fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

کپرو: ڪئنال کي گهارو 10 ڪلاڪن بعد بند،پاڻي 5 ڳوٺن ۾ داخل، فصل ٻڏي ويا

700 ايڪڙن کان مٿي بيٺل ڪڻڪ،سونف، توريو ۽ اسپنگر جا فصل ٻڏي ويا، ڪروڙن جو نقصان

کپرو)ن پ ا)کپرو واھ کي ڪئنال کي لڳل 50 فٽ گهارو سخت جفاڪشيءَ بعد ڏھن ڪلاڪن بعد آبپاشيءَ عملدارن غلام مجتبي ڌامراه، شاهد ميمڻ ۽ آبادگارن عمر گل هنڱورجو،فقير الهبچايو منڱريو،يامين هنڱورجو،دائود هنڱورجو،الهبچايو ٿيٻو ۽ ٻين علائقي واسين جي ڪوشش بعد بند ڪيو ويو.گهاري سبب ڳوٺ متل درس،مبين درس،علي غلام ڀنڀرو،آچار هنڱورجو،حاجي جمال الدين هنڱورجو ۾ غريب هارين ۽ پورهيتن جا گهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.جڏھن ته پاڻيءَ گهرن ۾ اچڻ ڪري،ڳوٺاڻا سخت سيءَ ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت محفوظ هنڌن تي کليل آسمان هيٺ پناھ ورتي.جڏھن ته ست سو ايڪڙن کان مٿي بيٺل ڪڻڪ،سونف،توريون،بصر ۽ اسپنگر جو فصل مڪمل طور تي ٻڏي ويو.

نوازشريف خلاف فيصلو مفروضن تي ٻڌل قرار، قانوني جنگ وڙھبي: احسن اقبال

سليڪٽيڊ وزيراعظم سليڪٽيڊ احتساب ڪري رهيو آهي، اپوزيشن کان انتقام ورتو پيو وڃي

پنڊي جو بدصورت نيب ترجمان آهي، حڪومت ڪرپشن جي حق ۾ آهي: راڻا ثناءُ الله/مشاهد الله

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ن) ميان نوازشريف خلاف عدالتي فيصلو مفروضن تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو، قانون جنگ وڙهڻ جو اعلان، پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال، ن ليگ ترجمان مريم اونگزيب، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير ۽ مشاهد الله سيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوازشريف خلاف عدالت جو فيصلو مفروضن تي ٻڌل آهي، ان خلاف قانون جنگ وڙهي ويندي، سزا به عدالت ٻڌائي ۽ انصاف به اها ئي ڪندي، راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته عدالتن جو احترام آهي، نوازشريف 165 پيشيون ڀوڳي ان جو ثبوت ڏنو، هن چيو ته ڪنهن به عدالتي فيصلي خلاف ن ليگ احتجاج ناهي ڪندي، مهانگائي خلاف احتجاج ڪنداسين، هن چيو ته موجوده احتساب ن ليگ لاءِ نئون ناهي، ماضي ۾ به ان کي منهن ڏنو، پنڊي جي خوبصورت شهر ۾ هڪ بدصورت شخص رهندو آهي، پنڊي جو بدصورت شخص نيب جو ترجمان بڻيل آهي،ان موقعي تي مشاهد الله خان ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت ڪرپشن خلاف نه ان جي حق ۾ آهي، بيشمار ثبوت موجود آهن، هي جيڪو موجوده فيصلو آهي، ان تي ڳالهه اسانجو قانون حق آهي، حڪومت جو هڪ تڪراري وزير هر روز عدليا يا نيب جو ترجمان بڻجي ڳالهائيندو آهي، اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، جيڪڏهن اسان کي پاڪستان سان وفادار هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي ته ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيون، احسن اقبال چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ملڪ ۾ سليڪٽيڊ احتساب ڪري رهيو آهي، حڪومت وينٽي ليٽر تي زنده آهي، اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، اسان ان خلاف قانوني جنگ وڙهنداسين،نوازشريف خلاف نيب ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، فيصلي ۾ شروع کان آخر تائين هڪ لفظ به نه هو ته ڪهڙي قسم جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، موجوده احتساب عمل ٻه رخو آهي، ليگي اڳواڻن کي جاچ دوران گرفتار ڪيو، جلد پارليامينٽ اندران ۽ ٻاهران خوشخبري ملندي، بنا فرق جي احتساب ٿيو ته اڌ ڪابينا اندر هوندي، ڇا عمران خان، جهانگير ترين، عليما خان جون آف شور ڪمپنيون ناهن؟، ملڪ ۾ مهانگو فرنس آئل آندو ويو، ڊالر مهانگائي جي انتها تي پهتو آهي، حڪومت چوي ٿي اسان کي اگهه بابت خبر ناهي، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جو چوڻ هو ته احتساب جي نالي تي انتقام ورتو پيو وڃي، عليمه خان پاران ڏنڊن ڀرڻ مان ثابت ٿي ويو ته هن ڏوهه قبول ڪيو آهي پر ان جو احتساب نه پيو ٿئي، مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته عمران خان هٽلر جو مثال ڏئي پاڻ کي به هٽلر ثابت ڪيو.

بي سهارا پارٽي جو وزيراعظم گهڻو وقت نه هلي سگهندو: مولابخش چانڊيو

جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي خانه پوري ڪئي، هر سوال جو جواب ڏينداسين

پي ٽي آءِ بي سهارا پارٽي آهي، جن کي ڪير به نه سڃاڻيندو هو اهي به وزيراعظم ٿي ويا
پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو

حيدرآباد (رپورٽر) پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته تحريڪ انصاف بي سهارا آهي، بي سهارا پارٽي جو وزيراعظم گهڻو وقت نه هلي سگهندو، حيدرآباد ۾ پريس ڪانرنس ڪندي مولا بخش چانڊيو چيو ته جن کي ڪير سڃاڻيندو ئي نه هو اهي به وزيراعظم بڻجي ويا، جي آءِ ٽي رڳو پنهنجي خانا پوري ڪئي آهي معاملو عدالت ۾ آهي عدالت جيڪي سوال ڪندي ان جو جواب ڏينداسين، هن چيو ته جي آئي ٽي جهانگير ترين ۽ ذلفي توڙي ڪي پي ڪي جي وزيراعلي تي جي آءِ ٽي ڇو نه نه ٿي ٺهي؟ موٽو ۽ شيرو جو خرچ ڪٿان ٿو اچي، اسلام آباد محل ۾ خان صاحب رهي ٿو ان جو خرچ ڪٿان ايندو آهي؟ ٻڌايو وڃي.

گھوٽڪي جي لال پير ٻيلي ۾ قبضن خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن ۾ داخل

70 ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تان قبضا ختم ڪرايا آهن: ڊي ايف او

گهوٽڪي(رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد گهوٽڪي جي لال پير ٻيلي ۾ ٻيلي کاتي جي 1500 سئو ايڪڙ زمين تي ڪيل قبضي کي ختم ڪرائڻ لاء ٻئي ڏينهن به آپريشن ڪيو ويو ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر موجب ته 70 ايڪڙ زمين تان قبضو خالي ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ هنن ٻٻر جو ٻج پوکيو آهي 70 ايڪڙ زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ جي رپورٽ اعلي آفيسرن کي اماڻي وئي آهي ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ لاء آپريشن جاري آهي.

آصف زرداري گرفتار ٿيو ته عوام وٽ وينداسين: اعجاز جکراڻي

جي آءِ ٽي نئين ڳالهه ناهي، پ پ خلاف هميشه سازشون ٿينديون رهيون آهن

اڳ به آصف زرداري کي بي گناهه يارهن سال قيد رکيو ويو، ان جو احساب ڏنو وڃي

ڳڙهي خيرو ( رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي ۽ وفاقي وزير مير اعجاز خان جکراڻي محمد پور اوڍو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ پيپلز عوامي پارٽي آهي ۽ عوام جي طاقت تي يقين رکندي آهي ، اگر آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو ته پوءِ اسان عوام وٽ وينداسين. پيپلز پارٽي خلاف ھميشہ سازشون ٿينديون رهيون آهن ھاڻوڪي جي آئي ٽي نئين ڳالھ ناھي اڳي به پيپلز پارٽي جي اڳواڻن خلاف ڪڏھن ايف آئي اي تي ڪڏھن ٻين ادارن کان ڪاميٽيون جوڙايون ويون اڳي بہ زرداري صاحب کي ناحق 11 سال قيد ۾ رکيو ويو اڃان تائين ان جو به حساب ڪتاب نه ڏنو ويو آهي ته ان کي جيل ۾ ڇو وڌو ويو ان مٿان ته ڪو ڪيس به ثابت نه ٿيو آھي 11 سال زندگي جا ان کي ڪير موٽائي ڏيندو.

ڏيپلي ۾ حد دخليون هٽائڻ لاءِ گڏجاڻي، شهرين شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا

شهر ۾ نيڪال سسٽم نه هجڻ ڪري برساتي پاڻي بيهي وڃي ٿو: رهواسي

رهواسين جي شڪايت تي هر وارڊ مان ٻن اڳواڻن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي

ڏيپلو(رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ڏيپلو ۾ انڪروچمينٽ ھٽائڻ لاء ٽائون ڪاميٽي ڏيپلو ۾ ڪائونسلرن، واپارين ۽ معزز شھرين سان ميٽنگ ڪوٺرائي وئي ميٽنگ جي صدارت مختيارڪار غلام مصطفى کوسو ۽ چيئرمين موھن لال ڪندي چيو ته ڏيپلو شھر ۾ 29ـ 28ـ 27 تي دڪانن اڳيان ڇپرا ـ ٿلھا ۽ روڊن تي قبضا ڪري ويٺا آهن اھي ھٽرايا ويندا انھي کان اڳ عوام پنهنجو پاڻ ھٽراائي ڇڏين ته اھي وڌيڪ نقصان کان بچي ويندا ـ جڏهن ته شھرين گھڻا فٽ انڪروچمينٽ ھٽائي ويندي جو سوال ڪيو ـ ته مختيارڪار جواب ڏيندي چيو ته ماپ کي توھان ڇڏيو ـ بعد ۾ شھرين شڪايت ڪندي چيو ته شھر مان برساتي پاڻي جي نيڪالي نه ھجڻ ڪري برساتن ۾ شھر ٻڏي ٿو جنهن ڪري دڪان ٽي کان چار فٽ مٿي ٺھيل آهن انھي جي ٻاھران ڏاڪڻيون ٺھيل آهن اگر سيڙھيون ڪڍنداسين ته دڪان ڪيئن کلندا ۽ گراھڪ ايندا،آخر ۾ ميمبرن ۽ ھر وارڊ مان ٻه معزز شھرين تي ڪاميٽي جوڙي وئي جيڪي معاملي جو حل ڪڍي اسان کي آگاھ ڪندا .

دنيا جو وڏو مني لانڊرنگ نيٽ ورڪ نواز-زرداري خاندانن گڏجي هلايو: فواد چوڌري

سڀ ڄاڻن ٿا تھ ن ليگ جي ضياءُ انجنيئرنگ ڪئي،احسن اقبال تي گهڻو اعتماد هوندو هو

نواز-زرداري جي واردات هڪ جهڙي آهي، سنڌ جي 35 سيڪڙو بجيٽ زرداري گروپ ڏانهن وئي
وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٺڳز آف پاڪستان حڪومت تي الزام هنيا، دنيا جي سڀ کان وڏي مني لانڊرنگ نيٽ ورڪ کي نواز-زرداري خاندانن گڏجي هلايو، سڀ ڄاڻن ته نواز ليگ جي انجنيئرنگ ڪئي، احسن اقبال وساري ڇڏيو آهي، ن ليگ اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته نوازشريف صاحب جنرل ضياءَ کان اڳ ته ڪائونسلر به نه چونڊيو هو، ن ليگ جي انجنيئرنگ ضياءُ ڪئي، احسن اقبال تاريخ وساري ڇڏي آهي، ضياءُ الحق مٿس گهڻو اعتماد ڪندو هو، هن چيو ته نوازشريف ۽ آصف زرداري جي واردات جو طريقو هڪ جهڙو آهي، پنجاب جي سڀ کان وڏي منصوبي جي رقم حسن ۽ حسين نواز ڏانهن وئي، سنڌ جي ترقي جي بجيٽ جا 35 سيڪڙو زرداري گروپ کي ملندا رهيا، عدالتي فيصلي جو جواب اهو ڏنو پيو وڃي ته اسان چور آهيون ته ڇا ٿيو؟. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي اهو مينڊيٽ آهي ته اسان کي احتساب ڪرڻو آهي، سمورا ڪيس اسانجي حڪومت کان اڳ جا آهن، اسان حڪومت اچي انهن سمورن معاملن کان پاڻ کي ڌار ڪيو، ادارن کي ڪم ڪرڻ ڏنوسين، ن ليگ جاچ ۾ نيب سان سهڪار نه ڪيو، هن چيو ته جاتي امرا 100 ايڪڙن تي ٺهيل آهي، 700 ملازم آهن، نوازشريف جي پٽ جي لنڊن ۾ اربين ڊالرز جي ملڪيت آهي، ان موقعي تي حماد اظهر چيو ته نيب ۽ جي آءِ ٽي جيترو ڏکين ٽرانزيڪشن تي ڪم ڪيو، اهو ساراهه جوڳو آهي، عليمه خان مني ٽريل ثابت نه ڪري سگهي ها ته ان سان اهو ئي ٿئي ها هنن سان ٿي رهيو آهي،، نوازشريف کي هر جاءِ تي صفائي جو موقعو مليو، هاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ به ان کي موقعو ملندو ته ٻڌائي پئسا ڪٿان آيا؟.

عمر ڪوٽ: سڻوھي ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم اڌ ۾ رڪيل ڳوٺاڻا پاڻي لاءِ پريشان

4 هزار کان وڌيڪ آبادي واري ڳوٺ سڻوهي لاءِ 2008ع ۾ اسڪيم منظور ٿي هئي

اسڪيم ته منظور ٿي پر اها ڪرپشن جي ور چڙهي وئي، اختياريون نوٽيس وٺن: ڳوٺاڻا

نيوڇور (رپورٽ: جگت ڏان چارڻ) عمرڪوٽ ضلعي جي قديمي ڳوٺ ۽ 4000 آبادي رکندڙ ڳوٺ سڻوهي پاڻي جهڙي نعمت کان محرو آهي جڏهن ته حڪومت سنڌ طرفان سال 2008 ۾ ڪروڙن جي لاڳت سان واٽر سپلائي اسڪيم اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي ڳوٺاڻا پيئڻ جي مٺي پاڻي لاءِ ڳوٺاڻن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو واٽر سپلائي تلاءَ جي ڀرسان ديوين جو گهاٽو جهنگ ٿي ويو آهي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته حڪومت سنڌ طرفان اسان کي پيئڻ جي مٺي پاڻي لاءِ اسڪيم ته ڏني وئي پر اها ڪرپشن جي ور چڙهي وئي جيڪو اڃان تائين مڪمل ٿي نه سگهي آهي جڏهن ته هتي جسٽس طرفان دورو به ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هتي صرف ڪجهه سولر جون پليٽون لڳائي جج صاحب توڙي ٻين آفيسرن کي خوش ڪري روانو ڪيو ويو پاڻي جي اسڪيم اڃان تائين مڪمل ٿي نه سگهي آهي هنن جو وڌيڪ چوڻ هو هن اسڪيم جي چوڌاري گهاٽين ديوين جو جهنگ ٿي ويو آهي پائيپ لائينون ته وڇايون ويون آهن پر ان ۾ اڃان تائين پاڻي اچي نه سگهيو آهي انهن احتجاج ڪندي جئه سنگهه ٺڪر، سوائي نائي، سروپ بجير، ارجڻ بجير، هڙمت سنگهه ٺڪر ۽ ٻين اپيل ڪئي آهي ته اسان کي هن جديد ٽيڪنالوجي جي دور ۾ پاڻي جهڙي نعمت سان آراستا ڪيو وڃي اسان جي ڳوٺ جي واٽر سپلائي اسڪيم کي جلد مڪمل ڪئي وڃي ته جئين اسان پيئڻ جو مٺو پاڻي آساني سان ملي سگهي.

جيڪب آباد شهر ۾گئس جي لوڊشيڊنگ، شھري پريشان، احتجاج

جيڪب آباد ( ن پ ا ) جيڪب آباد شھر ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف شهرن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.شهرين ۽ مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن دلمراد لاشاري، ڪاشف شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ بعد پريس ڪلب پريس آڏو ڌرڻو هنيو ۽ علامتي بک هڙتال به ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته جيڪب آباد شھر ۾ سياري جي موسم ۾ ھٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب گهرن ۾ رڌ پچاءُ ۽ ٻيا ڪم ڪار سخت متاثر ٿي رهي آهن، ھٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.

اوقاف کاتي جي رٽائر ملازمن جي 6 مهينن کان پينشن بند، ڀٽائي گھوٽ کي دانهن

رٽائرڊ ملازمن جو وفد لطيف سرڪار جي درگاهه پهتو، جلد پينشن ملڻ لاءِ دعائون

6 مهينن کان پينشن نه ملڻ ڪري فاقا ڪشي تي مجبور آهيون، حڪومت واهر ڪري: متاثڙ

ڀٽ شاهه (رپورٽ: راجا بوزدار) اوقاف جي رٽائرڊ ملازمن طرفان ڀٽائي جي مزار تي حاضري ـ ملازمن کي پينشن جلد جاري ٿيڻ لاءِ دعائون ـ رٽائرڊ ملازمن جي وفد سيد محمد احمد جعفري ، گل حسن ميمڻ ـ عبدالجبار ـ محمد رمضان ـ جميل الدين ـ محمد نعيم ـ محمد شفيع ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽ شاهه پهچي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي پاڪستان جي سلامتي ـ استحڪام ـ ترقي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ امن ـ محبت ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ـ ان موقعي تي رٽائرڊ ملازمن ڀٽائي جي مزار تي موجودگي ۾ رب پاڪ جي حضور ۾ دعا ڪئي ته کين جلد پينشن جاري ٿي وڃي. ان موقعي تي رٽائرڊ ملازمن جي ويلفيئر ڪميٽي جي وائيس چيئرمين سيد محمد احمد جعفري ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو تـ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف منور علي مهيسر بـ پيشن جلد ادا ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي آهي ۽ ڪراچي ۾ سيڪريٽري فنانس نعيم احمد شاهه سان بـ ملاقات ڪئي جنهن پڻ بنا ڪنهن دير جي 374 رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جاري ڪئي ويندي ـ مگر اسان اڄ اسان ڀٽائي جي در تي حاضري ڀري دعا گهري رهيا آهيون ۽ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪري رهيا آهيون تـ جلد کان جلد رٽائرڊ ملازمين جو مسئلو حل ڪري انهن کي وڌيڪ تڪليفن ۽ پريشانين کان بچايو وڃي.

باڊهه ۾ باءِ پاس نه ٺهيو، ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول، شهري عذاب ھيٺ

سموريون گاڏيون شهر مان گذرڻ سبب روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ بند رهڻ لڳو، ٽريفڪ اهلڪار به مقرر نه ٿيا

ٽريفڪ جام سبب جتي ٻيون پريشانيون آهن اتي ڪاروبار به متاثر ٿي رهيو هي انتظاميا هن اهم مسئلي تي ڌيان ڏي: شهري

باڊهه (رپورٽ: وحيد ڳاهو) 50 هزارکان مٿي آبادي رکندڙ شهر باڊهه کي باءِ پاس نه ھجڻ ڪري هتان جا رهواسي ٽرئفڪ جي سنگين مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته باءِ پاس نه هئڻ ڪري شهر جي وچ بازار مان اڪثر ڳري ٽرئفڪ جنهن ۾ ٽرڪون ، بسون، ٽالر ، توتڙن ۽ پلال سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي گذرڻ سبب شهر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽرئفڪ جام رهي ٿي جنهنڪري اسڪولي شاگرد اسڪول وڃڻ وقت ۽ موڪل بعد سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ٽرئفڪ جام ٿيڻ ڪري سرڪاري ملازم وقت سر پنهنجي ادارن ۾ ڊيوٽين تي پڻ نه ٿا پهچي سگھن شهر ۾ حددخلين جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، انهيءَ تي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، ٽرئفڪ جي وڌي وڃڻ ۽ رستن تي حددخلين جي آزار سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، شهر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ ئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن،ان سلسلي ۾ باڊهه واسين سليم احمد منگي، صدام حسين شاهاڻي ، زاهد منگي۽ ٻين روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته باءِ پاس نه هجھڻ ڪري شهر جي مين بازار مان ڳري ٽرئفڪ جي گزر سبب هڪ طرف ٽرئفڪ جام ٿئي ٿي جنهن ڪري اسان کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ٻئي طرف اسان جو ڪاروبار پڻ متاثر ٿئي ٿو جڏهن ته ٽرئفڪ جي جام ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ شهر ۾ پارڪنگ جي سهولت نه هجڻ آهي جنهنڪري رڪشا، موٽر سائيڪلون، گڏهه گاڏا ۽ ڪارون شهر جي مين روڊ تي بيهڻ ڪري اڪثر ٽرئفڪ جام رهي ٿي ،جڏهن ته چونڊيل نمائيندا ڪيترائي دفعا باڊهه شهر کي باءِ پاس ڏيڻ لاءِ اعلان ته ڪري ويا آهن پر ڪيتروئي عرصو گذرڻ باوجود باءِ پاس ناهي ٺهي سگھيو ان موقعي تي باڊهه واسين سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته باڊهه شهر کي جلد باءِ پاس جي سهولت ميسر ڪري شهر واسين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

جي آءِ ٽي رپورٽ رياستي ناڪامي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهن: عمران خان

خبر پئي ته ملڪ ڪيئن غريب ٿيندو آهي، اڃا به لٽيرن جو دفاع ڪندڙن تي حيرت آهي

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاناما ۽ جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽون رياست جي ناڪامي کي سمجهڻ لاءِ اهم دستاويز آهن، عمران خان ٽوئيٽس ڪندي چيو آهي ته پاناما ۽ جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽس ٻڌائين ٿيون ته رياستون ڪيئن ناڪام ٿينديون آهن، رپورٽن مان خبر پوي ٿي ته ملڪ ڪيئن غريب ۽ قرضي ۾ ٻڏندو آهي، جي آءِ ٽي رپورٽس سامهون اچڻ باوجود لٽيرن جو دفاع ڪندڙن تي حيرت آهي.

ميهڙ ۾ سارين جو واپاري اغوا، مزاحمت تي سندس سئوٽ زخمي

ميھڙ مان اغوا ٿيل واپاري

ميهڙ (ن پ ا ) ميهڙلڳ انڊس هاءَ وي تي ڪولاچي ڀرسان ٽول پلازا وٽ ڪار ۾ سوار نامعلوم ھٿيار بند ميهڙ کان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ رضا محمد ڏيرو ايندڙ واپاري ضمير ڏيرو کي مبينا طور اغوا ڪري کيس ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويا جڏهن ته سندس سان گڏ سوٽ محمد جمن ڏيرو کي مزاحمت تي زخمي حالت ۾ ڇڏي ويا مبينا طور اغوا ٿيل ضميرو ڏيرو جي ڀاء مولابخش ڏيرو چيو ته سندس ڀاء ان جو واپاري آھي ميهڙ مان سارين جي مختلف ڪارخانن تان پئسا وٺڻ ويو هو پنهنجي سوٽ سان واپس اچي رهيو هو ته ڪولاچي ڀرسان پٺيان ايندڙ ڪار سوارن کيس اغوا ڪري ورتو آهي .جڏهن ته سندس سان گڏ ايندڙ سوٽ کي مارڪٽ ڪري ڇڏي ويا آھن جنهن اسان کي اطلاع ڏنو آھي.

“دادو ۾ گئسٽرو ۽ ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري ورتي” ڏينهن ۾ 40 ٻار اسپتال ڀيڙا

گئسٽرو ۽ ڊائريا ۾ مبتلا 40 کان وڌيڪ ٻارن کي سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو

سول اسپتال دادو ۾ بيڊ گهٽ هجڻ ڪري ٻه کان 3 ٻارن کي هڪ بيڊ تي داخل ڪيو ويو
دادو ۾ گيسٽرو جا مريض اسپتال داخل

دادو(رپورٽ: فتاح شيخ) دادو شهر ۽ ڀرپاسي گئسٽرو ۽ ڊائريا بيماريون تيزي سان پکڙجڻ لڳيون، هڪ ئي ڏينهن اندر 40 کان وڌيڪ ٻارڙا اسپتال ۾ داخل ٿي ويا.
دادو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن مان هڪ ئي ڏينهن 40 کان وڌيڪ ٻارڙن کي سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو، اسپتال جي هڪ بيڊ تي گئسٽرو ۽ ڊائريا ۾ مبتلا 2 کان ٽن ٻارڙن کي رکيو ويو.
گئسٽرو ۽ ڊائريا ۾ مبتلا ٻارن ۾ احسان کنڊ ، شهباز ، نعمت الله چانڊيو ، شهنيلا ، حسنين پنڙ ، عطا الله ، عطا عباس ، راضي آلکاڻي، سيما، ماهين آرائين، محمد علي پنهور سميت 40 کان وڌيڪ ٻار شامل آهن.
ڊاڪٽر اياز پنهور پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سياري ۾ ٿڌيون ۽ رکيل کاڌو کارائڻ سبب گئسٽرو ۽ ڊائريا بيماريون پکڙيون آهن، بيمارين ۾ مبتلا ٻارڙن جو علاج ڪيو پيو وڃي، ٻارڙن جي والدين دانهيو ته هڪ بيڊ تي 2 کان 3 ٻارن کي داخل ڪرڻ سبب ٻارن کي تڪليف ٿي رهي آهي، معاملو جو نوٽيس وٺي صحت سميت مختلف بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن

”بحريا آئڪون“ پلازا زرداري ۽ زين ملڪ گڏجي ٺهرايو: جي آءِ ٽي

پلازا 50 ارب رپين جي تڪراري زمين تي ٺهرائي بن قاسم پارڪ جو وڏو حصو ان ۾ شامل ڪيو ويو

اسلام آباد: مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي ) 24 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. کربين رپين جي مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي ريت زرداري گروپ، بحريا ٽائون ۽ اومني گروپ جو ٽرائيڪا ان ڳٺ جوڙ ۾ ملوث آهي . جي آءِ ٽي رپورٽ موجب جاچ ۾ لڳ ڀڳ 29 بينڪ اڪائونٽ جعلي نڪتا آهن، جيڪي 42 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ۾ استعمال ٿيا آهن. جي آءِ ٽي، ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر احسن صادق ، انٽر سروسز انٽيليجنس جي برگيڊيئر شاهد پرويز، سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي محمد افضل، قومي احتساب بيورو جي نعمان اسلم ۽ فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي عمران لطيف تي ٻڌل هئي .
رپورٽ موجب، جي آءِ ٽي 924 انفرادي ۽ مختلف ڪمپنين سان لاڳاپيل 11 هزار 500 جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڳولي ورتا آهن ، جڏهن ته 19 ٺيڪيدارن جي اڪائونٽن وسيلي 36 ارب رپين جي ڪميشن پهچائي وئي، ان کان علاوه 10 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم بحريا ٽائون جي اڪائونٽن وسيلي موڪلي وئي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ملڪ رياض جو ناٺي زين ملڪ ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو اڳوڻو سيڪريٽري مشتاق احمد بحريا ٽائون جا اڪائونٽ هلائيندڙ هئا. مشتاق احمد، ماڊل ايان علي جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ به ملوث رهيو آهي .
رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ”بحريا آئڪون“ نالي تعمير ٿيل 64 ماڙ عمارت آصف علي زرداري ۽ زين ملڪ پنهنجي ڪمپني جي مک ماڻهن وسيلي اڏرائي آهي، اها عمارت تڪراري پلاٽ تي تعمير ڪئي وئي جڏهن ته بن قاسم پارڪ جو وڏو حصو پڻ انهي عمارت ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهو ڪل 50 ارب رپين جو تڪراري پلاٽ آهي. رپورٽ موجب لاهور جي بحريا ٽائون ۾ قائم بلاول هائوس زرداري گروپ جي ملڪيت آهي، شروع ۾ اها ملڪيت بحريا ٽائون پاران آصف علي زرداري کي تحفي ۾ ڏني وئي پر پوءِ زرداري گروپ پاران ان جي ڪل لاڳت 170 ملين رپين جو اڌ ادا ڪيو ويو .
جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اومني گروپ پنهنجي ڪمپنين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سنڌ بئنڪ کان غير قانوني طور تي 53 ارب رپين کان وڌيڪ جو قرض پڻ ورتو. ان کان علاوه زرداري ڪٽنب جا 12 ملين يا ان کان وڌيڪ جا خرچ اومني گرو پ پاران ادا ڪيا ويا، خرچن ۾ راندين جو سامان خريد ڪرڻ، پالتو ڪتن جي خوراڪ، قرباني جا ٻڪرا، ڪپڙا ڌوئارڻ ، هيٽر ، فرنيچر ، سالگره جي تقريبن ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي مانجهاندي وغيره تي ٿيل خرچ شامل آهي . رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته اومني گروپ پاران ورتل قرض 83 ڀيرا ري اسٽرڪچر ڪرايو ويو جڏهن ته گذريل 10 سالن کان نيشنل بينڪ کان کنيل قرض پڻ واجب الادا آهي.
رپورٽ موجب اومني گروپ مندرن، لائبريرين ۽ جمنازيم لاءِ مخصوص پلاٽن جا کاتا تبديل ڪرائي غير قانوني اڏاوتون ڪرايون ويون ، جڏهن ته ”هنڊي ۽ حوالا“ وسيلي هڪ ارب کان وڌيڪ رقم پرڏيهه منتقل ڪئي وئي.