fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

عمران خان جي ڀارت خلاف شاندار اسپيل کي 36 سال مڪمل

عمران خان فائيل فوٽو

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري آل رائونڊر ۽ هاڻوڪي وزيراعظم عمران خان جي روايتي حريف ڀارت خلاف شاندار بالنگ اسپيل کي 36 سال مڪمل ٿي ويا.
27 ڊسمبر 1982 تي ڪراچي ٽيسٽ دوران 66 ورهين جي عمران خان ڀارت خلاف 60 رنسن عيوض 8 وڪيٽون ورتيون هيون، جڏهن ته ميچ ۾ 79 رنسون ڏئي 11 ڀارتي رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري هئي.
پاڪستان ان ميچ ۾ ڀارت کي اننگز ۽ 86 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
عمران خان جي شاندار بالنگ کي 36 سال پورا ٿيڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تي ان ڏهاڙي کي ياد ڪندي عمران جي شاندار بالنگ جو ڏينهن ملهايو.

وفاقي ڪابينا کي ڪراچي ۾ متحده ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن کي سيڪيورٽي نه ملڻ تي ڳڻتي

اسلام آباد: ڪابينا جي اجلاس بعد سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي چونڊيل ميمبرن کي سنڌ حڪوت پاران سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي چونڊيل ميمبرن کي سنڌ حڪومت پاران سيڪيورٽي نه ملڻ جي شڪايت آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان گھرو وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت سان ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت کي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ رابطو ڪيو وڃي. هن واضح ڪيو ته اگر سنڌ حڪومت سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي ته وفاقي حڪومت رينجرز کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي.

اخباري پنو سستو ٿي ويو، ڊيوٽي 5 مان گھٽائي ھڪ سيڪڙو ڪئي وئي

اسلام آباد: سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري پرنٽ ميڊيا صنعت لاءِ خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت اخباري پني تي ڊيوٽي 5 سيڪڙو مان گھٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اهو فيصلو ميڊيا جي صنعت کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. اميد ته ان جو صحافين کي فائدو ٿيندو.

اڳوڻو صدر آصف زرداري خانڳڙهه پھچي ويو

خانپور مهر (ن پ ا) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري خانڳڙهه پهچي ويو، جتي پيپلز پارٽي جي جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.ڪجھ دير بعد آصف رداري جلسي کي خطاب ڪندو، پ پ ايم پي اي اي علي نواز عرف راجا خان مهر ۽ صوبائي صلاحڪار محمد بخش خان مهربھ جلسي کي خطاب ڪندا .

افغانستان ۾ صدارتي چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

افغانستان (انٽرنيشنل ڊيسڪ) افغان اليڪشن ڪميشن ايندڙ سال ٿيندڙ صدارتي چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
افغان اختيارين موجب ملڪي الڪيشن ڪميشن چيو آهي ته اپريل ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن کي ڪجهه مهينن لاءِ ملتوي ڪرڻ گهرجي ته جيئن تياريون مڪمل ڪري سگهجن.
افغان اختيارين صدارتي چونڊون ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪئي، پر اهو نه ٻڌايو ويو ته چونڊون ڪيتري وقت تائين ملتوي هونديون.
هوڏانهن مقامي ميڊيا موجب اختيارين کي اهو خدشو هو ته صدارتي چونڊن ۾ ساڳيا ئي فني ۽ انتظامي مسئلا سامهون نه اچن، جيڪي آڪتوبر جي پارلياماني اليڪشن ۾ ٿيا هئا.

وزيراعظم اوچتو پمز اسپتال پھتو، مريضن کان سهولتن بابت پڇا

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم عمران خان اوچتو پمز اسپتال جو دورو ڪري مريضن سان عيادت ڪئي، وزيراعظم عمران خان بنا سيڪيورٽي جي اسپتال پهتو ۽ مريضن سان ملاقات ڪري ملندڙ سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، ان موقعي تي عمران خان صحت کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته مريضن کي صحت جون سموريون معياري سهولتون ڏنيون وڃن، وزيراعظم جي دوري دوران صحت کاتي جو وزير ۽ ٻيا موجود هئا.

سنڌ ۾ گورنر راڄ لاءِ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي:محمد زبير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، گورنر راڄ نه لڳي ته بهتر آهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، وزيراعظم گھرووزارت پاڻ وٽ رکڻ جو شوق صرف ان لاءِ آهي ته ايف آءِ سندس ماتحت هجي. عمران خان کي شوق آهي ته سينٽرلائز سسٽم هجي جنهن کي هو پاڻ ويهي ڪنٽرول ڪري. ڪير سندس ڳالهه نٿو مڃي ته جي آءِ ٽي ٺاهي ڇڏين ٿا. هن اهڙو اظهار ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ امام بارگاهه يثرب ۾ علي رضا عابدي جي ٽيجھي ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. محمد زبير چيو ته علي رضا عابدي سٺو انسان ۽ بهترين سياستدان هو، وزيراعظم کي به سندس وارثن سان تعزيت لاءِ ڪراچي اچڻ گھرجي ها، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم، گھرو وزير به آهي. هن چيو ته 2013 ۾ هر طرف ڌماڪا ٿيندا هئا پر اسان جي حڪومت پهرين 100 ڏينهن ۾ آپريشن شروع ڪيو، جيڪو اڃا جاري آهي. نواز ليگ حڪومت رينجرز کي پوليسنگ اختيار ڏياريا، جنهن بعد 2015 کان حالتون بهتر ٿيڻ شروع ٿيون. هن چيو ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي، وزيراعظم کي ڪم ڪرڻ گھرجي. اڳواڻي گورنر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٻن بلين وارو معاملو نسورو ڪوڙ آهي. نوازشريف سمورا عدالتي فيصلا قبول ڪيا، سندس متعلق ڪا به منفي ڳالهه سامهون نه آئي آهي. ججز فيصلا ڪندا آهن ته ڏوهه لکندا آهن، پهرين پٽ کان منافعو نه وٺڻ ۽ هاڻي وري پٽ کان فائدو وٺڻ جي سزا ملي آهي. ايف بي آر ڪجهه ٻيو ۽ نيب وري ٻيون ڳالهه ڪري ٿي. فيصل واوڊا ته روز نئين ڪهاڻي پيش ڪري ٿو.هن چيو ته وزيراعظم کي گھرو وزير بڻجڻ جوشوق ان لاءِ آهي جو هو چاهي ٿو ته ايف آءِ اي سندس ماتحت هجي.ڪير سندن ڳالهيون نٿو مڃي ته جي آءِ ٽي ڍاهي ٿا ڇڏي. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي وڏي پارٽي آهي، صوبي ۾ گورنر راڄ لاءِ ماحول ٺاهيو پيو وڃي. جيڪو غلط آهي، گورنر راڄ نه لڳڻ گھرجي.

آصف جي نااهلي واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور،زرداري کي طلب نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نا اهلي لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بئنچ پاران انهيءَ درخواست جي ايندڙ هفتي ۾ ٻڌڻي ڪرڻ جو امڪان آهي. اليڪشن ڪميشن ابتدائي ٻڌڻي ۾ آصف زرداري کي طلب نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي، ابتدائي ٻڌڻيءَ ۾ رڳو درخواست گذار جي موقف ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان پاران آصف علي زرداري جي نا اهليءَ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ نيب قانون ۾ اهم ترميمن تي اتفاق : ابتدائي مسودو پڻ تيار

قانون واري وزارت نيب قانون ۾ ترميم لاءِ شروعاتي ڊرافٽ تيار ڪري ورتو

مسودي ۾ نيب چيئرمين جا پلي بارگين ۽ ريفرنسز جا اختيار ختم ڪرڻ جي تجويز:ذريعا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ نيب قانون ۾ اهم ترميمن تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن بعد قانون واري وزارت نيب قانون ۾ ترميم لاءِ ابتدائي قانوني مسودي جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي. قانون واري وزارت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته تيار ڪيل ترميمي مسودي ۾ نيب چيئرمين جا پلي بارگيننگ ۽ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري وارا اختيار ختم ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. نيب قانون ۾ ترميم ڪري پلي بارگيننگ جا اختيار نيب چيئرمين کان واپس وٺي احتساب عدالت کي ڏيئي ۽ پلي بارگيننگ کي سزا جي زمري ۾ آڻڻ جي ترميم تجويز ڪئي وئي آهي. جڏهن ته احتساب عدالت کي جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جا اختيار ڏيئي، نيب رمانڊ جي 90 ڏينهن واري مدي کي گھٽ ڪري 14 ڏينهن ڪرڻ، ريفرنس داخل ڪرڻ جو اختيار نيب چيئرمين کان واپس وٺي احتساب ڪميشن کي ڏيڻ جون ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن. ذريعن مطابق اهڙو ترميمي ڊرافٽ مخالف ڌر جي مشاورت بعد تيار ڪيو ويو آهي.

آرمي چيف سان روسي سفير جي ملاقات، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان روسي سفير ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان روسي سفير اليگزي ديدوف ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻن طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران روسي سفير پنهنجي حڪومت پاران پاڪستان جي 10 فوجي آفيسرن ۽ ٻن سپاهين کي ڏنل ايوارڊ به آرمي چيف حوالي ڪيا، ان کانسواءِ روسي سفير آرمي چيف کي دولت مشترڪا ميڊل ۽ روسي جبل چاڙهو فيڊريشن جو تعارفي خط به پهچايو. آءِ ايس پي آر مطابق فوجي جوانن کي اهي ايوارڊ جولاءِ 2018ع ۾ روسي جبل چاڙهو جي مدد تي ڏنا ويا، پاڪ آرمي ايوي ايشن انتهائي مشڪل موسمي حالتن ۾ امدادي آپريشن ڪيو هو.

سنڌ حڪومت کي نيٺ ٿرڪول متاثر ياد اچي ويا، بحالي شروع

لاڳيتي احتجاج کانپوءِ 36 متاثر خاندانن جي ماڊل وليج قرار ڏنل سونهري درس ۾ منتقلي

متاثرن کي ڏنل گهرن ۾ سڀ سهولتون موجود آهن،جلد بحالي مڪمل ڪئي ويندي:مراد علي شاهه
مٺي : ٿرڪول جي متاثرين لاءِ اڏيل گهر

مٺي (رپورٽر) سنڌ سرڪار کي نيٺ ٿرڪول متاثر ياد اچي ويا، 5 سالن کانپوءِ بحالي ڪم شروع، گوڙاني ڊيم خلاف لاڳيتي احتجاج توڙي سول سوسائيٽي جي دٻاءَ کانپوءِ ٿرڪول جي انتظاميه رڳو 36 متاثر خاندانن کي ماڊل وليج قرار ڏنل سونهري درس منتقل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته اڃا ڪيترائي متاثر بحالي لاءِ واجهائي رهيا آهن، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرڪول متاثرن کي گهر ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان ٿرڪول فيلڊ بلاڪ ٽو جي متاثرن کي منصوبي ۾ حصيدار بڻايو آهي، اميد آهي ته متاثر خاندان ۽ سندن ايندڙ نسل زبردست ترقي ڪندو، هر خاندان کي 100 مربع گز گهر ۾ سموريون سهولتون موجود آهن، مال بيهارڻ جي جاءِ به فراهم ڪئي وئي آهي، ٻڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سونهري درس ماڊل وليج ۾ 172 پڪا گهر، 1000 شاگرن لاءِ ٽه ماڙ اسڪول، 10 دوڪانن تي ٻڌل بازار ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارچ 2019 تائين 172 خاندانن جي منتقلي مڪمل ٿي ويندي.

ٽنڊي آدم ۾ نوجوان گهرڀاتين کان ناراض ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي

ٽنڊوآدم (ن پ ا)ٽنڊي آدم ۾ نوجوان گهرڀاتين کان ناراض ٿي زهر پي ڇڏيو،ان ڏس ۾ٽنڊوآدم جي علائقي رشيد ڪالوني ۾ 25 ورهيه نوجوان محمد نذير پٽ محمد مائٽن کان ناراض ٿي زهريلي دواپي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن تعلقي آسپتال آندو .

پيپلزپارٽي شڪارپور ۾ اختلاف،2 گروپ ٺھي ويا

ضلعي صدر عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ ۾ يوٿ ونگ جي عهدن تان اختلاف

محترمه جي ورسي تي اختلاف ظاهر، عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ الڳ ڪمپيون لڳايون
عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) پيپلزپارٽي شڪارپور ضلعي ۾ اختلاف، ڌڙابندي جو شڪار، پ پ ضلعي صدر ايم اين اي مير عابد ڀيو ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ وچ ۾ پ پ يوٿ ونگ ۾ من پسند ماڻهن کي عهدا ڏيڻ تان اختلاف شروع ٿيا جڏهن ته آغا سراج دراني ۽ ڪماريو ڀائرن ۾ اليڪشن ۾ مڪمل طور مدد نه ڪرڻ ڪري اختلافن جا چئوٻول پڻ هلندڙ هئا جيڪي هن ڀيري شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ دوران پڌرا ٿي چڪا آهن، ٻنهي اڳواڻن پاران ڌار ڌار ڪيمپون قائم ڪيون ويون جيڪي سڄو ڏينهن جيالن کان خالي رهيون، جڏهن ته امتياز احمد شيخ ۽ عابد ڀيو ڌار ڌار پينافيلڪس ٺهرايا جن تي هنن رڳو پنهنجون پنهنجون الڳ تصويرون لڳايون، جنهن بعد ٻئي اڳواڻ الڳ گاڏيون سجائي پنهنجي بنگلن تان جٿن جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ويا، ٻئي پاسي شڪارپور پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو پڻ شڪارپور هائوس تي پهچي امتياز شيخ سان گڏ ڪيمپ تي پهتو هو جڏهن ته آغا سراج دراني ڳڙهي ياسين مان جيالن جي جٿي سان الڳ ڳڙهي خدا بخش لاءِ روانو ٿيو، شڪارپور ضلعي اندر پ پ اڳواڻن ۾ عام عام چونڊن کان اڳ ٽڪيٽن ۽ چونڊن کان بعد هڪٻئي جي تڪن تي مدد نه ڪرڻ ۽ تازو يوٿ چونڊن ۾ من پسند ماڻهن کي سليڪٽ ڪرڻ تان اختلاف شروع ٿيا هئا، ياد رهي ته هڪ سال اڳ امتياز شيخ جي پ پ ۾ اچڻ ۽ کيس ٽڪيٽ ڏيڻ تان آغا تيمور پٺاڻ پ پ ڇڏي چڪو آهي.

الزام لڳندا رهندا آهن، سمورا ثبوت عدالت ۾ڏينداسين:رحمان ملڪ

سکر (رپورٽر)پيپلزپارٽي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته نالا اي سي ايل ۾ شامل ٿيندا آهن ۽ نڪرندا آهن، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، آصف زرداري اڳ به جيل ڪاٽيو پر مٿس ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو، الزام لڳندا رهندا آهن، پ پ سمورا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪندي، هن چيو ته پرويز مشرف کي ڏيهه واپس آڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

حيدرآباد ۾ پوليس موبائلون ڏوهارين کي پڪڙڻ بدران ڀاڄيون ڍوئڻ لڳيون

ڀاڄيون ڍوئيندڙ پوليس موبائيل

حيدرآباد(رپورٽ:فقير سليم)حيدرآباد ۾ پوليس جون موبائلون ڏوهارين خلاف ڪاررواين ڪرڻ بجاءِ ڀاڄيون ڍوئڻ لڳيون،ان ڏس ۾ هڪ فوٽو جنرلسٽ جي ڪئمرا ڀاڄيون ڍوئنيدڙ هڪ پوليس وين نمبر ايس پي 562 اي جي تصوير پنهنجي ڪئمرا ۾ فلمبند ڪري ورتي