ڪراچي(م ڊ) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ ملوث سمورن ماڻهن جا نالا گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جي سفارش تي اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن جنهن بعد اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر پرڏيهه سفر نه ڪري سگهندا. ميڊيا جي رپورٽن موجب 6 جولاءِ تي ايف آءِ اي جي اسٽيٽ بينڪ سرڪل ميگا مني لانڊرنگ جي ڪيس جي جاچ آغاز ڪيو. 2015ع ۾ ڪوڙي بينڪ اڪائونٽ ڪيس بابت شروع ٿيل انڪوائري بعد گڏيل اڪائونٽن کي انڪوائرين ۾ ضم ڪري ڇڏيو.
آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل
گڏيل جاچ ٽيم جي سفارش تي نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا
اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ٿيڻ بعد ٻئي ڄڻا پرڏيهه سفر نه ڪري سگھندا
علي رضا عابدي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارو هو: سعيد غني
ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني انڪشاف ڪندي چيو آهي ته علي رضا عابدي 2018 جي چونڊن کان اڳ پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي علي رضا عابدي جي آصف علي زرداري سان گڏ نڪتل تصوير شيئر ڪندي سعيد غني لکيو ته علي رضا سٺو دوست هو، هن سان ڪافي ميٽنگس ٿيون، جن ميٽنگس کي سندس خواهش موجب راز ۾ رکيو ويو هو. هن چيو ته علي رضا عابدي پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو.
سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي، صوبائي گهرو کاتي ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته متحده اڳواڻن جي سيڪيورٽي موجوده صورتحال کي ڻظر ۾ رکندي وڌائي وئي آهي.
جيڪا ڳالهه نيب عدالت کي ڪرڻ گهرجي اها پي ٽي آءِ وارا پيا ڪن : عابدي جو آخري ٽوئيٽ
عابدي عام چونڊن کان اڳ پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو: سعيد غني
ڪراچي: اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي قتل ٿيڻ کان ڪجھه ڪلاڪ اڳ 5 لڳي 57 منٽن تي پنهنجي زندگي جو آخري ٽويٽ ڪيو، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ ٽوئيٽ ڪندي علي رضا عابدي لکيو هو ته پي ٽي آءِ وارن پريس ڪانفرنس ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه ڪئي، پريس ڪانفرنس ۾ ڪنٽينر واريون ڳالهيون ورجايون ويون. پي ٽي آءِ وارا گذريل 5 سالن کان ساڳيون ڳالهيون ڪن پيا، صرف نئين شيءِ اها آهي ته جيڪي ڳالهيون نيب عدالت کي ڪرڻ گهرجن، اهي هي پيا ڪن.
ٻئي طرف صوبائي وزير سعيد غني انڪشاف ڪندي چيو آهي ته علي رضا عابدي 2018 جي چونڊن کان اڳ پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي علي رضا عابدي جي آصف علي زرداري سان گڏ نڪتل تصوير شيئر ڪندي سعيد غني لکيو ته علي رضا سٺو دوست هو، هن سان ڪافي ميٽنگس ٿيون، جن ميٽنگس کي سندس خواهش موجب راز ۾ رکيو ويو هو. هن چيو ته علي رضا عابدي پ پ ۾ شامل ٿيڻ وارو هو
ملير ۾ مسيحي برادري طرفان ڪرسمس ملهايو ويو
ملير (ن پ ا) دنيا سميت ملير جي مختلف علائقن اسٽيل ٽائون، ملير هالٽ، قائد آباد، ڀينس ڪالوني، پپري سميت مختلف علائقن ۾ ڪرسمس جون تقريبون شروع ٿي ويون. ڪرسمس جي موقعي تي مذھبي عبادتگاهن کي روايتي انداز سان سجايو ويو آهي. ان موقعي تي ڪيڪ ڪاٽي مٺايون ورهائي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي لاء دعائون ڪيون پيون وڃن ۽ مذهبي گيت ڳائي خوشي جو اظھار به ڪيو پيو وڃي . ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آھن. ملير جي مختلف گرجا گهرن جي سيڪيورٽي لاء300 مرد پوليس پوليس اهلڪارن کان سواءِ 90 عورت اهلڪارن کي به مقرر ڪيو ويو آھي.
ڪراچي ۾ علي رضا عابدي جي تدفين، سندس گارڊ گرفتار
ڪراچي ۾ قتل ٿيل علي رضا عابدي يثرب امام بارگاهه ۾ ادا ڪئي وئي، گورنر سوڌو اهم شخصيتن جي شرڪت
هٿياربندن جي حملي دوران علي رضا عابدي جي گارڊ جوابي فائرنگ نه ڪئي، کيس گرفتار ڪيو آهي: ايس ايس پي سائوٿ
ڪراچي (رپورٽر) پوليس ڊفنيس ۾ گذريل رات قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويل علي رضا عابدي جي گارڊ کي گرفتار ڪري ورتو، علي رضا عابدي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ايس ايس پي سائوٿ چيو ته گارڊ حملي وقت جوابي ڪارروائي نه ڪئي.
علي رضا عابدي جي جنازي نماز امام بارگاهه يثرب ۾ ادا ڪئي وئي، علامه حسن ظفر نقوي نماز پڙهائي، جنازي نماز ۾ فاروق ستار سميت ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي اڳواڻن کانسواءِ مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڪراچي جي ڏکڻ پوليس علي رضا عابدي جي گارڊ کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي سائوٿ پير محمد شاهه چيو ته علي رضا عابدي معمول کان هٽي ڪري آفيس کان گهر جلدي هليو ويو هو، حملي وقت علي رضا عابدي جي گارڊ قدير کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جيڪو فائرنگ جي جواب ۾ ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران گهر اندر ويو ۽ علي رضا عابدي جي والد کان هٿيار گهريو.
ايس ايس پي چيو ته علي رضا عابدي جي گاڏي گهر جي در وٽ پهچڻ وقت گارڊ جيئن ئي گهر جو در کوليو ته هٿياربندن فائرنگ شروع ڪئي، گارڊ قدير جو واسطو ڊيرا غازي خان سان آهي ۽ هو ڏيڍ مهينو اڳ علي رضا عابدي جي گهر گارڊ طور مقرر ٿيو هو، کانئس واقعي بابت پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته علي رضا عابدي جي وارثن ڪنهن خاص قسم جو خدشو ظاهر نه ڪيو آهي.
واضح رهي ته ڊفينس فيز 5 جي علائقي خيابانِ غازي ۾ گذريل رات هٿياربندن علي رضا عابدي تي قاتلاڻو حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿيو، علي رضا عابدي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو پيو پر هو بچي نه سگهيو ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، 16 جوابدار گرفتار
ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، 16 جوابدار گرفتار، رينجرز ترجمان موجب رينجرز مدينه ڪائوني، ملير، بلديا ٽائون ۽ شاهراهه فيصل ۾ڪارروائي ڪري گرفتاريون ڪيون، گرفتار جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم ۽ منشيات جي وڪري ۾ ملوث آهن.
ڪراچي: ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالمي اوڍو پاران گرجا گهرن جي سڪيورٽي جو جائزو
ڪراچي ( ن پ ا ) ڊي آءِ جي سائوٿ جاويد عالم اوڍو ڪراچي جي مختلف گرجا گهرن جا دورا ڪري سڪيورٽي جو جائزو ورتو ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون به ڏنيون
ڊي آءِ جي سائوٿ جاويد عالم اوڍو ۽ ايس ايس پي سائوٿ سيد پير محمد شاهه ڪراچي جي ٽرينيٽي چرچ پهتا، جتي هنن ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري کي واڌايون ڏنيون.
ڊي آءِ جي جاويد عالم اوڍو پاران مسيحي برادري کي گلدستو ۽ ڪيڪ به پيش ڪيو ويو.
ان کانسواءِ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ڏکڻ شهر جي مختلف گرجا گهرن جا دورا ڪري سڪيورٽي جو جائزو ورتو.
محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلر گرفتار
پوليس جي نيو ڪراچي ۾ ڪارروائي، متحده ٽارگيٽ ڪلر ڪاشف ۽ آصف گرفتار
ٽارگيٽ ڪلر آصف عوامي تحريڪ جي محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪئي ھئي: ايس ايس پي

ڪراچي (بيورو رپورٽ ) ڪراچي پوليس 13 ماڻهن کي قتل ڪندڙ ۽ محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪندڙ ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو آهي .ايس ايس پي سينٽرل عارف اسلم رائو صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيو ڪراچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي .ٽارگيٽ ڪلر ڪاشف علي عرف ڪاشف ڪالا 13 ماڻهن جي قتل ڪيس ۾ پوليس کي گهربل هو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي .هن ٻڌايو ته ڪارروائي ۾ هڪ ٻئي تارگيٽ ڪلرز کي به گرفتار ڪيو ويو جنهن جو نالو آصف رضا عرف آصف ميٺا آهي جيڪو به بلال ڪالوني ، گلشن اقبال توڙي نيوڪراچي ۾ ماڻهن کي قتل ڪندو رهيو آهي .ٽارگيٽ ڪلر محبت سنڌ ريلي تي ٿيل فائرنگ ۾ به ملوث رهيو آهي ، جوابدار چائنا ڪٽنگ ،ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ توڙي ٻين ڪيترن ئي ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي .جوابدارن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف ،دستي بم توڙي گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن .جوابدارن تي نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا توڙي گلشن اقبال ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن .
پي ايس پي آفيس تي حملو: سي سي ٽي وي فٽيجز منظرعام تي اچي ويا
ڪراچي ( پ ن ا) پي ايس پي آفيس تي حملي بعد جوابدارن جي فرار ٿيڻ وارا سي سي ٽي وي فٽيجز منظرعام تي اچي ويا.
سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار 6 هٿياربندن کي فرار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ گهٽي ۾ موجود ٻار فائرنگ جو آواز ٻڌڻ بعد خوف ۾ ڀڄندي نظر اچن پيا.
4 ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ رضويه ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن پي ايس پي جي آفيس تي حملو ڪيو هو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڪارڪن مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿيا هئا.
پوليس موجب هٿياربند جهانگير آباد وٽان آيا ۽ پي ايس پي جي آفيس تي حملي بعد ٻئي پاسي کان فرار ٿي ويا
نئين سال جي شروعات کان اڳ ئي سمنڊ وڃڻ تي پابندي لاڳو
قلم 144 لاڳو ڪندي سمنڊ ڏانهن وڃڻ ۽ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي
ريڊ زون ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي ۾ واڌ ڪئي وئي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهروکاتي پاران اڄ قلم 144 لاڳو ڪندي سمنڊ ڏانهن وڃڻ تا اتي وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي . جاري ڪيل نوٽيفڪيشن اڄ کان لاڳو هوندو .نوٽيفڪيشن موجب نئين سال جي شروعات جي موقعي تي به سمنڊ ڏانهن وڇڻ تي مڪمل طور پابندي لاڳو هوندي جڏهن ته ريڊ زون قرار ڏنل علائقن ۾ 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي لاڳو پاندي ۾ به 6 مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي .
شيخ رشيد سياسي خانه بدوش آهي: مرتضيٰ وهاب
علي ترين هڪ ارب جي ٽيم خريد ڪئي، جي آءِ ٽي وري بلاول جي لنچ بل تي ٺهي وئي
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير شيخ رشيد کي سياسي خانه بدوش قرار ڏيندي چيو آهي ته شيخ رشيد وزارت ماڻڻ لاءِ عمران خان جو درٻاري بڻجي ويو، علي زيدي شيخ رشيد جو شاگرد هئڻ جو اعتراف ڪري پنهنجي 2 نمبر سياست کي تسليم ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ شيخ رشيد جي تنقيد تي ردعمل ظاهر ڪندي صوبائي صلاحڪار مرتضي وهاب چيو ته جهانگير ترين جي پٽ علي ترين هڪ ارب رپين جي ڪرڪيٽ ٽيم خريد ڪئي آهي پر جي آءِ ٽي وري بلاول ڀٽو جي لنچ بل تي ٺهي وئي.
هن چيو ته شيخ رشيد جهانگير ترين بابت سوال جي جواب ۾ پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪئي، ڳالهين کي گهمائڻ آسان آهي ته عليمه خان جي ڏوهه کي لڪائڻ آسان ناهي، شيخ رشيد سياسي خانه بدوش آهي، جنهن جي مير جو مقدر نالا لئي ۾ ڪِرڻ آهي، هو ريلوي جي وزارت لاءِ عمران خان جو درٻاري بڻجي ويو.
صوبائي صلاحڪار چيو ته علي زيدي شيخ رشيد جو شاگرد هئڻ جو اعتراف ڪندي پنهنجي 2 نمبر سياست کي تسليم ڪيو آهي
مرتضي وهاب چيو ته جهانگير ترين جي پٽ هڪ ارب رپين جي ڪرڪيٽ ٽيم خريد ڪئي، پر جي آءِ ٽي وري بلاول ڀٽو جي لنچ بل تي ٺهي وئي، اسان جي خلاف 50 سالن کان بي بنياد جاچ ٿي رهي آهي، ڇو ته اسان جو ڏوهه عوام جو آواز بڻجڻ آهي، آصف زرداري هڪ ڏهاڪو جيل ۾ گذاريو، اسان ايترو صبر ڪنداسين جو ظلم شڪست کائي ويندو.
مفاهمت يا مزاحمت ؟ سڀاڻي پيپلز پارٽي جي سي اي سي اجلاس ۾ اهم فيصلن جو امڪان
بلاول ۽ آصف جي صدارت ۾ سڀاڻي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو
پ پ پاران موجوده صورتحال تي غور ويچار بعد حڪمت عملي جوڙي ويندي
ڪراچي ( ن پ ا ) پاڪستان پيپلزپارٽي جو سي اي سي جو اجلاس سڀاڻي نئون ديرو هائوس ۾ ٿيندو، ذريعن موجب موجوده صورتحال ۾ مفاهمت بدران مزاحمت جي سياست شروع ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.
پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي شام نئون ديرو ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرادري ڪندا.
اجلاس دوران شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريبن جي تيارين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ مختلف اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو.
سي اي سي اجلاس ۾ پ پ جي چئني صوبن جا صدر ۽ مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي پاليسي جو نئين سر جائزو ورتو ويندو ۽ ذريعن موجب اجلاس دوران مني لانڊرنگ ڪيس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ سميت مجموعي صورتحال تي مشاورت بعد مفاهمت بدران مزاحمت جي سياست شروع ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي.
جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ کوڙ شيون کِل جوڳيون آهن: وڏو وزير
جي آءِ ٽي رپورٽ مني لانڊرنگ کان لانڊري تائين اچي وئي آهي، ايترا وڏا الزام نه آهن جو سزا ملي سگهي: مراد علي شاهه
جي آءِ ٽي الزامن جو عدالت ۾ دفاع ڪنداسين، اُميد ته سُپريم ڪورٽ جي حڪمن يڃڪڙي ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ٿيندي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته جي آءَ ٽي ۾ جيڪي مامره سامهون آيا آهن انهن جو جواب عدالتن ۾ ڏينداسين .هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن جي حوالي سان سندس مزار تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو .صحافين پاران پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پيپيلزپارٽي قيادت کي عوام جي خدمت ڪرڻ تي عدالتن ۾ گهليو پيو وڃي اسين عوام خاطر عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون .هن چيو ته پاور پلانٽ کي سبسڊي اڄ نه 2008 کان ڏني پئي وڃي اها سبسڊي به عوام جي ڀلائي لاءِ ڏئي رهيا آهيون .هن چيو ته اسين عوام جي دخمت تي يقين رکون ٿا . سيد مراد علي ساهه جو چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول کانپوءِ ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون ويون ۽ هن وقت امن امان جي حوالي سان صورتحال ڪافي بهتر آهي .