ميڪسيڪو سٽي (دلچسپ نيوز) ميڪسيڪو ۾ هر سال جيان هن سال به مورين جو ميلو ملهايو ويو. رياست اوڪساڪا ۾ مورين سان ٺهيل مجمسن جو 121هون ساليانو ميلو ڪوٺايو ويو. ميلي ۾ مقامي آرٽسٽن مورين سان ٺهيل فن پاره پيش ڪيا. مورين سان تيار ڪيل منفرد ۽ دلفريب مجسما ڏسي ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويا. مورين سان ٺهيل مجسمن کي نهايت صفائي ۽ نفاست سان عظيم انسانن، اهم جڳهن ۽ جانورن جي شڪليون ڏنيون ويون.
. ان دلچسپ ميلي جي شروعات آمريڪا ۾ موري جو وڪرو وڌائڻ لاءِ هڪ سئو سال اڳ ڪئي وئي هئي، اهو ميلو هاڻي هڪ ٻي روايت جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي.
ميڪسيڪو ۾ مورين سان ٺهيل مجسمن جو ساليانو ڪوٺايو ويو
نوازالدين صديقي جي بال ٺاڪري فلم تي سينسر بورڊ کي اعتراض
سينسر بورڊ پاران فلم ٽريلر جا ڊائلاگ تبديل ڪرڻ جو چئي ڇڏيو
ممبئي (شوبز نيوز) هندو انهاپسند تنظيم شو سينا جي سربراهه بال ٺاڪري تي بالي ووڊ فلم ٺاهي پئي وڃي، جنهن ۾ نواز الدين صديقي مرحوم بال ٺاڪري جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نوازالدين صديقي پاران بال ٺاڪري جي روپ ۾ نظر ايندو، جڏهن ته ان حوالي سان نواز الدين صديقي جون تصويرون پڻ وائرل ٿي رهيون آهن. ٺاڪري نالي فلم جي ٽريلر تي ڀارتي سينسر بورڊ پاران اعتراض واريا آهن، جنهن کانپوءِ فلم جي ٽريلر ۾ تبديلي آندي ويندي. فلم کي ايندڙ سال 23 جنوري تي ريليز ڪرڻ جو امڪان آهي. فلم جي هدايتڪاري پڻ شو سينا ايم پي اي سنجي رائوت ڏني آهي.
. فلم ۾ نوازالدين صديقي سان گڏ امرتا رائو، عبدل القادر امين، انوشڪا جهادو ۽ ٻيا اهم ڪردار ادا ڪندا. فلم کي هندي، مراٺي ۽ انگريزي ۾ پيش ڪيو ويندو.
خوشبوئن جي شاعره پروين شاڪر جي 24 ورسي ملهائي وئي
24 نومبر 1952 تي ڪراچي جي ادبي خاندان ۾ جنم وٺندڙ پروين ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو
24 ورهين جي ڄمار ۾ سندس پهريون ڪتاب “خوشبو” ڇپيو، جنهن تي کيس “آدمي جي” ايوارڊ به مليو
ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين جي راڄ ڪندڙ شاعره پروين شاڪر کي مداحن کان وڇڙي 24 ورهيه وهامي ويا. نوجوانن جي زنده دل شاعره پروين شاڪر 24 نومبر 1952 تي ڪراچي ۾ ادبي خاندان ۾ جنم ورتو. جنهن سبب هوءَ پنهنجي گهر ئي شاعرن جي ڪلام کان واقف بڻجي. پروين شاڪر ڪراچي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي، ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد شعبي تعليم سان سلهاڙجي وئي، 9 سال تعليمي شعبي ۾ رهڻ بعد هن سرڪاري ملازمت ڪئي ۽ ان سان گڏ هن ريڊيو پاڪستان جي مختلف علمي ۽ ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندي رهي. پروين شاڪر ننڍپڻ ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو، 1976 ۾ سندس شاعري جو پهرين ڪتاب ”خوشبو“ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو، جنهن سبب کيس ”آدم جي” ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سندس ٻين ڪتابن ۾ ”انڪار، سد برگ، ماههِ تمام: ڪليات شامل آهن. پروين شاڪر جي سموري شاعري سندس جذبن ۽ احساسن جو اظهار آهي، سندس شاعري جو مرڪزي نقطو عورت آهي. اردو ادب جي منفرد لهجي جي شاعره پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1994 تي 42 ورهين جي ڄمار ۾ اسلام آباد ۾ هڪ ٽريفڪ حادثي ۾ سدائين لاءِ دنيا کان وڇڙي وئي، پر سندس شاعري اڄ به کيس جيئرو رکي ويٺي آهي.
افغان ڪرڪيٽ ليگ جي فائنل ۾ چارسده ۽ پشاور اڄ آمهون سامهون
پشاور (اسپورٽس ڊيسڪ) افغان ڪرڪيٽ ليگ جو فائنل اڄ ٿيندو. افغان ڪمشنر يٽ جي انتظامن هيٺ جاري افغان ڪرڪيٽ ليگ جو فائنل اڄ پشاور جي ميڊيڪل گرائونڊ تي کيڏيو ويندو. فائنل ۾ چارسده ۽ پشاور جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
. ان موقعي تي ڪمشنر افغان ڪمشنريٽ عباس طخان، ڊائريڪٽر جنرل افغان ڪمشنريٽ وقار معروف ۽ يو اين ايڇ سي آر جي نمائندن سميت ٻيون اهم شخصيتون به موجود هونديون. چيمپئن شپ ۾ خيبر پختونخوا جي مختلف ڪئمپن ۾ ترسيل افغانين جي 10 ٽيمن حصو ورتو، پهرين سيمي فائنل ۾ چارسده هري پور کي 4 وڪيٽن تان جڏهن ته ٻي سيمي فائنل ۾ پشاور نوشهره فرينڊز کي شڪست ڏئي فائنل کيڏڻ جو اعزاز ماڻيو.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جو عمران خان جي بيان تي سخت ردعمل
اسان کي توهان جي ليڪچر جي ضرورت ناهي: اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر محمد ڪيف
ورهاڱي بعد پاڪستان ۾ 20 سيڪڙو اقليتون هيون، هاڻي 2 سيڪڙو بچيون آهن
نئي دهلي (اسپورٽس ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي اقليتن بابت پيغام تي سخت ردعمل ڏيندي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر محمد ڪيف چيو آهي ته اسان کي توهان جي ليڪچر جي ضرورت ناهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي محمد ڪيف چيو ته ورهاڱي وقت پاڪستان جي حصي ۾ 20 سيڪڙو اقليتون آيون هيون، جڏهن ته هاڻي انهن جو انگ گهٽجي رڳو 2 سيڪڙو رهجي وئي آهي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان قائد اعظم جي سالگره تي پيغام ۾ چيو هو تهٿ نئون پاڪستان قائد اعظم جو پاڪستان آهي، اسان يقيني بڻائينداسين ته ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ اقليتن کي برابري واري سطح تي مقام ملي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عمران خان لکيو هو ته قائد اعظم اقليتن کي برابري جو شهري بڻائڻ چاهي پيو، هن اهڙي پاڪستان جو تصور ڪيو، جيڪو رحم، جمهوريت ۽ انصاف تي ٻڌل هجي.
بيٽسمينن ذميواري جو مظاهرو نه ڪيو: سرفراز احمد
ميچ ۾ واپسي لاءِ اڄ بالرن کي 5 وڪيٽون جلد وٺڻيون پونديون
بيٽسمينن کي ٻي اننگ ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو
سينچورين(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته مون سميت ڪنهن به بيٽسمين ذميواري جو مظاهرو نه ڪيو، ان ڪري وڏو اسڪور نه ڪري سگهياسين، سينچورين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ بيٽسمينن کي ٻي اننگ ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ميچ ۾ واپسي لاءِ اڄ بالرن کي ڏکڻ آفريڪا جون باقي رهيل 5 وڪيٽون جلد وٺڻيون پونديون.
، جيڪڏهن بالرن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ته ميچ کٽڻ جي پوزيشن ۾ اچي وينداسين.
پوليس قبضا خور راجا آصف کي گرفتار ڪيو ته وڪيل نشي جي حالت ۾ اچي گارگند ڪئي: ايس ايڇ او
ملير: ايس ايڇ او شاھ لطيف صحافين کي ٻڌايو ته پوليس لينڊ گريبر راجا آصف کي گرفتار ڪيو ھو جنھن تي ۲۵ ايف آء آر داخل آھن .انکي ڇڏائڻ لاء وڪيل رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ٿاڻي تي آيو ۽ پوليس سان بدتميزي ڪئي گھٽ وڌ ڳالھايو. جنھن کانپوء وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويو ، ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڻ نشو ثابت ٿيو آھي،هن چيو ته مون ڪو به غلط قدم نه کنيو آھي قانون جي دائري ۾ رھي قانوني ڪاروائي ڪئي آھي.
وڪيل سڪندر شر جي گرفتاري خلاف ملير جي وڪيلن جي هڙتال، بائيڪاٽ
وڪيلن طرفان پوليس خلاف 28 ڊسمبر تائين عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان
ملير پوليس سڪندر شر کي گرفتار ڪري قانون جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن: ملير بار ڪائونسل
ملير (رپورٽر(جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 ملير آصف اڪبر شاھ لطيف ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي باندي بنايل ملير بار جي نائب صدر سينيئر وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف کي رڪارڊ سميت سيشن ڪورٽ ملير طلب ڪيو،ان واقعي خلاف وڪيلن ملير ڪورٽ آڏو هاءِ وي تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.مظاھرين وڪيلن چيو ته شاھ لطيف پوليس بي ڏوھي وڪيل اڳواڻ کي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪيو .جنھن کي عدالتي ڇاپي بعد بازياب ڪرايو ويو آھي.انھن چيو ته پوليس گردي ڪنھن به صورت قبول نه ڪئي ويندي ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ايس ايڇ او شاھ لطيف صحافين کي ٻڌايو ته پوليس لينڊ گريبر راجا آصف کي گرفتار ڪيو ھو جنھن تي ۲۵ ايف آء آر داخل آھن .انکي ڇڏائڻ لاء وڪيل رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ٿاڻي تي آيو ۽ پوليس سان بدتميزي ڪئي گھٽ وڌ ڳالھايو. جنھن کانپوءِ وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڻ نشو ثابت ٿيو آھي, هن چيو ت مون ڪو به غلط قدم نه کنيو آھي قانون جي دائري ۾ رھي قانوني ڪاروائي ڪئي آھي. ٻئي طرف ملير بار پاران واقعي خلاف ٽي ڏينهن هڙتال جو اعلان ڪيو آھي.
ملير ۾ جج جو ڇاپو، ناحق باندي بڻايل بار جو نائب صدر بازياب، ايس ايڇ او اڄ طلب
جوڊيشل مئجسٽريٽ آصف اڪبر شاهه لطيف ٿاڻي تي ڇاپو هڻي باندي بڻايل سينئر وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرائي ورتو
ملير 9 جي جڊيشل مئجسٽريٽ پاران شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي اڄ پيش ٿيڻ جو حڪم، رڪارڊ به طلب
ملير: جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 ملير آصف اڪبر شاھ لطيف ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي باندي بنايل ملير بار جي نائب صدر سينيئر وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف کي رڪارڊ سميت سيشن ڪورٽ ملير طلب ڪيو ان واقعي خلاف وڪيلن ملير ڪورٽ آڏو هاء وي تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.مظاھرين وڪيلن چيو ته شاھ لطيف پوليس بي ڏوھي وڪيل اڳواڻ کي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪري گرفتار ڪيو .جنھن کي عدالتي ڇاپي بعد بازياب ڪرايو ويو آھي.انھن چيو ته پوليس گردي ڪنھن به صورت قبول نه ڪئي ويندي ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
اويڪيو ٽرسٽ ڪيس، ڪريم جت ۽ شنڪر لال جي ضمانت خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر
اويڪيو ٽرسٽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، عدالت ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي
ڪريم ۽ شنڪر لال ٽرسٽ جي ملڪيت وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن، کين گرفتار ڪيو وڃي: درخواست
ڪراچي(ڪورٽ رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ اويڪيو ٽرسٽ پاران ڪريم جت ۽ شنڪر لال جي ضمانت منسوخ ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بينچ آڏو ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ايندڙ سيشن ۾ درخواست تي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آهي.اويڪيو ٽرسٽ پاران درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڪريم جت ۽ شنڪر لال اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي تي قبضو ڪرڻ ۽ ڪوڙيون سيل ڊيڊ ٺاهي ٽرسٽ جي ملڪيت وڪرو ڪري قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو. درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته ٻنهي جوابدارن جي ضمانت رد ڪري سندن گرفتاري جو حڪم جاري ڪيو وڃي. عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
ريلوي خسارو ڪيس، خواجه سعد رفيق آڊٽ رپورٽ جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو
لاهور( م ڊ ) اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق وڪيل پاران ريلوي ۾ خساري واري ڪيس ۾ ريلوي خساري تي آڊٽ جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ريلوي خساري واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الاحسن به شامل هئا. نيب پاران خواجا سعد رفيق کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي سندس وڪيل پاران ريلوي خساري بابت آڊٽ پيرا جو جواب جمع ڪرايو ويو. سعد رفيق جي وڪيل چيو ته آڊٽ پيراز ۾ ڪابه ڪرپشن ناهي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نقصان ته ٿيو آهي، جنهن جي جواب ۾ وڪيل چيو ته اهو نقصان نه پر خسارو آهي جيڪو 65 سالن کان هلندو پيو اچي. عدالت خواجا سعد رفيق جي جواب تي آڊيٽر جنرل ۽ وفاقي حڪومت کي جواب تي جواب جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته ريلوي ۾ بهترين ڪم ڪيو، افسوس آهي شيخ رشيد سپريم ڪورٽ ۾ انجڻن جي قيمت تي غلط بياني ڪئي. سعد رفيق چيو ته 22 ڪروڙن ۾ آمريڪي ريلوي انجڻ ايندي آهي نه 44 ڪروڙن ۾ خريدي وئي، ٻنهي معاملن تي شيخ رشيد غلط بياني ڪري رهيو آهي، کيس ساڙ ۽ حسد کان پاسو ڪرڻ گهرجي. خواجه سعد رفيق جو چوڻ هو ته مونسان نيب جو رويو ٺيڪ ناهي، مونکي نيب قانون تي اعتراض آهن ۽ مون خلاف نيب جو ڪيس غلط آهي. صحافي کائنس سوال ڪيو ته اوهان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ پڻ شروع ٿي آهي جنهن سعد رفيق چيو ته اسان جي خلاف خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون انڪوائريون شروع ڪيون ويون آهن. خواجه سعد رفيق وڌيڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته احتساب جي نالي تي مسلم ليگ (ن) کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي نواز شريف کي سزا ڏني وئي ان کان وڏو ظلم ٻيو ڪو به ناهي.
سپريم ڪورٽ چوڌري سرور خلاف ٻٽي شهريت ڪيس اُڪلائي ڇڏيو
لاهور(م ڊ) سپريم ڪورٽ پرڏيهي شهريت ڇڏڻ تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ مسلم ليگ ن جي نزهت صادق جي خلاف ٻٽي شهريت بابت ڪيس اُڪلائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻٽي شهريت بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پرڏيهي کاتي طرفان رپورٽ جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ٻنهي اڳواڻڻ مستقل طور تي پرڏيهي شهريت ڇڏي ڏني آهي. پرڏيهي کاتي طرفان رپورٽ ملڻ بعد سپريم ڪورٽ ڪيس اُڪلائي ڇڏيو.
نوشهرو جي عدالت پاران گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو معاملو ٽائون ڪميٽي حوالي
فيملي جج غلام محمد ميتلي شهري عباس سولنگي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي
نوشهروفيروز(رپورٽر) مٺياڻي جي رهواسي غلام عباس سولنگي سول فيملي جج ۽ مئجسٽريٽ غلام محمد ميتلي جي عدالت ۾ پبلڪ انٽريسٽ CRPC 133 تحت واٽر ڪورس ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو ڏيندي معاملو ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي حوالي ڪري ڇڏيو. درخواست گذار عدالت ۾ چيئرمين ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي محمد بخش چانڊيو، انجنيئر ايريگيشن سب ڊويزن نوشهروفيروز، انجنيئر پبلڪ هيلٿ، ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز، ڳوٺاڻن غلام علي، منظور علي سولنگي، روشن علي سميت 12 ڄڻن کي پٽيشن ۾ ذميوار قرار ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي سميت مٿين سرڪاري ادارن پاران ڳوٺ موليڏنو سولنگي جو گندو پاڻي لکين رپين جي لاڳت سان ٺاهيل واٽر ڪورس ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي ڪري علائقي ۾ انيڪ بيماريون جنم وٺي رهيون آهن.
ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب ڪرپشن ريفرنس ۾ نيب جي شاهد تي جرح مڪمل
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ريفرنس جي ٻڌڻي، ڊاڪٽر عاصم سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا
جوابدارن جي وڪيلن جي نيب جي شاهد کان آڏي پڇا مڪمل، 7 جنوري تي هڪ ٻيو گواهه طلب
ڪراچي(رپورٽر) احتساب عدالت 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس ۾ نيب جي هڪ وڌيڪ شاهد کي جرح لاءِ طلب ڪري ورتو. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ 462 ارب رپيا ڪرپشن بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر عاصم سميت اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري پيٽروليم چوڌري اعجاز احمد ۽ ٻيا پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران نيب جو شاهد پيش ٿيو، جنهن تي ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جي وڪيلن جرح جاري رکي.
نيب جي شاهد کان آڏي پڇا مڪمل ٿيڻ تي عدالت هڪ وڌيڪ گواهه کي 7 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
ڏهرڪي جي ڊان گولي خلاف به نيب ۾ ڪيس
سکر: ماڻهن کي ٻيڻا پيسا ڪري ڏيڻ جي بهاني ڪروڙين رپين ميڙيندڙ ڏهرڪي جي امانت ڊان گولي وارو ڪيس پڻ هلندڙ آهي.