
حيدرآباد(رپورٽ:فقير سليم)حيدرآباد ۾ پوليس جون موبائلون ڏوهارين خلاف ڪاررواين ڪرڻ بجاءِ ڀاڄيون ڍوئڻ لڳيون،ان ڏس ۾ هڪ فوٽو جنرلسٽ جي ڪئمرا ڀاڄيون ڍوئنيدڙ هڪ پوليس وين نمبر ايس پي 562 اي جي تصوير پنهنجي ڪئمرا ۾ فلمبند ڪري ورتي

حيدرآباد(رپورٽ:فقير سليم)حيدرآباد ۾ پوليس جون موبائلون ڏوهارين خلاف ڪاررواين ڪرڻ بجاءِ ڀاڄيون ڍوئڻ لڳيون،ان ڏس ۾ هڪ فوٽو جنرلسٽ جي ڪئمرا ڀاڄيون ڍوئنيدڙ هڪ پوليس وين نمبر ايس پي 562 اي جي تصوير پنهنجي ڪئمرا ۾ فلمبند ڪري ورتي
ڪنب (ن پ ا) ڪنب جي جي صحافي وحيد ڄامڙو جي گرفتاري خلاف يونين آف جرنلسٽ ڪوٽڏيجي جي سڏ تي هريش ڪمار، همت تمراڻي، سليم رضا لنڊ، شاهد سومرو، شاهرخ سومرو، امير بخش گوپانگ، شاهد حاجاڻو، احمد علي رند، امان الله بگٽي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين دانهيو ته ڪنب جي صحافي وحيد ڄامڙو کي بنا جواز راڻيپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ظلم آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته صحافي کي آزاد ڪري ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ڪوس گهر ۾ تبديل ٿي وئي آهي، مريضن کي دعوائون ملڻ مشڪل، ايم ايس سرڪاري دوائون کپائي ڇڏيون، صحت کاتي نوٽيس نه ورتو. فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ سبب مريض پريشانيون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. پنهنجي اخبار جي سروي موجب، ايم ايس جي ملي ڀڳت سان ڊاڪٽرن خانگي ڪلينڪون کولي ورتيون آهن،جنهن سبب سرڪاري اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي ذاتي ڪلينڪن تي اچڻ جي صلاح ڏني پئي وڃي. صحت کاتي پاران ڪنهن به ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏنل ايمبولينس توڙي ٻيون گاڏيون مرمت نه ٿيڻ جي ڪري تباهه ٿي ويون آهن. سرڪاري اسپتال اندر دل ۽ عورت جو ويم گهر 5 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو، پر انتظامي نااهلي ان عمارت کي به تباهي جي ور چاڙهي ڇڏيو. اسپتال ۾ لڳل 8 سي سي ٽي وي ڪئمرائون خراب آهن، جنهن سبب ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي جا فوٽيج نه ملي سگهندا.
دوڙ (ن پ ا) دڙو ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ، جديد دور ۾ به رهواسي ڌڪا کائڻ تي مجبور، خبر موجب، دوڙ جي ڳوٺ ڪريم بخش وڳڻ، ڳوٺ لڌوخان واسوڻو، ڳوٺ جھان خان رند، ڳوٺ امير بخش وساڻ، ڳوٺ چوڌري عنايت راجپوت، ڳوٺ سوالي خان رند، ڳوٺ لودو، ڳوٺ صوبيدار، ڳوٺ گلڻ بروهي، يونين ڪائونسل خان محمد جلباڻي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا رهواسي سهولتن کان محروم آهن. پنهنجي اخبار جي سروي دوران ڳوٺاڻن غلام نبي واسوڻو، قربان ڪنڀر، وسيم وڳڻ، محمد حسن وساڻ، علي حسن واسوڻو، بخت خان، شهزاد رند، ڪامريڊ حبيب الله پنهور ۽ ٻين دانهيو ته ھر مھيني يوسي لاءِ لکين رپين جي بجٽ ملي ٿي، جيڪا يوسي چيئرمين ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪري وڃن ٿا. هنن ٻڌايو ته چونڊيل نمائندا به عام چونڊن دوران سکڻا دلاسا ڏئي ووٽ وٺڻ کانپوءِ گم ٿي ويا آهن.
خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپور ناٿن شاهه ۾ نامياري شاعر وفا ناٿن شاهي جي نالي سان منصوب لائبريري 6 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهي، جڏهن ته ملازم گهر ويٺي پگهار وٺي رهيا آهن.شھر ۾ لائبريري نه هجڻ ڪري شاگرد توڙي اديب ڪتابن جي مطالعي کان محروم آھن. شاگردن اياز ٻرڙو، حافظ انور کوهارو، فقير علي حسن، سهيل چانڊيو، سنڌو ملاح، ماجد ٻگهيو، حافظ حاجن لغاري ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته لائبريري نه هئڻ سبب کين ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن ته 6 سال گذرڻ باوجود ڪم اڻپورو هئڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. هنن الزام مڙهيو ته بااثر لائبريري تي قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن ڪري ڪم رلي ويو آهي، نوٽيس ورتو وڃي.
خيرپور (ن پ ا) شهر جي پراڻي بس اسٽاپ وٽان دڪان ڊاهڻ خلاف دڪاندارن ٻارن سميت ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي.سيشن ڪورٽ ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪندڙ ساجد ملڪ، عاشق حسين بگٽي، اعجاز جاگيراڻي، غلام قاسم ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيو ته ضلعي انتظاميان بلڊر مافيا سان ملي ڀڳت ڪري اسان جا 126 دڪان، ھوٽلون بنا جواز ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي ڪري ھڪ ھفتي کان اسان جي گھر جا چلها نه ٻريا آهن ۽ ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن. هنن چيو ته 6 ڏينهن کان احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو بک هڙتالي ڪئمپ تي لڙي ناهي آيو. ھنن چتاءُ ڏنو تھ متبادل دڪان نه ڏنا ويا ته مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال جاري رھندي.
پنوعاقل(ن پ ا) پني عاقل ۾ پ پ شهيد ڀٽو جو ورڪرز ڪنوينشن، پارٽي اليڪشن ۾ ميرٽ جو خيال رکڻ جو عزم ورجايو ويو. پني عاقل ۾ ٿيل ڪنوينشن ۾ اعجاز منگي، تاج محمد ڊومڪي، قربان ڪلوڙ، اسحاق جسڪاڻي، شاهد جتوئي سميت خيرپور گهوٽڪي سکر سميت مختلف ضلعن مان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ اڳواڻن شڪايت ڪئي ته پارٽي چونڊن ۾ ميرٽ جو خيال ناهي رکيو ويندو، جنهن سبب پارٽي کي نقصان پهچي رهيو آهي. ڪنوينشن ۾ اڳواڻن عزم ورجايو ته پارٽي چونڊن ۾ ميرٽ جو خاص خيال رکيو ويندو.
پکو(ن پ ا) پکي ۾ عام واهپي وارين شين جا اگهه ٻيڻا، گوشت ۽ سبزيون به مهانگيون،عوام پريشان، خبر موجب، پکو شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ پاڻمرادو واڌ ڪري شهرين کي ڦريو پيو وڃي. وڳڻ، نصير آباد ۽ ٻين شهرن ۾ سرڪاري ريٽ لسٽن تي عمل نه ٿيو. دڪاندار ننڍو گوشت 800، ننڍو گوشت 350، مڇي 300رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته سبزين جي اگهن ۾ به واڌ ڪري پٽاٽا 50رپيا، ٽماٽا 60رپيا، گوبي 50رپيا، پالڪ 40 رپيا، ڀينڊيون 80 رپيا، توريون 70 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيون پيون وڃن. انتظامي نااهلي سبب دڪاندار فروٽن ۽ ميون جي اگهن ۾ به واڌ ڪري صوف 180رپيا في ڪلو، نارنگي60، ڏاڙهون 200 رپيا، گجر 50، زيتون50 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته خشڪ ميون جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن زاهد خشڪ، رضا علي سامٽيو، سرائي سامٽيو، دلمراد ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مارڪيٽ ڪاميٽي جي مقرر ريٽ لسٽن تي عمل نه ٿي رهيو آهي، دڪاندار شهرين کان هٿ ٺوڪيا اگهه اوڳاڙي رهيا آهن، پر ڪير ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
اسلام آباد (رپورٽر) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته معيشت جي ترقي لاءِ رڪاوٽون ختم ڪري رهيا آهيون، ناڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ قدم کڻنداسين، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيداوار ۽ روزگار ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ ڪرڻي آهي، غيرملڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري تي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون،انهن سان رابطي ۾ آهيون، اسان کي ايڪسپورٽ کي وڌائڻ ۽ هنرمندي کي هٿي ڏيڻ جي اهم ضرورت آهي،
اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي وزير مراد سعيد پ پ چيئرمين جي خطاب تي رد عمل ۾ چيو آهي ته بلاول صاحب “اس طرح تو هوتا هي اس طرح ڪي ڪامون مين” بي رحمي سان ڦرلٽ ڪرڻ وقت اوهان جي والد محترم کي انجام ياد رکڻ گهرجي ها، ناشتي ۽ صدقي جي ٻڪرن جي جعلي اڪائونٽس مان ادائگي جو حوالي ڏيڻ پاڻ هڪ ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ آهي، وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته سنڌ پوليس کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ بلاول جي والد ڪرپشن ۾ رت جي هولي جي کلي ڇوٽ ڏني، بلاول کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان سمجهائي وٺون ٿا ته پاڪستان بدلجي چڪو آهي، هن يچو ته پي پٽ کي ڪجهه ٻيو نظر اچي يا نه اچي اهو ضرور نظر اچي رهيو آهي ته ڪرپشن خلاف ڌرتي تنگ آهي، نئين پاڪستان ۾ قوم جي ڏوهارين سان مفاهمت نه ٿيندي، بلاول صاحب قوم کي ٻڌايو ٿر ۾ موت جي ننگي رقص جو ذميوار ڪير آهي؟ قوم جي هر هڪ ٻار کي جي آءِ ٽي جي رپورٽ پڙهائڻ گهرجي، قوم کي خبر پوي ته ڪيتري بيدردي سان ملڪ کي لٽيو ويو ۽ ادارا تباهه ڪيا ويا.
ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي جي خدا جي بستي مان 22 ورهيه ثنا مرزا پر اسرار نموني گم ٿي وئي، ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي خدا جي بستي جي رهواسڻ 22 ورهيه ثنا مرزا ولد سهيل مرزا پراسرار نموني گم ٿي وئي،سندس وارثن پاران ناري جو پيءُ سھيل مرزا ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي تي ناري جي اغوا ڪرڻ واري اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي،سندس والد موجب ثنا کي ٻه ڄڻا اغوا ڪري ويا آهن ، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سائيٽ آدم ابڙو موجب ناري جي والد سهيل مرزا جي پاران ثنا کي اغوا ڪرڻ جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي،جاچ ڪري رهيا آهيون.
لکي غلام شاھ(رپورٽ:فھيم حيدر منگي ) لکي غلام شاھ لڳ محمود آباغ ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن تڪرار جي معاملي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت ٿي ويو آهي،جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو،ڳوٺ متارو خروس ۾ ڪارنهن تڪرار تان خروس برادريء جي ٻن ڌرين عبدالقادر عرف انگاري خروس ۽ سجاول خروس جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان بدنام ڌاڙيل عبدالقادر عرف انگاري خروس ڌر جي ماڻهن جديد هٿيارن سان ڳاڙھي (عورت واري ڌر) سجاول خروس جي گهرن تي حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ سجاول خروس جي ڌر جا پيءُ ،پٽ سجاول ۽ بلاول ،ڀائٽيو عابد خروس نعمت الله سميت 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. جڏهن ته هڪ ڄڻو موج علي خروس زخمي ٿي پيو ،واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو. ڌريون مورچا بند آهن جڏهن ته آباد ملاڻي ايٽ محمود آباد پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ لکي سول اسپتال منتقل لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو .چئني مقتولن جا لاش ڳوٺ متارو خروس پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو . جڏھن ته ٻنهي ڌرين ۾ وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي،هوڏانهن آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.

ننگرپارڪر (ن پ ا ) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سڄي ملڪ وانگر ننگرپارڪر ۾ حددخليون هٽائڻ لاء انتظاميه سرگرم ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر نورالدين هنگورجو شهر جي دڪانن جي مالڪن سان گڏجاڻي ڪئي ۽ ننگرپارڪر شهر جو دورو ڪري روڊ جي ماپ ڪري شهرين کي غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪرڻ لاء سختي سان هدايتون جاري ڪيون . ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر دڪانن جي مالڪن کي هدايت ڪئي ته ننگرپارڪر شهر جي مين روڊ کان ڪاسبو روڊ تائين 40 فوٽن تائين روڊن جي ويجهو ڪيل غيرقانوني اڏاوتون پاڻمرادو ختم ڪيو وڃن ۽ شهر ۾ روڊ جي وچ سينٽر کان روڊ جي ٻنهي پاسن تائين 20 فوٽ هڪ طرف ۽ روڊ جي سينٽر کان 20 فوٽ ٻئي طرف تائين ڪيل غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪيون وڃن . ٻي صورت ۾ 4 کان 6 جنوري 2019ع تي ننگرپارڪر ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪرين مشين جي ذريعي ڪاروائي ڪري انتظاميه پاڻ ڊهرائيندي . جنهن کانپوء شهري سخت پريشان آهن شهري ذولفقار کوسو ، ولي محمد ، غازي خان ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ننگرپارڪر ننڍڙو ۽ تاريخي شهر جي حيثيت رکي ٿو ان ۾ 40 فوٽن جي بجاءِ 25 کان 30 فوٽن تائين حددخليون هٽايون وڃن . ننگرپارڪر شهر ورهاڱي کان اڳ ڪاروباري مرڪز سڏيو ويندو هو ۽ مارڪيٽ پڻ ورهاڱي اڳ جي ٺهيل آهي ، پراڻي مارڪيٽ ڊاهڻ کانپوءِ شهر تاريخي بجاء کنڊر جو ڏيک ڏيندو . ٻي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر نورالدين هنگورجو ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پوري ملڪ وانگر ٿرپارڪر ضلعي ۾ غيرقانوني حددخليون ختم ڪري روڊن کي ويڪرا ڪرڻ لاء ڪاروائي جو عمل جاري آهي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف شهرن مٺي ،اسلام ڪوٽ ۽ چيلهار ۾ غيرقانوني حددخليون هٽائڻ لاء آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ننگرپارڪر ،ڏانوڌاندل ۽ ويراواهہ ۾ 4 کان 6 جنوري 2019ع تي حددخلين جي خلاف آپريشن ڪيو ويندو .

ڪوٽڙي (رپورٽ: ڌڻي بخش باريجو )ڪوٽڙي ۾ بلائينڊ ٽي 20 ڪرڪيٽ سپر ليگ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو، ڪي پي ۽ پنجاب ميچون کٽي ورتيون.
پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ هلندڙ بلائيند ڪرڪيٽ سپر ليگ جي چوٿين ڏينهن ڪي پي 7 وڪيٽن تان بلوچستان ۽ پنجاب وڪيٽن تان سنڌکي شڪست ڏني. پهرين ميچ ۾ بلوچستان ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي بلوچستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 245 رنسون ٺاهيون، بلوچستان جي بيٽسمين بدر علي 43 بالن تي 99 رنسون ٺاهيون، اڪرم خان 43 بالن تي 71 رنسون ٺاهيون. ڪي پي جي بالرن مجيب 2 وڪيٽون ورتيون، گڀر، شاهزيب ۽ آصف هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته رانديگر رن-آئوٽ ٿيا.
جواب ۾ خيبر پختونخوا ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 18 اوورن هدف ماڻي ميچ کٽي، بيٽسمين اعجاز علي89، ايوب خان 61 رنسون ٺاهيون بلوچستان طرفان بالر اڪرم 2 وڪيٽون ورتيون.
ٻي ميچ ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. سنڌ ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنسون ٺاهيون، سنڌ جي بيٽسمين راشد علي 55،ثناء الله 37 ۽ هارون 30 رنسون ٺاهيون.
پنجاب طرفان محسن علي، ڪامران ۽ ياسر هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ پنجاب ٽيم 19 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي گهربل هدف ماڻي ميچ کٽي. نثار علي 46بالن تي 14چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو. جڏهن ته اڪمل به 36 رنسون ٺاهيون. سنڌ طرفان انيس جاويد هڪ وڪيٽ ورتي.
ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ( رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته لاڏلي جي ڦاٽل دهلن ٻيهر للڪاريو آهي، سازشن جو مقابلو ڪنداسين، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته اسان ڪيسن کان نه اڳ ڊناسين نه هاڻي ڊڄنداسين، اڄ لاڏلي جي ڦاٽل دهلن اسان کي ٻيهر للڪاريو آهي، هن چيو ته جمهور ي طريقي سان اليڪشن کٽي ٻيهر واپس اينداسين، حڪومت ۾ اچي پاڪستان ۽ معيشت کي سنڀالينداسين، هن چيو ته بلاول منهنجو ۽ بينظير جو پٽ آهي، انکي ڪيئن ڊيڄاريندئو، اسان پهرين به سازشن جو مقابلو ڪيو ۽ هاڻي به ڪنداسين، جيالا لاڏلي جي ظلمن کي منهن ڏيڻ جي طاقت رکن ٿا، هن حڪمرانن تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪو ڪم ڪرڻ ڄاڻيندو آهي ان لاءِ 100 ڏينهن گهڻا آهن، اسان 100 ڏينهن ۾ مشرف کي گهر پهچايو، هنن حڪمرانن کي ٽي وي تي بڪواس ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ايندو، پاڙيسري ملڪن کان تمام گهڻي مدد ملڻ باوجود هنن کان ملڪ نٿو سنڀالجي، هو نه ڏسي سگهن ٿا، نه ٻڌن ٿا، هن چيو ته هو جيڪو عمل ڪندا انهن کي اهڙلو ئي جواب ڏينداسين.