fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 شخصيتن جا نالا

اسلام آباد: مني لانڊرنگ بابت جاچ جندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تحت وفاقي سرڪار جن 72 اهم شخصيتن جي نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا آهن. اُهي هيٺين ريت ترتيبوار ڏنا ويا آهن.
عبدالغني انصاري، اومني گروپ جي عبدالغني مجيد، پنڪ ريزيڊنسي جي عبدالجبار، سنڌ واسي عبدالمومن ڏاهري، چاچڙ اينڊ سنسز جي عبدالقدوس چاچڙ، ابوبڪر، عديل شاهه راشدي، آفتاب حسين پٺاڻ، توانائي جي سيڪريٽري آغا واصف، احسن احسن، سمٽ بينڪ جي صدر احسن رضا دراني، سنڌ بينڪ جي صدر احسن طارق، ايڪسيئن سنڌ ڪول اٿارٽي علي اڪبر ابڙو، ايس اِي سي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، اومني گروپ جي علي ڪمال مجيد، ايم پي اي علي نواز مهر، عامر پٽ محمد الياس، ڪمرشل اينڊ ريٽيل جي سربراهه عامر صديقي، امجد آفتاب ۽ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد خواجا جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.
اشفاق احمد لغاري، ٿڌاڻي انٽرپرائيزز جي اشوڪ چتر ٿڌاڻي، اشرف ڊي بلوچ ڪنسٽرڪشن جي شهزاد جتوئي، اڳوڻي صدر ۽ ايم اين اي آصف علي زرداري، حوالا ڊيلر بشارت محمود، سنڌ بينڪ جي صدر بلال شيخ، پ پ چيئرمين ۽ ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري، دائود خان، دائود مورڪس، احسان علي چوڌري، احسن الاهي، سيد عامر شهزاد، فهد حسين، فهد سلطان احمد، فرمان علي، ايم پي اي فريال ٽالپر، غلام حسين، غلام مصطفيٰ ميمڻ، سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦل، غلام قادر، غلام النبي، حافظ ربنواز اينڊ ڪمپني جي حافظ ربنواز، حاجي مريد اڪبر، حاجي سراج دين سومرو، حماد شاهد، حارس اينڊ ڪمپني جي حارس ۽ سي اي او ايس ٽي ڊي سي حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا.
چيئرمين پي ڊي ايس آءِ ڊي حسن ميمڻ، سمٽ بينڪ جي سربراهه حسين لوائي، عمران حيدر، عمران خان پٽ ظهير خان، عمران منصور علي جيواڻي، سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ، مدني ٽي وي جي اقبال احمد خان، عرفان سليمان، جگديش جڳديش، نياز محمد خان اينڊ برادرس جي جهانزيب خان، جسوت ڪمار، ڪامران علي، ڪنول ڪمار، ڊپٽي ڪمشنر ملير قاضي جان محمد، خالد حسين، خالد مسعود چنا، اومني گروپ جي چيف آفيسر خواجا ايم سلمان يونس، خدا بخش ڪرٽيو، خرم نياز، سي اي سو ايم اي ڪنسلسٽنٽ خورشيد جمالي، پنڪ ريزيڊنسي جي اسلم قريشي، ايم عمير، گئليڪسي ڪسنٽرڪشن جي ڊاڪٽر دنشا، مجين فاطمه، بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، ڊي جي ايس بي سي اَي منظور قادر ڪاڪا، مسعود نقوي، مسعود الحسن، نيشنل بينڪ جي هيڊ ڪارپوريٽيڊ مسعود ڪريم شيخ، مئراج، محمد منعاف، سنڌ بينڪ جي مينيجر ثروت عظيم، محمد افضل، محمد احسن، محمد اعجاز هارون، محمد اڪمل، ايم اي سي انجنيئرنگ محمد علي چنا جا نالا اي سي ايل جي فهرست ۾ شامل آهن.
اومني گروپ جو محمد عارف خان، محمد اسد علي، نور محمد مغل جو پُٽ محمد اشرف مغل، محمد آصف، محمد فيصل پُٽ عبدالحبيب، محمد حنيف پُٽ شڪور، اومني جو ملازم محمد حسن بروهي، محمد عمران، محمد اقبال، ودود انجنيئرنگ جو محمد طيب اقبال، اوسز ڊرلنگ ڪارپوريشن جو محمد جهانگير يوسف، محمد جلال، محمد جاويد علوي، سنڌ بئنڪ جو مئنيجر محمد اختر احمد، محمد مشتاق پُٽ عبدالعزيز، محمد نعيم، سمٽ بئنڪ جو آپريشن مئنيجر محمد ناصر شيخ، محمد قدير، محمد رديف قريشي، محمد رفيق قريشي، محمد رشيد، محمد ساجد، محمد شبير، محمد شهزاد عالم، محمد سهيل، محمد طاهر محمود، محمد يوسف، وسيم بلڊرز جو محمد وسيم، محمد ياسين، پارڪ لين پرائيويٽ لميٽيڊ جو محمد يونس ڪدوائي، محمد يوسف، محمد يوسف عباسي پُٽ فجو خان عباسي، پنڪ ريزيڊنسي جو محمد يوسف ايڌي، ايم پي اي مڪيش چاولا، اومني گروپ مصطفيٰ ذوالقرنين ماجد، پيرامائونٽ بلڊرز جو نديم احمد خان، سنڌ بئنڪ جو گروپ هيڊ ڪريڊٽ نعيم الطاف ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو سربراهه نديم انور الياس جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.
نديم حاڪم الدين مانڊوي والا، رياض لالجي، نويد اقبال، اومني گروپ جي نازلي مجيد، اومني گروپ جو نمر مجيد خواجه، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس نثار احمد شيخ، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، رائو محمد خالد، صاحبزاده ذيشان رحمان، سيف الدين، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽڊ جو سيد آصف محمود، سجاول خان، ساجد حسين، ساجد عباسي، سلمان سلمان، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ثاقب سومرو، سردار احمد، سعد سُمير، شبير وزير خان، شاهد علي، شاهد علي پُٽ محمد سلطان، شهزاده ڪامران انصاري، شيخ فيض الرحمان پُٽ شيخ منصور الحق، سراج شاهد پُٽ محمد شاهد، ايم پي اي سهيل انور سيال، سيڪريٽري فنانس سهيل راجپوت، نيشنل بئنڪ جو صدر سيد علي رضا، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽيڊ سيد عارف علي، سيد اسد عباس زيدي پُٽ توقير حسين زيدي، سيد ڪاشف رضا پُٽ سيد علي نقي اعجاز، وڏو وزير مراد علي شاهه، سيد نصرت علي پُٽ سيد ثروت علي، علي حسن زرداري پُٽ مير خان زرداري، ايس ٽي ڊي سي ڊائريڪٽر سيد شاهنواز نادر، سيڪريٽري انڊسٽريز سيد ضمير حيدر، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس اومني جو سيد زيشان علي وارسي، طٰحه رضا پُٽ نقي رضا، ايس اي سي پي جو وقت چيئرمين طاهر محمود، ايم بي سي اينڊ سنز جو طارق عزيز چنا، طارق بيگ پُٽ مرزا رب بخش، اي ون انٽرنيشنل جو طارق سلطان، ووڊ انجنيئرنگ جو سي اي او عذير تحسين، سمٽ بئنڪ جو ظهير اسماعيل، ذيشان احمد پُٽ محمد اقبال ۽ ميمبر آر اينڊ ايس (بي او آر) ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عابد حسين جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.

خانڳڙهه: آصف زرداري لاءِ هرڻ، تتر ۽ تلور جي گوشت سميت مختلف 23 طعام

آصف زرداري لا ءِ تيار ڪيل طعام

خانپور مهر( ن پ ا) خانڳڙهه ۾ اڳوڻو صدر آصف آصف زرداري لاءِ 23 طعام تيار ڪيا ويا.
آصف زرداري جي خدمت چاڪري لاءِ خاص ۽ تجربيڪار باورچين کي خانڳڙهه گهرايو ويو، جتي هرڻ، تتر، تلور، ٻٽيورو جي گوشت ۽ مٺي ڊشز سميت مختلف کاڌن جا 23 طعام تيار ڪيا ويا

”تعليم کاتي جو ڪارنامو“ ڳڙهي خيرو جي پرائمري اسڪول ۾ فصلن جو پاڻي داخل ٿيڻ لڳو

ڳوٺ نوشهرو جمالي ۾ پرائمري اسڪول جي بائونڊري وال نه ٺهي، اختيارين فرنيچر به ناهي

ٻارڙا زمين تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور، اختيارين کي شڪايت ڪئي پر ازالو نه ٿيو: ڳوٺاڻا

ڳڙهي خيرو (ن پ ا)ڳوٺ نوشهرو جمالي ۾ قائم پرائمري اسڪول مختلف مسئلن جي ور چڙهي ويو، بائونڊري وال نه هجڻ ڪري اسڪول ۾ هر وقت آسپاس جي ٻنين جو پاڻي جمع رهي ٿو، جنهن سبب اسڪول هر وقت گندو رهندو آهي. اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ سبب ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته اسڪول کي در ۽ دريون به نه آهن. ڳوٺاڻن بشير احمد جمالي، محبوب جمالي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول ۾ ڪنهن به قسم جي سهولت نه آهي. اسڪول جي چوڌاري هر وقت گندو پاڻي رهي ٿو. اسڪول ۾ هڪڙو استاد آهي جيڪو ٻارن لاءِ ناڪافي آهي. تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ ڪو نه ڪيو ويو. ڳوٺاڻن ڊي سي جيڪب آباد ۽ تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي اپيل ڪئي آهي ته اسڪول کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن ٻارن کي تعليم پرائڻ ۾ پريشاني نه ٿئي.

قبي سعيد خان ڏانهن ويندڙ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيو، ڳوٺاڻا پريشان

ستانوي، بگودڙو ميرپور ٻرڙو ۽ ٻين ڳوٺن کي ملائيندڙ روڊ مڪمل نه ٿيو

اسان کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو: ڳوٺاڻن جون دانهون

ڪڄي پل (ن-پ-ا) قبوسعيدخان ڏانهين ويندڙ مين ستانوي لنڪ روڊ جيڪو گذريل 10 سالن کان وٺى انتظاميه جي نااهلي ۽ ٺيڪيدارن جي ڪرپشن سبب ستانوي ،بگودڙو ميرپور ٻرڙو ۽ ٻين مختلف ڳوٺن کي ملائيندڙ لنڪ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي جڏهن ته ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي محمدحسن کوسو ، ڪامريڊ محمد عرس مگسي ،عاشق حسين مگسي ، سميت ٻين چيو ته قبوسعيدخان کان نڪرندڙ مين ستانوي لنڪ روڊ جو ڪم گذريل 10 سالن کان وٺي ڪرپٽ ٺيڪيدارن جي نااهلي سبب مڪمل نه ٿي سگهيو روڊ جو مڪمل نه هجڻ سبب اسان کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئي ٿو هن مطالبو ڪندي وس وارن کان گهر ڪئي ته ستانوي مين لنڪ روڊ جو ڪم بنادير مڪمل ڪري اسان کي بيچيني مان ڪڍيو وڃي نه ته ٻئي صورت احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو.

نئن گاج ڊيم جي اڏاوت: سُپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار کان ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو

جيڪڏهن عدالت مداخلت نه ڪري معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن: چيف جسٽس

سنڌ سرڪار کي منڇر ڍنڍ سبب منصوبي تي خدشا آهن: وفاقي سرڪار
گاج ڊيم

اسلام آباد ( ن پ ا ) سپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار کان نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ فيصل واوڊا پيش ٿيا، چيف جسٽس چيو ته اوهان کي افتتاح ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، اسان کي ڊيم جي اڏاوت جو ٽائيم فريم ڏيو.
وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته پاڻي وسيلن کي خاص اهميت ڏئي رهيا آهيون، ڀاشا ۽ مهمند ڊيم به اسان جي ترجيح ۾ شامل آهن، سنڌ سرڪار کي منڇر ڍنڍ سبب منصوبي تي خدشا آهن، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن عدالت مداخلت نه ڪري معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن.
وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته نئن گاج ڊيم لاءِ ناڻي ۽ پاڻي بجلي وارين وزارتن سان رابطو ڪري رهيا آهيون، چيف جسٽس چيو ته ڪابينا ڇا جي هوندي آهي، اوهان پنهنجي ساٿي وزير سان سڌي ڳالهه ڪري سگهو ٿا، پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪيو ويندو، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلو.
چيف جسٽس هدايت ڪئي ته بيوروڪريسي جي معاملن جي ڪري معاملو رولڙي جو شڪار نه ٿئي

جيڪب آباد: فوٽ بال گرائونڊ ۾گوڏي جيڏو گندو پاڻي

فيفا پاران 4 ڪروڙ 50 لک روپين سان ٺھيل فوٽ بال گرائونڊ بي لاڀ بڻيل

شھر جي گندي پاڻي جو ڇوڙ گرائونڊ ۾ ڪيو ويو آھي. شھري بيمارين سبب پريشان
جيڪب آباد: فوٽ بال گرائونڊ ۾گوڏي جيڏو گندو پاڻي بيٺل آھي

جيڪب آباد(ن پ ا) جيڪب آباد ۾ فيفا انتظاميه پاران 4 ڪروڙ 50 لک جي لاڳت سان تعمير ڪرايل شاھ عبداللطيف اسٽيڊيم ۾ ميونسپل ڪميٽي جي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب شهر جو نيڪال ٿيندڙ سمورو گندو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. جنهن سبب فٽبال گرائونڊ ۾ گوڏي جيڏو گندو پاڻي بيهجي ويو. گرائونڊ ۾ گندو پاڻي بيهڻ سبب هڪ پاسي شهري مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن ته ٻئي پاسي فٽبال راند جو شوق رکندڙ رانديگر به پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ ته سموري ضلعي ۾ واحد شاھ عبداللطيف اسٽيڊيم ئي آھي جنهن ۾ فٽبال جا ميڇ ٿين ٿا. شهر توڙي ٻهراڙي مان ايندڙ رانديگر اسٽيڊيم ۾ بيٺل گوڏي جيڏو پاڻي ڏسي مايوس ٿي بنا ڪنهن راند روند جي واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي وڃن ٿا.

جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي

سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ن پ ا ) سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ايندڙ سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت نوٽيس جاري ڪيا ويا.
سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ 31 ڊسمبر سومر ڏينهن ڪندي.
سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر، بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، زين ملڪ، انور مجيد، عبدالغني مجيد، نمر مجيد ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اٽارني جنرل، جي آءِ ٽي سربراهه ۽ ميمبرن، پراسيڪيوٽر جنرل نيب، آءِ جي سنڌ، آءِ جي جيلز کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا.

حيدرآباد:سال 2018 ۾ شھر مان 95 لاوارث لاش مليا

12 لاش تازو ڄاول ٻارن جا ھئا.مختلف حادثن ۾ 145 ماڻھو فوت ٿيا

بي گھر ٿيل 39 عورتن ۽ 83 بيمارن کي ايڌي ھوم رسايو ويو.معراج ايڌي

حيدرآباد(ن پ ا)ھلندڙ سال 2018 ۾ شھر جي مختلف علائقن مان 95 لاوارث لاش مليا جن مان 12 لاش تازو ڄاول ٻارن جا ھئا. ايڌي سينٽر موجب ھلندڙ سال شھر ۾ مختلف حادثن ۾ 145 ماڻھو فوت ٿيا جڏھن تھ زخمين جو تعداد 335 رھيو. معراج ايڌي موجب حيدرآباد مان پنھنجن جي ھٿان بي گھر ٿيل 39 عورتن کي ايڌي ھوم ڪراچي پھچايو ويو جڏھن تھ شھر جي مختلف رستن تي لاوارث پيل 83 بيمارن کي ايڌي ھوم منتقل ڪيو ويو.سال دوران شھر جي مختلف علائقن مان 10 خودڪشي ڪندڙن کي اسپتال پھچايو ويو، ٻي طرف 21 لاشن کي غسل ڪفن ڏئي وارثن حوالي پڻ ڪيو ويو. معراج ايڌي موجب سال 2018 ۾ مجموعي طور تي 24 ھزار مريضن ۽ لاشن کي اسپتال کان گھر ۽ گھر کان اسپتال رسايو ويو.

بحريھ ۽ اومني جي سربراھن سوڌو ٻين جا نالا بھ اي سي ايل ۾

ملڪ رياض، انور مجيد، نديم الطاف، سيد علي رضا، بشارت محمود ۽ علي اڪبر ابڙو جا نالا فهرست ۾ شامل

ملڪ رياض، انور مجيد، حسين لوائي ۽ ٻين جا نالا اي سي ايل ۾ شامل
انور مجيد ۽ ملڪ رياض

اسلام آباد ( ن پ ا ) بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد، چيف آفيسر خواجا سلمان يونس سميت اومني گروپ سان واسطو رکندڙ علي ڪمال مجيد، انور ماجد خواجا، نازلي مجيد، نمر مجيد خواجا، محمد عارف خان، حسن بروهي، مصطفيٰ ذوالقرنين ماجد جا نالا به اي سي ايل ۾ وڌيا ويا.
سمٽ بينڪ جي اڳوڻي سربراهه حسين لوائي، ساڳي بينڪ جي موجوده صدر احسن رضا دراني، آپريشن مينيجر ناصر شيخ، سنڌ بينڪ جي صدر احسن طارق، صدر بلال شيخ، مينيجر ثروت عظيم، مينيجر مختيار احمد، گروپ هيڊ ڪريڊٽ نديم الطاف، نيشنل بينڪ جي هيڊڪارپوريٽ مسعود ڪريم خواجا، نديم الياس، نيشنل بينڪ جي صدر سيد علي رضا، ڪمرشل اينڊ ريٽيل سربراهه عامر صديقي، حوالا ڊيلر بشارت محمود، گئليڪسي ڪنسٽرڪشن ڪي ڊاڪٽر دنشا، ايڪسيئن سنڌ ڪول اٿارٽي علي اڪبر ابڙو، سي اي او پاڪ ايٿنل طاهر محمود، بلڊر محمد وسيم، پارڪ لين لميٽڊ جي محمد يونس، بلڊر نعيم احمد خان ۽ ٻين جا نالا شامل ڪيا ويا

سنڌ جي موجوده ۽ اڳوڻن ڪامورن جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا

آغا واصف، احسن طارق، محمد بلال شيخ ۽ خورشيد جمالي جا نالا اي سي ايل ۾ رکيا ويا

حسن رضا عباسي عظيم اڪرام ۽ مقصود نقوي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا

اسلام آباد (رپورٽر) مني لانڊرنگ جي جاچ لاءِ سُپريم ڪورٽ طرفان جُڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ آڌار وفاقي سرڪار طرفان اي سي ايل ۾ شامل ڪيل نالن جي فهرست سنڌ سان واسطو رکندڙ ڪامورن جا نالا به شامل آهن. توانائي شعبي جي سيڪريٽري آغا واصف، سنڌ بئنڪ جي صدر احسن طارق، ايس اي سي پي جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، سنڌ بئنڪ جو صدر محمد بلال شيخ ۽ ايس ٽي ڊي سي جي سي اي او حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اُن کانسواءِ ايم اي ڪسلنٽنٽ جي سي اي او خورشيد جمالي ۽ پروڪيورڪميٽي جي ميمبر مقصود نقوي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.

اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 نالن ۽ عھدن جي مڪمل فهرست

آصف زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر، مراد علي شاھ، ملڪ ريا ض، انور ۽ حسين لوائي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا

فھرست ۾ موجودھ توڙي اڳوڻن ڪامورن جا بھ نالا شامل، نجي توڙي سرڪاري بئنڪ جي سربراھن جا نالا بھ اي سي ايل ۾ وڌا ويا

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مني لانڊرنگ بابت جاچ جندڙ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تحت وفاقي سرڪار جن 72 اهم شخصيتن جي نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا آهن. اُهي هيٺين ريت ترتيبوار ڏنا ويا آهن.
عبدالغني انصاري، اومني گروپ جي عبدالغني مجيد، پنڪ ريزيڊنسي جي عبدالجبار، سنڌ واسي عبدالمومن ڏاهري، چاچڙ اينڊ سنسز جي عبدالقدوس چاچڙ، ابوبڪر، عديل شاهه راشدي، آفتاب حسين پٺاڻ، توانائي جي سيڪريٽري آغا واصف، احسن احسن، سمٽ بينڪ جي صدر احسن رضا دراني، سنڌ بينڪ جي صدر احسن طارق، ايڪسيئن سنڌ ڪول اٿارٽي علي اڪبر ابڙو، ايس اِي سي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، اومني گروپ جي علي ڪمال مجيد، ايم پي اي علي نواز مهر، عامر پٽ محمد الياس، ڪمرشل اينڊ ريٽيل جي سربراهه عامر صديقي، امجد آفتاب ۽ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد خواجا جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.
اشفاق احمد لغاري، ٿڌاڻي انٽرپرائيزز جي اشوڪ چتر ٿڌاڻي، اشرف ڊي بلوچ ڪنسٽرڪشن جي شهزاد جتوئي، اڳوڻي صدر ۽ ايم اين اي آصف علي زرداري، حوالا ڊيلر بشارت محمود، سنڌ بينڪ جي صدر بلال شيخ، پ پ چيئرمين ۽ ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري، دائود خان، دائود مورڪس، احسان علي چوڌري، احسن الاهي، سيد عامر شهزاد، فهد حسين، فهد سلطان احمد، فرمان علي، ايم پي اي فريال ٽالپر، غلام حسين، غلام مصطفيٰ ميمڻ، سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦل، غلام قادر، غلام النبي، حافظ ربنواز اينڊ ڪمپني جي حافظ ربنواز، حاجي مريد اڪبر، حاجي سراج دين سومرو، حماد شاهد، حارس اينڊ ڪمپني جي حارس ۽ سي اي او ايس ٽي ڊي سي حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا.
چيئرمين پي ڊي ايس آءِ ڊي حسن ميمڻ، سمٽ بينڪ جي سربراهه حسين لوائي، عمران حيدر، عمران خان پٽ ظهير خان، عمران منصور علي جيواڻي، سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ، مدني ٽي وي جي اقبال احمد خان، عرفان سليمان، جگديش جڳديش، نياز محمد خان اينڊ برادرس جي جهانزيب خان، جسوت ڪمار، ڪامران علي، ڪنول ڪمار، ڊپٽي ڪمشنر ملير قاضي جان محمد، خالد حسين، خالد مسعود چنا، اومني گروپ جي چيف آفيسر خواجا ايم سلمان يونس، خدا بخش ڪرٽيو، خرم نياز، سي اي سو ايم اي ڪنسلسٽنٽ خورشيد جمالي، پنڪ ريزيڊنسي جي اسلم قريشي، ايم عمير، گئليڪسي ڪسنٽرڪشن جي ڊاڪٽر دنشا، مجين فاطمه، بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض، ڊي جي ايس بي سي اَي منظور قادر ڪاڪا، مسعود نقوي، مسعود الحسن، نيشنل بينڪ جي هيڊ ڪارپوريٽيڊ مسعود ڪريم شيخ، مئراج، محمد منعاف، سنڌ بينڪ جي مينيجر ثروت عظيم، محمد افضل، محمد احسن، محمد اعجاز هارون، محمد اڪمل، ايم اي سي انجنيئرنگ محمد علي چنا جا نالا اي سي ايل جي فهرست ۾ شامل آهن.
اومني گروپ جو محمد عارف خان، محمد اسد علي، نور محمد مغل جو پُٽ محمد اشرف مغل، محمد آصف، محمد فيصل پُٽ عبدالحبيب، محمد حنيف پُٽ شڪور، اومني جو ملازم محمد حسن بروهي، محمد عمران، محمد اقبال، ودود انجنيئرنگ جو محمد طيب اقبال، اوسز ڊرلنگ ڪارپوريشن جو محمد جهانگير يوسف، محمد جلال، محمد جاويد علوي، سنڌ بئنڪ جو مئنيجر محمد اختر احمد، محمد مشتاق پُٽ عبدالعزيز، محمد نعيم، سمٽ بئنڪ جو آپريشن مئنيجر محمد ناصر شيخ، محمد قدير، محمد رديف قريشي، محمد رفيق قريشي، محمد رشيد، محمد ساجد، محمد شبير، محمد شهزاد عالم، محمد سهيل، محمد طاهر محمود، محمد يوسف، وسيم بلڊرز جو محمد وسيم، محمد ياسين، پارڪ لين پرائيويٽ لميٽيڊ جو محمد يونس ڪدوائي، محمد يوسف، محمد يوسف عباسي پُٽ فجو خان عباسي، پنڪ ريزيڊنسي جو محمد يوسف ايڌي، ايم پي اي مڪيش چاولا، اومني گروپ مصطفيٰ ذوالقرنين ماجد، پيرامائونٽ بلڊرز جو نديم احمد خان، سنڌ بئنڪ جو گروپ هيڊ ڪريڊٽ نعيم الطاف ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جو سربراهه نديم انور الياس جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.
نديم حاڪم الدين مانڊوي والا، رياض لالجي، نويد اقبال، اومني گروپ جي نازلي مجيد، اومني گروپ جو نمر مجيد خواجه، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس نثار احمد شيخ، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، رائو محمد خالد، صاحبزاده ذيشان رحمان، سيف الدين، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽڊ جو سيد آصف محمود، سجاول خان، ساجد حسين، ساجد عباسي، سلمان سلمان، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ثاقب سومرو، سردار احمد، سعد سُمير، شبير وزير خان، شاهد علي، شاهد علي پُٽ محمد سلطان، شهزاده ڪامران انصاري، شيخ فيض الرحمان پُٽ شيخ منصور الحق، سراج شاهد پُٽ محمد شاهد، ايم پي اي سهيل انور سيال، سيڪريٽري فنانس سهيل راجپوت، نيشنل بئنڪ جو صدر سيد علي رضا، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس پرائيويٽ لميٽيڊ سيد عارف علي، سيد اسد عباس زيدي پُٽ توقير حسين زيدي، سيد ڪاشف رضا پُٽ سيد علي نقي اعجاز، وڏو وزير مراد علي شاهه، سيد نصرت علي پُٽ سيد ثروت علي، علي حسن زرداري پُٽ مير خان زرداري، ايس ٽي ڊي سي ڊائريڪٽر سيد شاهنواز نادر، سيڪريٽري انڊسٽريز سيد ضمير حيدر، ٽيڪنومين ڪائنيٽڪس اومني جو سيد زيشان علي وارسي، طٰحه رضا پُٽ نقي رضا، ايس اي سي پي جو وقت چيئرمين طاهر محمود، ايم بي سي اينڊ سنز جو طارق عزيز چنا، طارق بيگ پُٽ مرزا رب بخش، اي ون انٽرنيشنل جو طارق سلطان، ووڊ انجنيئرنگ جو سي اي او عذير تحسين، سمٽ بئنڪ جو ظهير اسماعيل، ذيشان احمد پُٽ محمد اقبال ۽ ميمبر آر اينڊ ايس (بي او آر) ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايس اي سي پي عابد حسين جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي وزيرن ۽ ايم پي ايز جا نالا بھ اي سي ايل ۾ شامل

امتياز شيخ پاران اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ کي چيلنج ڪرڻ جو اعلان،انتقامي ڪارروائي آهي:مڪيش چاولا

اي سي ايل ۾ شامل وزير

اسلام آباد/ ڪراچي ( نمائندن وٽان) سنڌ جي موجوده ۽ اڳوڻن وڏن وزيرن کانسواءِ صوبائي وزير ۽ ايم پي ايز به مني لانڊرنگ ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي زد ۾ اچي ويا، سندن نالا به ايل سي ايل ۾ وڌا ويا.
وفاقي سرڪار پاران اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 ڄڻن جي فهرست ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، توانائي جي وزير امتياز شيخ، ايم پي اي فريال ٽالپر، علي نواز مهر، مڪيش چاولا جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن.
ڄاڻايل سمورن ماڻهن تي پرڏيهه وڃڻ جي پابندي لڳائيندي سندن نالن جي فهرست ملڪ جي سمورن ايئرپورٽ اختيارين ڏانهن اماڻي وئي آهي.
صوبائي وزير امتياز شيخ ايگزٽ ڪنٽرو ل لسٽ ۾ نالو اچڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي اهڙي عمل کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي امتياز شيخ چيو ته منهنجو ڪجهه نه اچي نه وڃي،نه ڪا انڪوائري نه شڪايت نه ئي دانهن آهي ان باوجود منهنجو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ڏنو ويو آهي .آئون هن وقت شڪارپور ويٺو آهيان،ڪراچي اچي اهڙي فيصلي کي عدالت ۾ چيلنج ڪندس
صوبائي وزير مڪيش چاولا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجو نالو جي آءِ ٽي ۾ ناهي نه ئي مون خلاف ڪو ڪيس هلي رهيو آهي پوءِ خبر ناهي منهنجو نالو اي سي ايل ۾ ڇو شامل ڪيو ويو آهي.آئون ان کي انتقامي ڪارروائي سمجهان ٿو،پارٽي قيادت جيڪو فيصلو ڪندي آئون ان تي عمل ڪندس.

اي سي اي ۾ شامل ڪيل نالن جي فھرست جاري

فھرست ۾قائم علي شاھھ، امتياز شيخ، سھيل انور سيال، غلام مصطفيٰ ڦل، مڪيش چاولا ۽ ٻين جا نالا شامل

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي سرڪار اڳوڻي صدر آصف زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، فريال ٽالپور، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ انور مجيد سوڌو مني لانڊرنگ بابت جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل 172 ڄڻن جا نالا اِي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيا، وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد فهرست جاري ڪئي وئي.
گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
وفاقي گهرو وزارت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بعد سندن فهرست ايئرپورٽس اختيارين ڏانهن اماڻي ڇڏي، آصف زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، انور مجيد، غني مجيد، نازلي مجيد، نمر مجيد، حسين لوائي ۽ علي حسن زرداري جا نالا به اي سي ايل ۾ وڌا ويا، اي سي ايل ۾ شامل ڪيل ماڻهن جي فهرست ۾ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، امتياز شيخ، سهيل انور سيال، ڊاڪٽر دنشا ايڇ، سيڪريٽري لينڊ غلام مصطفيٰ ڦل، منظور قادر ڪاڪا، مڪيش چاولا، سهيل راجپوت، سنڌ بينڪ جي چيئرمين بلال شيخ، صدر احسن طارق ۽ ٻين جا نالا شامل آهن.
واضح رهي ته مني لانڊرنگ ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ڄاڻايل ماڻهن جو ذڪر هئڻ سبب وفاقي سرڪار سڀني جا نالا اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيا، عدالت ايندڙ سومر تي آصف زرداري ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري چڪي آهي .

اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد به لائون لڌيون

ڊاڪٽر صغير احمد جي شادي جي تقريب گذريل رات ڪراچي ۾ ٿي، تقريب ۾ پي ايس پي اڳواڻن سوڌو ٻين شخصيتن جي شرڪت

ڊاڪٽر صغير جي وليمي جي تقريب 29 ڊسمبر تي ڊي ايڇ اي گالف ڪلب ۾ ٿيندي
ڊاڪٽر صغير ۽ ڪنوار

ڪراچي( م ڊ ) پاڪ سر زمين پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر صغير احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو
اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد جي شادي جي تقريب گذريل رات ڪراچي ۾ ٿي، وليمي جي تقريب 29 ڊسمبر تي ڊي ايڇ اي گالف ڪلب ۾ ٿيندي.
پي ايس پي ۾ شموليت کان اڳ ڊاڪٽر صغير احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم ) جو حصو هو، ڊسمبر 2015 تي مڪاني چونڊن لاءِ هن ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان چونڊ مهم به هلائي هئي
ڊاڪٽر صغير ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ صحت جي وزير طور خدمتون ادا ڪيون

سنڌ جو سي سي آءِ ۾ پاڻي ۽ معدني وسيلن لاءِ ڳالهائڻ جو فيصلو

وفاق سي سي آءِ اجلاس لاءِ صوبن کان تجويزون طلب ڪيون، سنڌ سرڪار ماهرن کان مشورا گهري ورتا

سي سي آءِ اجلاسن ۾ صوبي سان ٿيندڙ ناجائزن خلاف آواز اٿاربو،ڪراچي کي گھٽ پاڻي ملڻ وارو معاملو به اهم آهي:وزيراعليٰ هائوس

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي )وفاق سي سي آءِ اجلاس لاءِ صوبن کان تجويزون گھُري ورتيون، سنڌ سرڪار پاڻي معاملن ۾ ناجائزين، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن مان گھٽ حصو ملڻ خلاف اجلاس ۾ آواز اٿارڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. سنڌحڪومت پاران 91ع ٺاھ تحت پاڻي نه ملڻ ۽ گئس گھٽ ملڻ خلاف ڀرپور نموني اجلاس ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڄاڻ موجب ته وفاقي حڪومت پاران ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ( سي سي آءِ ) اجلاس لاءِ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ کان ايجنڊا لاءِ تجويزون گھرائي ورتيون آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن موجب سنڌ حڪومت پاران ڄاڻايل اجلاس ۾ سنڌ سان پاڻي،گئس ۽ ٻين معدني وسيلن جي ورڇ ۾ وفاقي سرڪار جي ناجائزن خلاف ڀرپور نموني ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪندي پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جي ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سي سي آءِ اجلاسن ۾ صوبي سان ٿيندڙ ناجائزن خلاف آواز اٿاريو ويندو. ڪراچي کي گھٽ پاڻي ملڻ وارو معاملو به اهم آهي.هن چيو ته ٻين ڪهڙن اشوز تي تياري ڪئي پئي وڃي ان بابت في الحال معلومات ناهي. هوڏانهن توانائي کاتي جي صوبائي وزير امتياز شيخ رابطو ڪرڻ تي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ سان گئس جي ورهاست ۾ وفاق ناجائزيون ڪري پيو. اجلاس ۾ اهو معاملو اهم آهي اٿاريو ويندو. جيئن سنڌ سان ناانصافي نه ٿئي، پاڻي ماهر ادريس راجپوت سنڌ حڪومت کي تجويز ڏيندي چيو آهي ته صوبي کي 1991ع پاڻي ٺاھ تحت 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ ڏيارڻ لاءِ اجلاس ۾ آواز اٿاريو وڃي. ادريس راجپوت “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاران 91ع پاڻي ٺاھ ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گھريو هو. پر وفاق 8.6 ملين ايڪڙ فوڙ ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو. پر هاڻي وفاقي سرڪار سنڌ کي اهو پاڻي به نه پيو ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته سي سي آءِ اجلاس ۾ اهو پڻ زور ڀريو وڃي ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ کي پاڻي جي کوٽ وارو حصو به کڻڻ گھرجي. سنڌ کي پاڻي ۾ هر ڏينهن جو حصو ملڻ گھرجي، ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ ) جو ايندڙ اجلاس مجموعي طور تي 41 هون ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ٽيون اجلاس ٿيندو. سي سي آءِ جي ماضي وارن اجلاسن ۾ سنڌ جي احتجاجن جو ڪو کڙتيل ئي ناهي نڪتو. جڏهن ته پي ٽي آءِ سرڪار پنهنجي حڪومتي مُدي ۾ 2 ڀيرا سي سي آءِ اجلاس گھرائي چُڪي آهي. عمران خان جي سرڪار پاران ايندڙ اجلاس ٽيون ڀيرو ڪيو ويندو.