بازار ,ريشم گلي سميت مختلف هنڌن وٽ دڪانن جا دڪا ڇپرا، منهن ڊاهيا پيا وڃن ۽ قبضا هٽايا پيا وڃن ان سلسلي ۾ ميونسپل ميهڙ پاران حد دخلين ڪندڙ دڪاندارن کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا هئا . ان سلسلي ۾ ميهڙ شھر ۾ ناجائز حد دخلين خلاف ميهڙ شھر جي رهائشي شفيق احمد شيخ پاران ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن تي به ميونسپل اختيارن روينيو کاتي جي عملدارن ناجائز حد دخلين ختم ڪرڻ خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو پر عدالت جي طلب ڪرڻ تي ايس ڊي ايم ميهڙ فهيم لاکير مختيارڪارميهڙ صابر حسين ميراڻي عدالت پاران طلب ڪرڻ تي نه اچڻ جو عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ جي حڪم بعد عدالت پاران اسٽنٽ ڪمشنر عبدالفتاح کي قبضن هٽائڻ واري ڪم جو انچارج مقرر ڪري قبضا هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد اڄ به عدالت جي حڪم تي قبضن هٽائڻ واري ڪاروائي جاري رهي، هوڏانهن قبضن هٽائڻ واري ڪاروائي دوران شهرين نظير جانوري ۽ ٻين الزام هنيو آهي ته ميونسپل ميهڙ، مارڪيٽ ڪاميٽي وارا پئسا وٺي قبضا خورن سان مليل آھن انهن پئسن عيوض قبضا ڪرايا آھن ۽ قبضن هٽائڻ واري ڪاروائي صرف ڏيکاءُ آهي بااثر حڪومتي جماعت سان واسطور رکندڙ قبضا خورن جا قبضا نه پيا هٽايا وڃن تعلقه اسپتال ميهڙ ، اريگيشن آفيس ۽ ريوينيو آفيس ڀرسان ايس ڊي ايم جي پراڻي رهائش گاه تعليم کاتي في ميل جي ايس ڊي او آفيس جي سامهون ايريگيشن کاتي جي انجنيئر ايس ڊي او جي پراڻي رهائشي عمارتن ۽ راڌڻ روڊ دان روڊس کاتي جي آفيسرن جي آفيسن ۽ رهائشي عمارتن پلاٽن ۽ گهاڙي روڊ سان ڊرينيج جي مين نالن تي ببااثرن ڌرين جا قبضا برقرار آهن صرف ريڙهي گاڏنن وارن کي هٽائڻ سان گڏ دوڪانن جي اڳيان ٺھيل منهن ڊاهيا پيا وڃن، هنن گهر ڪئي آهي ته شهر ۾ ٿيل سمورا ٿيل قبضا نا جائز حددخليون بنا سياسي فرق جي هٽايا وڃن ءِ قبضا خورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي مخصوص ماڻھن خلاف ڪاروائي ٿي ته شهر جا دوڪاندار واپاري احتجاج ڪندا.