ڪلوئي(ن پ ا)سڄي ٿر جيان ڪلوئي تعلقي ۾ ڏڪاري حالتون برقرار، ڪلوئي لڳ ستون ميل موري ويجهو پورهيت جو هڪ ڏينهن جو ڄاول ٻارڙو مبينا سهولتن جي کوٽ بک بدحاليءَ سبب فوت ٿي ويو، ڪاري ڏڪار سبب غريب پورهيت ٻن وقتن جي ماني لاءِ پڻ پريشان آهن، ستون ميل لڳ ڳوٺ ارباب احسان فارم واسي پورهيت پريم ڪولهي جو هڪ ڏينهن جو ڄاول ٻارڙو مبينا بک بدحالي ۽ بيمارين وگهي فوت ٿي ويو آهي.
پورهيت دانهيندي چيو منهنجي گهر واري انتهائي ڪمزور هئي مقامي اسپتال عملي پاران ڪمزور ۽ ڳورهاري عورتن لاءِ آيل راشن پڻ نه ڏنو ويو ۽ ٻار انتهائي ڪمزور پيدا ٿيو،جنهن کي اسان اسپتال کڻي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ ٻارڙو فوت ٿي ويو، رهواسين اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ٻئي طرف ڳورهاري ۽ ڪمزور عورتن کي امدادي راشن نه ملڻ ۽ سوين ڳوٺ سروي ۾ شامل نه هجڻ خلاف يوسي گرڙاٻه ،ستون ميل ۽ ٻين علائقن جي مختلف ڳوٺن لال ساهڙ، ٻانڌو، ڏمڀرلي، اتادو سومرا، ڊاڀو سميجا، سپڻاڻي سومرا، ارباب احسان فارم ۽ ٻين ڳوٺن مان آيل ڏڪار متاثر ڳوٺاڻن منظور ساهڙ، لکاڏنو ساهڙ، مانجھي، عالم، قربان، ڀائي خان، کيتو مل، ميوو ۽ ٻين امدادي راشن لاءِ سندن ڳوٺ سروي نه ٿيڻ خلاف دانهيندي چيو ته يوسي گرڙاٻه جا ڄاڻايل سمورا ڳوٺ اڃا تائين امدادي راشن لاءِ سروي پڻ نه ڪيا ويا آهن.
رابطو ڪرڻ تي صحت کاتي ٿرپارڪر جي ڊي ايڇ او علاو الدين سومرو جو چوڻ آهي ته هي راشن صرف ڳورهاري ۽ ڪمزور عورتن جو آهي جڏهن ته علائقي ۾ ڏڪاري حالتن سبب هر ماڻهون چاهي ٿو ته راشن جو سامان کين ملي جيڪو ممڪن نه آهي.
ٿر ۾ ٻار مرڻ جو سلسلو جاري ، ڪلوئي ۾ تازو ڄاول ٻارڙو فوت
”برادري جهيڙا نامنظور“ ڪشمور ۾ امن ريلي
غوثپور (ن پ ا) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر وڌندڙ قبائلي خوني تڪرارن جي خاتمي لاء غوثپور شهر جي سول سوسائٽي مذهبي سياسي سماجي ڌرين ،وڪيل ۽ قومپرست اڳواڻن امن ريلي ڪڍي ،امن زنده باد جا نعره هنيا . ريلي ۾ عبدالغني بجاراڻي سيد محبوب علي شاه جيلاني سائين منور علي شاه جيلاني مولانا خان محمد ملڪ زريت حسين مولوي اصدالله ڀيو نثار احمد ميراڻي اعجاز احمد بجاراڻي ڪامريڊ تاج محمد جعفري معشوق ڀيو عبدالحفيظ بجاراڻي ٻين شرڪت ڪئي . ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ جا جاگير دار وڏيرا پنهجا مفاد حاصل ڪرڻ لاء قبائلي جهيڙا ڪرائي انسانيت جو قتل عام ڪرائن ٿا هنن چيو ته اسان ورهين کان هتان جي نمائيندن کي ووٽ ڏيون پيا اسان جي ووٽن تي چونڊيل ايم پي ايز ايم اين اي اسان کي نوڪريون روڊ رستا تعليم صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه ڏئي سگهيا آهن پر اسان کي امن به نه ڏئي سگهيا آهن هنن چيو ته قبائلي جهيڙن کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڏيرن جو خاص ڪردار رهيو آهي ۽ انتظاميان به خاموش بڻيل آهي ضلعي ڪشمور اندر اڀرندڙ تيغاڻي بجاراڻي قبائلي خوني تقرار م هن محل تائين 28 نوجوان قتل ٿي چڪا آهن پر پوليس انتظاميان هن مهل تائين هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي پوليس انتظاميان لاءِ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿي هنن رينجرز توڙي عدالتن کان بدامني جو نوٽيس وٺي امن قائم ڪرائڻ جي گهُر ڪئي.
شهدادڪو ٽ ۾ عورتن ۽ ٻارن جو پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج
شھدادڪوٽ (ن پ ا) شھدادڪوٽ ۾ عورتن قرآن پاڪ کڻي معصوم ٻارڙن سميت اي سيڪشن ٿاڻي جي اهلڪارن خلاف ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس کي پٽون ۽ پاراتا ڏينديون رهيون،ان ڏس ۾ اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان سومرا ۽ مگسي برادري جي ماڻھن ۽ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو، مظاھرو ڪندڙ عورتن مسمات لعل خاتون مگسي، مسمات افروزخاتون، شاھ گل خاتون ۽ ٻين اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي روئيندي دانھيو آھي ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اسان جي نوجوانن شاھنواز مگسي ۽ اعجاز سومرو کي چوري جي ڪوڙي الزام ۾ گرفتار ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو آھي، جيڪي ھن وقت تائين گم آھن ، ھوڏانھن ايس ايڇ او اختيار شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل رات شھباز کوسي جي گھران 10 لک روپين جي چوري ٿي ھئي، مالڪن جي فرياد تي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري انھن کان جاچ ڪري رھيا آھيون.
شاهپور جهانيان ۾ حيسڪو جو ڏاڍ، ٻن هفتن کان 20 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽيل، مڇرن جو آزار
شاهپورجهانيان(ن پ ا) شاهپور جهانيان ۾ رهتون ڄاڻائي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جي ڪاٽيل بجلي 2 هفتا گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب رهواسي عذاب ڀوڳڻ تي مجبور آهن. حيسڪو عملدارن جيئل ڏاهري، ننگرمڪان، مولابخش جويو، الھه بخش ڏاهري، محراب جسڪاڻي، مقيم ڏاهري، انگڙي،ڏهيسر، غلام حيدر ڏاهري ۽ ساهيا ڳوٺ سميت 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي. رهواسين پنهنجي اخبار جي آفيس آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته بجلي بند هئڻ سبب راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيون، جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي جو به بحران ٿي ويو آهي. رهواسين مطالبو ڪيو ته بجلي جون رهتون قسطن جي مد ۾ جمع ڪرايون وينديون، جڏهن ته بجلي بحال ڪري پريشانين کان جند ڇڏائي وڃي.
دادو ۾ ڪار جي ٽڪر عورت ۽ ٻار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا
دادو( رپورٽر) دادو ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ عورت ۽ ٻار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. دادو جي جُڊيشل ڪامپليڪس سامهون حادثو ٿيو، جتي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ امتياز چانڊيو، مسمات زليخان ۽ ٻارڙي شائستا شامل آهن. جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.
ٺارو شاهه ۾ پسند پرڻي لاءِ گهران نڪتل ناري سان نوجوان جو شادي کان انڪار
ٺاروشاھ (ن پ ا)ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ ظفر آباد ڀاڳو ديرو ۾ سي آءِ پوليس نوشهروفيروز ڪارروائي ڪندي دولتپور مان پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ پهتل ناري سيد عائشه ۽ پريمي نوجوان عمران گوپانگ کي گرفتار ڪري ورتو،سي آءِ پوليس پاران گرفتار جوڙي کي جوڊيشنل مئجسٽريٽ مورو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ،جتي نوجوان بيوفائي ڪندي پريميڪا سان پيار جو پرڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته ناري پاران مائٽن ڏانهن واپس وڃڻ جي انڪار تي عدالت کيس دارالامان سکر حوالي ڪري ڇڏيو، سي آءِ پوليس نوشهروفيروز جي انچارج شهاب ڪولاچي ۽ ايس ايڇ او نوشهروفيروز محمد حنيف مهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عدالت ۾ ناري مائٽن ڏي واپس وڃڻ تي قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪرڻ تي عدالت کيس دارالامان سکر حوالي ڪيو آهي. هنن چيو ته ناري جو نوجوان عمران گوپانگ سان موبائل تي رابطو ٿيو هو .جنهن بعد ناري شادي ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ پهتي ته نوجوان شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو ، ناري ٻڌايو ته مائٽ زبردستي هڪ پوڙھي سان پرڻائي رهيا هئا،نوجوان عمران گوپانگ سان پيار پرڻو ڪرڻ پئي چاهيو پر هن به مونکي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي .
آمريڪا ۾ سامونڊي غذا کائيندي همراهه کي سچو موتي هٿ
مين هٽن (دلچسپ نيوز) آمريڪي ريسٽورنٽ ۾ هڪ همراهه سي فوڊ کائيندي سچو موتي هٿ ڪيو.
رِڪ اينٽوش نالي همراهه شهر هڪ مشهور سامونڊي غذا واري هوٽل ۾ مانجهاندي لاءِ کاڌو گهرايو، جنهن کي کائيندي سندس وات ۾ سچو موتي اچي ويو. جنهن بعد هوٽل جي باورچي تصديق ڪندي چيو ته اهو سچو موتي آهي، جيڪو ڪاري نقطي سبب وڌيڪ ناياب ٿي ويو آهي.
رِڪ اينٽوش ان موتي کي کپائڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي ۽ هو موتي کي خوش نصيبي جي نشاني طور پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿو.
عمران حڪومت نٿو هلائي سگهي:اسماعيل ڏاهري
دولتپورصفن)رپورٽر)پ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري دولتپورصفن جي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ ڪو چئيرمين آصف علي زرداري تي 20 سال اڳ جا ڪيس آهن،جيڪي عدالتون ختم ڪري چڪيون آهن،هن چيوته طاقت ور ڌريون 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون ، صوبن کي ڏنل خود مختياري ختم ڪرڻ لاءِ پ پ تي پريشر وجهڻ لاءِ آصف علي زرداري تي اجايا ڪيس ٺاهيا ويا آهن، اسان 18 ترميم جو تحفظ ڪنداسين، هن چيوته عمران خان نفسياتي مريض آهي، هو حڪومت نه ٿو هلائي سگهي، جن کيس وزير اعظم بنايو آهي اهي به هاڻ سندس ڪمن جي ڪري ان مان بيزار ٿي پيا آهن، هن چيوته آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ باھ ٻري ويندي.
خيرپور ۾ حددخلي آپريشن متاثرن جي عدالت ٻاهران بک هڙتالي ڪئمپ قائم
خيرپور (رپورٽر)خيرپور ۾ ضلعي انتظاميه طرفان پراڻي بس اسٽينڊ تي موجود دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ واري عمل خلاف دڪاندارن،مسترين ۽ هوٽلن جي مالڪن سيشن ڪورٽ ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي. بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي ساجد ملڪ، عاشق حسين بگٽي، اعجاز جاگيراڻي، غلام قاسم ڪلهوڙو، عمران شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميه پراڻي بس اسٽينڊ تي موجود اسان جي دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ،جنهن سبب اسان بيرزگار ٿي ويا آهيون ۽ اسان جا ٻچا فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه اسان کي يقين ڏياريو هو ته 17 ڊسمبر تي اوهان کي متبادل دڪان ڏنا ويندا ته جيئن توهان پنهنجو روزگار ڪري سگهو پر ان تي هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي ان ڪري مجبور ٿي بک هڙتال شروع ڪئي آهي ان جي باوجود مسئلو حل نه ٿيو ته معصوم ٻچن سميت شروع ڪيل بک هڙتال جاري رکنداسين.
ڪالاباغ ڊيم لاءِ چندو ڪرڻ تي چيف جسٽس خلاف ريفرنس داخل ڪيو وڃي: قادر مگسي
سنڌو درياِء تي ڊيمن جي اڏاوت خطرناڪ آهي، ملڪ ۾ رهندڙ قومن کي انهن جا حق ڏنا وڃن
ڪراچي / حيدرآباد(نمائندن وٽان + بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته روشن خيالي ۽ لبرل ازم جي نالي ۾ ملڪ تي آمريت مڙهيل آهي، ملڪ ۾ رهندڙ قومن کي جيستائين قبول ڪري کين پنهنجا حق نه ڏنا ويندا، تيستائين هي ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو، اهڙو اظهار هن ايس ٽي پي ضلعي حيدرآباد پاران ترقي پسند هائوس تي سندس ملهايل 56هين سالگره جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته سنڌو درياِء تي ڊيمن جي اڏاوت خطرناڪ آهي، جنهن سان سنڌ پاڻي کان محروم ٿي ويندي، انصاف جي اعلي اداري جو سربراه ڪهڙن آئيني اختيارن تحت ڪالا باغ ڊيم سميت ٻين ڊيمن لاءِ چندو گڏ ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اهڙي عمل خلاف پارليامينٽ کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ گهرجي، ڊاڪٽر قادرمگسي چيو ته اسين پنهنجي وطن ۽ قوم جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ هڪ گهڙي به غافل ناهيون ٿيا ۽ مسلسل جدوجهد جي عمل ۾ آهيون، هن سنڌ جي ماڻهن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ متحد ٿين ۽ عملي جدوجهد ڪري پنهنجا سمورا حق حاصل ڪن، ان موقعي تي ايس ٽي پي جي چيف آرگنائيزر ڄام عبدالفتاح، ذوالفقار هاليپوٽو، منصور قادر جوڻيجو، نظير ناز، نسرين الطاف، قادر چنا، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، محسن جويو، حفيظ ڏيرو ۽ ٻين خطاب ڪيو، تقريب ۾ ڊاڪٽر قادرمگسي جي 56هين سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران ڊاڪٽر قادر مگسي جي سالگرهه ملهائي وئي.
حيدرآباد بار جا چونڊ نتيجا چيلنج ، ڪامياب اميدوارن کي نوٽيس جاري
نثار دراني گروپ جي سوڀ کي مخالفن اميدوارن چيلنج ڪيو، نثار دراني 5 جنوري تي طلب
چونڊون شفاف نه ٿيون، 21 سو وڪيلن مان رڳو 900 کي اهل قرار ڏيڻ ڌانڌلي آهي: درخواستگذار
حيدرآباد(رپورٽ: فقير سليم) حيدرآباد بار جون چونڊون تڪراري بڻجي ويون آهن. هارايل گروپ جي اميدوارن چونڊ نتيجن کي رد ڪندي نثار دراني خلاف سنڌ بار ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. سنڌ بار ڪائونسل نثار دراني کي نوٽيس جاري ڪندي 5 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي اليڪشن 22 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين ايڊووڪيث ارشد پٺاڻ جي نگراني ۾ ٿي، جنهن ۾ نثار دراني گروپ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته صدارتي اميدوار جگديش آر مولاڻي سميت سندس حمايتي اميدوار پڻ هارائي ويا. هارايل اميدوار جگديش مولاڻي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميٽي شفاف اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين نثار دراني جي حمايت ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو اليڪشن واري ڏينهن پولنگ ٿيڻ کان پنج ڪلاڪ اڳ اسانکي ووٽر لسٽ ڏني وئي، جيڪا ڌانڌلي جي شروعات هئي، جڏهن ته 21 سو وڪيلن مان رڳو 900 وڪيلن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو، اسان جا حمايتي جن هاءِ ڪورٽ بار ۽ سنڌ بار ڪائونسل جا چالان جمع ڪرائي ڇڏيا هئا، انهن جا نالا شامل نه ڪيا ويا هئا. هنن الزام مڙهيو ته اليڪشن ڪميٽي هڪ سرڪاري ملازم کي اليڪشن وڙهڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڌر هجڻ جو ثبوت ڏنو، جنهن جي فيصلي خلاف سنڌ بار ڪائونسل کي درخواست ڏني آهي. هوڏانهن سنڌ بار ڪائونسل جگديش آر مولاڻي جي درخواست تي نثار دراني کي نوٽيس جاري ڪندي 5 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.
آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ آمريڪي اداڪار ڪيون اسپيسي تي فرد جرد لاڳو

بوسٽن (شوبز ڊيسڪ) آمريڪي رياست ميسا چوسٽس ۾ آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪار ڪيون اسپيسي تي 18 ورهين جي نوجوان سان بدفعلي الزام ۾ فرد لاڳو ڪيو ويو آهي.
نانٽڪيٽ جي مقامي عدالت ۾ ان ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 جنوري تي ڪئي ويندي، جڏهن ته اسپيسي جي وڪيل اڃا تائين عدالت کي ڪو به جواب ناهي ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيون اسپيسي تي الزام آهي ته هن 2 سال اڳ 18 ورهين جي نوجوان کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو هو.
گذريل سال نومبر مهيني ۾ هڪ ٽي وي چينل جي صحافي هيدر الزام هنيو ته سندس 18 ورهين جي پٽ کي اسپيسي 2016 جي جولاءِ مهيني ۾ بدفعلي جو نشانو بڻايو.
ڪراچي ۾ علي رضا عابدي جي تدفين، سندس گارڊ گرفتار
ڪراچي ۾ قتل ٿيل علي رضا عابدي يثرب امام بارگاهه ۾ ادا ڪئي وئي، گورنر سوڌو اهم شخصيتن جي شرڪت
هٿياربندن جي حملي دوران علي رضا عابدي جي گارڊ جوابي فائرنگ نه ڪئي، کيس گرفتار ڪيو آهي: ايس ايس پي سائوٿ
ڪراچي (رپورٽر) پوليس ڊفنيس ۾ گذريل رات قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويل علي رضا عابدي جي گارڊ کي گرفتار ڪري ورتو، علي رضا عابدي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ايس ايس پي سائوٿ چيو ته گارڊ حملي وقت جوابي ڪارروائي نه ڪئي.
علي رضا عابدي جي جنازي نماز امام بارگاهه يثرب ۾ ادا ڪئي وئي، علامه حسن ظفر نقوي نماز پڙهائي، جنازي نماز ۾ فاروق ستار سميت ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي اڳواڻن کانسواءِ مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڪراچي جي ڏکڻ پوليس علي رضا عابدي جي گارڊ کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي سائوٿ پير محمد شاهه چيو ته علي رضا عابدي معمول کان هٽي ڪري آفيس کان گهر جلدي هليو ويو هو، حملي وقت علي رضا عابدي جي گارڊ قدير کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جيڪو فائرنگ جي جواب ۾ ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران گهر اندر ويو ۽ علي رضا عابدي جي والد کان هٿيار گهريو.
ايس ايس پي چيو ته علي رضا عابدي جي گاڏي گهر جي در وٽ پهچڻ وقت گارڊ جيئن ئي گهر جو در کوليو ته هٿياربندن فائرنگ شروع ڪئي، گارڊ قدير جو واسطو ڊيرا غازي خان سان آهي ۽ هو ڏيڍ مهينو اڳ علي رضا عابدي جي گهر گارڊ طور مقرر ٿيو هو، کانئس واقعي بابت پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي چيو ته علي رضا عابدي جي وارثن ڪنهن خاص قسم جو خدشو ظاهر نه ڪيو آهي.
واضح رهي ته ڊفينس فيز 5 جي علائقي خيابانِ غازي ۾ گذريل رات هٿياربندن علي رضا عابدي تي قاتلاڻو حملو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿيو، علي رضا عابدي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو پيو پر هو بچي نه سگهيو ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
وارهه کان شهيد راڻي جي ورسي لاءِ نڪتل قافلي جي وڳڻ ۾ آجيان
وڳڻ (ن پ ا)واره کان محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي لاءِ نڪتل بپيادل قافلو وڳڻ پھچڻ تي آجيان ڪئي وئي ،واره کان نڪتل پي پي پي يوٿ ونگ جو قافلو پيادل محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي لاء وڳڻ پھچڻ تي وڳڻ جي پي پي پي جي جيالن طرفان شاندار استقبال ڪيو ،وڳڻ ۾ پي پي پي جي جيالن ضمير حسين چانڊيو ،جھانگير بدر عباسي ر،ياض حسين عباسي ۽ ٻين اڳواڻن ڀرپور استقبال ڪيو جتي وڳڻ ٽائون جي چيئرمين خليل احمد خان وڳڻ قافلي تي گلن جي ورکا ڪئي وئي.
سکر ۾ڪرسمس جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
سکر(بيورو رپورٽ) پوري ملڪ جيان سکر ۾ به عيسائي برادري پاران ڪرسمس ڊي مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، اِن حوالي سان سکر جي سينٽ سويئر چرچ ۾ دعائي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن وڏي تعداد ۾ عيسائي برادري جي مرد عورتن توڙي ٻارڙن شرڪت ڪئي، اِن دوران مس سارا سحر ۽ ٻين دعائي گيت ڳائي مخصوص عبادتون ڪيون جنهن کان پوءِ هڪ ٻئي کي ڪرسمس ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون. اِن موقعي تي مس سارا سحر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ميري ڪرسمس خوشين جو ڏهاڙو آهي.