اسلام آباد (رپورٽر) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته معيشت جي ترقي لاءِ رڪاوٽون ختم ڪري رهيا آهيون، ناڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ قدم کڻنداسين، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيداوار ۽ روزگار ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ ڪرڻي آهي، غيرملڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون،انهن سان رابطي ۾ آهيون، اسان کي ايڪسپورٽ کي وڌائڻ ۽ هنرمندي کي هٿي ڏيڻ جي اهم ضرورت آهي،
بلاول صاحب! ”اس طرح تو هوتا هي، ايسي ڪامون مين“: مراد سعيد
اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي وزير مراد سعيد پ پ چيئرمين جي خطاب تي رد عمل ۾ چيو آهي ته بلاول صاحب “اس طرح تو هوتا هي اس طرح ڪي ڪامون مين” بي رحمي سان ڦرلٽ ڪرڻ وقت اوهان جي والد محترم کي انجام ياد رکڻ گهرجي ها، ناشتي ۽ صدقي جي ٻڪرن جي جعلي اڪائونٽس مان ادائگي جو حوالي ڏيڻ پاڻ هڪ ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ آهي، وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته سنڌ پوليس کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ بلاول جي والد ڪرپشن ۾ رت جي هولي جي کلي ڇوٽ ڏني، بلاول کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان سمجهائي وٺون ٿا ته پاڪستان بدلجي چڪو آهي، هن يچو ته پي پٽ کي ڪجهه ٻيو نظر اچي يا نه اچي اهو ضرور نظر اچي رهيو آهي ته ڪرپشن خلاف ڌرتي تنگ آهي، نئين پاڪستان ۾ قوم جي ڏوهارين سان مفاهمت نه ٿيندي، بلاول صاحب قوم کي ٻڌايو ٿر ۾ موت جي ننگي رقص جو ذميوار ڪير آهي؟ قوم جي هر هڪ ٻار کي جي آءِ ٽي جي رپورٽ پڙهائڻ گهرجي، قوم کي خبر پوي ته ڪيتري بيدردي سان ملڪ کي لٽيو ويو ۽ ادارا تباهه ڪيا ويا.
لکي غلام شاهه ڀرسان ڪارنهن تڪرار،وڌيڪ هڪ زخمي فوت،مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو
مارجي ويلن ۾ سجاول خروس، سندس پٽ بلاول ۽ ڀائٽيا عابد ۽ نعمت الله شامل،ڌريون مورچا بند
مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ لکي غلام شاهه منتقل ڪيا ويا،آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس ورتو
لکي غلام شاھ(رپورٽ:فھيم حيدر منگي ) لکي غلام شاھ لڳ محمود آباغ ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن تڪرار جي معاملي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت ٿي ويو آهي،جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو،ڳوٺ متارو خروس ۾ ڪارنهن تڪرار تان خروس برادريء جي ٻن ڌرين عبدالقادر عرف انگاري خروس ۽ سجاول خروس جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان بدنام ڌاڙيل عبدالقادر عرف انگاري خروس ڌر جي ماڻهن جديد هٿيارن سان ڳاڙھي (عورت واري ڌر) سجاول خروس جي گهرن تي حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ سجاول خروس جي ڌر جا پيءُ ،پٽ سجاول ۽ بلاول ،ڀائٽيو عابد خروس نعمت الله سميت 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. جڏهن ته هڪ ڄڻو موج علي خروس زخمي ٿي پيو ،واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو. ڌريون مورچا بند آهن جڏهن ته آباد ملاڻي ايٽ محمود آباد پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ لکي سول اسپتال منتقل لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو .چئني مقتولن جا لاش ڳوٺ متارو خروس پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو . جڏھن ته ٻنهي ڌرين ۾ وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي،هوڏانهن آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.
ننگرپارڪر جي دڪاندارن کي 4 جنوري تائين حددخليون هٽائڻ جي مهلت
اسٽنٽ ڪمشنر دڪاندارن سان ملاقات ڪري کين پاڻمرادو حددخليون هٽائڻ جي هدايت ڪئي
حددخليون نه هٽايون ويون ته 4 جنوري کان انتظاميه پاران هٽايون وينديون:اسسٽنٽ ڪمشنر

ننگرپارڪر (ن پ ا ) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سڄي ملڪ وانگر ننگرپارڪر ۾ حددخليون هٽائڻ لاء انتظاميه سرگرم ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر نورالدين هنگورجو شهر جي دڪانن جي مالڪن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ ننگرپارڪر شهر جو دورو ڪري روڊ جي ماپ ڪري شهرين کي غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ لاء سختي سان هدايتون جاري ڪيون . ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر دڪانن جي مالڪن کي هدايت ڪئي ته ننگرپارڪر شهر جي مين روڊ کان ڪاسبو روڊ تائين 40 فوٽن تائين روڊن جي ويجهو ڪيل غيرقانوني اڏاوتون پاڻمرادو ختم ڪيو وڃن ۽ شهر ۾ روڊ جي وچ سينٽر کان روڊ جي ٻنهي پاسن تائين 20 فوٽ هڪ طرف ۽ روڊ جي سينٽر کان 20 فوٽ ٻئي طرف تائين ڪيل غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪيون وڃن . ٻي صورت ۾ 4 کان 6 جنوري 2019ع تي ننگرپارڪر ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪرين مشين جي ذريعي ڪاروائي ڪري انتظاميه پاڻ ڊهرائيندي . جنهن کانپوء شهري سخت پريشان آهن شهري ذولفقار کوسو ، ولي محمد ، غازي خان ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ننگرپارڪر ننڍڙو ۽ تاريخي شهر جي حيثيت رکي ٿو ان ۾ 40 فوٽن جي بجاءِ 25 کان 30 فوٽن تائين حددخليون هٽايون وڃن . ننگرپارڪر شهر ورهاڱي کان اڳ ڪاروباري مرڪز سڏيو ويندو هو ۽ مارڪيٽ پڻ ورهاڱي اڳ جي ٺهيل آهي ، پراڻي مارڪيٽ ڊاهڻ کانپوءِ شهر تاريخي بجاء کنڊر جو ڏيک ڏيندو . ٻي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر نورالدين هنگورجو ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پوري ملڪ وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ غيرقانوني حددخليون ختم ڪري روڊن کي ويڪرا ڪرڻ لاء ڪاروائي جو عمل جاري آهي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف شهرن مٺي ،اسلام ڪوٽ ۽ چيلهار ۾ غيرقانوني حددخليون هٽائڻ لاء آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ننگرپارڪر ،ڏانوڌاندل ۽ ويراواهہ ۾ 4 کان 6 جنوري 2019ع تي حددخلين جي خلاف آپريشن ڪيو ويندو .
ڪوٽڙي ۾ بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو مڪمل، ڪي پي ۽ پنجاب فاتح

ڪوٽڙي (رپورٽ: ڌڻي بخش باريجو )ڪوٽڙي ۾ بلائينڊ ٽي 20 ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو، ڪي پي ۽ پنجاب ميچون کٽي ورتيون.
پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ هلندڙ بلائيند ڪرڪيٽ سپر ليگ جي چوٿين ڏينهن ڪي پي 7 وڪيٽن تان بلوچستان ۽ پنجاب وڪيٽن تان سنڌکي شڪست ڏني. پهرين ميچ ۾ بلوچستان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي بلوچستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون، بلوچستان جي بيٽسمين بدر علي 43 بالن تي 99 رنسون ٺاهيون، اڪرم خان 43 بالن تي 71 رنسون ٺاهيون. ڪي پي جي بالرن مجيب 2 وڪيٽون ورتيون، گڀر، شاهزيب ۽ آصف هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته رانديگر رن-آئوٽ ٿيا.
جواب ۾ خيبر پختونخوا ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 18 اوورن هدف ماڻي ميچ کٽي، بيٽسمين اعجاز علي89، ايوب خان 61 رنسون ٺاهيون بلوچستان طرفان بالر اڪرم 2 وڪيٽون ورتيون.
ٻي ميچ ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. سنڌ ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنسون ٺاهيون، سنڌ جي بيٽسمين راشد علي 55،ثناء الله 37 ۽ هارون 30 رنسون ٺاهيون.
پنجاب طرفان محسن علي، ڪامران ۽ ياسر هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ پنجاب ٽيم 19 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي گهربل هدف ماڻي ميچ کٽي. نثار علي 46بالن تي 14چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو. جڏهن ته اڪمل به 36 رنسون ٺاهيون. سنڌ طرفان انيس جاويد هڪ وڪيٽ ورتي.
ڪٺ پتلي ون يونٽ لاءِ آيو، آمريتي قوتن سان ويڙهه ڪنداسين ۽ 18هين ترميم تي هر قسم جي حملي کي روڪينداسين: بلاول
آصف زرداري جو وڏو گناهه اهو اهي ته هن پاڪستان کپي جو نعرو هنيو: پ پ چيئرمين
ڪٺ پتلي کي حڪومت ڏيڻي هئي ته کيس پريڪٽس ڪرايو ها: ڳڙهي خدا بخش ۾ خطاب

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آءِ ٽي رپورٽ کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ون يونٽ لڳائڻ لاءِ ڪٺ پتلي کي آندو ويو، هن ويڙهه ۾ اڳئين مورچي تي هوندس، سليڪٽيڊ وزيراعظم کي اندازو ئي ناهي ملڪ هٿن مان نڪري پيو، جيڪڏهن حڪومت ڪٺپلي کي ڏيڻي هئي ته ٿوري ان کي پريڪٽس ڪرايو ها، ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي روسي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نام نهاد ٺيڪدار نشي ۾ گم آهي، وفاق ڪمزور ٿيندو پيو وڃي، اچو غيرجمهوري قوتن خلاف پاڻ کي نئين جنگ لاءِ تيار ڪيون، مان اڳئين مورچي تي ٿيندس، هي اها ئي جنگ آهي جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو وڙهي، اسان سڀ ڀٽو آهيون، ويڙهه لاءِ تيار آهيون، بلاول ڀٽو چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي منهنجي امڙ ۽ اوهان جي ليڊر کي کسيو ويو. شهيد بينظير ڀٽو جي خواب کي پورو ڪرڻو آهي، اسان جيلون ڏٺيون، آمرن جو مقابلو ڪيو، تون ڪهڙي باغ جي موري آهين؟، ڳڙهي خدابخش: هي ڪهڙو احتساب آهي، جنهن جو نشانو رڳو اپوزيشن آهي، ماضي وانگر اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ظلم ڪيو پيو وڃي، اسين ڄمي مقابلو ڪنداسين، آصف زرداري جو وڏو گناهه اهو اهي ته هن پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، پاڪ، ايران گيس لائين منصوبو ڏنو، اڄ اهو مڪمل ٿئي ها ته گيس بحران نه هجي ها،آصف زرداري 18 هين ترميم کي آئين جي اصل روح ۾ بحال ڪيو، 18هين ترميم تي هر حملو روڪينداسين، هي ڪٺ پتلي اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن کي ملندڙ حصو کسڻ چاهي ٿو، پر اسان ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين، سڀني يزيدن کي چوان ٿو منهنجي جسم ۾ شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو جو رت آهي، غيرجمهوري قوتن جو مقابلو ڪنداسين، جلد ملڪ کي ڪٺ پتلي کان به آجو ڪرائينداسين، هن مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ڪوڙ آهي، مني لانڊرنگ کان ڳالهه ناشتي جي بلن تائين پهتي، عدالت کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ لاءِ استعال ڪيو پيو وڃي، اميد آهي معزز جج صاحب رپورٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائيندا، هن چيو ته جيڪڏهن اوهان ۾همٿ آهي ته بي نامي وزيراعظم ۾ هٿ وجهي ڏيکاريو، اوهان کان ايس ايس پي ظاهر جا قاتل نٿا ملن، باقي منهنجي ناشتي جو بل ملي ويو، هن چيو ته هي ڪهڙو وزيراعظم آهي جنهن کي رپئي جو ملهه گهٽجڻ جي خبر ناهي،هنن کان بلوچستان جي مائرن جو آواز به برداشت نٿو ٿئي، نوازشريف جي سزا کانپوءِ پنجاب ۾ جيڪي نعرا لڳا انهن جو تصوير به نه ڪيو هو، هن حڪمرانن کان سوال ڪندي چيو ته ٻڌايو بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي خون سان ڪڏهن انصاف ٿيندو؟سندس خون سان ڪڏهن انصاف ٿيندو، بلاول ڀٽو جذباتي تقرير ڪئي، شعر پڙهي ماحول گرمائي ڇڏيو.
ڄامشوري ۾ ريجنل پاسپورٽ آفيس بند،شهرين جو احتجاج
ڄامشورو (رپورٽر) نواز حڪومت ۾ قائم ڄامشورو ريجنل پاسپورٽ آفيس کي وفاق پاران بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ،ڄامشورو پاسپورٽ آفيس آڏو شھرين دربان عالماڻي وسعت الله تيوڻو .حافظ جميل احمد لغاري .حاجي مير حسن بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج آفيس بند ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته پاسپورٽ آفيس بند ڪرڻ سان ضلعي جا ماڻھو جن ۾ عورتون، ضعيف،نوجوان دربدر ٿي ويندا، ھتي نوري آباد، ڪوٽڙي، ڄامشورو، ٿاڻو بولا خان، مانجهند، سيوهڻ ۽ ڀان شهرن جا ماڻھو ويجهو هجڻ ڪري سهولت حاصل ڪري رهيا آهن. پاسپورٽ سنڌيونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو ۾ روزانو 50 کان 60 پاسپورٽ ٺهرائڻ لاء ماڻهو اچن ٿا جنهن ۾ عوامي ماڻھن جي سهولت سميت وفاقي حڪومت به ڪمائي ٿي پوء به وفاقي حڪومت ريجنل پاسپورٽ آفيس کي بلاجواز بند ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي هنن چيو ته وزير اعظم عمران خان کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي پاسپورٽ آفيس کي بند ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
پ پ قيادت جو اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ بدمعاشي آهي: ترجمان
پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ ناهي، آصف زرداري جو نالو شامل ڪيو ويو: عامر پراچا
پي ٽي آءِ انتقام کي احتساب پئي ڪوٺي، ڪيس کي منهن ڏينداسين
ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ترجمان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي رد عمل اچي ويو، ترجمان آصف علي زرداري چيو آهي ته عدالتي فيصلي کان پهرين نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بدمعاشي آهي، پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ ناهي، آصف زرداري جو شامل ڪيو ويو، ترجمان آصف زرداري عامر فدا پراچا جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ انتقام کي ڪرپشن خلاف ڪارروائي قرار ڏئي رهي آهي، آصف زرداري ملڪ کان ٻاهر نه پيو وڃي، ڪيسن کي منهن ڏينداسين
پنوعاقل مان 2 معصوم ٻارڙا لاوارث حالت ۾ هٿ
پنوعاقل )ن پ ا )مهراڻ اسڪول وٽان ٻه ٻار لاوارث حالت ۾ هٿ آيا آهن،شهري علي گوهر چنو پاران پوليس حوالي ايس ايڇ او حڪيم لانگاه چيو ته ٻارڙا ڳالهائڻ جهڙا به ناهن،مسلسل روئندا رهن ٿا،شهر ۾ اعلان به ڪرايون ٿا ،پر هن وقت تائين سندن وارث هٿ اچي نه سگهيا آهن.
اوٻاوڙي جا 2 يتيم ٻارڙا اپاهج،امڙ علاج لاءِ گهر جو سامان به وڪڻي ڇڏيو
معصوم الله بخش ۽ اڪرم ٿهيم امڙ جي سهاري تي زندگي گذارڻ تي مجبور
ٻئي ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان به لاچار،امڙ گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري سندن علاج ڪرائي ٿي

اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو جي خانپور محلي جا رهواسي 2 يتيم معصوم ٻارڙا 12 ورهين جو الله بخش ٿهيم ۽ 6 ورهين جو اڪرم ٿهيم ڄنگھن جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن سبب معصوم ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن ۽ ڪنهن به تڪ جي چونڊيل نمائندن متاثر خاندان سان واهر نه ڪئي آهي ان سلسلي ۾ معذور ٻارڙن جي امڙ ۽ مامي منير احمد ٿهيم پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته ٻارڙا ننڍپڻ کان صحتياب هيا پر 3 يا 4 سالن جي عمر ۾ منهنجي ٻارڙن کي پراسرار بيماري وڪوڙي وئي ،جنهن سبب معصوم ٻارڙا هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويا آهن، ٻارڙن جي امڙ جو چوڻ هو ته گهر جو سامان کپائي ٻارڙن جو علاج ڪرائي رهيا آهيون پر علاج ڪرائڻ باوجود به ڪو فرق نه پيو آهي ۽ اسان غريب آهيون انهن جو پيءُ وفات ڪري ويو آهي ۽ مان ماڻهن جي گهرن ۾ ڪم ڪري انهن کي پالي رهي آهيان هن چيو ته آئون غريب بيواهه عورت آهيان ماڻهن جي گهرن ۾ ٻوهاري ڪري گهر جو گذر سفر ڪندي آهيان، مان هن وقت ٻچڙن جي علاج لاءِ سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهي آهيان اسان وٽ ايتري رقم ناهي جو اسان ٻچڙن جو علاج ڪراچي يا لاهور مان ڪرائي سگهون ۽ اسان هن تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارين کي اپيل ڪيون ٿا ته منهنجي ٻچڙن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي .
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: پوجارا جي سينچري، ڀارت 443 رنسن تي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي
آسٽريليا بنا ڪنهن نقصان تي ٻي ڏينهن جي پڄاڻي تي 8 رنسون ٺاهي ورتيون
پهرين اننگز ۾ ورات ڪوهلي 82 رنسون ٺاهيون، پيٽ ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون
ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻي ڏينهن ورات ڪوهلي پاران 443 رنسن تي پنهنجي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي، جواب ۾ آسٽريليا ڏينهن جي پڄاڻي تي بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ڀارت طرفان ٻي ڏينهن جي شروعات ورات ڪوهلي ۽ چتيشور پوجارا ڪئي ۽ اسڪور کي 295 تائين پهچايو.
ورات ڪوهلي غلط شاٽ کيڏندي 82 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته پوجارا 102 رنسون ٺاهي ويو. رشي پانٽ 39 اسڪور ڪيو، جڏهن ته روهت شرما 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ورات ڪوهلي پاران ڏينهن جي پڄاڻي کان ٿوري دير پهريان اننگز 443 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي.
آسٽريليا طرفان پيٽر ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ ٻي اننگز ۾ ڏينهن جي پڄاڻي تائين ڪينگروز بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
ناروي ۾ چور ڪار ۾ ڦاسڻ بعد مدد لاءِ پاڻ ئي پوليس کي گهرايو
ڊيلرشپ مان ڪار چورائڻ جي ارادي سان نوجوان ڦاسي پيو، مدد لاءِ فون ڪال ڪئي: پوليس
جاچ بعد چوري ڪندڙ 17 ورهين جي نوجوان کي وارثن سان ڪرسمس ملهائڻ لاءِ ڇڏيو ويو
اوسلو (دلچسپ نيوز) ناروي ۾ چوري ڪندڙ نوجوان ڪار ۾ ڦاسڻ بعد مدد لاءِ پاڻ ئي پوليس کي گهرايو. پوليس جو چوڻ هو ته هڪ نوجوان ڊيلرشپ وٽان ڪار چورائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو پاڻ ئي ڪار ۾ ڦاسي پيو. جنهن بعد هن مدد لاءِپولي سکي گهرايو.
ترونديلاگ پوليس ٽوئيٽ ڪيو ته 17 ورهين جو نوجوان صبح 8 وڳي کان اڳ پوليس کي فون ڪيو، نوجوان ٻڌايو ته هو والوو جي ڊيلر شپ مان ڪار چورائيندي ڦاسي پيو هو.
پوليس جو چوڻ هو ته جاچ بعد نوجوان کي وارثن سان ڪرسمس ملهائڻ لاءِ ڇڏيو ويو.
هوڏانهن ايبي جو چوڻ هو ته ڏکيايي ۾ ڦاسڻ تي نوجوان پوليس کي ئي گهرائڻ مناسب سمجهيو، پوليس کي ائين فون ڪال ڪئي جيئن مصيبت ۾ ڦاسڻ وقت ڪنهن دوست کي ڪبي آهي. هن چيو ته نوجوان ڪار چورائڻ ۾ تجربيڪار نه هو.
ڪنڌڪوٽ پوليس بيوس! عورت پٽ سوڌي ڏوهارين جي قيدياڻي، وارث سراپا احتجاج
گذريل ڏينهن هٿياربندن اربيلي کي پٽ سوڌو اغوا ڪيو، پيءُ کي هٿ پير ٻڌي وحشياڻو تشدد جو نشانو بڻايو ويو
وارثن رستم شيخ، شاهنواز، علي نواز، خير خاتون، وزيران، حڪيمان ۽ ٻين ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو
ڪنڌڪوٽ (ن پنهنجي اخبار) ڪنڌڪوٽ پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل، هٿياربندن هٿان پٽ سوڌو اغوا ٿيل عورت بازياب نه ٿي، سندس وارث سراپا احتجاج بڻيل آهن. نور شاهه واري علائقي ۾ هٿياربندن رستي ويندڙ پورهيت تي حملو ڪري سندس نياڻي اربيلي شيخ کي 2 سالن جي پٽ عجيب شيخ سوڌو اغوا ڪيو. وارثن رستم شيخ، شاهنواز، علي نواز، خير خاتون، وزيران، حڪيمان ۽ ٻين ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو. مغوي عورت جي پيءُ رستم شيخ ٻڌايو ته هٿياربندن منهنجا هٿ پير ٻڌي تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته نياڻي کي گهلي سندس تذليل ڪئي وئي. متاثر دانهيو ته ايس ايس پي آفيس سوڌو مختلف ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته مغوي عورت کي پٽ سوڌو بازياب ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
شاهه رخ خان منهنجي پهرين محبت آهي: فاطمه ثنا شيخ
اڄ به شاهه رخ خان سان رومانس ڪرڻ چاهيان ٿي: دنگل گرل
فاطمه ثنا پهريون ڀيرو شاهه رخ خان سان ون ٽو ڪا فور ۾ ڪم ڪيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دنگل اسٽار فاطمه ثنا شيخ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته شاهه رخ خان سندس پهرين محبت هو ۽ هوءَ ننڍڙائپ ۾ سندس لاءِ روئندو هو. فاطمه ثنا شيخ چيو ته هوءَ ايترو جلدي ڪنهن کي پسند ناهي ڪندي پر شاهه رخ خان جو معاملو الڳ آهي، جڏهن پهريون ڀيرو شاهه رخ خان سان ون ٽو ڪا فور فلم ۾ ڪم ڪيو ته خبر پئي ته هو شادي شده آهي، جنهنڪري منهنجي دل ٽٽي پئي هئي ۽ تمام گهڻو رنو. هن چيو ته شاهه رخ خان سندس پهرين محبت آهي، اڄ به هو ساڻس رومانس ڪرڻ چاهي ٿي، ڇاڪاڻ ته پهرين محبت پهرين محبت هوندي آهي. فاطمه ثنا شيخ چائلڊ اسٽار طور شاهه رخ خان سان ون ٽو ڪا فور ۾ ڪم ڪيو هو.
سنڌ ۾ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي بندش ختم نه ٿي، ڊگھي لوڊشيڊنگ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا
نواب شاهه، جيڪب آباد، ڪوٽڙي، ڪنڌڪوٽ ۽ مٺياڻي ۾گهريلو واهپيدار پريشان
مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا، نواب شاهه ۾ گئس بندش ختم نه ٿيڻ تي احتجاجي مارچ ڪرڻ جو اعلان
ڪراچي(نمائندن وٽان) سياري جي مُند ۾ به سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي بندش ختم نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري گهرن ۾ رڌ پچاءُ دوران ماڻهن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. مٺياڻي شھر ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سياري ۾عوام جي زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آھي. شھرين موجب شڪايتن جي باوجود اختياريون خاموش آھن. جيڪب آباد ۾ به گئس جي ھٿراڌو لوڊشيڊنگ خلاف شھرين احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ڪيتري ئي دير تائين ٽريفڪ بند رهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته گئس جي بندش ختم ڪري گهريلو واهپيدارن کي گئس بحال ڪئي وڃي. نوابشاھ ۾ ساڃاھ وندن پاران گئس جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران ساڃاهه وندن گئس بحران ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ مارچ ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.