حيدرآباد(رپورٽر)خانه فرهنگ جمهوري اسلامي جمهوريه اسلام ايران جي ٽن ڏينهن واري خطاطي جي نمائش شروع ٿي وئي،جنهن جو افتتاح ايران جي نامياري آرٽسٽ مهذب نياز،عبدالله پور ۽ نامياري اديب يوسف سنڌي ڪيو.نمائش ۾ قرآني آيتون ۽ واٽر ڪلر ذريعي ٺاهيل روضن جون تصويرون رکيون ويون.نمائشي تصويرن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهتا،نمائش ۾ حصو وٺندڙ هڪ شاگردياڻي دعا اعجاز چيو ته مون هڪ هفتي جي محنت کان پوءِ خطاطي مڪمل ڪئي آهي،مصباح چيو ته مون مديني جي اڱڻ جي آئل پينٽنگ ڪئي آهي،جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مونکي 6 ڏينهن لڳي ويا،هن چيو ته اميد آهي ته منهنجي پينٽنگ ماڻهن کي پسند ايندي.
حيدرآباد ۾ ٽن ڏينهن واري خطاطي نمائش شروع،ماڻهن جي رش
ايران جي نامياري آرٽسٽ مهذب نياز،عبدالله پور ۽ يوسف سنڌي افتتاح ڪيو
نمائش ۾ قرآني آيتون ۽ واٽر ڪلر ذريعي ٺاهيل روضن جون تصويرون رکيون ويون
دڙو ۾ استاد جي گهر تي حملي جو 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل
دڙو (رپورٽر) دڙو لڳ استاد جي گھر تي حملي جو 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، ڳوٺ حاجي غلام محمد ڪانڌڙو واسي متاثر استاد غلام اويس ڪانڌڙو جي فرياد تي عطا محمد ڪانڌڙو، شاھ محمد، خالد ڪانڌڙو سميت 10 ڄڻن خلاف رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي. آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي هئي. دڙو پوليس جي ايس ايڇ او مير حسن راڄو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته استاد جي گهر تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن. معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون. ھوڏانھن سيڪنڊري استاد غلام اويس ڪانڌڙو ۽ ٻين ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي ته رات دير سان ڄاڻايل جوابدارن اسان جي گھرن تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن تي سخت تشدد ڪري ڦرلٽ ڪرڻ بعد فائرنگ ڪئي، جوابدار انتھائي بااثر ۽ ڏوھاري قسم جا ماڻھو آھ، جاني نقصان جو خدشو آهي، ھن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حملي آورن کي گرفتار ڪري کين جاني ۽ مالي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
ميرپور ساڪرو:ٻه موٽرسائيڪلون ٽڪرائجي ويون،هڪ ڄڻو فوت،2 زخمي
ميرپورساڪرو(رپورٽر(ميروپورساڪرو ويجھو ٽاڪاڻي بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلون ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا،ان ڏس ۾ميرپورساڪرو ويجھو ٽاڪاڻي بس اسٽاپ تي ٻن موٽرسائڪل جو آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي م ھڪ ڄڻو عرس لاشاري فوت ٿي ويو جڏنھن ته 2 ڄڻا جميل احمد خاصخيلي ۽ الھداد واريو سخت زخمي ٿي پيا جن کي شيخ زيد اسپتال آندو ويو،فوتي عرس لاشاري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
ڏوڪري ڀرسان زميني تڪرار تان جهيڙو،ڏنڊن جو وسڪارو،6 ڄڻا زخمي
ڏوڪري (ن پ ا)ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سانگھرو ۾ زميني تڪرار تان ٻه ڌريون وڙهي پيون،6 ڄڻا زخمي ٿي پيا،ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سانگھرو ۾ زمين جي تڪرار تان سانگھرو برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ڏنڊا لڳڻ سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ رب ڏنو سانگھرو جي ڌر جا چار ڄڻا رب ڏنو سانگھرو ،حمز جتوئي، اصغر جتوئي، ضمير جتوئي، ۽ ٻڍل سانگھرو جا ٻه ماڻهو ڪامل ۽ ڏاڏو سانگھرو زخمي ٿي پيا، رب ڏنو سانگھرو جي فرياد تي ٻڍل سانگھرو جي ڌر جي 7 ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي رب ڏنو سانگھرو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي موروثي زمين تي بيٺا هئاسين ته ٻڍل سانگھرو جي ڌر جا ماڻهو ڏنڊن سان اسان کي مارڻ شروع ٿي ويا، هن وڌيڪ چيو ته ان زمين جو فيصلو به ٿيل آهي جنهن اھيا زمين اسان جي ثابت ٿي هئي ۽ اسان جي حوالي ڪئي وئي هئي، ، آخري اطلاع تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.
مني لانڊرنگ: جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي پڌري ٿيڻ جو امڪان
رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد قانوني حڪمت عملي جوڙينداسين، خبر ناهي عدالت ۾ ڇا ٿيندو:لطيف کوسا

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي، جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ٿيڻ جو امڪان آهي، چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ مني لانڊرنگ ڪيس جي لاهور رجسٽري ۾ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سڀاڻي عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، سندس قانوني ٽيم پيش ٿيندي، جنهن ۾ فاروق ايڇ نائيڪ، سردار لطيف کوسا ۽ ٻيا شامل آهن، ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، جيڪا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عدالت ڌرين حوالي ڪندي، لطيف کوسا جو چوڻ آهي ته رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي قانون حڪمت عملي جوڙينداسين، سپريم ڪورٽ ۾ سڀاڻي ڇا ٿيندو، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ٿيندو ته ايئن آهي ته رپورٽ ڌرين کي ڏئي نئين تاريخ ڏني ويندي آهي.
تبت ۾ جامني رنگ جا ناياب صوف پيدا ٿين ٿا، جنھن جي قيمت 1000 روپيا آھي
بيجنگ (دلچسپ نيوز) صوف عام طور سائي، ڳاڙهي يا ڦڪي رنگ جا ٿيندا آهن، پر تبت جي جابلو علائقن ۾ دنيا جا ناياب صوف ڄمون رنگ جا ٿين ٿا، جن جو رنگ پري کان ڪارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
تبت جي خودمختيار علائقي نيانگ چي ۾ڄمون رنگ جا صوف ٿين ٿا، سمنڊ جي سطح کان 3100 ميٽر جي اوچائي تي هڪ چيني ڪمپني اتي باغ پڻ لڳايا آهن.
ڄمون رنگ جا صوف پهريون ڀيرو 2015 ۾ ڦٽڻ شروع ٿيا هئا، جنهن سبب مارڪيٽن ۾ به وڏي اگهه تي وڪرو ڪيا وڃن ٿا. هڪ صوف جو اگهه 7 ڊالر يا پاڪستاني هڪ هزار رپيا آهن.
عام صوف جو وڻ 3 کان 5 ورهين ۾ پيدوار ڏيڻ شروع ڪري ٿو، پر هن قسم جي صوفن جي پيدوار 8 ورهين کان اڳ ممڪن ناهي هوندي. انهن مان رڳو 30 سيڪڙو صوف اهڙا آهن، جيڪي مڪمل طور ڪاري رنگ جا ٿي وڃن ٿا ۽ سٺي اگهه تي وڪرو ٿين ٿا.
آزاد عدليا نوازشريف خلاف آزاد فيصلو ڪندي: شاهه محمود قريشي
پاڙيسرين سان رابطا وڌائڻا پوندا، سڀاڻي کان افغان، ايران چين ۽ روس ويندس
ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آزاد عدليا نوازشريف بابت فيصلو آزادي سان ڪندي، هن وقت جيڪي ڪيس هلي رهيا آهن، اهي تحريڪ انصاف ناهن ٺاهيا، ملتان ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته علائقائي ملڪن جي دوري تي وڃي رهيو آهيان، سڀاڻي افغانستان ويندس، ان کانپوءِ ايران، چين ۽ روس جو دورو ڪندس، چئني ملڪن جو دورو ٻن ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، انهن ملڪن جي سربراهن سان رابطا منشور جو حصو آهن، پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڙيسرين سان رابطا وڌائڻا پوندا، پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ ضروري آهي ان سان ملڪ کي فائدو ٿيندو، روزگار جا موقعا به وڌندا، هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي جي حڪومتن پرڏيهي سيڙپڪاري تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ خوشحالي ۽ امن اچڻ کانپوءِ وسيلا هٿيارن بدران غربت جي خاتمي تي خرچ ڪنداسين.
مڪاني ننڍي چونڊ جا نتيجا پڌرا: پ پ ۽ متحدھ اميدوارن کي سرسي
نوشهري فيروز جي يوسي ستابو، پير ڳوٺ جي يوسي راهوجا ۽ ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ تي پ پ اميدوارن کي شڪست
حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 87 ۽ 21 تي ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب، عمر ڪوٽ ۾ ف ليگ جو غازي سمون کٽي ويو

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊون پوريون ٿيڻ بعد غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 87 تي متحده پاڪستان جو شعيب الحسن 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ اميدوار پ پ جي عنايت علي هارائي ويو، کيس 106 ووٽ مليا. نواب شاهه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي، کيس 90 ووٽ مليا، جڏهن ته پنو عاقل ۾ يوسي نوراجا وارڊ نمبر 4 ۾ ڪائونسلر سيٽ تي آزاد اميدوار آدم مهر 365 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. پير جو ڳوٺ جي ٽائون ڪميٽي احمد پور جي وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار محمد بخش ميتلو 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته ف ليگ جي حمايت يافتا اميدوار سراج الدين کنڀڙو کي 36 ووٽ مليا. سانگهڙ جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار اڪرم قريشي 619 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جي ڊي اي اميدوار آفاق قريشي کي 504 ووٽ مليا. عمرڪوٽ جي يوسي مردان شاهه ۾ ف ليگ جو عازي سمون 1643 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، هن سيٽ تي پ پ جي روشن راهمون کي 1354 ووٽ مليا. سکر جي يوسي 17 نيو پنڊ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار گل محمد 535 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو محمد نعيم هارائي ويو. حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 21 تي متحده جي پرويز وسيم 1045 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار امتياز عالم کي 331 ووٽ مليا. گهوٽڪي جي يوسي عمر ڊهو ۾ پ پ اميدوار ڄام دلاور لکڻ 1770 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار ارشد لکڻ 739 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ملير جي يوسي ڪاٺوڙ تي پ پ اميدوار دادا ڪريم بلوچ 2735 ووٽ کڻي کٽي ويو، پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله 717 ووٽ کڻي سگهيو. ماتلي جي وارڊ نمبر 7 ۾ پ پ جي عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار منير نظاماڻي کي 926 ووٽ مليا. نوشهروفيروز ۾ يوسي ڪوٽ ستابو ۾ مير محمد عالماڻي 1309ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وي، پ پ جي آصف عالماڻي 500 ووٽ مليا. پيرڳوٺ جي يوسي راهوجا ۾ آزاد اميدوار 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کڻي سگهيو. ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ وارڊ 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 469 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي منور ملاح کي 355 ووٽ مليا. حيدرآباد جي يو سي 53 تي پ پ اميدوار ساجد شاهه 1393 ووٽ کڻي ڪامياب سوڀ ماڻي، متحده جي جهانگير ڪاڪا کي 687 وٽ مليا. ملير جي يوسي ڄام مراد علي تي آزاد اميدوار صدام بلوچ 1947 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته پ پ جي عرفان جوکيو کي 1835 ووٽ مليا. قاضي احمد جي يوسي گهرام مري جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار نياز حسين مهر 650 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.
رتوديري ۾ نوجوان قتل، قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو
رتوديرو (م ڊ) رتوديرو ۾ هٿياربندن نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش رکي وارثن جو ڌرڻو، رتوديرو جي وچ شهر ۾ ٽيليفون ايڪسچينج ڀرسان هٿياربندن 19 ورهين جي برڪت علي ولد ممتاز علي ويسر کي گوليون هنيون، جوابدار واردات کانپوءِ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي سندس وارث تعلقه اسپتال کڻائي ويا جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، مقتول جو لاش تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن نوجوان جو مڙھ کڻي لاڙڪاڻو سکر ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ قومي شاهراهه تي رکي پوليس خلاف ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مقتول جي والد ممتاز علي ويسر ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته اسان جي نوجوان کي عمراڻي برادري جي ماڻهن قتل ڪري وڏو ناحق ڪيو آھي، جيسيتائين پوليس قاتل گرفتار نه ڪندي اسان لاش رکي ويھي رهنداسين، جڏهن ته روڊ بند هئڻ ڪري ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون بيهجي ويون، جڏهن ته آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
دولتپورصفن ۾مهمان ٿي آيل پنجاب واسي ناري اغوا ڪري ويو
ناري مائره ڌيءُ بشير شاهه کي عمران شاهه اغوا ڪيو،ڪيس داخل ڪيو ويو
اغوا ٿيل مائره جي 15 ڏينهن اڳ شادي ٿي هئي:ناري جو پيءُ

دولتپورصفن(ن پ ا)دولتپورصفن شهر ۾ مهمان ٿي آيل پنجاب واسي نوجوان ناري کي اغوا ڪري ويو، ٿاڻي تي رپورٽ داخل، خبر موجب نوجوان ناري مائره ڌي بشير شاه کي سندن گهر مهمان ٿي آيل پنجاب جي شهر دنيا پور جي رهواسي عمران شاھ اغوا ڪري ويو آهي، ان سلسلي ۾ ناري جي پيُ بشير شاھ دولتپورصفن ٿاڻي تي پهچي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته عمران شاھ منهنجي ڌي مائره جو سڱ گهريو هو، جنهن تي اسان انڪار ڪندي 15 ڏينهن اڳ مائره جي شادي نوابشاھ جي ساجد شاھ سان ڪرائي ڇڏي هئي، جيڪا ڪالھ مائٽن سان ملڻ لاء گهر آئي ته جوابدار عمران شاھ کيس اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي ويو، هوڏانهن دولتپورصفن پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي اطلاع آهن ته ناري شادي جي ارادي سان گهران نڪتي آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.
فلم “زيرو” ڏسڻ بعد ملالا جو شاهه رخ نالي پيغام

لنڊن (شوبز ڊيسڪ) نوبل انعام ماڻيندڙ پاڪستاني شاگردياڻي ملالا يوسف زئي فلم “زيرو” ڏسڻ بعد بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان نالي وڊيو پيغام جاري ڪندي شاهه رخ جي اداڪاري جي واکاڻ ڪئي آهي.
شاهه رخ جي اداڪاري جي واکاڻ ڪندي ملالا يوسف زئي چيو ته فلم ڏسي تمام سٺو لڳو، فلم مزاح سان ڀرپور هئي، جيڪا منهنجي خاندان کي ڏاڍي وڻي.
ملالا چيو ته شاهه رخ آئون توهان جي وڏي مداح آهيان، توهان سان ٽوئيٽر تي ڳالهائڻ سٺو لڳندو آهي، اميد آهي ته هڪ ڏينهن توهان آڪسفورڊ يا برطانيه آيا ته ضرور ملاقات ٿيندي، ۽ اهو ڏينهن مون لاءِ وڏو ڏهاڙو هوندو. هن وڌيڪ چيو ته توهان بهترين ۽ حيرت انگيز شخص آهيو، هر ڪو توهان کي اها ڳالهه چوندو هوندو پر آئون هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائي رهي آهيان ته توهان حيرت انگيز ۽ سٺا انسان آهيو.
سڀني جون نظرون اڄوڪي فيصلي تي کتل آهن: فواد چوڌري

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سڀني جو نظرون اڄوڪي فيصلي تي کتل آهن، ڪيس سڌو آهي ته سعودي عرب ۽ دبئي ۾ نواز شريف ۽ سندس ٻارن جون ملڪيتون آهن، جڏهن ته سوال اهو آهي ته ملڪيتون ٺاهڻ لاءِ پئسو ڪٿا آيو، جنهن جو جواب ڏيڻ کان هيءَ لنوائي رهيا آهن.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته جنهن عمر ۾ ٻارن جا سڃاڻپ ڪارڊ ناهن ٺهندا، نواز شريف جا ٻار ان عمر ۾ ارب پتي ٿي ويا، ٽيلنٽڊ ماءُ پيءُ ٻارن جي اڪائونٽ ۾ پئسا وڌا، هيءَ بليڪ ميلر جو گروپ آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته هيءَ ڪهڙو اصول آهي ته وڏي ڀاءُ جي اڪائونٽ جو آڊٽ ننڍو ڀاءُ ڪرائيندو، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ رڳو ٻنهي ڀائرن جي ڪيسز تي ڳالهيون ٿينديون آهن، ڪير مهانگائي ۽ عوامي مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي.
هن چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ اتحاد ضرور ڪن، سڀ گڏجي“ٺگز آف پاڪستان اتحاد ٺاهين.
فواد چوڌري چيو ته جهڙي ريت ڀارت ۾ ٺگز آف هندوستان ناڪام ٿي، اهڙي ريت پاڪستان ۾ ٺگز آف ڀارت فلاپ ٿيندي.
سڌ سماءَ واري وزير چيو ته آصف زرداري چئي رهيو آهي ته هو معصوم آهي، هن ڪجهه به ناهي ڪيو، گذريل 15 سالن ۾ ٿيل ڦرلٽ ڪنهن جن ڪئي هوندي، جيڪڏهن آصف زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف معصوم آهن ته بدمعاش ڪير آهي؟
فواد چوڌري چيو ته آصف زرداري عوام کي روڊن تي اچڻ جي اپيل ڪري رهيو آهي، هيءَ پنهنجي ملڪيت بچائڻ لاءِ ماڻهن کي احتجاج تي مجبور ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾مسئلو قانونسازي نه پر عملدرآمد آهي، نيب درست ڪم ڪري رهيو آهي، پر وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته سڀني جون نظرون سڀاڻي واري فيصلي تي کتل آهن، حڪومت ڪرپٽ عنصرن کي بخش نه ڪندي.
”دريا بچايو“ : اياز لطيف پليجو جي سربراهي ۾ هالا کان ڀٽ شاهه تائين مارچ
ڀٽ شاھ (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جي قيادت ۾ هالا کان ڀٽ شاهه تائين درياءَ بچايو مارچ شروع ڪيو ويو آهي، هالا ۾ درگاهه سرور نوح روڊ تان نڪتل پيادل لانگ مارچ ۾ سوين مرد ۽ عورتون به شامل آهن، درياءَ بچايو مارچ ۾ شامل اڳواڻن جو مختلف هنڌن تي گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو ،اياز لطيف پليجو مارچ کي خطاب ڪندي چيو تـ ڪالاباغ ڪنهن بـ صورت ۾ سنڌ واسين کي قبول نـ آهي،سنڌو درياءَ تي ڪنهن بـ قسم جو ڪو ٻيو ڊئم بـ برداشت نـ ڪيو ويندو .هن چيو تـ سنڌ ۾ لاقانوعيت عروج تي آهي،بدامني ۾ بـ اضافو ٿي ويو آهي حڪومتي وزير ۽ ميمبر ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن هن چيو تـ ڪرپشن ادارن کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي، پاڻي کوٽ، گئس جي لوڊ شيڊنگ، ڪمند جي آبادگارن سان زيادتيون ۽ زرعي جنسي اگهن ۾ ڪمي عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي،دريا بچايو لانگ مارچ هالا مان شروع ڪري شاهه لطيف ڀٽائي جي در تي دانهن ڏينداسين ۽ سنڌ ڌرتي جي ترقي. ان موقعي تي روشن ڪنراڻي، الطاف خاصخيلي، آغا محمود ،محمد رخشاڻي، شڪور ناز سميت ٻيا اڳواڻ بـ موجود هئا
احتساب عدالت جو امڪاني فيصلو: نواز شريف ۽ شهباز شريف قانوني توڙي سياسي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا
نواز ۽ شهباز وچ ۾ ملاقات، عدالتي فيصلي بعد قانوني رستو اختيار ڪرڻ تي اتفاق: ذريعا
آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ چانهه جي دعوت ڏني ويندي: ذريعا
اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شهبازشريف وچ ۾ ملاقات دوران عدالتي فيصلي بعد قانوني رستو اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ چانهه جي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف کي عوام کان پري رکڻ لاءِ ٿيندڙ فيصلا بي بنياد مفروضن جي پيداوار آهن، مان سندس ڪارڪن بڻجي انصاف لاءِ ڪردار ادا ڪنديس.
نوازشريف اسلام آباد جي منسٽر انڪليو پهچي سب شهبازشريف جي جيل قرار ڏنل گهر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، جنهن دوران العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز جو سڀاڻي ايندڙ امڪاني فيصلي جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي.
ملاقات دوران نيب ريفرنسز سميت پارٽي معاملن ۽ ملڪي جي ٻين اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب ملاقات دوران نوازشريف ۽ شهبازشريف اتفاق ڪيو ته احتساب عدالت جي فيصلي بعد قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو ۽ فيصلو خلاف اچڻ جي صورت ۾ پارليامينٽ اندر احتجاج ڪيو ويندو.
ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ملاقات دوران پيپلزپارٽي سميت مختلف اپوزيشن جماعتن ساب به رابطن جي حوالي سان ويچاريو ويو.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ چانهه جي دعوت ڏني ويندي،
نوازشريف جي نياڻي مريم نواز اسلام آباد روانگي کان اڳ ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته مان اوهان جي ڪارڪن بڻجي انصاف لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهنديس.
مريم نواز پنهنجي والد نوازشريف کي چيو ته اوهان کي عوام کان پري رکڻ وارا فيصلا بي بنياد مفروضن جي پيداوار آهن.
پني عاقل ۾ مبينا جرڳي دورين نينگر ۽ نينگري جو نڪاح، وڏيري جرڳي واري الزام جي ترديد ڪري ڇڏي
پني عاقل ۾ ڪارنهن تڪراري جرڳي دوران ئي نينگر انيس سان شمائلا جو نڪاح ڪرايو ويو
وڏيري زبردستي نڪاح ڪرايو آهي (شمائلا جو پيءُ) ڪو جرڳو ناهي ڪيو: وڏيري جي ترديد
پنوعاقل (رپورٽ: مرتضيٰ ڊيهو/نديم بوزدار ) ڪارنهن معاملي جي مبينا جرڳي دوران وڏيري طرفان نينگر کي نينگري سان ڪارو قرار ڏئي هڪ ٻي نينگري جو پنهنجي ڀائيٽي سان زبردستي نڪاح ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. متاثر ڌر انصاف جي اپيل ڪندي چيو آهي ته وڏيري الزام پاڻ هنيو ۽ فيصلو به پاڻ پنهنجي ئي حق ۾ ڪيو آهي.
ڳوٺ ڪريم بخش واگهو ۾ گذريل ڏينهن ڪارنهن معاملي جو جرڳو وڏيري ڪريم بخش واگهو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن دوران پورهيت جي 8 سالن جي پٽ جواد تي وڏيري جِي 6 سالن جِي ڀائيٽِي سان ڪارنهن جو الزام مڙهيو ويو.
جرڳي دوران الزام ثابت ٿيڻ تي نينگر واري ڌر تي سڱ چٽي ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪندي سندن 7 سالن جي نينگري شمائله جو وڏيري جي 14 سالن جي ڀائيٽَي انيس واگهو سان زبردستي نڪاح ڪرايو ويو.
پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي متاثر ڌر چيو ته نينگر تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي جرڳو ڪيو ويو ۽ وڏيري سڱ چٽي جو فيصلو ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، هنن چيو ته وڏيري الزام پاڻ هنيو ۽ فيصلو به پاڻ پنهنجي حق ۾ ڪيو آهي.
متاثر ڌر سنڌ سرڪار سميت اعليٰ اختيارين کان جرڳي جو نوٽيس وٺندي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.
نينگري شمائلا جي پيءُ جو چوڻ آهي ته وڏيري جرڳي دوران زبردستي نڪاح ڪرايو، پر خوف کان ڪنهن کي نه ٻڌايو. هن مطالبو ڪيو آهي ته وڏيري خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفط فراهم ڪيو وڃي.
پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي وڏيري ڪريم بخش واگهو جرڳي جي تردي ڪري ڇڏي.
وڏيري موقف اختيار ڪيو ته منهنجي خلاف سازش ڪئي پئي وڃي، جرڳي جي آڙ ۾ پيسا وٺڻ لاءِ بيلڪ ميل ڪيو پيو وڃي