fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌ خوراڪ کاتو آبادگارن لاءِ قرض کڻي ڪڻڪ خريداري ڪندي پاڻ 104- ارب جو قرضي ٿي ويو!

خوراڪ کاتي هر سال آبادگارن کان مجموعي پيداوار جي 30 سيڪڙو جي حساب سان هڪ ڪروڙ 20 لک ٻوريون خريد ڪرڻ جو پابند

صوبائي خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ خريداري لاءِ نيشنل بينڪ ۽ سنڌ بينڪ کان قرض کڻڻ سبب ساليانو 14 لک وياج ڀرڻ تي مجبور

ڪراچي: سنڌ جو خوراڪ کاتو آبادگارن لاءِ قرض کڻي ڪڻڪ خريد ڪندي بئنڪن جو 104 ارب رپين جو قرضي بڻجي ويو آهي. کاتي کي هر سال صرف وياج تي 14 لک رپيا ادا ڪرڻا پون ٿا، سنڌ جو خوراڪ کاتو هر سال آبادگارن کان هڪ ڪروڙ 10 لک کان هڪ ڪروڙ 20 لک جي لڳ ڀڳ ٻوريون خريد ڪندو آهي، جيڪو سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ جو 30 سيڪڙو هوندو آهي. آبادگارن کي بارداڻو ڏيڻ کان وٺي ڪڻڪ کڻي گدامن ۽ سينٽرن تائين پهچائڻ تائين سنڌ جي خوراڪ کاتي کي هر ٻوريءَ تي هڪ سئو رپيا وڌيڪ ادا ڪرڻا پون ٿا، اهڙي ريت سنڌ جي خوراڪ کاتي کي اها ٻوري چار مهينا مختلف گدامن ۾ رکڻ بعد ساڳئي اگهه تي فلور ملن ۽ اٽي چڪين کي ڪوٽا تحت وڪرو ڪرڻي پوي ٿي. هر سال توڙي جو ڪڻڪ جو امدادي اگهه الڳ هجي ٿو. خوراڪ کاتي وٽ ڇاڪاڻ ته پنهنجا پئسا ناهن، تنهن ڪري کاتو پهرين نيشنل بئنڪ ۽ هاڻي سنڌ بئنڪ کان هر سال قرض کڻي سنڌ جي آبادگارن کان ڪڻڪ وٺندو آهي، اهو قرض گڏ ٿي هاڻ 104 ارب رپيا ٿي ويو آهي، جنهن جو وياج ئي هر سال 14 ارب رپيا خوراڪ کاتو بئنڪن کي ادا ڪري ٿو.

اينٽي ڪرپشن نوٽيس ڏنو آهي، قانون موجب سهڪار ڪنداسين: سيڪريٽري

ڪراچي: سيڪريٽري مائينز اينڊ منرل چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم ڊي جي ڏانهن نوٽيس اماڻيو آهي، مون کان مدد ورتي وئي ته رڪارڊ ڏيارڻ ۾ ساڻن قانون موجب هر سهڪار ڪندس. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري مائينز اينڊ منرل شمس الدين سومرو رابطو ڪرڻ تي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن جي اختيارين ڊائريڪٽر جنرل مائينز اينڊ منرل کان رڪارڊ ورتو آهي. مون سان ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم پاران مون کان ڪا مدد ورتي وئي ته رڪارڊ ڏيارڻ ۾ مان ساڻن سهڪار ڪندس.

ليز بااثر سياستدانن جي مائيٽن کي ڏيڻ جا اطلاع

پهاڙن جي ڪٽائي به قانون جي ابتڙ ڪئي وڃي ٿي

ابن شاھ، درگاھ ابراهيم آدم سلطان ۽ ٻين جاين تي هيوي مشينري جو استعمال

ڪراچي: ليز بااثر سياستدانن جي ويجھن ماڻهن ۽ سندن سفارشين کي ڏنا وڃن ٿا، قانون موجب پهاڙن جي ڪٽائي به نه ٿي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته روهڙي رينج ۾ ايندڙ خيرپور ضلعي جي علائقن ابن شاھ، درگاھ ابراهيم آدم سلطان ۽ ٻين هنڌن تي موجود پهاڙون هيوي مشينن سان ڪٽي پٿرن جو وڏو ڪاروبار ڪيو وڃي ٿو. ذريعن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته بااثر سياستدانن جي ويجھن ماڻهن کي آساني سان ليز ملي وڃي ٿي. جنهن بعد قانون جي ابتڙ پهاڙن جي ڪٽائي ڪئي ويندي آهي. پر ان باوجود مائينز اينڊ منرل کاتي جي اعليٰ اختيارين قانون کي حرڪت ۾ نه ٿيون آڻين.

خيرپور ۾ جبلن جي غيرقانوني ليز، رائلٽي جي مد ۾ ڪرپشن، اينٽي ڪرپشن پاران جاچ شروع

اينٽي ڪرپشن کاتي مائنز اينڊ منرل کاتي جي اختيارين کان 20 سالن دوران ٿيل ليز، بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل گھري ورتا

مائنز اينڊ منرل کاتي جي عملدارن خلاف علائقي ۾ نڪرندڙ پٿر ۽ بجري جي جي غيرقانوني لائسنس جاري ڪرڻ جي به جاچ

ڪراچي: خيرپور ضلعي ۾ پهاڙن جي غيرقانوني ليز ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رائلٽي جي مد ۾ به مائينز اينڊ منرل کاتي جي اختيارين پاران روزانو لکين روپين جا گھپلا، اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڊي جي مائينز اينڊ منرل کي جاچ ٽيم پاران 20 سالن ۾ ٿيل ليز، بئنڪ اڪائونٽ، رائلٽي ۽ ضلعي ۾ سائيٽن جي تفصيلن سميت طلب ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين پاران خيرپور ضلعي جي پهاڙي علائقن مان نڪرندڙ پٿر ۽ بجري جي رائلٽي جي مد ۾ مبينا طور روزانو ٿيندڙ لکين روپين جي گھپلن ۽ غيرقانوني طور من پسند ماڻهن کي لائسنس جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين پاران ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي ) مائينز اينڊ منرل ڏانهن نوٽيس اماڻي کيس طلب ڪري ورتو آهي. جڏهن ته 1997ع کان هلندڙ مهيني تائين يعني 20 سالن جو سمورو رڪارڊ پڻ گھرائي ورتو آهي. مائينز اينڊ منرل کاتي ڏانهن اماڻيل نوٽيس ذريعي اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم پاران 20 سالن دواران لائسنس لاءِ درخواستگذارن جا تفصيل، رائلٽي جي مد ۾ ملندڙ رقم، ڄاڻايل عرصي ۾ جاري ڪيل لائسنس، بئنڪ اڪائونٽ جا تفصيل ۽ آڊٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

نواز شريف کي سزا، نوابشاهه ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن مٺائي ورهائي

نوابشاهه: ( رپورٽر) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي سزا ملڻ تي نوابشاهه پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪاشف قريشي جي قيادت ۾ پنهنجي آفيس کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو ۽ پنهنجي آفيس پهچي ڪارڪنن ۾ مٺائي ورهائي وئي، ان موقعي تي ڪاشف قريشي چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪندڙن کي سزائون ملي رهيون آهن جن جن ملڪ کي لٽيو آهي انهن سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي هي نئون پاڪستان آهي نئين پاڪستان ۾ ڪرپشن برداشت نه ڪبي اهو اسان جي قائد عمران خان جو پاڪستاني عوام سان واعدو ٿيل آهي، ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪيو ويندو.

اڄ قائد اعظم جو جنم ڏينهن ۽ ڪرسمس ڊي، ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڄ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي جڏهن ته عيسائي برادري پاران پنهنجو مذهبي ڏڻ ڪرسمس ڊي پڻ اڄ ملهايو پيو واڃي. ٻنهي ڏهاڙن کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام طرفان يوم قائداعظم ۽ ڪرسمس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم لاڳاپيل ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن حساس علائقن ۾  چرچن ۽ گرجا گهرن تي پوليس ڪمانڊوز مقرر ڪيا وڃن ، ان سان گڏوگڏ پوليس گشت ۽ اسنيپ چيڪنگ وڌائي وڃي. آءِ جي سنڌ چيو آهي ته ناڪابندي ڪري گاڏين جي تلاشي وٺڻ سميت انٽيليجنس رابطن کي به وڌايو وڃي.

پهريون فيصلو آهي، جيڪو بند ڪمري ۾ ٻڌايو ويو: شاهد خاقان

عدالتن جو احترام آهي پر فيصلا عوام ۽ تاريخ قبول نه ٿي ڪري: اڳوڻو وزيراعظم

ڪي به ثبوت ناهن، نوازشريف کي ٻئي ڪيس ۾ به بري ڪرڻ گهرجي ها: شاهد خاقان

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پهريون فيصلو آهي، جيڪو بند ڪمري ۾ ٻڌايو ويو، عدالتن جو احترام آهي پر فيصلا عوام ۽ تاريخ قبول نه ٿي ڪري، ٻنهي ڪيسن ۾ نوازشريف کي بري ڪرڻ گهرجي ها. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي فيصلي بعد ردعمل ظاهر ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان سمجهيون ٿا ته نوازشريف کي ٻئي ڪيس ۾ به بري ڪرڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته العزيزيه ڪيس ۾ نه ڪي ثبوت آهن ۽ نه ئي شاهد آهن. شاهد خاقان عباسي چيو ته هي پهريون فيصلو آهي، جيڪو بند ڪمري ۾ ٻڌايو ويو، اڄ هٿ ٺوڪي جمهوريت آهي، ٻنهي ڪيسن ۾ ڪرپشن ثابت ناهي ٿي، عدالتن جو احترام آهي پر فيصلا قوم ۽ تاريخ قبول نه ٿي ڪري هن چيو ته احتساب عدالت جي فيصلي تي تمام گهڻا شڪ پيدا ٿين ٿا، پر اپيل اسان جو حق آهي، اسان سدائين عدالتن جو رستو اختيار ڪيو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ڪفن پوش ليگي ڪارڪنن جي نعريبازي

انتظاميا سيڪيورٽي ڪليئرنس کانسواءِ نواز شريف کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو: طارق فضل

اسلام آباد (رپورٽر) نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز تي فيصلو جاري ٿيڻ کان اڳ وڏي تعداد ۾ نواز ليگ ڪارڪن اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهرا گڏ ٿي ويا. عدالت ٻاهران نواز ليگ نواز ليگ ڪفن پوش ڪارڪنن مظاهرو ڪيو ۽ نواز شريف جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي. اُن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري چيو ته عدالتي فيصلي کان اڳ اسلام آباد انتظاميا سان رابطو ڪيو ويو، پر انتظاميا نواز شريف کي سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ کانسواءِ ٻاهر نڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. نواز ليگ اڳواڻ چيو ته اسلام آباد انتظاميا عدالتي عملدارن سان رابطو ڪرڻ بعد ٻڌايو ته فيصلي ۾ دير آهي.

سنڌ سرڪار مختلف کاتن ۾ فوتي ڪوٽا تحت 254 ڀرتيون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، فوتي ڪوٽا تي ڀرتين جو فيصلو ڪيو ويو

اسڪول ايجوڪيشن ۾ 150، صحت کاتي ۾ 38 ۽ گهرو کاتي ۾ 34 ملازم ڀرتي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي ساهه جي صدارت هيٺ ٿيل فيصلي ۾ فوتي ڪوٽا تي 254 ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ،جڏهن ته معذور ڪوٽا تي به عمل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي .اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ 150 ، صحت کاتي ۾ 38 ۽ گهرو کاتي ۾ 34 ملازم ڀرتي ڪيا ويندا. چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه جو چوڻ هو ته فوتي توڙي معذور ڪوٽا ۾ هاڻ بلڪل به دير برداشت نه ڪنداسين .هن چيو ته ڀرتين واري عمل کي مڪمل طور تي شفاف بنايو ويندو .اجلاس ۾ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽريز به شرڪت ڪئي .

سنڌ حڪومت جو ملڪيتن جي ٽئڪس وصولي لاءِ ڪورٽس قائم ڪرڻ جو فيصلو

گيسٽ هائوسز سميت واپاري ۽ خانگي اسڪولن کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ جي هدايت

ٽئڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري صوبائي عدالتن ڏانهن اماڻبا: مڪيشن ڪمار چاولا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جائيدادن جي ٽئڪس وصولي لاءِ ٽئڪس ڪورٽس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا طرفان ڪالهه ڪوٺايل هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ منشيات ٽوڙ عبدالرحيم شيخ، ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن شبير احمد شيخ، ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٽيڪسز ون ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو جائيداد يونٽن جي سڃاڻپ ڪرائين ۽ گيسٽ هائوسن سميت واپاري ۽ خانگي اسڪولن کي جائيداد واري ٽيڪس جي دائري ۾ آڻين. هن وڌيڪ چيو ته کاتي جا آفيسر ۽ جائيداد ٽيڪس واري عملي جو رهتون اوڳاڙڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش تيز ڪن ۽ ايندڙ اجلاس ۾ هو نتيجا ڏسڻ گهري ٿو. ان موقعي تي صوبائي وزير عملدارن جو آفيسن ۾ نه هجڻ وارين خبرن جو نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر جنرل کي هدايت ڏني ته هو اهڙن آفيسرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪن ۽ آفيس ۾ حاضري کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا آفيسرن تي زور ڀريو ته هو پنهنجين لاڳاپيل علائقن ۾ انهن جائيدادن جي نشاندهي ڪن جنهن کي اڃان تائين ٽيڪس جي دائري ۾ آڻيو نه ويو آهي. هن چيو ته ڪوبه قانون کان مٿانهون نه آهي ۽ خزاني ۾ ريوينيو گڏ ڪرائڻ لاءِ آفيسر پنهنجون ڪوششون تيز ڪن. اجلاس ۾ جائيداد ٽيڪس جي بهتر وصولي لاءِ ٽيڪس ڪورٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز ٽيڪسيشن شبير احمد شيخ صوبائي وزير کي جائيداد ٽيڪس جي وصولي ۽ آفيسرن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ وٺندڙ اُپائن بابت ڄاڻ ڏني.

پاناما جي آءِ ٽي جو سربراهه واجد ضيا آءِ جي ريلوي پوليس ٿي ويو

اسلام آباد ( م ڊ ) پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضيا ريلوي پوليس جي آءِ جي جو عهدو سنڀالي ورتو. آءِ جي ريلوي پوليس جي مقرري بعد واجد ضيا عهدي جي چارج سنڀالي ورتي، جنهن دوران ڊي آءِ آپريشنز شارق جمال خان کيس ريلوي پوليس جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي واجد ضيا جو چوڻ هو ته ريلوي پوليس جي بهتري لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندس. 21 هين گريڊ جي آفيسر واجد ضيا جي ايف آءِ اي مان ريلوي پوليس ۾ بدلي ڪئي وئي هئي، ايف آءِ اي ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ دوران واجد ضيا کي پاناما ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جو سربراهه بڻايو ويو هو.

آصف زرداري سميت سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجھڻ جي اپيل، گھرو کاتي کي درخواست ڏيو: چيف جسٽس

لاهور: جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي عدالت کي درخواست ڪئي ته آصف زرداري سميت ڪيس ۾ ملوث سڀني ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان گهرو کاتي کي درخواست ڏيو، اي سي ايل بابت اهي فيصلو ڪندا.

نواز شريف جي پهچڻ کان 5 منٽ بعد جج فيصلو پڙهڻ شروع ڪيو

اسلام آباد: نواز شريف جي آمد وقت سياسي قيادت لائين لڳائي بيٺي رهي ته نواز شريف کين کيڪاريندو پر ايئن نه ٿيو. نواز شريف گاڏيءَ تان لهي سڌو عمارت اندر وڃي عدالت جي ڪمري ۾ ويٺو. نواز شريف جي ويهڻ کانپوءِ پنج منٽن اندر جج محمد ارشد ملڪ فيصلو پڙهي ٻڌايو

ثابت ٿيو ته نواز شريف ڪرپشن جو گاڊ فادر آهي: خرم شير زمان

ڪراچي: تحريڪ انصاف  ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان چيو آهي ته عدالتي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته نواز شريف ڪرپشن جو گاڊ فادر آهي. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو پهريون مقصد ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو آهي. وزير اعظم عمران خان جي ڪرپشن جي خلاف جنگ تيزي سان جاري آهي. خرم شير زمان چيو آهي ته ملڪ کي نقصان رسائيندڙن هر شخص جو احتساب ٿيندو، احتساب جو آغاز نواز شريف کان ٿي چڪو آهي، ڪرپشن جو گاڊ فادر نواز شريف کان پوءِ هاڻ گاڊ فادر زرداري جو وارو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته جلد ئي پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري به اڊيالا جيل ۾ هوندو.

“مون کي ڪوٽ لکپت ۾ رکو” نواز شريف جي عدالت کي درخواست

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد جي احتساب عدالت طرفان نواز شريف کي اڊيالا کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. فيصلو جاري ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث درخواست داخل ڪئي ته نواز شريف کي اڊيالا جيل بدران ڪوٽ لکپت جيل ۾ رکيو وڃي. عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.