fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪلوئي ۾ ڏڪار عورتن جو امدادي راشن نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪلوئي(ن پ ا)ڪلوئي ۾ ڏڪار متاثر عورتن امدادي راشن نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ان ڏس ۾ ڪلوئي لڳ خواجه علاء الدين هشيو ڪولهي پاڙو ۾ ڏڪار متاثرن پاران امدادي راشن نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندي مارٿان ٻائي، ڪويتا ٻائي، پونا، جمنا، ميگهي، پاروتي، ماوجي ڪولهي، ٻڌو ميگھواڙ، چيتن ڪولهي ۽ ٻين سوين عورتن ۽ مردن دانهيندي چيو ته علائقي ۾ ڪاري ڏڪار واري صورتحال آهي ان باوجود اسان جي ڪيترن ئي مستحق عورتن جا نالا لسٽن مان گم ڪيا ويا آهن، هنن الزام هڻندي چيو ته عملي وارا رات جو لڪ چوري ۾ امدادي راشن کڻي آيا جيڪي متاثرن بجاءِ من پسند ماڻهن ۾ ورهائي واپس موٽي ويا ۽ ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي مستحق ڏڪار متاثر حاملا ۽ کير پياريندڙ عورتن کي امدادي راشن نه ڏنو ويو آهي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته اگر اسان جي ڳوٺ ۾ سمورن مستحقن کي امدادي راشن نه مليو ته اسان روڊن تي نڪري ايندا سين ۽ سخت احتجاج ڪنداسين، هنن اعلي اختيارين کان امدادي راشن جي منصفاڻي ورڇ ڪرائڻ جي گهر ڪئي آھي.

سنڌ حڪومت کي نيٺ ٿرڪول متاثر ياد اچي ويا، بحالي شروع

لاڳيتي احتجاج کانپوءِ 36 متاثر خاندانن جي ماڊل وليج قرار ڏنل سونهري درس ۾ منتقلي

متاثرن کي ڏنل گهرن ۾ سڀ سهولتون موجود آهن،جلد بحالي مڪمل ڪئي ويندي:مراد علي شاهه
مٺي : ٿرڪول جي متاثرين لاءِ اڏيل گهر

مٺي (رپورٽر) سنڌ سرڪار کي نيٺ ٿرڪول متاثر ياد اچي ويا، 5 سالن کانپوءِ بحالي ڪم شروع، گوڙاني ڊيم خلاف لاڳيتي احتجاج توڙي سول سوسائيٽي جي دٻاءَ کانپوءِ ٿرڪول جي انتظاميه رڳو 36 متاثر خاندانن کي ماڊل وليج قرار ڏنل سونهري درس منتقل ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته اڃا ڪيترائي متاثر بحالي لاءِ واجهائي رهيا آهن، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿرڪول متاثرن کي گهر ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان ٿرڪول فيلڊ بلاڪ ٽو جي متاثرن کي منصوبي ۾ حصيدار بڻايو آهي، اميد آهي ته متاثر خاندان ۽ سندن ايندڙ نسل زبردست ترقي ڪندو، هر خاندان کي 100 مربع گز گهر ۾ سموريون سهولتون موجود آهن، مال بيهارڻ جي جاءِ به فراهم ڪئي وئي آهي، ٻڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سونهري درس ماڊل وليج ۾ 172 پڪا گهر، 1000 شاگرن لاءِ ٽه ماڙ اسڪول، 10 دوڪانن تي ٻڌل بازار ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارچ 2019 تائين 172 خاندانن جي منتقلي مڪمل ٿي ويندي.

مٺياڻي ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ گونگو نوجوان زخمي

مٺياڻي (ن پ ا)مٺياڻي شھر جي نوشھرو فيروز بس اسٽاپ تي تيز رفتا ڪار مٺياڻي جي رھواسي گونگي نوجوان نصير مڱڻھار کي ٽڪر ھڻي سخت زخمي ڪري وڌو جنھن کي زخمي حالت م مٺياڻي اسپتال آندو ويو جتي سندس حالت نازڪ ھئڻ ڪري کيس سول اسپتال نوشھرو فيروز نيو ويو، جڏھن ته حادثي دوران اتي موجود ماڻھن ڪار ڊرائيور زاھد کوسو کي پڪڙي مٺياڻي پوليس حوالي جنھن بعد پوليس سندس گاڏي کي به تحويل ورتو .

ڪڪول واهه ۽ رائيس ڪئنال جي ڪپرن تان قبضا نه هٽڻ خلاف ميهڙ ۾ احتجاج

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ڪڪول واه جي آبادگارن ۽ ايس يو پي ڪارڪنن پاران ڪڪول واه ۽ رائيس ڪئنال جي ڪپرن تان قبضا نه ھٽڻ ۽ ايس يو پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد زين شاه مٿان ڪوڙا ڪيس ختم نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي ضلع دادو جي اڳواڻن سڪندر سوڍر، عبدالحميد سومرو ،اشرف چانڊيو، اختيار سوڍر، محمد کوسو، معشوق ڀٽي سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن ڪڪول واه موري کان پريس ڪلب تائيناحتجاجي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو. ھنن مطالبو ڪيو ته سيد زين شاه مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ ڪڪول واه رئيس ڪئنال جي ڪپرن تي با اثر ڌرين پاران ڪيل قبضا ختم ڪري آبادگارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پاڪستان ۽ برطانيه ۾ قيدين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آخر ڪار پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ به قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو ٿي ويو آهي. معاهدي تي برطانيا پاران، برطانيا جي پاڪستان ۾ مقرر هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو ۽ پاڪستان پاران گھرو وزارت جي وفاقي سيڪريٽري اعظم خان صحيح ڪئي آهي. پاڪستان سان قيدين جي مٽا سٽا لاءِ معاهدو ڪرڻ جي منظوري برطانيا جي گھرو وزير گذريل سيپٽيمبر مهيني ۾ پاڪستان جي ڪيل دوري دوران ڏني هئي. معاهدي بعد ٻنهي ملڪن ۾ قيد ڪاٽيندڙ شهري پنهنجي باقي سزا ڪاٽڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪ منتقل ڪري سگھبا.

گڊو ڀرسان روڊ حادثي جو زخمي نوجوان اسپتال ۾ فوت

گڊو(ن پ ا)گڊو ڀرسان چار ڏينھن اڳ تير رفتار موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل نوجوان فوت ٿي ويو،ان ڏس ۾ چار ڏينهن پھريان ڪمند جي ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ ھڪ نوجوان ناصر علي سھرياڻي فوت ٿيو ھو ۽ 2 ڄڻا حيدر علي ٽانوري ۽ علي رضا سخت زخمي ٿيا هئا، ٻنهي جو علاج رحيم يار خان اسپتال ۾ ھلندڙ ھو، جتي زخمن جا سور نه سھندي حيدر علي ٽانوري فوت ٿي ويو .

ڇور ۾ ڪنڊي وڍڻ تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

ڇور (ن پ ا) ڇور لڳ ڪنڊي وڍڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ،ڪهاڙيون لڳڻ سبب علي خان ولي سگهو سمون زخمي ٿي پيو ان ڏس ۾ ڇور جي ڳوٺ مجنو چانهيون ۾ ڪنڊي وڍڻ تان سمان ۽ چانهيان برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ سمون برادري جو علي خان ولد سگهو سمون شديد زخمي ٿي پيو، ٻي پاسي زخمي جي مائٽن پاران مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين ٻڌايو ته اسان جي گهر جي گهٽي تي ڪنڊي وڍڻ جي منع ڪرڻ سان چانهيان برادري جي ماڻهن اسان تي ڪهاڙين جا سڌا وار ڪيا جنهن سبب اسان جو هڪ ڄڻو شديد زخمي ٿيو آهي،اطلاع تي پوليس بروقت پهتي جوابدار کي ٿاڻي تي وٺي وئي آهي .

ٽنڊي آدم ۾ نوجوان گهرڀاتين کان ناراض ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي

ٽنڊوآدم (ن پ ا)ٽنڊي آدم ۾ نوجوان گهرڀاتين کان ناراض ٿي زهر پي ڇڏيو،ان ڏس ۾ٽنڊوآدم جي علائقي رشيد ڪالوني ۾ 25 ورهيه نوجوان محمد نذير پٽ محمد مائٽن کان ناراض ٿي زهريلي دواپي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن تعلقي آسپتال آندو .

ساماري ڀرسان شرپسند درگاهه جا تالا ٽوڙي ويا، عقيدتمندن جو احتجاج

سامارو ( رپورٽر )سامارو ڀرسان نامعلوم ماڻهن درگاهه جا تالا ٽوڙي ڇڏيا ،مريدن ۽ عقيدتمندن جو احتجاج،ان ڏس ۾ نامعلوم جوابدارن سامارو ڀرسان ڪنري روڊ جي مشهور درگاهه حضرت سيد بچل شاهه جا تالا ٽوڙي ڇڏيا آهن، واقعي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ مريد ۽ عقيدتمند گڏ ٿي ويا ۽ واقعي خلاف احتجاج ڪيو ،درگاهه جي خليفي صفدر جٽ،انور علي ڪپري ۽ ٻين چيو ته رات جوابدارن ڪريل حرڪت ڪري درگاهه جا تالا ٽوڙيا آهن جنهن جو سامارو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي ،ھنن چيو ته ڪجهه ڏينهن پھرين جوابدارن درگاهه جي چندي جي پيتي کي کڻي ويا هئا، جنهن جي به پوليس کي شڪايت ڏنل آهي ھنن جو چوڻ ھو ته پوليس ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي ھنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي جڪڙ ۾ آندو وڃي .

پيپلزپارٽي شڪارپور ۾ اختلاف،2 گروپ ٺھي ويا

ضلعي صدر عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ ۾ يوٿ ونگ جي عهدن تان اختلاف

محترمه جي ورسي تي اختلاف ظاهر، عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ الڳ ڪمپيون لڳايون
عابد ڀيو ۽ امتياز شيخ

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) پيپلزپارٽي شڪارپور ضلعي ۾ اختلاف، ڌڙابندي جو شڪار، پ پ ضلعي صدر ايم اين اي مير عابد ڀيو ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ وچ ۾ پ پ يوٿ ونگ ۾ من پسند ماڻهن کي عهدا ڏيڻ تان اختلاف شروع ٿيا جڏهن ته آغا سراج دراني ۽ ڪماريو ڀائرن ۾ اليڪشن ۾ مڪمل طور مدد نه ڪرڻ ڪري اختلافن جا چئوٻول پڻ هلندڙ هئا جيڪي هن ڀيري شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ دوران پڌرا ٿي چڪا آهن، ٻنهي اڳواڻن پاران ڌار ڌار ڪيمپون قائم ڪيون ويون جيڪي سڄو ڏينهن جيالن کان خالي رهيون، جڏهن ته امتياز احمد شيخ ۽ عابد ڀيو ڌار ڌار پينافيلڪس ٺهرايا جن تي هنن رڳو پنهنجون پنهنجون الڳ تصويرون لڳايون، جنهن بعد ٻئي اڳواڻ الڳ گاڏيون سجائي پنهنجي بنگلن تان جٿن جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ويا، ٻئي پاسي شڪارپور پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو پڻ شڪارپور هائوس تي پهچي امتياز شيخ سان گڏ ڪيمپ تي پهتو هو جڏهن ته آغا سراج دراني ڳڙهي ياسين مان جيالن جي جٿي سان الڳ ڳڙهي خدا بخش لاءِ روانو ٿيو، شڪارپور ضلعي اندر پ پ اڳواڻن ۾ عام عام چونڊن کان اڳ ٽڪيٽن ۽ چونڊن کان بعد هڪٻئي جي تڪن تي مدد نه ڪرڻ ۽ تازو يوٿ چونڊن ۾ من پسند ماڻهن کي سليڪٽ ڪرڻ تان اختلاف شروع ٿيا هئا، ياد رهي ته هڪ سال اڳ امتياز شيخ جي پ پ ۾ اچڻ ۽ کيس ٽڪيٽ ڏيڻ تان آغا تيمور پٺاڻ پ پ ڇڏي چڪو آهي.

شاهپور جهانيان ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار زخمي

شاهپورجهانيان(ن پ ا)شاهپورجهانيان کان 6 ڪلو ميٽر پري قومي شاهراھ تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ صالح راهو واسي 2ڄڻا نثار علي راھو ۽ صاحب علي راهو سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿي ويو،گڏ ٿيل ماڻھن ۽ پوليس زخمين کي فوري طور مقامي اسپتال آندو،جن کي ڊاڪٽر طبي امداد بعد نوابشاھ اسپتال ريفر ڪري ڇڏيو،ٻڌايو وڃي پيو ته زخمي ٿيل ٻئي ڄڻا ڪم سانگي شھر آيل هئا ۽ شھر مان واپس پنهنجي ڳوٺ صالح راهو وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ قومي شاهراھ تي ساڻن حادثو پيش آيو.

ڳڙهي حسن مان 5سال اڳ اغوا ٿيل نينگر بازياب نه ٿيو، احتجاج

ڳڙھي حسن(ن پ ا)ڳڙھي حسن لڳ پنج سال اڳ اغوا ٿيل 12 سالن جي الطاف کوسي جي بازيابي لاءِ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. مغوي نينگر جي والد حبيب الله کوسو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن دانهيو ته پٽ جي اغوا ۾ ملوث جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن، پر پوليس ڪارروائي نه ڪري رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته سندس مغوي پٽ کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سنڌ ۾ پ پ خلاف جوڙيل اتحاد ڀورا ٿي ويا، عوام شهيدن سان گڏ آهي: ملڪ اسد

ڪوٽڙي (ن پ ا) پ پ ايم پي اي ملڪ اسد چيو آهي ته سنڌ ۾پ پ خلاف جوڙيل اتحاد ٽٽي ڀورا ٿي ويا آهن، شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ جان قربان ڪري ڇڏي، عوام شهيدن جي پارٽي سان گڏ آهي. ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي سان واسطو رکندڙ ضلعي ڪائونسل ميمبر حسين بخش ڇڇر ملڪ اسد سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ملڪ اسد چيو ته ڄامشورو ۾ پ پ خلاف ٺهندڙ اتحاد ڀورا ٿي ويو، مخالفن وٽ عوامي منصوبو ناهي، ايس يو پي ۽ ڄامشورو اتحاد جي تڏا ويڙھ ٿي رهي آھي.

الزام لڳندا رهندا آهن، سمورا ثبوت عدالت ۾ڏينداسين:رحمان ملڪ

سکر (رپورٽر)پيپلزپارٽي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته نالا اي سي ايل ۾ شامل ٿيندا آهن ۽ نڪرندا آهن، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، آصف زرداري اڳ به جيل ڪاٽيو پر مٿس ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو، الزام لڳندا رهندا آهن، پ پ سمورا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪندي، هن چيو ته پرويز مشرف کي ڏيهه واپس آڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

وڏا ماڇيون لڳ هٿياربندن وين کي روڪي ورتو،ڦرلٽ بعد فرار

پيرجوڳوٺ(ن پ ا)وڏا ماڇيون لڳ هٿياربندن هٿان ڪيري وين يرغمال، ڦرلٽ بعد ڇڏيو ويو،ان ڏس ۾ وڏا ماڇيون لڳ مانگ اسٽاپ وٽ هٿياربندن ڪيري وين مالڪ نويد ميمڻ کي ڊرائيور سميت هٿيارن جي زور تي يرغمال بنائي 90 هزار روپيه روڪ، موبائيل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي کين تشدد جو نشانو بنائي فرار ٿي ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته نويد ميمڻ جيڪو ڪيري وين ذريعي موبل آئل ۽ آٽوز جو سامان وڪرو ڪندو آهي ۽ هوُ وڏا ماڇيون مان سامان وڪرو ڪرڻ بعد ٺيڙهي وڃي رهيو هو.