سکر : سکر ۾ نيب ڪورٽ جون 2015ع ۾ قائم ٿي آهي. جنهن ۾ هن وقت ٻٽيهه ڪيس هلندڙ آهن. جڏهن ته انهن کان سواءِ ٽن سالن کان مٿي واري وقت ۾ 17 ڪيس اڪلائجي پڻ چڪا آهن. هن وقت هلندڙ 32 ڪيسن ۾ 23 ڪيس اهڙا آهن جيڪي 2018ع ۾ داخل ٿيا آهن. جڏهن ته ڪيترا ئي ڪيس نيب سکر وٽ انڪوائري واري مرحلي ۾ پڻ آهن.
شڪارپور جي ناڻي آفيس ۾ گهوٻين واري ڪيس ۾ ڊي اي او سميت 121 جوابدار
ڪيس يارنهن سالن کان هلندڙ، 16 جوابدار روپوش، فرد جرم به لاڳو نه ٿي سگهيو
سکر: نيب ڪورٽ ۾ هڪ ٻيو اهم ڪيس شڪارپور جي خزاني واري آفيس جو آهي جنهن ۾ ڊي اي او شڪارپور سان گڏ 120 جوابدار آهن اهو ڪيس يارنهن سالن کان آهي جو 16 جوابدارن جي روپوش هجڻ سبب چارج فريم نه ٿي سگهي آهي. اهو ڪيس سرڪاري ملازمن جي جي پي فنڊن ۾ هيرا ڦيري جو آهي.
نيب سکر ۾ اربن جي ڪرپشن جا ڪيس هلندڙ، نصرالله بلوچ، ديدار جتوئي سميت اهم اڳواڻن ۽ ڪامورن تي سنگين الزام
نيب ڪورٽ سکر ۾ 32 ڪيس هلندڙ، پيپلز پارٽي کانسواءِ تحريڪ انصاف جا اهم اڳواڻ، ايس ڊي ايم، ڊي سي، ڊائريڪٽر ۽ مختيارڪار سطح جا عملدار ملوث
اعجاز هاليپوٽو، مولاداد دراني، شاهنواز چارڻ، قمر بلوچ، خادم ڪتريو، شڪور مهر، يار محمد جوڻيجو، نبي بخش جسڪاڻي، يوسف جاگيراڻي، ثاقب اعواڻ، ضمير شاه به جوابدار
سکر: نيب ڪورٽ سکر ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ۽ بيقائدگين جا ڪيس هلندڙ آهن. پنهنجي اخبار پاران گڏ ڪيل معلومات موجب نيب ڪورٽ سکر ۾ 2018ع جي آخري هفتي دوران 32 ڪيس هلندڙ آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي سرڪاري ڪامورن، ٺيڪيدارن ۽ سياستدانن خلاف آهن. سکر ۾ پراپرٽي جو ڪيس پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي نصرالله بلوچ، پي ٽي آءِ اڳواڻ ديدار جتوئي، ٻن ايس ڊي ايمز اعجاز هاليپوٽو، مولاداد دراني، مختيار ڪار شاهنواز چارڻ خلاف آهي. ان ڪيس ۾ 19 ڊسمبر تي جوابدارن کي مشروط ضمانت ڏني وئي آهي ذريعن موجب جوابدارن هڪ حلفيا بيان جمع ڪرايو آهي ته اهي زمين جي ڪاغذن ۾ هيرا ڦيري ثابت ٿيڻ تي اها پراپرٽي سرڪار کي واپس ڪندا. زمينن جي حوالي سان هيرا ڦيري جو هڪ ٻيو وڏو ڪيس سيوهڻ کان رتوديرو روڊ لاءِ زمين حاصل ڪرڻ واري معامري ۾ هاڻوڪي فوڊ ڊائريڪٽر سنڌ ۽ تڏهوڪي ڊي سي قمبر شهداد ڪوٽ قمر رضا بلوچ ۽ ٻين خلاف هلندڙ آهي جنهن ۾ جوابدارن تي الزام آهي ته انهن روڊ لاءِ نو ڪروڙ ڏهن لک رپين جي زمين خريداري ۾ هيراڦيري ڪئي. ان ڪيس ۾ جوابدار خادم حسين ڪتريو تي الزام آهي ته هو 16 گريڊ جو مختيارڪار هيو پر کيس 18 گريڊ جي ڊي ڊي او واري چارج ڏئي صحيون ڪرائي هيرا ڦيري ڪئي وئي. نيب ڪورٽ ۾ بلديات کاتي جي عملدارن خلاف به وڏي پيماني تي ڪيس هلندڙ آهن جنهن ۾ ٽي ايم او نيو سکر عبدالشڪور مهر، يار محمد جوڻيجي سان گڏ ٺيڪيدارن نبي بخش جسڪاڻي، يوسف جاگيراڻي، ثاقب اعواڻ، ضمير شاه ۽ ٻين تي الزام آهن ته انهن سي سي بلاڪن ۾ ناقص مٽيريل ڪتب آندو ۽ کين واڌو پيمنٽ به ڪئي وئي. ٽائون ڪميٽي ٺري ميرواه جي ٽي ايم او ارشاد خاصخيلي ۽ ٺيڪيدار نادر شاهه امروٽي تي به 20 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، ٽي ايم او گمبٽ الاهي بخش ٻانڀڻ ۽ ٻين تي 7 ڪروڙ، ٽي ايم او باقراڻي مسعود ڀٽو تي به ڪروڙين رپين، طارق زرداري ٽي ايم او ڀريا تي جعلي ملازمن جي نالن تي پگهارون ڪڍرائڻ، ان بعد آيل ٽي ايم او ڀريا بشير لاشاري تي ترقياتي ڪمن جي فنڊن ۾ گهوٻيون هڻڻ جي الزامن هيٺ ڪيس هلندڙ آهن. آبپاشي کاتي ۾ چيف انجنيئر ليفٽ بيراج سکر احمد جنيد ميمڻ تي روهڙي ڪئنال جي هڪ حصي جي مرمتي ڪمن ۾ 35 ڪروڙن جي ڪرپشن جو الزام آهي ساڻس گڏ سعيد جاگيراڻي ٻيا ٺيڪيدار به جوابدار ڄاڻايل آهن، ياد رهي ته روهڙي ڪئنال جي ميگا ڪرپشن ڪيس مان ان جي هڪڙي حصي جو ڪيس رڳو سکر ۾ آهي. خوراڪ کاتي جا جتي ڪجهه ڪيس اڪلائجي چڪا آهن اتي ڪيترائي ڪيس هلندڙ به آهن جن ۾ ميرپور ماٿيلي جي ڊي ايف سي سلمان مهر تي ٻورين ۾ خورد برد جو الزام آهي. ساڳي ريت ڊي ايف سي گهوٽڪي عبدالمجيد پٺاڻ تي سينٽرن تي ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان خوردبرد جو الزام آهي. ايئن خوراڪ کاتي جي عملدار غلام حسين مري تي به ڪيس هلندڙ آهي. هاءِ ويز کاتي ۾ جميل قريشي ۽ ٻين تي ناقص ڪم جي الزام وارو ڪيس هلندڙ آهي. تعليم کاتي جي عملدار ممتاز شيخ تي به هڪ اهم ڪيس هلندڙ آهي جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته هن ريڪارڊ ۾ اسڪولن لاءِ ڪروڙين رپين جو فرنيچر خريديل ڄاڻايو آهي پر مٿس الزام آهي ته اهو رڳو ريڪارڊ ۾ آهي پر اسڪولن ۾ ناهي پهتو. جڏهن ته تعليم کاتي جي هڪ ٻي عملدار دين محمد سهرياڻي جو ڪيس هلندڙ آهي جنهن ۾ مٿس الزام آهن ته هن 46 ڄڻن جون ڪنڌڪوٽ ۾ غيرقانوني ڀرتيون ڪيون آهن. نيب ڪورٽ سکر ۾ خزاني کاتي جي هڪ ٻئي عملدار سڪندر ابڙي تي ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي ته هو جتي به رهيو آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهيا اٿائين مٿس 87 ڪروڙ رپين جا اثاثا رکڻ جو الزام آهي اصل ۾ لاڙڪاڻي جو آهي. حضور بخش مري تي به آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جو ڪيس داخل آهي. هڪ عملدار غلام حسين کوسي تي ٺل ۾ سرڪاري زمين جي کاتن ۾ هيراڦيري ڪرڻ جو الزم آهي. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي احمد خان ابڙي ۽ ٻين عملدارن تي مختلف هنڌن تي ناقص مٽيريل ۽ ايڊوانس پيمنٽ جو ڪيس هلندڙ آهي. ساڳي نوعيت جو ڪيس ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي روڊس کاتي جي عملدار عبدالخالق خلاف پڻ هلندڙ آهي. ٻي پاسي نيب ڪورٽ 21 ڊسمبر تي پنوعاقل نيشنل بينڪ جي سي ون اڪائونٽ ۾ 69 ڪروڙن واري ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ڊرائيور صديق چاچڙ ۽ خادم حسين مهر کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته اهو ڪيس 2014ع ۾ داخل ٿيو هو جنهن ۾ زبيرعالماڻي کي ڏه سال سزا ملي هئي ۽ پنجن سالن بعد ڪجهه مهينا اڳ هو ضمانت تي جيل مان ٻاهر نڪتو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿر واسي ناري مريم کي والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
حيدرآباد سرڪٽ بينچ ۾ ٻڌڻي، عمر ڪوٽ پوليس مريم کي عدالت ۾ پيش ڪيو، بيان رڪارڊ
مشتاق سميجو مونکي اغوا ڪيو، ساڻس شادي نه ڪئي آهي، والدين سان وڃڻ چاهيان ٿي: مريم
حيدرآباد (ڪورٽ رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد والدين وٽ يرغمال ڄاڻايل ٿر واسڻ ناري کي سندس مرضي موجب والدين سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ناري چيو ته جنهن شخص کي سندس مڙس ڄاڻايو ويو آهي، ان سان سندس شادي ئي ناهي ٿي، پوليس چيو آهي ته درخواست ۾ ناري جو مڙس ڄاڻايل شخص چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۾ قيد آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ داخل درخواست ۾ شوڪت سمجيو ناري شخص موقف اختيار ڪيو ته سندس ڀاءُ مشتاق سميجو مريم نالي ناري سان پرڻو ڪيو، ناري جي والدين ٻنهي کي ناحق باندي بڻائي رکيو آهي، درخواست ۾ ٻنهي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو.اهڙي تي ٻڌڻي دوران عمرڪوٽ پوليس ناري مريم کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري موقف اختيار ڪيو ته مشتاق کيس اغوا ڪري ويو هو، جتان هو وجهه وٺي ڀڄي نڪتي ۽ والدين جي گهر پهتي هئي، هن مشتاق سان شادي ناهي ڪئي، سندس شادي عرفان نالي شخص سان ٿيل آهي.عمرڪوٽ پوليس هڪ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته درخواست ۾ ناري جو مڙس ڄاڻايل مشتاق چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۾ قيد آهي.عدالت ناري کي 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض والدين سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
نيب سکر اڄ منجھند کليل ڪچهري ڪوٺائي ورتي
سکر(بيورو رپورٽ) نيب سکر پاران هڪ پڌرائي جاري ڪري سکر ڊويزن جي عوام کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڊائريڪٽر جنرل نيب سکر مرزا عرفان بيگ اڄ 27 ڊسمبر تي خميس ڏهاڙي منجهند جو 2 وڳي کان 4 وڳي تائين کليل ڪچهري ڪوٺائي ڪرپشن متعلق شڪايتون ٻڌندو..
پٽ کانسواءِ زندگي ڪهڙي؟ نوجوان پٽ جي وڇوڙي پيءُ کان به حياتي کسي ورتي
خانپورمھر ( ن پ ا) گذريل ڏينهن آپگهات ڪندڙ نوجوان جي پيءُ به جگر جي ٽڪڙي جو وڇوڙو برداشت نه ڪندي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.گذريل ڏينھن گھرو نوجوان ڪيلاش ڪمار پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪيو، جنهن جي وڇوڙي پيءُ جو جيءُ جهوري ڇڏيو ۽ 50 ورھين جو چيت رام نوجوان پٽ جي جدائي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ هن به گاسليٽ پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيوعلائقي ۾ چوٻول آهن ته متاثر خاندان جو مائيٽن سان سڱاوتي معاملو هلندڙ آهي، جنهن سبب نوجوان پريشانين کي منهن ڏئي رهيو هو
سسٽم ۾ پاڻي جي صورتحال هڪڙي ۽ سنڌ ۾ ٻي آهي: اسماعيل راهو
سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي هڪ جهڙي صورتحال نه هجڻ نا انصافي آهي
پي ٽي آءِ جي حڪومت زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ سونامي ثابت ٿي آهي
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي زراعت کاتي جي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سياسي جماعتن تي ڏکيو وقت ايندو رهندو آهي ۽ ماضي ۾ به اسان وڏن وڏن مسئلن کي منهن ڏنو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي اهو نٿي چاهي ته احتساب نه ٿئي پر اسين چاهيون ٿا ته احتساب بنا ڪنهن فرق جي سڀني جو ڪيو وڃي،اهڙو اظهار هن ڪالهه ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن شهباز بلڊنگ حيدرآباد م منعقد ڪيل آٽو لوڊرز جي آبادگارن کي فراهمي لاءِ اليڪٽرانڪ قرعه اندازي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ۽ قيادت سنڌ جي زراعت کي مضبوط ڪرڻ گهري ٿي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪمند جا اگهه مقرر ڪيا ويا آهن ۽ اسانجي اها ڪوشش آهي ته آبادگارن کي مقررڪيل اگهه ڏياريا وڃن جڏهن ته سمورين شگر ملن ڪمند جي پيڙهائي وارو عمل شروع ڪري ڏنو آهي، هن چيو ته پاڻي جي ورڇ انصاف سان ڪئي وڃي، جيڪڏهن سسٽم ۾ پاڻي جي کوٽ هڪڙي ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ٻئي هجي ته اها هڪ ناانصافي آهي، هن تحريڪ انصاف جي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هيءَ حڪومت زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ سونامي ثابت ٿي آهي، وفاقي حڪومت پاران ڀاڻ ۽ زرعي استعمال جي شين ۾ جيڪا واڌ ڪئي وئي آهي، ان سان پاڪستان جي معيشت تي هاڃيڪار اثر پوندا هن چيو ته سي پيڪ ۾ جيڪو سنڌ جو حصو آهي، اهو سنڌ کي ضرور ملڻ گهرجي ۽ اسانجي ڪوشش آهي ته آبپاشي ۽ زراعت جا ڪجهه منصوبا به سي پيڪ ۾ شامل ڪرايون.
“قرض جا پيسا ڇو گھريا” فيض گنج ۾ پورهيت جي گهر تي حملو، 4 ڄڻا زخمي
جلال جي چودڳي وٽ جوابدارن اعجاز سولنگي جي گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو
حملي ۾ پيرسن عورتن سوڌو 4 ڄڻا زخمي، شر برادري جي ماڻهن حملو ڪيو: زخمي عورت
فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ڀرسان پورهيت جي گهر تي حملو، عورتن تي تشدد، پيرسن سميت 4 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل. تفصيل موجب، ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد جلال جي چو دڳي وٽ جوابدارن پورهيت اعجاز سولنگي جي گهر تي ڪاهه ڪري گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو. حملي جَي نتيجي ۾ پيرسن زليخان سولنگي، اعجاز، نثار ۽ گدا حسين زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب زخمين جي فرياد تي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي. هوڏانهن زخمين پنهنجي اخبار کي ٻڌائي ته شر برداري جي بااثر کان قرض واپس گهرڻ تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
ڦل واسي جو اباڻي ملڪيت مان حصو نه ڏيڻ تي ڀائرن خلاف احتجاج
ڦل (رپورٽر) ڦل پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي اصغر علي ڦل چيو ته منھنجا ڀائر سڪندر ۽ سرور ڦل ڦل شھر جي سومرا محلا ڀرسان بابي جي ملڪيت مان 3 ايڪڙن تي مشتمل زرعي زمين کپائي اتي پلاٽنگ لاء زمين وڪرو ڪن پيا مان به انھن جو ڀاء آھيان مون کي ڪو به حصو نه پيا ڏين مان حصو گھرڻ تان چون پيا ته توکي حصو نه ڏينداسين ڀلي ڪجھ به ڪر ان لاء مان پلاٽ وٺندڙن کي اپيل ٿو ڪيان ته پلاٽ نه وٺن اگر ڪنھن پلاٽ ورتا ته اھي پاڻ ذميوار ھوندا ھن ايس ايس پي نوشھروفيروز سيشن جج نوشھروفيروز سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته مون پنھنجي پلاٽ مان حصو ڏياريو وڃي نه ته مان احتجاج جو دائرو وڌائيندس ۽ ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪائيندس.
سکر ۾ رتو جو عطيو ڏئي شهيد بينظير کي ڀيٽا پيش
سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي عورتن رت جو عطيو ڏ ئي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي، سماجي اڳواڻ شائسته کوسو جو چوڻ آهي ته رت جو عطيو ڏيڻ اسلام ۾ به افضل سمجهيو ويندو آهي، هڪ عورت جي حيثيت سان شهيد بينظير ڀٽو ملڪ جي خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، جنهن جي قرباني کي ڪڏهن به نٿو وسائي سگهجي. اِن کان اڳ عورتن جي هڪ وفد سماجي اڳواڻ شائسته کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ ريجنل بلڊ سينٽر پهچي رت جو عطيو پيش ڪيو، ان موقعي تي ريجنل بلڊ سينٽر جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مريم، محمد افضل، عارف، نويد لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته عورتن بينظير ڀٽوکي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجي رت جو عطيو ڏئي اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي، سنڌ ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن طرفان رت جو عطيو ڏيڻ جو رجحان گهٽ آهي. ريجنل بلڊ سينٽر کي ملندڙ رت سان سول اسپتال ۾ ايندڙ مريضن توڙي ٿيليسيما جي مريضن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون.
ٽنڊي آدم ۾ ريلوي ايراضي تي قائم 60 گھر ڊاهي پٽ، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل
مخدوم خليق ڪالوني۽ چانڊيا ڪالوني ۾ 60 کان وڌيڪ گهر ،اوطاقون ڊاهي پٽ ڪيا ويا
ريلوي اختيارين پيسا وٺي پلاٽ ڏنا هئا، ڊاهي ڇڏڻ زيادتي آهي: متاثر شهري
ٽنڊوآدم (رپورٽ: وارث قمبراڻي) ٽنڊوآدم ۾ ريلوي اختيارين حيدرآباد ريلوي جي اسسسٽنٽ انجينيئر حافظ بدرجي اڳواڻيءَ م پوليس ۽ عملي مخدوم خليق الزمان ڪالوني۽ چانڊيا ڪالوني ۾ ڪارروائي ڪري 60 کان وڌيڪ گهر ،اوطاقون، مينهن جا واڙا ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا متاثرين جن ۾ اڪثريت پورهيتن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي آهي گهر ڊهڻ بعد کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن متاثرن ۾ بگو مگسي، خادم ماڇي ، امداد چانڊيو، علي ڏنو ماڇي، امجد ٿهيم، منير چانڊيو، ۽ ٻيا شامل آهن دانهيو آهي ته اسين گذريل 30 _40 سالن کان گهر اڏي ويٺل آهيون اسان کان مقامي ريلوي پوليس۽ عملدارن پئسه وٺي پلاٽ ڏنا سڄي ڄمار ڪمائي ڪک ٺاهياسين جيڪي ڊاهي بي گهر ڪيو ويو آهي سياري جي مند م ٻچڙن کي ڪيڏانهن وٺي وڃون هنن متبادل رهائش ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي جڏهن ته اسسٽنٽ انجينيئر حافظ بدر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ڪارروائي ڪري رهيا آهيون جتي به قبضا هوندا اهي ختم ڪيا ويندا
برساتن جي مند ۾ نئين گاج جو 30 کان 50 فوٽ وهڪرو
ڊيم ٺھڻ کان پوء پائيپ وڇائي روز 50 ڪيوسڪ پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو
ميهڙ: نئين گاج اونهاري توڙي سياري ۾ بلوچستان توڙي کير ٿر جبلن ۾ پوندڙ برساتن کان پوء وهندي آھي جنهن ۾ پاڻي 30کان 50 فوٽن تائين وهندو آھي ۽ جنهن هنڌ تي گاج ڊيم ٺاهيو وڃي پيو ان هنڌ کان اولهه توڙي اوڀر کان هزارين فوٽ اوچا جبل آھن جتان پاڻي تيز رفتاري سان لهندوآهي. پاڻي انگريزن جي دور جي ڏنل تير ڀت سان ٽڪرا ئجي جوهي تعلقي جي ڪاڇي جي ميداني علائقي مان گذرندو وڃي يوسي ساڙو ڇني جي بهاول جي گنڍي کان ٿيندوروهل واري علائقي کان منڇر ۾ ڇوڙڪندو آھي جيڪو تير ڀت جتي گاج ڊيم ٺھي پيو ان کان 54 ڪلو ميٽر مفاصلي تي آھي. گاج ڊيم ٺھڻ کان پوء پائيپ وڇائي روز 50 ڪيوسڪ پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو. ڊيم مان 34 ڪلو ميٽر ڊگهو 12 فوٽ ويڪرو ڪئنال ڪڍيو ويو آھي. اهو جوهي، خير پور ناٿن شاه ۽ ميهڙتعلقي تائين يوسي منگواڻي قمبر ڇوڙ ماڏي واري علائقي يوسي مٺوٻٻر يوسي ڪڪڙ ڳوٺ مزار ڀرڳڙي قصبو راڃو ديرو ڊگه بالا ڳوٺ پٽ گل محمد ڳوٺ حاجي خان ڳو ٺ ڇڪلڻي ڳوٺ ڪرڪلي يوسي ڇني يوسي ساڙو واهي پانڌي گاجي شاه لنڊن لغارين ۽ ڪلوئي برادري جي ڪيترن وڏن ننڍن ڳوٺن جي لڳ ڀڳ 4لک ايڪڙزمين کي سيراب ڪندو.
منصوبي ۾ گهوٻين جي اطلاعن جو نيب نوٽيس وٺي چڪو
ميهڙ: نئين گاج منصوبي جي فنڊن ۾ گهوٻين جي اطلاعن جو نيب نوٽيس ورتو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جاچ لاءِ حڪومت کان رڪارڊ پڻ طلب ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ جا حڪم به نظرانداز، ڪو نمائندو معائني لاءِ نه پهتو
ڊيم جي لاڳت 62 ارب ٿي وئي، 16 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا: سپريم ڪورٽ کي آگاهي
ميهڙ: سپريم ڪورٽ ۾ گاج ڊيم جي اڏاوت بابت داخل پٽيشن ۾ گاج ڊيم تي62 ارب خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جن مان 16 ارب خرچ ٿي چڪا آهن ۽ باقي 46 ارب رپيا خرچ ٿيڻا آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ٻڌايو ويو آهي ته ڊيم جو ڪم 51 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي باقي 49 سيڪڙو ڪم رهيل آهي جنهن تي سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت، واپڊا ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته خرچ ڪيل 16 ارب ضايع نٿا ڪري سگهجن گاج ڊيم کي جنهن کي به پئسا ڏيڻا آهن ڏئي ۽ منصوبو مڪمل ڪري سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڏنل حڪم کي 10 ڏينهن کان مٿي جو عرصو گذرڻ باوجود گاج ڊيم جي رهيل ڪم کي ٺاهڻ لاءِ ڊيم ٺاهيندڙ ڪمپني جو ڪو ماڻهو آيو آهي نه وفاقي ۽ سنڌ حڪومت نه ئي واپڊا وارن ڪو تحرڪ ورتو آهي.
علائقي واسين ۾ ڊيم جي مخالفت به موجود
ميهڙ:ڪاڇي جي يوسي ساڙو يوسي ڇني جي رهواسين روهل خان لغاري، محمد نواز، دوست محمد رودناڻي۽ ٻين رابطي ڪرڻ تي نئين گاج تي ڊيم اڏڻ کي منڇر لاء ۽ يوسي ڇني ساڙو جي لاء خطرناڪ قرار ڏيندي ڇيو ته نئين گاج ڊيم ٺھڻ سان قدرتي وهڪرا بند ٿيندا، منڇر۾ پاڻي نه ايندو جنهن سان ماحولياتي مسئلو پيڍا ٿيندوگاج نئين جي قدرتي وهڪرن سان جيڪا سندن هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آھي اها غير آباد ٿي ويندي سندن جرکارو ٿي ويندو جر جي پاڻي جي سطح ھيٺ ٿي ويندي انڪري اسان کي گاج ڊيم جي اڏاوتي منصوبي تي تحفظات آھن ان لاء منڇر۾ پاڻي ۽ ڊيم مان اسان جي علائقي ۾ پاڻي زرعي آبادي لا ء پاڻي ڪيئن ايندو اعتماد ۾ ورتو وڃي.