fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

نوازشريف اسلام آباد آهي يا لاهور ۾؟: ليگي قيادت بي خبر

نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب به نوازشريف جي شيڊول کان بي خبر رهي

طارق فضل چوڌري نوازشريف جي اسلام آباد ڪڏهن لاهور ۾ موجودگي ٻڌائيندو رهيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي لاهور کان اسلام آباد پهچڻ بابت نون ليگ جي ترجمان ۽ نون ليگ جي اسلام آباد جي قيادت به بي خبر رهي. مسلم ليگ (ن) جي ذريعن اسلام آباد جي صحافين کي ميان نواز شريف جي شهباز شريف سان ملاقات لاءِ روانو ٿيڻ بابت اطلاع ڏنا ته اسلام آباد جي صحافين نواز شريف جي شيڊول بابت آگاھ ڪندڙ اڳوڻي مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري سان رابطو ڪيو ته طارق فضل چوڌري چيو ته ميان نواز شريف لاهور ۾ آهي ۽ هو آچر ڏينهن اسلام آباد نه ايندو پر هو سومر ڏينهن اسلام آباد ايندو. ٿوري دير کانپوءِ نون ليگ جي ذريعن صحافين کي اهو ٻڌايو ته ميان نواز شريف اسلام آباد ۾ منسٽر انڪليو اندر شهباز شريف جي رهائشگاھ تي پهچي چڪو آهي جتي سندن ملاقات شروع ٿي وئي آهي. ان بعد نون ليگ جي واٽس ايپ تي ٺهيل بيٽ رپورٽر گروپ ۾ طارق فضل چوڌري کي آگاھ ڪندي ٻڌايو ته ميان صاحب، شهباز شريف وٽ پھچي چڪو آهي ته طارق فضل چوڌري، گروپ ۾ ميسيج ڪيو ته 200 سيڪڙو تصديق سان چوان ٿو ته ميان نواز شريف اسلام آباد نه آهي ۽ هو لاهور ۾ آهي. ٿوري دير کانپوءِ طارق فضل چوڌري ۽ نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بي خبري جو اعتراف ڪندي تصديق ڪئي ته ميان نواز شريف لاهور کان اسلام آباد پهچي چڪو آهي ۽ سندس شهباز شريف سان ملاقات ٿي رهي آهي.

پينو فقير ڪيس جو نئون رخ، ڪارنهن الزام ھيٺ قتل ٿيڻ جو انڪشاف

غيرت ۾ اچي فقير کي قتل ڪيو(جوابدار) سوکا جي کيسي مان پئسا ڪڍي کيس ماريو ويو: چوٻول

حيدرآباد: قتل ڪيس ۾ گرفتار ماءُ ۽ پٽ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد مان 5 ڏينهن اڳ قتل ٿيل پيرسن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته پوليس ماءُ پٽ کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو يوسف پوليس موجب، پيرسن بندو عرف سوکا قتل ڪيس ۾ نئون رخ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گجراتي پاڙي مان عورت نور النساءَ ۽ سندس پٽ فيصل عرف سني کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته مقتول جا سندس امڙ سان غلط لاڳاپا هئا، جنهن تي دوستن سان گڏجي بندو عرف سوکو کي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري ڦٽو ڪيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پيرسن بندو عرف سوکا پينو فقير هو، جوابدارن کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس کيسي مان پئسا ڪڍيا ويا. پوليس ٽئين جوابدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، پر سندس گرفتاري ظاهر نه ڪري رهي آهي.

جي آءِ ٽي جو آصف ۽ فريال کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ کي سفارش جو فيصلو: ذريعا

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) ميگا مني لانڊرنگ ڪيس بابت جي آءِ ٽي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي نااهل قرار ڏيڻ سوڌو 23 مختلف ريفرنسز داخل ڪرائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ کي سفارش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل بئنچ سڀاڻي سُپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي ويندي. ٻڌڻيءَ دوران جي آءِ ٽي طرفان ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل بابت سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ جي حوالي سان عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن موجب سڀاڻي سُپريم ڪورٽ ۾ ميگا مني لانڊرنگ اسڪيندل جي حوالي سان جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه طرفان پ پ پ پارليامنٽيرينز جي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي نااهل قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ تي مختلف ڪرپشن ۽ غيرقانوني طور اثاثا ٺاهڻ جي حوالي سان ثبوتن بابت عدالت کي آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن موجب سُپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻيءَ دوران جي آءِ ٽي طرفان عدالت کي مني لانڊرنگ، غير قانوني بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقمن جي منتقلي، زمينن جي غيرقانوني منتقلي ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي حوالي سان اهم ثبوتن بابت آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جي آءِ ٽي سربراهه طرفان مجموعي طور 23 ريفرنسز داخل ڪرڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ کي سفارش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

فريال ٽالپر 13 گاڏين جي قافلي ۾ سيوهڻ پھچي درگاھھ قلندر تي حاضري ڏني

سيوهڻ(ن پ ا) پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر وي آءِ پي پروٽوڪول ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو. فريال ٽالپر 13 گاڏين جي پروٽوڪول ۾ قلندر جي درگاهه تي پهتي. فريال جي سڪيورٽي ۾ شامل گارڊز صحافين کي ڪووريج کان روڪي ڇڏيو. قلندر جي نگري تي حاضري دوران فريال ٽالپر سان سهيل انور سيال ۽ ضياءَ الحسن لنجار سميت ٻيا اڳواڻ به گڏ هئا.

ڪرمپور۾بجاراڻي-تيغاڻي تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو

دوست محمد بجاراڻي جي وارثن انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو، ٽريفڪ معطل

ضلعي چيئرمين پهچي مظاهرين کي جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري بعد روڊ کولرايو

ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور ۾ 25 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ بجاراڻي ۽ تيغاڻي خوني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان دوست علي بجاراڻي جي جنازي نماز سندس ڳوٺ راوت بجاراڻي ۾ ادا ڪئي وئي. مقتول جي وارثن يوسي چئرمين امتياز علي بجاراڻي، عبدالحفيظ بجاراڻي، دليل بجاراڻي ۽ ٻين انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته مقتول جو جهيڙي سان واسطو نه هو، تيغاڻي برادري جي هٿياربندن کيس بيگناهه قتل ڪيو آهي. ايس ايس پي ڪشمور ڪشمور ضلعي چيئرمين سان فون تي رابطو ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي. محبوب علي بجاراڻي مظاهرين وٽ پهچي ڌرڻو ختم ڪرايو. واضح رهي ته بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان 25 ڄڻا قتل ۽ سوين زخمي ٿي چڪا آهن.

جوهي ڀرسان ناري مبينا اغوا، ڪيس داخل

جوھي(ن پ ا) جوهي ويجهو مبينا اغوا ٿيل ناري واري واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. ڳوٺ جعفر لنڊ واسي شريف لنڊ جوهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار آفاق لنڊ ناري ڪائنات لنڊ کي اغوا ڪري ويو آهي. ٻئي پاسي پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ناري ۽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار جو پتو نه لڳائي سگهي آهي. هوڏانهن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ناري نوجوان سان شادي لاءِ گهران نڪري وئي آهي.

ڏهرڪي ۾ هيپاٽائيٽس خاندان اجاڙي ڇڏيو،هڪ سال ۾ ساڳئي ڪٽنب جا 11 ڄڻا فوت

ڀرسان ڳوٺ عبدالله راڄڙي ۾ هيپاٽائٽس بي ۽ سي ڪلور ڪري ڇڏيا،فوتين ۾ ٻه سڳا ڀائر اڪبر علي ۽ حقنواز راڄڙي شامل

ساڳئي ڳوٺ ۾ هڪ سال دوران 16 ماڻهو بڇڙي بيماري جي ور چڙهي چڪا،ڪيترائي ڳوٺاڻا بيماري ۾ ورتل آهن:رهواسي

ڏھرڪي(رپورٽ:اعظم سهرياڻي) ڏھرڪي ڀرسان هڪ ئي ڳوٺ ۾ هيپاٽائٽس جا هاڃا،هڪ سال اندر هڪ ئي خاندان جي 11 ماڻهن سميت 16 ماڻهو ڪاري ڪامڻ واري بيماري ڳڙڪائي ڇڏيا،ڪيترا مبتلا آھن، ان ڏس ڏھرڪي ڀرسان ڳوٺ عبدالله راڄڙي ۾ هيپاٽائٽس بي ۽ سي ڪلور ڪري ڇڏيا،هڪ ئي سال ۾ راچڙي برداري جي 11 ماڻهن سميت 16 ماڻهو فوت ٿي چڪا آھن ،جن ۾ ٻه سڳا ڀائر اڪبر علي ۽ حافظ حقنواز راڄڙي، طيب راڄڙي ،عبدالحڪيم،عبدلرشيد راڄڙي،پنجل راڄڙي،مائي روزينه،مائي حوا راڄڙي،جميلا راڄڙي،مائي قائمه،طاهر راڄڙي،سنوج ڪمار،قطب الدين ڏهر فوت ٿي چڪا آھن ۽ ڪيترائي ڳوٺاڻا هن وقت هيپاٽائٽس ۾ مبتلا آھن، جيڪي ويڪسين ڪرائي رهيا آھن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن منير راڄڙي ۽ محمد دين راڄڙي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ هيپاٽائٽس ڪلور ڪري ڇڏيا آھن. اسان اهڙي بيماري جي بچاءُ لاءِ جاڳرتا مهم به هلائي هئي .پر هن وقت به ڪيترائي ڳوٺاڻا اهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آھن.

فساد چوڌري ڪهڙي منهن سان آصف زرداري خلاف پيو ڳالهائي؟: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير فواد چوڌري کي فساد چوڌري جو لقب ڏيندي چيو آهي ته آصف زرداري جو ترجمان رهندڙ فساد چوڌري ڪهڙي منهن سان بيان بازي ڪري رهيو آهي، اصل بدمعاش ته اهي سياسي ڏيڏر آهن، جيڪي هر دور ۾ حڪومت جو حصو هوندا آهن، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار بيريسٽر مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان جي ردعمل ۾ چيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ترجمان رهندڙ شخص اڄ ڪهڙي منهن سان سندس خلاف بيان بازي ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ آصف علي زرداري جا ڳُڻ ڳائيندڙ هاڻي خلاف پيو آهي، اهو جلد ڪپتان کي به پنهنجو اصل روپ ڏيکاريندو، اقتدار جي لالچ ۾ اچي پنهنجي محسنن سان احسان فراموشي ڪرڻ سندس رت ۾ شامل آهي، هي ڪپتان ۽ سندس پارٽي لاءِ ٻانهن جو نانگ ثابت ٿيندو، فساد چوڌري ايندڙ حڪومت جو ترجمان بڻجڻ جي مشق ڪري رهيو آهي.

پاڪستان ۾ 63سيڪڙو مائرون ٻارن کي ٿڃ نٿيون پيارين: ماهر ڊاڪٽر

حيدرآباد ۾ ٻارڙن کي ٿڃ پيارڻ بابت سيمينار

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ٻارڙن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ رڳو 37 سيڪڙو ٻارن کي مائرون پنهنجي ٿڃ پيارين ٿيون، جڏهن ته ٻين ٻارن کي وقت کان اڳ ئي هٿرادو کير ۽ ٻين کاڌن تي هيرايو وڃي ٿو. اهڙو انڪشاف پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن سنڌ جي سهڪار سان ٿيل ورڪشاپ ۾ ٿيو. ورڪشاپ ۾ عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرياڻين کانسواءِ اسٽاف نرسن ۽ ايل ايڇ ويز به شرڪت ڪئي. ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن سلميٰ شيخ، پروفيسر جلال اڪبر، ڊاڪٽر غلام رسول ٻرڙو، ڊاڪٽر چنديرام شاهاڻي، ڊاڪٽر ساجده يوسفاڻي، پروفيسر روشن آرا ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڊاڪٽرن چيو ته ماءُ جو کير زندگي آهي پر گهٽ مائرون ان جي اهميت کان واقف آهن. هنن چيو ته ٻارن جي ڄم جي پهرين ڪلاڪ کان 6 مهينن تائين ٻارن کي رڳو ماءُ جي ٿڃ پيارڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ماءُ جي کير ۾ اهي سڀ وٽامنز موجود هجن ٿا، جن سان ٻار صحتمند رهي سگهي ٿو. هنن چيو ته جيڪي ٻار ماءُ جي ٿڃ کان محروم رهن ٿا، تن ۾ موت جي شرح وڌيڪ هئڻ سان گڏ ڊائريا، نمونيا ۽ ٻين بيمارين جي حملي جو به ڊپ رهي ٿو. ڊاڪٽرن چيو ته جيڪي ٻار پنهنجي گهربل عمر تائين ماءُ جي ٿڃ نٿا پيئن، تن ۾ موت جي شرح 15 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ماهرن زور ڀريو ته مائرون ٻارڙن کي 6 مهينن جي عمر تائين صرف پنهنجي ٿڃ پيارين، جڏن ته هلڪي خوراڪ سان گڏ به ٿڃ 2 سالن تائين پيارڻ گهرجي.

سنڌ ۾ ننڍي چونڊ جا نتيجا پڌرا،پ پ کي سرسي،پي ٽي آءِ کي شڪست

حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 87 ۽ 21 تي ايم ڪيو ايم اميدوار ڪامياب ،ميرپورخاص ۾ به متحده اميدوار سوڀارو

خيرپور جي يوسي مانڊڻ ۾ آزاد اميدوار امتياز شر ڪامياب،يوسي گمبٽ ۾ فنڪشل ليگ اميدوار ڪاميابي ماڻي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ضمني مڪاني چونڊون پوريون ٿيڻ بعد غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 87 تي متحده پاڪستان جو شعيب الحسن 230 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ اميدوار پ پ جي عنايت علي هارائي ويو، کيس 106 ووٽ مليا. نواب شاهه جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل شاگردياڻي فرزانه جمالي هارائي وئي، کيس 90 ووٽ مليا، جڏهن ته پنو عاقل ۾ يوسي نوراجا وارڊ نمبر 4 ۾ ڪائونسلر سيٽ تي آزاد اميدوار آدم مهر 365 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. . سانگهڙ جي وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار اڪرم قريشي 619 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جي ڊي اي اميدوار آفاق قريشي کي 504 ووٽ مليا. عمرڪوٽ جي يوسي مردان شاهه ۾ ف ليگ جو عازي سمون 1643 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، هن سيٽ تي پ پ جي روشن راهمون کي 1354 ووٽ مليا. سکر جي يوسي 17 نيو پنڊ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار گل محمد 535 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو محمد نعيم هارائي ويو. حيدرآباد جي يونين ڪميٽي 21 تي متحده جي پرويز وسيم 1045 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار امتياز عالم کي 331 ووٽ مليا. گهوٽڪي جي يوسي عمر ڊهو ۾ پ پ اميدوار ڄام دلاور لکڻ 1770 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، آزاد اميدوار ارشد لکڻ 739 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ملير جي يوسي ڪاٺوڙ تي پ پ اميدوار دادا ڪريم بلوچ 2735 ووٽ کڻي کٽي ويو، پي ٽي آءِ جو عطاءُ الله 717 ووٽ کڻي سگهيو. ماتلي جي وارڊ نمبر 7 ۾ پ پ جي عمران ڪشميري 1173 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، آزاد اميدوار منير نظاماڻي کي 926 ووٽ مليا. نوشهروفيروز ۾ يوسي ڪوٽ ستابو ۾ مير محمد عالماڻي 1309ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وي، پ پ جي آصف عالماڻي 500 ووٽ مليا. پيرڳوٺ جي يوسي راهوجا ۾ آزاد اميدوار 926 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کڻي سگهيو. ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ وارڊ 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 469 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، پ پ جي منور ملاح کي 355 ووٽ مليا. حيدرآباد جي يو سي 53 تي پ پ اميدوار ساجد شاهه 1393 ووٽ کڻي ڪامياب سوڀ ماڻي، متحده جي جهانگير ڪاڪا کي 687 وٽ مليا. ملير جي يوسي ڄام مراد علي تي آزاد اميدوار صدام بلوچ 1947 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته پ پ جي عرفان جوکيو کي 1835 ووٽ مليا. قاضي احمد جي يوسي گهرام مري جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار نياز حسين مهر 650 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. خيرپور جي يوسي اڀڙي وارڊ نمبر 4 تي پ پ جو غلام علي ڪنڌر 531 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،سندس مخالف اميدوار حنيف تنيو کي 182 ووٽ مليا،ٺٽي جي يوسي ڇتو چنڊ ۾ پ پ جو حيدر شاهه شيرازي 1632 ووٽ کڻي ڪامياب سندس مخالف پي ٽي آءِ جي عظيم بروهي کي 112 ووٽ مليا،خيرپورجي احمد پور ٽائون ڪميٽي وارڊ نمبر 4 ۾ پ پ اميدوار محمد بخش ميتلو 232 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،خيرپورميرس جي احمد پور ٽائون ڪميٽي وارڊ نمبر 4 ۾ ف ليگ اميدوار سراج احمد کنڀڙو 34 ووٽ کڻي هارائي ويو،خيرپورجي يوسي مانڊڻ وارڊ نمبر 2 ۾ آزاد اميدوار امتياز شر 457 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، پ پ جي منور ملاح کي 349 ووٽ مليا،ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 1 وارڊ نمبر 3 ۾ آزاد اميدوار عبدالوحيد شيخ 432 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 1 وارڊ نمبر 3 ۾ پ پ اميدوار شاهد شيخ 317 ووٽ کڻي هارائي ويو.ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 وارڊ نمبر 1 ۾ آزاد اميدوار حفيظ ڦلپوٽو 317 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو،ٽائون ڪميٽي ٺيڙهي 2 وارڊ نمبر 1 ۾ پ پ اميدوار عبدالغني ڦلپوٽو 292 ووٽ کڻي هارائي ويو،خيرپور جي يوسي هنڊياري وارڊ 3 ۾ پ پ اميدوار نظر شر 590 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،يوسي هنڊياري وارڊ 3 ۾ ف ليگ اميدوار غلام الدين شر 345 ووٽ کڻي هارائي ويو،يوسي گمبٽ وارڊ 11 ف ليگ جو منور ميمڻ 468 ووٽ کڻي ڪامياب، پ پ جي يوسف ميمڻ کي 298 ووٽ مليا،ٽائون ڪميٽي کهڙا جي وارڊ 7 ۾ پ پ اميدوار اسحاق ناريجو 560 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته ف ليگ اميدوار غوث محمد لاشاري 118 ووٽ کڻي هارائي ويو. پيرڳوٺ لڳ يوسي راهوجا جي چيئرمين لاءِ ضمني چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار مير غلام عباس ٽالپر 926 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پ پ اميدوار ڌڻي بخش جاگيراڻي 852 ووٽ کنيان، ف ليگ جي ڪريم الدين ملڪ ڪل 550 ووٽ کنيان، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي وارڊ نمبر 4 تي پڻ ضمني چونڊون ٿيون جنهن ۾ پ پ جي محمد بخش ميتلو ۽ 230۽ ف ليگ اميدوار سراج الدين کنڀڙو ڪل 36 ووٽ کڻي سگھيو

قبو سعيد خان ۾ نينگر واٽر ۾ ٻڏي فوت

قبو سعيد خان (ن پ ا) قبو سعيد خان ويجهو نينگر واٽر ڪورس ۾ ڪري ٻڏي فوت، ڳوٺ الاهي بخش کوسو ۾ 4 سالن جو سلطان کوسو گهر آڏو راند ڪندي واٽر ڪورس ۾ ڪري پيو. مقامي ماڻهن نينگر کي واٽر ڪورس مان بيهوشي واري حالت ۾ ڪڍي اسپتال منتقل پئي ڪيو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.

خاموش ڇو آهيو؟ بلاول ڀٽو ميڊيا ترجمانن تي ناراض ٿي ويو، سرگرم ٿيڻ جي ھدايت

بلاول پارٽي جي سمورن ترجمان جو اجلاس سڏائي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

پارٽي خلاف ميڊيا مهم هلي پئي، پر ترجمان خاموش آهن؟
بلاول ڀٽو

ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي قيادت خلاف ميڊيا مهم ۽ پارٽي ترجمانن جي ماٺ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گذريل ڏينهن بلاول هائوس ۾ پارٽي جي سمورن ترجمانن ۽ ميڊيا مئنيجرن جو اجلاس سڏايو. اجلاس ۾ مصطفيٰ نواز کوکر سميت مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو، اطلاعات واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، پارليامينٽرين جي سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، بلاول هائوس ميڊيا سيل جي انچارج فدا ڍڪڻ، بلاول ڀٽو جي ترجمان عثمان غازي، اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه، بلاول هائوس جي ترجمان جميل سومرو، سرندر وراسائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ بلاول ڀٽو پارٽي جي سمورن ترجمانن، ميڊيا مئنيجرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پارٽي خلاف وڏي پئماني تي ميڊيا مهم هلي رهي آهي، پر انفارميشن سيڪريٽري ۽ ترجمان ڇو خاموش آهن؟. ذريعن بلاول ڀٽو پارٽي ترجمانن کي هدايت ڪئي ته ميڊيا سان رابطن ۾ رهندي پارٽي جو موقف پهچائڻ ۾ وسان نه گهٽائين.

پنو عاقل ۾ جرڳو ڪندڙ وڏيري تي ڪيس داخل، جوابي طور نياڻي واري ڌر تي پڻ ايف آءِ آر داخل

ايس ايس پي”پنھنجي اخبار“ جي خبر جو نوٽيس وٺي جرڳائي وڏيري جي گرفتاري جو حڪم

هاري تي 5 لک رپيا ڏنڊ مڙھي معصوم نياڻي سڱ چٽي ۾ وٺي ڀائٽي سان نڪاح ڪرايو

پنوعاقل:( رپورٽ :نديم بوزدار ) ايس ايس پي سکر اسد رضا شاھ ”پنھنجي اخبار“ ۾ پنو عاقل ۾ ٿيل جرڳي بابت خبر جو نوٽيس وٺي وڏيري ڪريم بخش کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏھن تھ پوليس وڏيري خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي، ھوڏانھن بااثر وڏيري پاران سياسي دٻاءُ استعمال ڪرائي فريادي ڌر مٿان پڻ جوابي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي، ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪريم بخش واگهو ۾ پ پ اڳواڻ ضلعي ڪائونسل سکر جي ميمبر ۽ ڳوٺ جي وڏيري ٻج ڀاڻ جي واپاري حاجي ڪريم بخش واگهو پنهنجي ڳوٺ جي هاري غلام محمد واگهو جي معصوم پٽ 8 سالن جي نينگر جواد احمد واگهو تي پنهنجي 6 سالن جي ڀائٽي تقوى ڌيءَ عبدالقادر سان ڪارنهن الزام مڙهيندي ڪارنهن معاملي جو جرڳو ڪيو.
وڏيري ڪاري ڌر تي 5 لک روپيا ڏنڊ مڙهيندي سندس ڀائٽي 7 سالن جي نينگري شمائلا ڌيءَ عطامحمد سڱ چٽي ۾رکندي پنهنجي 14 سالن جي ڀائٽي انيس احمد واگهو پٽ عبدالقادر سان زبردستي ڳوٺ جي مولوي گل محمد واگھو هٿان نڪاح ڪرائي ورتو آهي ،.
ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر غلام محمد واگهو ميڊيا آڏو ڪلام پاڪ کڻي ٻارن ٻچن سميت احتجاج ڪندي چيو ته وڏيري اسان سان ظلم ڪيو آهي اسان بي گناه آهيون الزام بي بنياد آهي ، چيف جسٽس آف پاڪستان ،وزيراعظم پاڪستان آءِجي سنڌ ،ڊي آءِ جي سکر،ايس ايس پي سکر کان مطالبو ٿو ڪيان ته مونکي انصاف ڏنو وڃي، سنڱ چٽي ۾ آيل معصوم نينگري شمائلا ڌيءَ عطا محمد جو نڪاح وڏيري جي مسجد جي پيش امام گل محمد واگهو پڙهايو سنڱ چٽيءَ ۾ آيل 7سالن جي معصوم نينگري دانهون ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏيرو ظالم آهي مان وڏيري جي گهر ۾ نه ويندس،
ٻئي پاسي پنهنجي اخبار جي ويب تي سڀ کان پهرين خبر نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي سکر اسد رضا شاھ ۾ ٿيل جرڳي جو نوٽيس وٺندي ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي بروقت ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ڊي ايس پي پنوعاقل لياقت علي عباسي کي به واقعي واري هنڌ تي پهچڻ جو حڪم ڏنو.
ايس ايس پي سکر اسد رضا شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته جرڳو ڪندڙن خلاف قانون موجب سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

ٺل ۾ اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود ڪاري وارا ڪک نظر اچن پيا: جسٽس (ر) امير هاني مسلم جي ڪامورن کي ڇنڊ

ڇو نه ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن کي نيب موڪليو وڃي؟ پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن کان سخت پڇاڻو

پبلڪ هيلٿ جا عملدار ۽ ٺيڪيدار 29 ڊسمبر تي ڪراچي طلب، ڊرينيج تان قبضا هٽائڻ جو حڪم

ٺل(رپورٽر) واٽر ڪميشن جو سربراه جسٽس (ر ) امير مسلم هاني ٺل پهتو ،جتي هن واٽر سپلاءِ جي تلائن ،ڊرينيج سسٽم جي کوهن جو دورو ڪيو، اطلاع تي ڪيترائي شھري پهچي ويا، شھرين سيد واحد بخش شاه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته واٽر سپلاءِ جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان مڪمل نه ٿيو آهي، اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود واٽر سپلاءِ مڪمل نه ٿي سگهي آھي، شھري پاڻي پئسن تي وٺڻ لاء مجبور آهن جڏهن ته ڊرينيج سسٽم مڪمل طور ناڪاره ٿيل آهي، نيڪال جو پاڻي روڊ ۽ گهٽين ۾ بيٺو آھي،جڏهن ته نيڪال جو پاڻي تلائن بجاءِ موسي الله آباد شاخ ۽ شھر مان گذرندڙ سون واه ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي، جنهن تي جسٽس امير مسلم هاني پبلڪ هيلٿ جي عملدارن کي سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته اربين روپيا خرچ ڏيکاريو آھي، پر ڪم ڪاري واري ڪک لڳا پيا آهن هن عملدارن کي چيو ته ڇو نه اوهان کي ۽ ٺيڪيدارن نيب موڪليو وڃي؟ هن ڊرينيج جي کوهن ۽ تلائن تان 15 ڏينهن ۾ قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ،جڏهن ته هن پبلڪ هيلٿ جي عملدارن ۽ ٺيڪيدارن کي 29 ڊسمبر تي ڪراچي اچي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو . شھر جي قبرستان ۾ گندو پاڻي اچڻ جي شھرين دانهن پڻ ڏني. واٽر ڪميشن جي سربراه سان ڊي سي جيڪب آباد ايڪسين پبلڪ هيلٿ ۽ ٻيا عملدار گڏ هئا.

عليمه خان خلاف جاچ ٿي ته عمران پڪڙجي پوندو:سعيد غني

عليمه ڀاءُ عمران خان سان گڏجي چندي ۾ خرد برد ڪئي آهي

بني گالا جي زمين چندي ۽ محل چوري جي پئسن مان ٺاهيو ويو
صوبائي وزير سعيد غني

ڪراچي (م ڊ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جيڪڏهن عليما خان خلاف جاچ ٿي ته عمران خان پڪڙجي پوندو، شوڪت خانم ٽرسٽ جي فنڊن جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائي وڃي، صوبائي وزير الزام هڻندي چيو آهي ته عليمه خان ڀاءُ عمران خان سان گڏجي چندي ۾ خرد برد ڪئي، بني گالا جي زمين چندي ۽ محل چوري جي پئسي مان ٺاهيو ويو، هن وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪڏهن عليمه خان خلاف جاچ ڪئي وئي ته وزيراعظم عمران خان پڪڙجي پوندو.