fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آڻينداسين: خرم شير زمان

سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهينداسين: پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان

ڪراچي(ن پ ا ) تحريڪ انصاف مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نالو اچڻ تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خرم شير زمان چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪيرائينداسين، ان لاءِ جيڪو طريقيڪار اختيار ڪرڻو پيو، ڪنداسين.
سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي خرم شير زمان چيو ته سنڌ ۾ به حڪومت ٺاهڻ پيا وڃون، عوام تياري ڪري، پ پ جي حڪومت اسان ڪيرائينداسين، اسان اڪيلا نه هونداسين، سموريون جماعتون گڏ هونديون.
پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز ايل سي ايل ۾ نالو اچڻ وارن جا بينڪ اڪائونٽس سيل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو، حليم عادل شيخ دعويٰ ڪئي ته ڪيترائي پ پ ميمبر پي ٽي آءِ سان رابطي ۾ آهن، تحريڪ انصاف سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ وڃي رهي آهي، حليم عادل شيخ فريال ٽالپر جي زمين واري معاملي تي به عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد به لائون لڌيون

ڊاڪٽر صغير احمد جي شادي جي تقريب گذريل رات ڪراچي ۾ ٿي، تقريب ۾ پي ايس پي اڳواڻن سوڌو ٻين شخصيتن جي شرڪت

ڊاڪٽر صغير جي وليمي جي تقريب 29 ڊسمبر تي ڊي ايڇ اي گالف ڪلب ۾ ٿيندي
ڊاڪٽر صغير ۽ ڪنوار

ڪراچي( م ڊ ) پاڪ سر زمين پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر صغير احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو
اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد جي شادي جي تقريب گذريل رات ڪراچي ۾ ٿي، وليمي جي تقريب 29 ڊسمبر تي ڊي ايڇ اي گالف ڪلب ۾ ٿيندي.
پي ايس پي ۾ شموليت کان اڳ ڊاڪٽر صغير احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم ) جو حصو هو، ڊسمبر 2015 تي مڪاني چونڊن لاءِ هن ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان چونڊ مهم به هلائي هئي
ڊاڪٽر صغير ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ صحت جي وزير طور خدمتون ادا ڪيون

سي سي آءِ جي گذريل اجلاس ۾ سنڌ جي احتجاجن جو ڪو به کڙتيل نه نڪتو

ڪراچي: ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (سي سي آءِ ) جو ايندڙ اجلاس مجموعي طور تي 41هون ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ٽيون اجلاس ٿيندو. سي سي آءِ جي ماضي وارن اجلاسن ۾ سنڌ جي احتجاجن جو ڪو کڙتيل ئي ناهي نڪتو. جڏهن ته پي ٽي آءِ سرڪار پنهنجي حڪومتي مُدي ۾ 2 ڀيرا سي سي آءِ اجلاس گھرائي چُڪي آهي. عمران خان جي سرڪار پاران ايندڙ اجلاس ٽيون ڀيرو ڪيو ويندو.

91ع واري ٺاهه تحت پاڻي لاءِ آواز اٿاريو وڃي:ادريس راجپوت

ڪراچي: پاڻي ماهر ادريس راجپوت سنڌ حڪومت کي تجويز ڏيندي چيو آهي ته صوبي کي 1991ع پاڻي ٺاھ تحت 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ ڏيارڻ لاءِ اجلاس ۾ آواز اٿاريو وڃي. ادريس راجپوت “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاران 91ع پاڻي ٺاھ ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گھريو هو. پر وفاق 8.6 ملين ايڪڙ فوڙ ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو. پر هاڻي وفاقي سرڪار سنڌ کي اهو پاڻي به نه پيو ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته سي سي آءِ اجلاس ۾ اهو پڻ زور ڀريو وڃي ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواھ کي پاڻي جي کوٽ وارو حصو به کڻڻ گھرجي. سنڌ کي پاڻي ۾ هر ڏينهن جو حصو ملڻ گھرجي.

سنڌ سرڪار پارن سي سي آءِ اجلاس ۾ پاڻي ڪيس ۽ معدني وسيلن لاءِ آواز اٿارڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي )وفاق سي سي آءِ اجلاس لاءِ صوبن کان تجويزون گھُري ورتيون، سنڌ سرڪار پاڻي معاملن ۾ ناجائزين، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن مان گھٽ حصو ملڻ خلاف اجلاس ۾ آواز اٿارڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. سنڌحڪومت پاران 91ع ٺاھ تحت پاڻي نه ملڻ ۽ گئس گھٽ ملڻ خلاف ڀرپور نموني اجلاس ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڄاڻ موجب ته وفاقي حڪومت پاران ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ( سي سي آءِ ) اجلاس لاءِ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ کان ايجنڊا لاءِ تجويزون گھرائي ورتيون آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن موجب سنڌ حڪومت پاران ڄاڻايل اجلاس ۾ سنڌ سان پاڻي،گئس ۽ ٻين معدني وسيلن جي ورڇ ۾ وفاقي سرڪار جي ناجائزن خلاف ڀرپور نموني ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪندي پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جي ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سي سي آءِ اجلاسن ۾ صوبي سان ٿيندڙ ناجائزن خلاف آواز اٿاريو ويندو. ڪراچي کي گھٽ پاڻي ملڻ وارو معاملو به اهم آهي.هن چيو ته ٻين ڪهڙن اشوز تي تياري ڪئي پئي وڃي ان بابت في الحال معلومات ناهي. هوڏانهن توانائي کاتي جي صوبائي وزير امتياز شيخ رابطو ڪرڻ تي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ سان گئس جي ورهاست ۾ وفاق ناجائزيون ڪري پيو. اجلاس ۾ اهو معاملو اهم آهي اٿاريو ويندو. جيئن سنڌ سان ناانصافي نه ٿئي.

مونکي خبر ناهي ته نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي يا نه؟: مراد علي شاهه

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جو وڏو وزير نالو اي سي ايل ۾ هجڻ کان بي خبر، مراد علي شاهه چيو آهي ته مونکي پاڻ خبر ناهي ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ آهي يا نه؟، جيڪڏهن منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ چاهن ٿا ته وجهي ڇڏن، سوچن ڇو ٿا، هڪ نجي ٽي وي چينلن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ڪوڙ آهي، جي آءِ ٽي ۾ لڳايل الزامن جو ثبوت ڏيڻو پوندو، ڪمند تي سبسڊي جو فيصلو عدالت ڪيو، منهنجي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي وجهڻ چاهين ٿا ته ڀلي وڌي وڃي، آئون گذريل 6 مهينن ۾ رڳو هڪ ڀيرو پرڏيهي دورو ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن گورنر راڄ جي ڪا ڳالهه ٿي ته مزاحمت ڪنداسين، وڏي وزير کان سوال ڪيو ويو ته گورنر راڄ جي ڪنهن ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟ جنهن تي هن چيو ته صوبن کان خودمختياري کسڻ جو مقصد ڇا آهي؟.

ڪراچي: قيوم آباد نالي مان ھٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي، قتل جو انڪشاف

ملير(رپورٽر) ملير ۾ ابراهيم حيدري لڳ 3 ڏينھن اڳ قيوم آباد ندي مان مليل اڻڄاتل لاش جي سڃاڻپ ابراهيم حيدري واسي شريف طور ٿي آھي. پوليس قتل ۾ ملوث ھڪ عورت سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آھي تھ مقتول شريف کي سندس نياڻي مراد پنهنجي ساٿين امين ۽ سندس زال شهربانو جي مدد سان نشيدار دوا کارائي سندس گهر جي ڪاغذن تي آڱوٺي جا نشان ورتا. دوا جو مقدار وڌيڪ هئڻ سبب سندس موت واقع ٿيو. پوليس جو چوڻ آھي تھ نشي جو مقدار وڌيڪ ھئڻ سبب ابراھيم حيدري واسي شريف فوت ٿي ويو، تھ جوابدارن سندس لاش کڻي قيوم آباد ندي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار گرفتار ٿي ويا آھن، وڌيڪ جاچ ھلندڙ آھي.

سنڌ ۾ گورنر راڄ لاءِ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي:محمد زبير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، گورنر راڄ نه لڳي ته بهتر آهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، وزيراعظم گھرووزارت پاڻ وٽ رکڻ جو شوق صرف ان لاءِ آهي ته ايف آءِ سندس ماتحت هجي. عمران خان کي شوق آهي ته سينٽرلائز سسٽم هجي جنهن کي هو پاڻ ويهي ڪنٽرول ڪري. ڪير سندس ڳالهه نٿو مڃي ته جي آءِ ٽي ٺاهي ڇڏين ٿا. هن اهڙو اظهار ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ امام بارگاهه يثرب ۾ علي رضا عابدي جي ٽيجھي ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. محمد زبير چيو ته علي رضا عابدي سٺو انسان ۽ بهترين سياستدان هو، وزيراعظم کي به سندس وارثن سان تعزيت لاءِ ڪراچي اچڻ گھرجي ها، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم، گھرو وزير به آهي. هن چيو ته 2013 ۾ هر طرف ڌماڪا ٿيندا هئا پر اسان جي حڪومت پهرين 100 ڏينهن ۾ آپريشن شروع ڪيو، جيڪو اڃا جاري آهي. نواز ليگ حڪومت رينجرز کي پوليسنگ اختيار ڏياريا، جنهن بعد 2015 کان حالتون بهتر ٿيڻ شروع ٿيون. هن چيو ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي، وزيراعظم کي ڪم ڪرڻ گھرجي. اڳواڻي گورنر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٻن بلين وارو معاملو نسورو ڪوڙ آهي. نوازشريف سمورا عدالتي فيصلا قبول ڪيا، سندس متعلق ڪا به منفي ڳالهه سامهون نه آئي آهي. ججز فيصلا ڪندا آهن ته ڏوهه لکندا آهن، پهرين پٽ کان منافعو نه وٺڻ ۽ هاڻي وري پٽ کان فائدو وٺڻ جي سزا ملي آهي. ايف بي آر ڪجهه ٻيو ۽ نيب وري ٻيون ڳالهه ڪري ٿي. فيصل واوڊا ته روز نئين ڪهاڻي پيش ڪري ٿو.هن چيو ته وزيراعظم کي گھرو وزير بڻجڻ جوشوق ان لاءِ آهي جو هو چاهي ٿو ته ايف آءِ اي سندس ماتحت هجي.ڪير سندن ڳالهيون نٿو مڃي ته جي آءِ ٽي ڍاهي ٿا ڇڏي. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي وڏي پارٽي آهي، صوبي ۾ گورنر راڄ لاءِ ماحول ٺاهيو پيو وڃي. جيڪو غلط آهي، گورنر راڄ نه لڳڻ گھرجي.

پ پ قيادت جو اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ بدمعاشي آهي: ترجمان

پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ ناهي، آصف زرداري جو نالو شامل ڪيو ويو: عامر پراچا

پي ٽي آءِ انتقام کي احتساب پئي ڪوٺي، ڪيس کي منهن ڏينداسين

ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ترجمان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي رد عمل اچي ويو، ترجمان آصف علي زرداري چيو آهي ته عدالتي فيصلي کان پهرين نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بدمعاشي آهي، پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ ناهي، آصف زرداري جو شامل ڪيو ويو، ترجمان آصف زرداري عامر فدا پراچا جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ انتقام کي ڪرپشن خلاف ڪارروائي قرار ڏئي رهي آهي، آصف زرداري ملڪ کان ٻاهر نه پيو وڃي، ڪيسن کي منهن ڏينداسين

سنڌ ۾ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي بندش ختم نه ٿي، ڊگھي لوڊشيڊنگ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

نواب شاهه، جيڪب آباد، ڪوٽڙي، ڪنڌڪوٽ ۽ مٺياڻي ۾گهريلو واهپيدار پريشان

مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا، نواب شاهه ۾ گئس بندش ختم نه ٿيڻ تي احتجاجي مارچ ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(نمائندن وٽان) سياري جي مُند ۾ به سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي بندش ختم نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري گهرن ۾ رڌ پچاءُ دوران ماڻهن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. مٺياڻي شھر ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سياري ۾عوام جي زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آھي. شھرين موجب شڪايتن جي باوجود اختياريون خاموش آھن. جيڪب آباد ۾ به گئس جي ھٿراڌو لوڊشيڊنگ خلاف شھرين احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ڪيتري ئي دير تائين ٽريفڪ بند رهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته گئس جي بندش ختم ڪري گهريلو واهپيدارن کي گئس بحال ڪئي وڃي. نوابشاھ ۾ ساڃاھ وندن پاران گئس جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران ساڃاهه وندن گئس بحران ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ مارچ ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

“عمرو ڪرڻ چاهيان ٿو”، رائو انوار پاران اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي استدعا

رائو انوار اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

پرڏيهه وڃڻ جي صورت ۾ ٽرائل ۾ ڪا رنڊڪ پيش نه ايندي: رائو انوار جو موقف

ڪراچي( ن پ ا) نقيب الله قتل ڪيس جي مک جوابدار اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار عمري جي ادائيگي خاطر اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
درخواست ۾ رائو انوار موقف اختيار ڪيو ويو ته عمري تي وڃڻ چاهيان ٿو، تنهن ڪري ايل سي ايل مان نالو ڪڍيو وڃي پرڏيهه وڃڻ جي صورت ۾ ٽرائل ۾ ڪا به رنڊڪ پيش نه ايندي.
رائو انور چيو ته منهنجا ٻار ٻچا پرڏيهه ۾ ترسيل آهن، ان ڪري به منهنجو پرڏيهه وڃڻ ضروري ٿي پيو آهي، زندگي کي خطرو هئڻ سبب نه منهنجا ٻار پاڪستان اچي سگهن ٿا ۽ نه ئي مان اي سي ايل ۾ نالو هجڻ ڪري پرڏيهه وڃي سگهان پيو.
رائو انوار درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ته بينظير ڀٽو قتل ڪيس، ايان علي ڪيس ۽ 12 مئي سانحي جي ڪيس ۾ جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ ناهن وڌا ويا

سنڌ ۾ بصرن جا اگهه ڌڙام سان ڪري پيا، آبادگارن جون ڳيتون

ٻن هفتن ۾ بصر 800 مان گهٽجي 300 رُپيا مڻ ٿي ويو، آبادگارن جا مٿي تي هٿ، اگهه ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو

بصرن جو اگه گهٽجڻ ڪري ھاڻ خرچ پورو ڪرڻ بھ مشڪل ٿي ويو آھي: آبادگارن جون دانھون
بصر

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ بصرن جو اگهه ڌڙام سان ڪري پيا، ٻه هفتا اڳ مارڪيٽ ۾ بصرن جو في مڻ اگهه 800 سئو رُپيا هو، پر حڪومت طرفان بصر ايڪسپورٽ نه ڪرڻ ۽ ڀارت کان سستي اگهه ۾ بصر گهرائڻ سبب سنڌ ۾ بصرن جا اگهه ڌڙام سان ڪري پيا آهن. آبادگار اڳواڻن الله بخس ٽالپر، حاجي نثار پالاري ۽ سنڌ آباگار بورڊ جي صدر عبدالمجيد نظاماڻي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻيءَ دير سان پهچڻ ڪري بصرن جي پوکي دير سان ٿي، سيزن جي شروعات ۾ اڌ بصر وڪرو ٿي ويا پر هن وقت بصرن جا اگهه ڪري پيا آهن. آبادگار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته 2 هفتا اڳ بصر في مڻ 800 رُپيا وڪرو ٿي رهيو هو، پر هاڻ اگهه گهٽجي 3 کان ساڍا 300 رُپيا في مڻ ٿي ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ آبادگارن جو خرچ به نٿو ٿئي ۽ آبادگارن بصر مارڪيٽ ڏانهن موڪلڻ ڇڏي ڏنو آهي. سنڌ ۾ هن ڀيري مجموعي طور 2 لک ايڪڙن تي بصرن پوکيا ويا هئا، جنهن مان اڌ بصر ته مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي ويا آهن، پر ٿاڻي بولا خان، ٿاڻو احمد خان، گهوٽڪي، دادو ۽ سنڌ جي اُترين علائقن جا بصر گهٽ اگهه ملڻ سبب وڪرو نه ٿي سگهيا آهن. آبادگار اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته بصرن جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مناسب پاليسي جوڙي وڃي ته جيئن بصرن جا آبادگار ڳاٽي ٽوڙ نقصان کان بچي سگهن.

ڪراچي:پوليس پاران مفرور ملزم گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملزم مظھر حسين کي ھندو ڳوٺ مان پسٽل ۽ رائونڊ سميت گرفتار ڪيو ويو

کراچي(ن پ ا)ايس ايس پي ڏکڻ سيد پير محمد شاھ جي ھدايتن تي ايس ايڇ او بوٽ بيسن ۽ چوڪي انچارج شيرين جناح ڪالوني سرور شاھ ڪاروائي ڪندي ھڪ مفرو ملزم کي پسٽل ۽ رائونڊ سميت گرفتار ڪري ورتو.پوليس گشت جي دوران ملزم مظھر حسين کي ھندو ڳوٺ مان گرفتار ڪيو. گرفتار ملزم تي جيڪسن ٿاڻي تي غير قانوني ھٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آھي.

ڪراچي ۾ اينڪرپرسن مهڪ مهر مڙس سوڌو چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار، جوڙي طرفان آئيس واپرائڻ لاءِ چوري ڪرڻ جو انڪشاف

مهڪ مهر ۽ سندس مڙس آئيس جو نشو ڪرڻ لاءِ گاڏيون چوري ڪندا هئا: ايس ايس پي سهائي

جوڙي جي قبضي مان چوري جي ڪار، پسٽل ۽ ٻيو سامان هٿ آيو: سهائي عزيز ٽالپر
ڪراچي: ايس پي سوھائي ٽالپر پريس ڪانفرنس ڪندي

ڪراچي) ن پ ا) ڊفنيس پوليس چوري جي الزام ۾ عورت اينڪر پرسن کي مڙس سوڌو گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر دعويٰ ڪئي آهي ته جوڙو آئيس نشي جو عادي آهي، نشي لاءِ گاڏيون چوري ڪندو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي سهائي عزيز ٽالپر چيو ته ڊفينس پوليس هڪ بنگلي تي ڇاپو هڻي عورت اينڪر پرسن مهڪ مهر کي مڙس سوڌو گرفتار ڪري ورتو، هن چيو ته ڇاپي دوران ٻنهي جي قبضي مان چوري ڪيل ڪار، پسٽل ۽ ٻيو چوري جو سامان هٿ آيو آهي.
سهائي عزيز ٽالپر چيو ته اينڪرپرسن مهڪ مهر ۽ سندس مڙس شعيب احمد پسند جي شادي ڪئي هئي، جوڙو آئيس نشي جو عادي آهي، جيڪو نشي جي لت پوري ڪرڻ لاءِ گاڏيون ۽ گاڏين جو سامان چوري ڪندو آهي، گرفتار خيرپور واسڻ مهڪ مهر ٽن مختلف چنئلز تي اينڪر پرسن طور ڪم ڪري چڪي آهي، جوڙو پڙهيل لکيل ۽ چالاڪ آهي.

اردو جي عظيم شاعر مرزا غالب جي 222 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

ڪراچي (م ڊ) اردو ٻولي کي نئون ساهه ڦوڪيندڙ ۽ ننڍي کند جي عظيم شاعر مرزا غالب جو اڄ 222 هون جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي. مرزا غالب جو اصل نالو اسد الله بيگ هو، هو ۲۷ ڊسمبر ۱۷۹۷ع تي ڀارت جي شهر آگره ۾ ڄائو، مرزا غالب پنهنجي شاعري سان اردو ٻولي ۾ تازگي بخشي، سندس نالو وڏن شاعرن ۾ لکيو وڃي ٿو، هو ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويو هو، جنهن بعد کيس پنهنجي چاچي نصرالله بيگ پاليو، جڏهن مرزا غالب ۸ سالن جو ٿيو ته سندس چاچو به لاڏاڻو ڪري ويو، ۱۳ سالن جي عمر ۾ مرزا غالب جي شادي ٿي، شادي کان پوءِ غالب پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي دلي لڏي ويو، مرزا غالب جي شاعريءَ ۾ انسان ۽ ڪائنات جي مسئلن سان گڏ محبت ۽ زندگي سان پيار ڪرڻ جو پيغام ملي ٿو. مرزا غالب 1869ع ۾ لاڏاڻو ڪيو، جڏهن ته مغل بادشاهت جو زوال هن پنهنجي اکين سان ڏٺو. مرزا غالب جي زندگي تي شاعر گلزار پاران بهترين ڊرامو پڻ ٺاهيو، جنهن ۾ ڀلوڙ اداڪار نصيرالدين شاهه غالب جو ڪردار ادا ڪري وڏو داد حاصل ڪيو.