اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ نواز شريف کي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ عدالتي ڪمري ۾ موجود مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب ۽ پرويز رشيد جي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا. احسن اقبال، اقبال ظفر جھڳڙا، حمزه شهباز ۽ ٻين اڳواڻن جا منهن لهي ويا. مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف انتقامي سياست کي منهن ڌئي رهيو آهي،هاڻي عمران خان جي حساب جو وارو اچي ويو آهي، ن ليگ ترجمان مريم اونگزيب وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان جي رد عمل ۾ چيو آهي ته الحمدالله نوازشريف خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن يا ڪميشن ثابت نه ٿي،اڍائي سالن جي سخت احتساب باوجود نيب نوازشريف خلاف ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو، نه وري پنهنجي الزامن جو ڪو ثبوت ڏئي سگهيو آهي، اڄ عمران خان جا ڪوڙا الزام بي نقاب ٿي ويا. ن ليگ ترجمان جو چوڻ هو ته فواد صاحب اوهان ٻين تي الزام لڳائڻ بدران عليمه باجي جو حساب ڏيو،جهانگير ترين جي لٽيل رقم پاڪستان واپس آڻيو، فيصلو اچڻ کانپوءِ حڪومتي ٽيم بوکلاهٽ جو شڪار آهي ته نوازشريف خلاف ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي، هاڻي عمران خان جي احتساب جو وقت اچي ويو آهي ۽ عمران عليمه باجي جي نالي ٺاهيل بي نامي ملڪيت جو جواب ڏي، نوازشريف 165 پيشيون ڀوڳي تاريخ رقم ڪئي، هاڻي عمران خان جي جواب ڏيڻ جو وقت آهي.
نواز کي سزا سان ماحول ۾ ٻڙڌڪ رهندو، مائنس زرداري فارمولاتي ڪم جاري آهي : علي قاضي
زرداري۽ نواز کي مائنس ڪرڻ جون ڪوششون ٿين پيون، في الحال آصف کي رليف مليو آهي
آصف ۽ فريال جي گرفتاري تي سنڌ حڪومت وفاق سان ٽڪراءُ ۾ آئي ته گورنر راڄ لاڳو ٿي سگهي ٿو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار علي قاضي چيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي گرفتاري نئين ڳالهه ناهي، هو اڳ به قيد ڀوڳي چڪو آهي، نواز شريف کي اميد هئي ته سندس گرفتاري تي پنجاب جا ماڻهو روڊن تي نڪري رد عمل ڏيندا پر ايئن نه ٿيو جنهن تي هو مايوس ضرور ٿيو آهي.ميان صاحب کي مليل سزا خلاف پاڪستان جي سياسي ماحول ۾ ٻڙڌڪ متل رهندو، هونئن به ملڪ جي موجوده صورتحال بدتر آهي، ميڊيا جا ادارا بحران ۾ آهن، ملڪي معيشت پٺتي پيل آهي، آءِ ايم ايف هٿ مٿي ڪري ڇڏيا آهن، عمران خان ڳالهيون ته وڏيون ڪيون پر لڳي ٿو ته کانئس معيشت نٿي سنڀالجي. علي قاضي جي تجزيه موجب لنڊن واري ڀائي جي مائنس ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي مائنس ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، نواز شريف کي مني ٽريل نه ڏيڻ تان سزا ملي آهي، مٿس ڪرپشن جا الزام ثابت ناهن ٿيا. پيپلز پارٽي چئي رهي آهي ته آصف زرداري سوڌو پ پ قيادت تي لڳايل الزام نوان ناهن، اهڙي قسم جا الزام اڳ به لڳندا رهيا، پر سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کي جاچ لاءِ 2 مهينن جو وقت ڏنو آهي.سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ليڊر شپ تي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن، هي قصو هتي بيهي نٿو سگهي، جڏهن ڪا شيءِ هلي ٿي ته ڪنهن نه ڪنهن منطقي انجام تائين پهچي ٿي. آصف زرداري کي سوڙهو ڪيو ويو ته جيڪي اڳ ۾ حڪومت ۾ رهيا آهن، انهن تي به هٿ وجهندا، ماضي ۾ سياسي ڊيلز ٿينديون رهيون آهن، پهريان پ پ خوش هئي ته رڳو نواز شريف خلاف ڪارروائي پئي ٿئي ، پر هاڻي آصف زرداري جي تازن جلسن ۾ ڪيل ڳالهين کانپوءِ پ پ به پريشان آهي، آصف زرداري جلسي ۾ چيو هو ته ”اوهان جي ملازمت جو مدو 3 سال آهي، اوهان دورن بدران التويٰ پيل ڪيس اڪلايو!“ هن ڀيري آصف زرداري “اينٽ سي اينٽ بجا دونگا” واري بيان کان هٿ هلڪو رکيو، ان ڪري لڳي ٿو ته آصف زرداري کي ٿوري عرصي لاءِ رليف ضرور مليو آهي. صنم ڀٽو جي ڏيهه اچڻ جي حوالي سان به سياسي حلقن ۾ مختلف سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، صنم ڀٽو جنهن خانداني مسئلن سبب سياست کان پري رهڻ پسند ڪيو سا نٿو لڳي ته آصف زرداري مٿان ڏکيا ڏينهن اچڻ تي پارٽي اندر ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. سينيئر صحافي علي قاضي موجب باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي ملڪ بدر ٿيڻ لاءِ چيو پيو وڃي، پر آصف زرداري پڇاڻو ڪري رهيو آهي ته ڇو؟، ڇاڪاڻ ته آصف زرداري مائنس ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، بلاول ڀلي پارٽي جو چيئرمين هجي، پر آصف زرداري باس آهي ۽ ٿيندو اهو ئي آهي جيڪو باس چوي. هاڻي ڇا آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري تي سنڌ حڪومت وفاق سان ٽڪراءُ ۾ ايندي؟ اهو ملين ڊالرز جو سوال آهي، سنڌ ۾ فارورڊ بلاڪ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن ٽڪراءُ ٿي پيو ۽ سنڌ حڪومت ٻين ادارن سان ويڙهه ڪئي ته گورنر راڄ لاڳو ٿي سگهي ٿو، ايم پي ايز کي ٽوڙي سگهجي ٿو، پر مونکي نٿو لڳي ته آصف زرداري ان حد تائين ويندو، سنڌ حڪومت ريڊ لائين ڪراس نه ڪندي، ماضي ۾ به رينجرز ڇاپي واري معاملي تي جيڪو ماڻهن چيو پئي اهو نه ٿيو ۽ سنڌ حڪومت ماٺ ۾ رهي. علي قاضي تجزئي ڪيو ته هن وقت ملڪ ۾ جيڪا سياسي غير يقيني واري صورتحال آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن حالتون خراب ٿيون ته ڀوڳڻو سنڌ جي ماڻهن کي ئي پوندو، سياسي بحران پنهنجي جاءِ تي، پر سنڌ ڪارڊ ۽ 18هين ترميم جي ڳالهه پئي ٿئي، مرڪزي سطح تي صورتحال ڪهڙي به ٿئي پر ان جو شڪار اصل ۾ سنڌ جي ماڻهن کي ئي ٿيڻو پوندو آهي.
بحريا ٽائون، زرداري ۽ اومني گروپ جا اثاثا منجمند، بلاول جي ڪِچن لاءِ به اومني وارن خرچ ڪيو: چيف جسٽس
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي، عدالت ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ جي سمري تي ٻڌل وڊيو هلائي وئي
آصف زرداري تي جعلي اڪائونٽس ذريعي ذاتي خرچ ڀرڻ جو الزام، زرداري ۽ اومني گروپ، بحريا ٽائون جي ملڪيتون خريدڻ ۽ وڪڻڻ تي پابندي
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اومني گروپ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اومني گروپ جي ملڪيتن کي منجمد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي عدالت ۾ پروجيڪٽر لڳائي جي آءِ ٽي رپورٽ جي سمري هلائي وئي، جنهن ۾ آصف زرداري ۽ اومني گروپ کي جعلي اڪائونٽس جو ذميوار قرار ڏنو ويو. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس سان آصف زرداري جي ذاتي خرچن جون ادائيگيون ڪيون ويون، بلاول هائوس جي ڪتي جو کاڌو ۽ صدقي جي 28 ٻڪرن جو خرچ به جعلي بئنڪ اڪائونٽ مان ڏنو ويو. جي آءِ ٽي سربراهه ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل احسان صديقي پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۽ لاهور بلاول هائوس جا پئسا جعلي اڪائونٽ ذريعي ادا ڪيا ويا، جڏهن ته بلاول هائوس لاهور جي ايراضي زرداري گروپ جي ملڪيت آهي. جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ايراضي گفٽ ڪئي وئي ته پئسا ڇو ادا ڪيا ويا؟ ڇا گفٽ قبول نه ڪيو ويو هو؟ ان تي جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته زرداري گروپ 53.4 ارب رپيا قرض حاصل ڪيو هو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايان علي ڪٿي آهي؟ ڇا هوءَ بيمار ٿي پاڪستان کان ٻاهر هلي وئي؟ ڪو بيمار ٿي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ته واپس آڻڻ جو ڪهڙو طريقيڪار آهي؟ ان موقعي تي ايف آءِ اي عدالت کي اپيل ڪئي ته سمورن ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان گهرو وزارت کي درخواست ڏيو، اي سي ايل بابت اها فيصلو ڪندي. چيف جسٽس جي آءِ ٽي رپورٽ ڌرين کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي چيو ته رپورٽ تي اوهان جواب جمع ڪرايو. چيف جسٽس پاڪستان اومني گروپ جي ملڪيتن کي ڪيس جي فيصلي سان مشروط ڪندي چيو ته اهي ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هي اهو پاڪستان ناهي جيڪو پهريان هو، جتي سرڪاري زمينن جي ونڊ ورڇ ڪئي ويندي هئي، جيڪڏهن ڪو پيمپر ۾ آهي ته ان سان گڏ ئي ويندو. چيف جسٽس چيو ته زرداري ۽ بلاول جي گهر جا خرچ به اهي ڪمپنيون هلائين ٿيون ۽ انهن جي ڪتن جو کاڌو ۽ هيٽر جا بل به ڪو ٻيو ڏيندو هو. جي آءِ ٽي پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته بلاول فيملي جو هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ماهوار خرچ ان ڪمپنين مان ادا ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪراچي ۽ لاهور جي بلاول هائوسز جي اڏاوت لاءِ به جعلي اڪائونٽس مان رقم منتقل ٿي. عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 31 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
نواز شريف خلاف فيصلي سان سچ سامهون اچي ويو: وزير اعظم
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نواز شريف خلاف فيصلي تي وزير اعظم عمران خان جو به رد عمل سامهون اچي ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته حڪمرانن اقتدار ۾ اچي رڳو دولت بڻائي ۽ نواز شريف جي خلاف سان سچ سامهون اچي ويو آهي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف احتساب عدالت جي فيصلي تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته وزير اعظم عمران خان کي فيصلي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته احتساب جو عمل مڪمل ترقي جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، نواز شريف جي خلاف فيصلي سان سچ سامهون اچي ويو آهي، حڪمرانن اقتدار ۾ اچي رڳو دولت بڻائي، رڳو 10 سالن ۾ 24هزار ارب رپيا قرض ورتو ويو. پر ايتري وڏي قرضي کان پوءِ به عوام جي حالت بدلي نه سگهي پر ان جي ابتڙ عوام غريب کان غريب ٿيندو ويو.
ڪيڏانهن وٺي پيا وڃو؟ نواز شريف جو جيل انتظاميا کان سوال
اسلام آباد: جڏهن نواز شريف کي پوليس ۽ انتظاميا جيل وٺي وڃڻ جي تياري ڪئي ته نواز شريف اچرج مان هنن کان پڇيو ته کيس ڪيڏانهن پيا وٺي وڃو؟ انتظاميا کيس ٻڌايو ته رات اڊيالا جيل ۾ هوندا ان بعد کيس لاهور منتقل ڪيو ويندو، جنهن تي نواز شريف روبڪار تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر بعد ۾ راضي ٿي صحيح ڪئي، ان بعد کيس پوليس تحويل ۾ اڊيالا جيل موڪليو ويو.
ڪرپشن ناهي ڪئي، ضمير مطمئين آهي: نواز شريف
مشرف وانگر ڊڄندو ناهيان، الله حوصلو ڏيندو آهي
مريم کي امان وٽ ڇڏي آيو آهيان، منهنجي ڀرپاسي بيٺل اڳواڻ پارٽي هلائيندا
اسلام آباد: سزا بعد نواز شريف کان مشرف بابت سوال پڇيو ويو ته جواب ۾ چيائين ته ”حوصلو الله پاڪ ڏيندو آهي، ڊڄندو ناهيان.“ نواز شريف اهو به ٻڌايو ته مريم نواز مون سان گڏ احتساب عدالت اچڻ پئي چاهيو پر مون کيس روڪي ڇڏيو ۽ چيوته مونسان گڏ هلندينءَ ته پريشان ٿيندينءَ. مريم پنهنجي ڏاڏيءَ سان تمام گھڻو پيار ڪندي آهي. مريم کي چيم ته منهنجي امڙ سان گڏ رهي. منهنجي امڙ روئيندي آهي ته منهنجي دل به روئيندي آهي. هن ننڍي ڀاءُ بابت پڇيل ان سوال ته ”شهباز شريف جيل ۾ آهي، اوهان به جيل وڃي رهيا آهيو ته پويان پارٽي ڪير هلائيندو؟“ جي جواب ۾ چيو ته منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي هن وقت جيڪي اڳواڻ بيٺل آهن اهي پارٽي هلائيندا. نواز شريف اهو به چيو ته ڪڏهن ڪرپشن ناهي ڪئي نه ئي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. منهنجو ضمير مطمئن آهي.
گم ڪيلن جي مسئلي جي حل لاءِ آرمي چيف سان ملڻو پوندو: عمران خان
اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان کنڀيلن جي مسئلي جي حل لاءِ اختر مينگل کي آرمي چيف سان ملاقات جي صلاح ڏني آهي. بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقت ڪيم، هن ٻڌايو گم ڪيلن جي مسئلي جي حل لاءِ آرمي چيف سان ملاقات ضروري آهي، مون چيو مانس ته آرمي چيف سان هر جاءِ ۽ هر وقت ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. هن وڌيڪ چيو ته گم ڪيلن جي مسئلي جو حل ئي بلوچستان جي معاملن جي نبيري جي چاٻي آهي.
شاهد خاقان، مهتاب عباسي ۽ ٻين کي عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت نه ملي
اسلام آباد:مريم اورنگزيب کانپوءِ ن ليگي قيادت راجا ظفرالحق، احسن اقبال، بيريسٽر ظفرالله ۽ ٻيا پهتا جن کي به پوليس اجازت ملڻ کانپوءِ عمارت اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. پر اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، سردار مهتاب عباسي سميت ٻين کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ملي. هڪ موقعي تي سيڪيورٽي اهلڪارن شاهد خاقان عباسي کي چيو ته اوهان اڪيلا اندر وڃو جنهن تي هن انڪار ڪندي چيو ته ”مون سان ويهارو کن ماڻهو آهن انهن کي مون سان گڏ ڇڏيو!“ انتظاميا ان تي انڪار ڪيو ۽ هو تيستائين ٻاهر بيٺو رهيو، جيستائين پوليس ن ليگ جي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ آنسو گئس جو استعمال نه ڪيو.
ڪارڪن نواز شريف کي عدالت وڃڻ کان روڪيندا رهيا
اسلام آباد: ٺيڪ 2 لڳي 15 منٽن تي نواز شريف عدالتي عمارت ۾ داخل ٿيو. گاڏيءَ تي گل ورکا ٿيل هئي ڇو جو ڪارڪنن سندس ڪشمير هاءِ وي تي استقبال ڪيو ۽ کيس عدالت ۾ وڃڻ کان روڪيو،
نواز شريف جي پهچڻ کان 5 منٽ بعد جج فيصلو پڙهڻ شروع ڪيو
اسلام آباد: نواز شريف جي آمد وقت سياسي قيادت لائين لڳائي بيٺي رهي ته نواز شريف کين کيڪاريندو پر ايئن نه ٿيو. نواز شريف گاڏيءَ تان لهي سڌو عمارت اندر وڃي عدالت جي ڪمري ۾ ويٺو. نواز شريف جي ويهڻ کانپوءِ پنج منٽن اندر جج محمد ارشد ملڪ فيصلو پڙهي ٻڌايو
“جائين تو جائين ڪهان” سزا بعد نواز شريف جو شاعراڻو انداز
سمجھيگا ڪون يهان، اي دل ڪهين اور چل، ڍوند لي اب ڪوئي گھر نيا
اسلام آباد: سزا ٻڌڻ کانپوءِ صحافين نواز شريف سان غير رسمي سوال ڪيا جن جي جواب ۾ نواز شريف هڪ شعر پڙهيو ته“جائين تو جائين ڪهان، سمجھيگا ڪون يهان” ۔۔”ان سان گڏ ئي نواز شريف هڪ انڊين فلم جو گانو ڳايو ته “اي ميري دل ڪهين اور چل، ڍوند لي اب ڪوئي گھر نيا”.
ڪرپشن ناهي ڪئي، ضمير مطمئين آهي: نواز شريف
مشرف وانگر ڊڄندو ناهيان، الله حوصلو ڏيندو آهي
مريم کي امان وٽ ڇڏي آيو آهيان، منهنجي ڀرپاسي بيٺل اڳواڻ پارٽي هلائيندا
اسلام آباد: سزا بعد نواز شريف کان مشرف بابت سوال پڇيو ويو ته جواب ۾ چيائين ته ”حوصلو الله پاڪ ڏيندو آهي، ڊڄندو ناهيان.“ نواز شريف اهو به ٻڌايو ته مريم نواز مون سان گڏ احتساب عدالت اچڻ پئي چاهيو پر مون کيس روڪي ڇڏيو ۽ چيوته مونسان گڏ هلندينءَ ته پريشان ٿيندينءَ. مريم پنهنجي ڏاڏيءَ سان تمام گھڻو پيار ڪندي آهي. مريم کي چيم ته منهنجي امڙ سان گڏ رهي. منهنجي امڙ روئيندي آهي ته منهنجي دل به روئيندي آهي. هن ننڍي ڀاءُ بابت پڇيل ان سوال ته ”شهباز شريف جيل ۾ آهي، اوهان به جيل وڃي رهيا آهيو ته پويان پارٽي ڪير هلائيندو؟“ جي جواب ۾ چيو ته منهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي هن وقت جيڪي اڳواڻ بيٺل آهن اهي پارٽي هلائيندا. نواز شريف اهو به چيو ته ڪڏهن ڪرپشن ناهي ڪئي نه ئي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. منهنجو ضمير مطمئن آهي.
ڪيڏانهن وٺي پيا وڃو؟ نواز شريف جو جيل انتظاميا کان سوال
رات توهان اڊيالا جيل ۾ هوندا، بعد ۾ لاهور منتقل ڪيو ويندو: پوليس اهلڪار جو جواب
ن ليگ جي قائد پهرين روبڪار تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو بعد ۾ راضي ٿي ويو
اسلام آباد: جڏهن نواز شريف کي پوليس ۽ انتظاميا جيل وٺي وڃڻ جي تياري ڪئي ته نواز شريف اچرج مان هنن کان پڇيو ته کيس ڪيڏانهن پيا وٺي وڃو؟ انتظاميا کيس ٻڌايو ته رات اڊيالا جيل ۾ هوندا ان بعد کيس لاهور منتقل ڪيو ويندو، جنهن تي نواز شريف روبڪار تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر بعد ۾ راضي ٿي صحيح ڪئي، ان بعد کيس پوليس تحويل ۾ اڊيالا جيل موڪليو ويو.
وارهه ۾ ٻڍڙي ماءُ کي نافرمان پٽ مارڪٽ بعد گهران ڪڍي ڇڏيو
وارھ (ن پ ا) واره جي مٺا ڪالوني واسڻ امڙ کي نافرمان پٽ گهران ڪڍي ڇڏيو ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب واره جي مٺا ڪالوني واسڻ مسمات عالم خاتون لاشاري دانهيو آھي ته سندس پٽ سوجهرو لاشاري غلط صحبت ۾ اچي موالي بڻجي ويو آھي ۽ گهر جي جڳه کپائڻ لاءِ ماڻھو گهر وٺي آيو ته مون گهر کپائڻ کان انڪار ڪندي آيل ماڻھن کي موٽائي ڇڏيو ته مون کي نافرمان پٽ ڌڪ هڻي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي متاثر 75 ورهيه پوڙھي عورت چيو ته مذڪوره جڳه منهنجي نالي ٿيل آھ،جنهن جو رڪارڊ پڻ موجود آھي ڪجه بااثر ماڻهون زوري سستي رقم عيوض گهر خريد ڪرڻ چاهين ٿا هن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان انصاف جو مطالبو ڪيو ته سندس نافرمان موالي پٽ سوجهرو لاشاري کي گرفتار ڪري سندن اجهو کپائڻ کان بچايو وڃي.
نوشهري فيروز ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ مقابلا جاري، يونس ٽيم ميچ کٽي ورتي
يونس ڪرڪيٽ ٽيم مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب کي 94 رنسن تي شڪست ڏني
يوسف قاضي 85 ۽ ڪامران 45 رنسون ٺاهيون، يوسف ميچ جو بهترين رانديگر قرار
نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهري فيروز ۾ سيد مٺل شاهه ميموريل ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا شاندار مقابلا جاري آهن. يونس ڪرڪيٽ ڪلب 94 رنسن تان مهراڻ ڪرڪيٽ کي شڪست ڏئي ڇڏي.
ڊگري ڪاليج جي ميدان تي جاري ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي ميچ ۾ مهراڻ ڪرڪيٽ ٽيم ٽاس فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. دعوت ملڻ تي بيٽنگ ڪندي يونس ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي220 رنسون ٺاھيون. يوسف قاضي 48 بالن تي 85 رنسون ۽ ڪامران 22 بالن تي 45 رنسون ٺاھي نمايان رھيا.
220 رنسن جي جواب ۾ مهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 16 اوورن ۾ 106 رنسن تي ڍير ٿي وئي. يونس ڪرڪيٽ ٽيم جي آصف 4 شڪار ڪيا، جڏهن ته احمد سراج ۽ ڪامران 2-2 وڪيٽون ورتيون.
يونس ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين يوسف قاضي کي 85 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ماٿيلو واسين جو بجلي بندش خلاف ڌرڻو: قومي شاهراهه بند
چنه محلا جا رهواسي روڊن تي نڪري آيا،قومي شاهراهه تي اڌ ڪلاڪ ٽريفڪ معطل
پاڙي جي پنجن ڏينهن کان بجلي بند ، پوليس ڳالھيون ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو
ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) ميرپور ماٿيلو شھر جي چنا محلي جي رھواسين پاران بجلي بند هئڻ خلاف باءِ پاس وٽ قومي شاھراھ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ٽائرن کي باھيون ڏنيون ويون،شھرين جي احتجاج سبب اڌ ڪلاڪ تائين ٽريفڪ معطل ٿي وئي،احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ پ پ اڳواڻ اظھر چنا،شاھزيب چنا ۽ ٻين چيو ته سندن پاڙي جي بجلي 5 ڏينهن کان بند آھي،جيڪا بحال نه پئي ڪئي وڃي،ھنن چيو ته اسان سيپڪو جي ايڪيسئن ۽ ايس ڊي او وٽ ڪيترائي ڀيرا دانھيون آھي پر ڪو به تدارڪ ناھي ڪيو ويو،جنهن کانپوء ھو مجبور ٿي احتجاج ڪري رھيا آھن،بعد ۾ ميرپور ماٿيلو پوليس پھچي شھرين سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو.
خيرپور:مزدوري کان انڪار تي لوڊر ڊرائيور نينگر مٿان گاڏي چاڙهي ماري ڇڏيو
ڪريش پلانٽ تي الهوڌايو بڙدي کي معاوضي کان وڌيڪ مزدوري ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو ويو
نينگر جو هيٺيون ڌڙ چيڀاٽجي ويو،اسپتال نيئندي فوت ،جوابدار فرار ٿي ويو
خيرپور (رپورٽر) ڪريش پلانٽن تي گهٽ عمر جي ٻارڙن کان مزدوري ڪرائڻ جو انڪشاف، هڪ ٻارڙي کي مزدوري نه ڪرڻ تي لوڊر ڊرائيور مٿس لوڊر چاڙهي ڇڏيو، ٻارڙو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪندي فوت، ان ڏس ۾ ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ ڪاشان ڪريش پلانٽ تي 14 ورهين جي ٻارڙي الهوڌيو ولد مشتاق بڙدي کان زبردستي مزدوري ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ننيگر الهوڌايو بڙدي کي معاوضي کان وڌيڪ مزدوري ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو ويو جنهن تي هن جواب ڏنو ته لوڊر ڊرائيور ڪاوڙ ۾ اچي سندس مٿان ڏمرجي پيو ۽ سندس مٿان لوڊر چاڙهي ڇڏيو ،جنهن سبب ٻارڙي جو هيٺيون ڌڙ چيڀاٽجي ختم ٿي ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪوٽ بنگلو جي مقامي اسپتال ۾ آندو ويو،پر اتي سهولتن جي کوٽ سبب کيس سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو پئي ويو ته ٻارڙي رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. ان کان اڳ فوت ٿي ويل ٻارڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو هيو ته ڪاشان ڪريش پلانٽ تي لوڊر هلائيندڙ ڊرائيور سلامت مڱڻھار ڪافي عرصي کان ناانصافيون ڪندو رهندو آهي ۽ مون کي حد کان وڌيڪ مزدوري ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندو آهي اهڙي شڪايت مون مالڪن کي به ڪئي پر ان جي باوجود کيس ڪجھ به نه چيو ويو ۽ هن ڪاوڙ ۾ اچي مون مٿان لوڊر چاڙهي مون کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. ڪوٽڏيجي پوليس متاثرن کان تفصيل وٺڻ بعد واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.
ڪراچي ۾ دڪاندارن جو ميئر خلاف ڌرڻو
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ جي دڪاندارن ميئر ڪراچي وسيم اختر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڪراچي پريس ڪلب پهتل ايمپريس مارڪيٽ جي دڪاندارن دانهيو ته ميئر ڪراچي اجائي واويلا ڪري رهيو آهي ته ايمپريس مارڪيٽ ۾ ڊاهي پٽ ڪيل دڪانن تي منشيات وڪرو ڪيو ويندو هو. هنن مطالبو ڪيو ته ميئر ڪراچي خلاف ڪارروائي ڪري آپريشن متاثر دڪاندارن جي سهائتا ڪئي وڃي.
زرداري مافيا خوشحال سنڌ کي بدحال بڻائي ڇڏيو:قادر مگسي
زرداري مافيا سنڌ جي خزاني ۽ زمينن کي مال غنيمت سمجهي ڦرلٽ ڪري رهي آهي
قومپرستن پاران اليڪشني سياست نه ڪرڻ سبب ڀوتار سياست تي حاوي ٿي ويا
ٽنڊوالھيار (رپورٽر)ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ ۾ زرداري مافيا جي حڪومت شاهوڪار سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري سنڌ واسين کي بک ۽ بدحاليءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌ عالمي يتيم خانو بنائڻ لاءِ حڪومتون مٽائيندڙ حڪمران پنهنجي حقيقي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ تي ڌارين جي لوڌ موڪلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارين سازشن ۾ رُڌل آهن. چمبڙ م واپاري ايسوسيئيشن پاران ڏنل آجياڻو م صحافين سان ڳالھندي چيو ته سنڌ حڪومت تي قابض زرداري مافيا سنڌ جي خزاني ۽ زمينن کي مال غنيمت سمجهي ڦرلٽ ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڌارين کي شناختي ڪارڊ نه ڏيڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌ حڪومت جو موقف چٽو ناهي تنهن ڪري اسين سمجهون ٿا ته عمراني حڪومت ۽ زرداري مافيا گڏجي سنڌ جي معاملن کي منجهائي رهيا آهن.
قومپرستن پاران اليڪشني سياست نه ڪرڻ سبب ڀوتار اليڪشني سياست تي حاوي ٿي ويا آهن ۽ جاگيرادري نظام سبب سنڌ ۾ قومپرست ڪاميابي نٿا ماڻين. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي روين بابت تحفظات آهن. جنهنڪري گڏجڻ بدران هڪ ئي مقصد تي الڳ الڳ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، گهارو ۽ ڳاڙهو ۾ قديم ڳوٺن جي زمينن تي حڪومتي سرپرستيءَ ۾ قبضا مافيا قبضا ڪري مقامي ماڻهن کي بيدخل ڪرڻ وارين سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪنداسين.
فيصل آباد ڀرسان 5 ڪروڙ سال قديم مڇين جا پنڊ پهڻ دريافت
ڪوهاٽ جي علائقي ڪلڊانا ۾ قديم مڇين جا پنڊ پهڻ هٿ اچڻ تي شهري حيران ٿي ويا
دريافت ڪوهاٽ جي 5 ڪروڙ سال اڳ دريائي لنگهه هجڻ جي شاهدي آهي: ڊاڪٽر خضر سميع
فيصل آباد (دلچسپ نيوز) فيصل آباد مان 5 ڪروڙ سال پراڻين مڇين جا پنڊ پهڻن جي دريافت شهرين کي حيران ڪري ڇڏيو.
هڪ صدي تاريخ رکندڙ فيصل آباد ۾ ڪوهاٽ جي علائقي ڪلڊانا مان 5 ڪروڙ سال قديم مڇين جا پنڊ پهڻ دريافت ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ مقامي جي سي يونيورسٽي ۽ چين جا سائنسدان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
جي سي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر خضر سميع جو چوڻ هو ته دريافت ٿيل مڇين جو واسطو “چني ڊي“ سان آهي، اها دريافت ڪوهاٽ جي 5 ڪروڙ سال اڳ دريائي لنگهه هجڻ جي شاهدي آهي.
هوڏانهن اختيارين جو چوڻ هو ته مڇين جي پنڊ پهڻ تي وڌيڪ تحقيق لاءِ جي سي يونيورسٽي ۾ خاص ليبارٽري قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪوهاٽ ۾ چيني اڪيڊمي آف سائنس جي مدد سان ان سلسلي ۾ ٽن سالن جو هڪ پراجيڪٽ به شروع ڪيو ويندو.