fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

مٽياري پوليس چوري ٿيل سونا زيور ۽ ڪار هٿ ڪري ورتي،وارثن حوالي

ڀٽ شاهه ( ن پ ا)ايس ايس پي مٽياري پاران خيبر مان چوري ٿيل سونا زيور۽ سيکاٽ مان چوري ٿيل ڪار هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏيا، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ خيبرشهر مان ساجد خاصخيلي جي گهر مان هٿياربند 4 لک کان مٿي رقم جا سونا زيورڦر ڪري ويا هئا، پوليس دريا بند ڀرسان فرار ٿيندڙ جوابدارن جي گهرن مان سونا زيور ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري گهرڌڻي کي واپس ڪيا،سيکاٽ جي حد مان ڦر ٿيل ڪرولا ڪار بـ مالڪ غلام مصطفيٰ لغاري حوالي ڪئي وئي،فريادي ساجد خاصخيلي ايس ايس پي آفيس پهچي آفيسرن کي لنگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪري شڪريو ادا ڪيو ،ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ هو تـ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض ، هن چيو تـ ڏوهاري قسم جا ماڻهو ڪٿي بـ هجن انهن ڳولي هٿ ڪيو ويندو .

جروار ۾ بيواهه جو ملڪيت مان حصو نه ملڻ تي ڏير خلاف احتجاج

جروار(ن پ ا)جروار ڀرسان ڳوٺ مير خان گبول جو بااثر وڏيرو عبدالغني گبول ۽ ٻين خلاف سندس ڀاڄائي خديجه گبول ۽ زاهد گبول احتجاج ڪندي چيو آهي ته ظالم ڏير حاجي عبدالغني مون بيواه ۽ مهنجي پٽ مٿان ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن،ملڪيت مان حصو گهرڻ تان مونکي ۽ مهنجي اڪيلي پٽ کي مارڻ جو ڌمڪيون ٿو ڏي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون،پهرين به ملڪيت تان حصو گهرڻ سبب هنن مون کي گهٽا ڏنا ۽ مهنجي پٽ کي زهر ڏيئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،هن چيو ته اسان کي گڏيل مروثي ملڪيت مان حصو ڏياري انصاف ڏياريو وڃي ۽ زندگين جي تحفظ جو يقين ڏياريو.

دادو: اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ مان ڪمپائونڊر غائب، هنگامو

دادو)رپورٽر)سول اسپتال دادو جي ايمرجنسي وارڊ مان هڪ ڪلاڪ کان ڪمپائونڊر ۽ ڊسپينسر ڊيوٽي ڇڏي گهرن ڏانهن هليا ويا،جنهن سبب ايمرجنسي ۾ آيل مريض عورتون توڙي مرد انجيڪشن توڙي ملم پٽي ڪرائڻ لاء ڊسپينسرن کي ڳوليندا رهيا،شڪيل ميمڻ ،مجيب پنهور جي اڳواڻي ۾ مريضن جي وارثن پاران هل هنگامو ڪرڻ سان گڏ سخت احتجاجڪيو آهي ۽ دانهيو ايمرجنسي وارڊ ۾ اسٽاف جا ملازم ناهن ،جنهن ڪري هو ڪلاڪ کان پريشان آهن، ٻئي طرف ڊاڪٽر آصف رضا ٻڌايو ته اسٽاف نه هئڻ بابت سول سرجن ڊاڪٽر رزاق جوڻيجو کي اطلاع ڏنو پر اڃا اسٽاف ناهي پهتو.

مارئي جي ديس ۾ پاڻي اڻلڀ، ڇاڇري ۾ آر او پلانٽ بند، احتجاج

ڇاڇرو (ن پ ا ) ڇاڇري ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي، ملازمن پگهارون نه ملڻ سبب آڱرين تي ڳڻپ جيترا هلندڙ آر او پلانٽ به بند ڪري ڇڏيا. مختلف ڳوٺن جي آر او پلانٽ جي ملازمن ذوالفقار نهڙي، نهال مينگهواڙ، علي محمد راهمون، قاضي راهمون، سنجر خان راهمون، اقبال راهمون، دودو خان، مبارڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آر او پلانٽ بند ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ملازمن دانهيو ته خانگي ڪمپني پنجن مهينن کان پگهارون بند ڪري ڇڏيو آهن، جنهن سبب اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. هوڏانهن آر او پلانٽ بند ٿيڻ سبب ڏڪاريل ڏيهه ٿر جي علائقي ڇاڇري ۾ پاڻي جو بحران وڌي ويو آهي، جنهن سبب مارئي جي ديس جا ماروئڙا پريشانيون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. رهواسين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته آر او پلانٽ فوري طور فعال ڪرائي پاڻي جو مسئلو حل ڪيو وڃي.

لاڙ شگر ملز ڪرشنگ شروع نه ڪئي، رهتون ڏيڻ کان به انڪار، آبادگار پريشان

لاڙ جي آبادگارن کي شگر مل ڏانهن رهتن جي مد ۾ ڪروڙين رپيا نه ملي سگهيا آهن

آبادگارن جو مقبول اوٺو، سانوڻ گبول، عبدالحڪيم جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج

چوهڙ جمالي ( رپورٽ:حميدالله ميمڻ ) لاڙ شگر مل آبادگارن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. سجاول ضلعي جي آبادگارن جا رهيل ڪروڙين روپيه کين ادا نه ٿي سگهيا، عدالت ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ هئڻ سبب هلندڙ سال لاڙ شگر مل ڪريشينگ سيزن جي شروعات نه ڪئي، جنهن جي ڪري آبادگارن جا ڪروڙين رپيا ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، مالي خساري جو شڪار آبادگارن چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. خبر موجب، سجاول ضلعي ۾ واقع لاڙ شگر مل گذريل سال جي ڪريشنگ سيزن دوران آبادگارن کان ڪمند 130 رپيا في ڪمند تي خريد ڪيو، جڏھن ته عدالت ۽ سنڌ حڪومت جي فرق جي لاڳو ڪيل 30 رپين سميت مقامي آبادگارن جا ڪروڙين رپيا هڙپ ٿي ويا، جيڪي اڃا تائين کين نه ملي سگهيا آهن. سجاول جي آبادگارن جا رهتن جي مد ۾ لاڙ شگر مل تي ڪروڙين رپيا آهن. هلندڙ سال لاڙ شگر جي ڪريشنگ سيزن جي شروعات نه ڪرڻ سبب غريب آبادگارن جا رهيل ڪروڙين رپيه هڙپ ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آھي. سجاول ضلعي جي آبادگارن مقبول اوٺو، سانوڻ گبول، عبدالحڪيم جمالي، ڀٽو لاشاري ۽ ٻين ٻڌايو ته لاڙ شگر مل جي انتظاميه 2 سال گذرڻ باوجود 130 رپيا في مڻ جي اگھه ۽ ان جي فرق جا 30 رپيه اڃان تائين ادا نه ڪيا آھن، جنهن سبب پريشاني ۾ ورتل آهيون. آبادگارن چيو ته شگر مل انتظاميا احتجاج ڪرڻ تي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪو ظلم آهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان معاملي جو نوٽيس وٺي رهيل پئسا ڏيارڻ جي گهر ڪئي آهي.

ڪوٽڙي ۾ دوستن مذاق ۾ دوست مٿان پيٽرول ھاري باهه ڏئي ڇڏي

ڪوٽڙي سڙيل نوجوان فرمان عباسي

ڪوٽڙي(ن پ ا)ڪوٽڙي جي راسوا موري ڀرسان فرمان عباسي کي مبينا طور باھ لڳي وئي ،جنهن کي ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو،ڊاڪٽرن موجب فرمان عباسي جو جسم 40 سيڪڙو متاثر ٿيو آھي کيس بنيادي امداد ڏئي حيدرآباد جي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو،فرمان عباسي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي،فرمان عباسي موجب منهنجو راسواموري ڀرسان موٽر سائيڪل جي اسپيئر پارٽس جو دڪان آھي، جتي دوستن سان گڏ ويٺو هوس ته دوست عاطف آرائين پئٽرول دڪان ۾ اڇلايو ته ٻئي دوست حاجي عمراڻي مذاق ۾ چيو ته لائيٽر ٻاريان،ايتري ۾ هن مذاق ۾ لائيٽر ٻاريو ته مون کي باھ وڪوڙي وئي منهنجي جسم سڙي ويو آھي.

مٽياري پوليس ڦر ٿيل سونا زيور ۽ ڪار هٿ ڪري ورتي،وارثن حوالي

ڀٽ شاهه ( ن پ ا)ايس ايس پي مٽياري پاران خيبر مان چوري ٿيل سونا زيور۽ سيکاٽ مان چوري ٿيل ڪار هٿ ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏيا، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ خيبرشهر مان ساجد خاصخيلي جي گهر مان هٿياربند 4 لک کان مٿي رقم جا سونا زيورڦر ڪري ويا هئا، پوليس دريا بند ڀرسان فرار ٿيندڙ جوابدارن جي گهرن مان سونا زيور ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري گهرڌڻي کي واپس ڪيا،سيکاٽ جي حد مان ڦر ٿيل ڪرولا ڪار بـ مالڪ غلام مصطفيٰ لغاري حوالي ڪئي وئي،فريادي ساجد خاصخيلي ايس ايس پي آفيس پهچي آفيسرن کي لنگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪري شڪريو ادا ڪيو ،ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ هو تـ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ اسان جو فرض ، هن چيو تـ ڏوهاري قسم جا ماڻهو ڪٿي بـ هجن انهن ڳولي هٿ ڪيو ويندو .

منهڙو: روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو ٻئي ڏينهن به لاش هٿ نه آيو

منهڙو ( ن پ ا ) روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو لاش ٻئي ڏينهن به هٿ نه آيو، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو
ڳوٺ بودلو ڏاهري جي رهواسي 16 ورهين جي نوجوان عابد پٽ مور ڏاهري گذريل ڏينهن روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو هو، علائقي واسين ۽ وارثن پاران ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڳولا ڪرڻ باوجود لاش هٿ نه آيو.
نوجوان جا وارث روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف شاخن تي ڳولا ڪري رهيا آهن پر ٻئي ڏينهن به لاش هٿ اچي نه سگهيو ، جنهن سبب وارث پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو، جنهن سبب هن ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو.

ڪوٽ بنگلو ۾ زمين مان گاهه ڪرڻ تان نينگر تي وحشياڻو تشدد

ڪنب(ن پ ا)ڪوٽ بنگلو ۾ بيرحم شخص اٺن سالن جي نينگر تي تشدد ڪري کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيو،ان ڏس ۾ ڪوٽ بنگلو شھر۾ وساڻ سي اين جي ڀرسان بااثر شخص شفيع محمد خاصخيلي پاران ٽئين ڪلاس ۾ پڙھندڙ اٺن سالن جي نينگر سعيد ولدراضي خان سيال کي تشدد جو نشانو بڻايو ان موقعي تي ٻارڙي جي والد ۽ شھرين ٻار کي ڇڏايو ، نينگر جي والد راضي خان سيال ٻڌايو ته بااثر شخص منهجي پٽ تي تشدد ڪيو ،هن چيو ته سندن چوڻ ھو ته تنهجي پٽ منهنجي زمين مان گاه پٽيو آھي، هن ٻڌايو ته اسان وٽ گهر ۾ ٻڪري به ڪانهي ته گاه ڇو کپي؟ٻي طرف نينگر جي والد جي فرياد تي ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي ويئي آھي۔

خيرپور ڀرسان ڦر جي ڪوشش مزاحمت تي قائد عوام يونيورسٽي جو شاگرد مرڻينگ

خيرپور (رپورٽر)کجور منڊي جي مشهور واپاري اڳواڻ وقار ڦلپوٽي جو نوجوان پٽ ۽ قائد عوام اسلام آباد يونيورسٽي جو شاگرد عرفان علي ولد غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو واري ڳوٺ کان کجور منڊي طرف اچي رهيو هو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سينٽرل جيل ڀرسان نامعلوم هٿياربندن کانئس هزارين رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو. ان موقعي تي هٿياربند مزاحمت تي کيس مٿي ۾ پسٽل جا بٽ هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد اتان گذرندڙ ماڻهن نوجوان کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور پهچايو ۽ سندس وارثن کي اطلاع ڏنو. سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن اطلاع تي پوليس ڪتن ذريعي پيرا کڻايا پر آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

خانواهڻ ۾ ناليون اٿلي پيون، گندو پاڻي گھرن ۾ داخل

خانواهڻ(رپورٽر) خانواهڻ شهر ۾ گٽرن جي گندي پاڻي جون ناليون اٿلي پيون آهن، جنهن سبب شھر جو مک پاڙو لوچي محلا سخت متاثر ٿيو آهي. جڏهن ته غريب ماڻهن جا اجها ڪري پيا آهن ۽ پاڻي غازي غلام شاھ جي قبرستان ۽ مسجد ۾ به ڪاهي پيو آهي. گندو پاڻي بيهڻ سبب مسجد ۾ نماز پڙھڻ لاء ايندڙن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏسڻو پوي ٿو۔ غازي غلام شاھ مسجد ۾ ھنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو خدشو رهي ٿو۔ قبرستان جون ديوارون به ڪري پيون قبرون به ميسارجڻ لڳيون۔ آس پاس 10 گهرن ۾ به گندو پاڻي داخل ٿي ويو۔ ان سخت تڪليفن باوجود انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي. جڏهن ته يوسي انتظاميا به ڪو اپاء نه ورتو آهي. شھرين پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڊي سي ۽ ڊسٽرڪٽ چيئرمين نوٽيس وٺي شهر مان صفائي ڪرائين.

جي آءِ ٽي رپورٽ رد ڪريون ٿا، قانوني ماهر جواب ڏيندا: نفيسا شاهه

دعوائون وڏيون ڪيو ويون پر ڳالھه بلاول هائوس جي ٻڪرن تي اچي ختم ٿي

عمران بني گالا جو سڄو جبل کائي ويو، مشرف جي سڄي ٽيم حڪومت ۾ آهي

سکر(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر سيده نفيسه شاھ جيلاني نيب قانون کي ڊريڪولا قانون قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته قتل ڪيس ۾ به 3 ڏينهن جو رمانڊ هوندو آهي پر نيب جو 90 ڏينهن جو آهي ۽ اها ڪٿي به گرفتاري ڪري سگھي ٿي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ جي رهائشگاھ تي گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاھ جيلاني چيو ته پيپلزپارٽي جي آءِ ٽي رپورٽ کي تسليم نه ٿي ڪري، سندن قانوني ماهر رپورٽ جو جواب ڏيندا. وڏيون دعوائون ڪيو ويون هيون پر ڳالھه بلاول هائوس جي ٻڪرن تي اچي ختم ٿي. عمران خان غير قانوني طريقي سان بني گالا جو سڄو جبل کائي ويو، جهانگير ترين به کاتن مان اربين روپيا ڪمايا آهن، ان لاءِ ڪجھ به ڪونهي عليم خان، عليمه خان ، جهانگير ترين لاءِ ڪابه جي آءِ ٽي ڪانهي. جنرل پرويز مشرف جي پوري ٽيم هن وقت اقتدار ۾ آهي ان تي به جي آءِ ٽي ٺهڻ گھرجي، رڳو احتساب پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر لاءِ آهي. احتساب سڀني جو ٿيڻ گھرجي. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته نيب جو قانون ڊريڪولا قانون آهي، قتل ڪيس ۾ به 3 ڏينهن جو رمانڊ هوندو آهي پر نيب جو 90 ڏينهن جو آهي ۽ اها ڪٿي به گرفتاري ڪري سگھي ٿي. نيب جي قانون ۾ تبديلي ٿيڻ گھرجي. جيل ۾هٿڪڙيون لڳل هوندي پروفيسر جو موت ٿيو مهذب معاشرن ۾ ائين ناهي ٿيندو. هن چيو ته حڪومت کي ووٽ عوامي خدمت لاءِ مليا هئا پر انهن غريب عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، وٽن الزام هڻن کانسواءِ ڪجھ به ڪونهي. هي پوليٽيڪل ڪمپيئن آهي جنهن ۾ حڪومت انتقامي ڪاررويون ڪري رهي آهي. هن چيو ته 27 ڊسمبر جي جلسي ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندو ۽ ڪاروان بينظير جي نالي سان قافلا ڳڙهي خدابخش پهچندا. اِن کان اڳ سيد خورشيد احمد شاهه جي رهائش گاهه ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ سيد خورشيد احمد شاهه، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، نفيسه شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

بدين ڀرسان نوجوان ڪچو شراب پيئڻ بعد وڦلجي ويو،گاڏين تي پٿراءُ

بدين)رپورٽر)بدين ڀرسان سيراڻي روڊ تي ڪسيرو خاصخيلي ڳوٺ سامهون نوجوان غلام مصطفى چانگ ڪچو شراب پيئڻ سبب حالت خراب ٿي وئي روڊ تي ايندڙ ويندڙ گاڏين ۽ ڊرائيورن تي نوجوان نشي جي حالت ۾ پٿر هڻندو ۽ وڙھندو رهيو، جنهن بعد پٽ تي بيھوشي حالت ۾ ڪري پيو ڳوٺاڻن پاران بدين پوليس کي اطلاع باوجود پوليس نه پهتي جنهن بعد ڪجھ ڳوٺاڻا ۽ نوجوان کيس کڻي سندس گهر ڇڏي آيا ان سلسلي۾ ڳوٺاڻن اميد علي محمد رحيم ۽ ٻين ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي آھي ته بدين پوليس خلاف سخت ڪاروائي ڪري ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن خلاف منشيات ائڪٽ ھيٺ ڪيس دخل ڪيا وڃن.

حيدرآباد جيمخانو جاويد جوڻيجي جي لاڏاڻي کانپوءِ انتظامي بحران هيٺ

ڪلب جو نه ڪل وقتي صدر نه ئي جنرل سيڪريٽري، 5 سالن کان چونڊون نھ ٿيون

مستقل سيڪريٽري به ڪنڊائتو، ڊاڪٽر ھادي جتوئي پاران اليڪشن ۾ سرگرم نھ ٿيڻ جو فيصلو
جاويد جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر ھادي بخش جتوئي

حيدرآباد(رپورٽ:فيض کوسو)حيدرآباد ۾ وڏن ماڻهن جو ڪلب جيم خانه، صدر جاويد جوڻيجي جي انتقال کانپوءِ انتظامي طور ايڊهاڪ بنياد تي هلندڙ، ڪلب جا انتظامي معاملا وقتي صدر ۽ وقتي سيڪريٽري جي حوالي ٿي ويا، مستقل سيڪريٽري اڍائي سالن کان آفيس کي تالو لڳائي ڪنڊائتو ٿي ويو، جڏهن ته اسٽي آرڊر هجڻ ڪري ڪلب جي انتظامي ۽ مينيجنگ ڪاميٽي جي چونڊ گذريل پنجن سالن نه ٿي سگهي،
مليل ڄاڻ موجب 2013ع ۾ جيم خاني جي ٿيل چونڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي حاجي نثار ميمڻ ۽ صدر جي عهدي تي مرحوم جاويد جوڻيجو ڪامياب ٿيا هئا،جن جي اختلافن کانپوءِ نثار جوڻيجو سيڪريٽري جي آفيس ڇڏي ڪنڊائتو ٿي ويو هو، سندس ان عمل کانپوءِ مينجنگ ڪاميٽي وقتي طور ساجد ڀٽو کي سيڪريٽري مقرر ڪيو هو، جيڪو هاڻي ڪلب جا معاملا سنڀالي ٿو، جڏهن ته جاويد جوڻيجي جي انتقال سبب صدر وارو عهدو نائب صدر جي حوالي ٿي ويو آهي، جيم خانا ڪلب جي ذريعن موجب بينڪن ۾ مالي معاملن جي ڏي وٺ جي حوالي سان ٽن عهديدارن جون صحيحون هلن ٿيون، جن ۾ صدر، سيڪريٽري ۽ خزانچي شامل هجن ٿا، هن وقت ڪلب جو نه ته ڪل وقتي صدر آهي ۽ نه ئي ڪل وقتي سيڪريٽري موجود آهي،جنهن سبب ڪلب جي مالي معاملن جي حوالي سان انيڪ سوال اٿي پيا آهن.
ڪلب جي چونڊيل سيڪريٽري حاجي نثار ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو مرحوم جاويد جوڻيجي سان اختلافن جي ڪري اڍائي سال اڳ ڪلب جي سيڪريٽري جي آفيس خالي ڪري چڪو آهي، جنهن کانپوءِ هن سيڪريٽري جي عهدي تي ڪا به چونڊ ناهي ٿي سگهي، هن چيو ته جيم خاني جي آئين مطابق وقتي سيڪريٽري جي ڪا به گنجائش موجود ناهي، ان جي باوجود ڪلب جا معاملا وقتي سيڪريٽري جي حوالي آهن،
جيم خانا جي وقتي سيڪريٽري ساجد ڀٽو جو چوڻ آهي ته کيس مينيجنگ ڪاميٽي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو هو، ان ڪري هو مالي معاملن سميت ڪلب جي سمورن انتظامي مسئلن کي به ڏسي رهيو آهي
هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته ڪلب جي پنجن ميمبرن عارف پاشا، غلام حسين ميمڻ، الهڏتو شر، مرحوم ڊاڪٽر انور لغاري ۽ غلام سرور قريشي جيم خانا ڪلب کي آئين پٽاندر نه هلائڻ ۽ اضافي ميمبر شپ ڪرڻ واري معاملي خلاف سنڌ هاِءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن عدالت ڪلب جي چونڊن جي حوالي سان به اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پنجن سالن کان ڪلب جي انتظامي ۽ مينيجنگ ڪاميٽي جي چونڊ نه ٿي سگهي آهي، انهي ڪري ڪلب ۾ انتظامي حوالي سان پڻ وڏا سوال اٿي رهيا آهن.
پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ڪلب جي خزانچي ڊاڪٽر شمس شيخ ٻڌايو ته ڪلب معمول موجب هلي رهيو آهي ۽ سمورا ڪم آئين پٽاندر ٿي رهيا آهن، ڪلب پنهنجي ڪل وقتي سيڪريٽري جي ٽن ميٽنگن ۾ نه اچڻ جي ڪري هن کي هٽائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ مينجنگ ڪاميٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ ميمبر ساجد ڀٽو کي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو بينڪ جي چيڪن تي به صحيح ڪرڻ جو مجاز آهي،
ڪلب جي سيڪريٽري طور چونڊيل حاجي نثار جو چوڻ هو ته هو جلدي ڪلب جي پيٽرن ان چيف سان ملاقات ڪري، کيس صورتحال ڪري آگاهي ڏيندو ۽ ان جي صلاح جي روشني ۾ هو پنهنجون وڌيڪ سرگرميون شروع ڪندو، ڪلب جي هڪ ميمبر عارف پاشا ٻڌايو ته ڪلب جي آئين ۾ وقتي سيڪريٽري جي ڪا به گنجائش ناهي ۽ صدر جي فوت ٿيڻ سبب ڪلب جا مالي معاملا ضرور مونجهاري جو شڪار ٿيندا.
جاويد جوڻيجي جي روايتي مخالف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي چونڊن ۾ سرگرم نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو
حيدرآباد:جيم خاني ڪلب جي صدر مرحوم جاويد جوڻيجي جي روايتي حريف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي هاڻي ڪلب جي چونڊن ۾ سرگرم نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جيم خانا ڪلب جي چونڊن ۾ بنهه سرگرم رهندڙ ۽ مرحوم جاويد جوڻيجي جي روايتي حريف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي جو چوڻ آهي ته مڙس جي مرڻ کانپوءِ بيواه به هلندي رهندي آهي ۽ جيم خانا جو ڪاروهنوار به هلي پيو، هن چيو ته هاڻي هو جيم خانا جي چونڊن ۾ حصو نه وٺندو ۽ پنهنجي ٻني ٻاري جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو آهي.

جي آءِ ٽي رپورٽ مخالفن ٺاهي، 27 ڊسمبر تي عوامي عدالت لڳندي: عاجز ڌامراهه

پاناما ۽ جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽن ۾ فرق آهي، زرداري اڳ به منهن ڏنو آهي

اسان قانوني جنگ وڙهنداسين، ڪي پي ۾ هڪ ئي ڏانهن 5 پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ويا

سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ترجمان سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته پهريان آصف علي زرداري جي جاچ ۾ گهوڙا هئا پر هاڻي ڪتا به بيهاريا ويا آهن، آصف علي زرداري اهڙن ڪيسن کي اڳ به منهن ڏئي چڪو آهي، عوام جا اربين روپيا ريفرنسز ۾ خرچ ڪيا ويا آهن. سکر ۾ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي عاجز ڌامراهه وڌيڪ چيو ته پانامه ليڪس ۽ هن جي آءِ ٽي ۾ تمام گهڻو فرق آهي، هي جي آءِ ٽي اهڙي آفيسر ٺاهي جنهن پ پ خلاف اليڪشن ۾ حصو ورتو، اسان عدليه سان نه پر قانوني جنگ وڙهنداسين. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ هڪ ئي ڏنهن 5 پراسيڪيوٽر استعيفيٰ ڏئي ويا آهن، ذلفي بخاري ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر کي ڌمڪائي استعيفيٰ ورتي وئي، ڪي پي ڪي ۾ جيڪا 10 ارب روپين جي با نامي اڪائونٽس جي ٽرانزيڪشن آهي اُن تي ڪهڙي جي آءِ ٽي ٺهي؟ عمران خان عوام تي مهانگائي جو خودڪش حملو ڪيو آهي حڪومت پنهنجي هني مون جو ٽارڪيٽ پورو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته 27 ڊسمبر تي هڪ عدالت ڳڙهي خدا بخش ۾ لڳندي جِتي پارٽي جا اڳواڻ آئينده جو لائحه عمل جوڙيندا. شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي کان پوءِ مهانگائي تي به تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويندو.