لاڙڪاڻو(رپورٽ نادرابڙو) لاڙڪاڻي ۾ آپڪا پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن سان واسطو رکندڙ تعليم، پاپوليشن، آبپاشي، لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي سميت ٻين کاتن جي ڪلارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي نعريبازي ڪندا رهيا. ان موقعي تي ڊويزنل صدر رفيق احمد جتوئي، قمبر شهدادڪوٽ جي صدر غلام مصطفيٰ بليدي، آپڪا پاپوليشن جي صدر محمد پيرل دايو، عبدالنبي دايو، اعجاز ميراڻي، مسڪين ڀٽو، محمد ڪامل سرگاڻي ۽ ٻين چيو ته هن وقت تائين گريڊ هڪ کان 16 جي سرڪاري ملازمن جي اولادن کي نوڪريون نه ملي سگهيون آهن ۽ نه ئي سرڪاري ملازمن جي رهيل ڪيڊرن کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، يوٽيلٽي الائونس، پگهارن ۽ پينشن ۾ مهانگائي جي تناسب سان واڌ، ايف بي گروپ انشورنس، پروموشن سميت ٻيا جائز مطالبا منظور ناهن ڪيا ويا جڏهن ته ادارن ۾ ڪچن ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي هن وقت تائين لاڙڪاڻه ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن جون رهيل پگهارون جاري ڪري آن لائين ڪيون ويون آهن. ملازمن سنڌ جي وڏي وزير، سيڪريٽري سنڌ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻي صورت سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
پوليس بنا جواز چڙهائي ڪري ڀاتين تي تشدد بعد نوجوان مور پهنور کي کڻي وئي: ڳوٺاڻا
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) تعلقي قمبر جي ڳوٺ علي بخش پنهور جي رهواسين پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نعمان پنهور الزام لڳايو ته 15 ڊسمبر جي شام ماهي مڪول ٿاڻي جي پوليس ايس ايڇ او عبدالغفور چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ گهر تي چڙهائي ڪري گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ پٽ مور پنهور کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس ڀڃ ڊاهه ڪري بندوق، ٻه ڪڪڙ، 52 هزار روڪ رقم، ٻه تولا سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي وئي.
بعد ۾ پوليس پٽ جي آزاديءَ لاءِ 50 هزار روپيه رشوت طلب ڪئي.
نه ڏيڻ جي صورت ۾ هن منهنجي ٻن پٽن راحب علي مور علي پنهور مٿان الڳ الڳ ايف آءِ آرون داخل ڪيون آهن. هنن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته داخل ڪيس ختم ڪري پوليس چڙهائي دوران کڻي ويل سامان واپس ڪرائي ايس ايڇ او ماهي مڪول عبدالغفور چانڊيو، اي ايس آءِ منور لاهوري ۽ پوليس اهلڪار پيرل چانڊيو خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
ڪوٽڙي: ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ميمبر ڊاڪٽر ڀون مل،محمد علي سمون ،محسن عاقلاڻي،جوجي خاصخيلي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ضلع ڪائونسل جي چئيرمين جي ڪارڪردگي مان مطمن آھيون اسان کي جيڪي اسڪيمون مليون آھن ان جي سروي ڪري ضلع ڪائونسل جي چئيرمين حوالي ڪئي آھي اميد ته جلد انهن اسڪيمن تي ڪم ٿيندو ميمبرن چيو ته اسان جي ڪائونسل کي اڳوڻي سنڌ حڪومت ۾ اسڪيمون نه ملڻ ڪري مشڪلاتون پيدا ٿيون پر هاڻ اميد آھي ته هن ڀيري ڪم ٿيندا.
ڪوٽڙي: اجلاس ۾ آراضي سان تعلق رکندڙ عورت ميمبر سلطان گنڀير ڪم نه ٿيڻ تي گيت ڳائيندي پنهنجي شڪايت رڪارڊ ڪرائي ته ادا تون ڪير آھين اسان کي توهان سيوهڻ مان ڇو گهرايو الله الله ، هو هو اسان کي اجلاس ۾ ڇو گهرايو ويو ،ڇو گهرايو ويو، اسان جا مسئلا حل ناهن ٿيندا ته اجلاس ۾ ڇو گهرايو ويو،اجلاس ۾ عورت ميمبر چيو ته 52 ڪروڙ .32 لک ڪيڏانهن ويا ڪٿي خرچ ٿيا اسان کي اجلاس ۾ ڇو گهرايو ويو،عورت ميمبر چيو ته اسان کي اجلاس ۾ پاڻي جي بوتل ملي ٿي پر چانھ جو ڪوپ ملي ناهي سگهيو، جنهن تي ٽاڪڙو مچي ويو.
ڪوٽڙي تعلقي لاءِ 4 ڪروڙ 76، لک، ٿاڻي بولا خان لاءِ 4 ڪروڙ 69 لک، مانجھند لاءِ 4 ڪروڙ 88 لک منظور ڪيا ويا
سيوهڻ لاءِ 4 ڪروڙ 20 لک رپين جون اسڪيمون منظور، ميمبرن پاران گذريل اسڪيمن جا ٽينڊر جاري نه ٿيڻ جون دانهون
ڪوٽڙي: گذريل سال جا ٽينڊر جاري نه ٿي سگھيا آهن، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل پاران 18 ڪروڙ جون نيون اسڪيمون منظورڪيون ويون آهن. ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جو اجلاس ضلع چئيرمين ملڪ شاهنواز جي صدارت هيٺ شروع ٿي ويو آھي، اجلاس ۾ 27 ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جو وائيس چئيرمين صادق شورو پهچي نه سگهيو. اجلاس ۾ گذريل سال جي اجلاس جي ڪاروائي جي بحالي، هلندڙ مالي سال 2018.19 ۾ ميمبرن پاران ڏنل اسڪيمن جي بحالي ۽ ٻين مسئلن بابت ڏنل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ اسڪيمن تي خرچ جو ڪاٿو 18 ڪروڙ 36 لک 79 هزار رکيو ويو آھي اجلاس ۾ ضلع ڪائونسل جي چئيرمين ملڪ شاهنواز ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسڪيمن ۾ ضلعي جي سڀني ميمبرن کي برابري جي بنياد تي اسڪيمون ڏنيون آھن ٿاڻي بولاخان تعلقي لاء 4 ڪروڙ ،69.لک،63 هزار رکيا آھن اهڙي طرح ڪوٽڙي تعلقي لاء 4 ڪروڙ 76 لک 29 هزار ،مانجهند تعلقي لاء 4 ڪروڙ 88 لک ،78 هزار،سيوهڻ تعلقي لاء 4 ڪروڙ ،2 لک ،80 هزار مختص ڪيا آھن ميمبرن اسڪيمون فائنل ڪري ڏنيون آھن انهن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو،اجلاس ۾،ميمبرن سلطانه گنڀير،پير بخش ڇڇر،سسئي راجپر،زمان کوسو ،۽ ٻين ميمبرن اجلاس ۾ گذريل ٽن سالن ۾ ڪم ڪار نه ٿيڻ توڙي پنهنجي تڪن ۾ پيئڻ پاڻي جي کوٽ،اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ،گندگي توڙي ترقياتي اسڪيمون نه ڏيڻ ۽ آفيسرن پاران نظر انداز ڪرڻ جون دانهون ڪيون ويون ،اجلاس ۾ ميمبرن آفيسرن جي غيرموجودگي تي دانهيدي چيو ته جڏهن اجلاس ۾ آفيسر ناهن ته پنهنجا مسئلا ڪنهن آڏو پيش ڪيو آفيسر ضلعي ۾ پنهنجي من ماني هلائن پيا خالي پنهنجا ڪم ڪن ٿا باقي عوام جو ڪجھ به نٿو ٿئي. اجلاس ۾ ميمبرن سلطان کنڀير،سسئي راجپر،پير بخش ڇڇر،زمان کوسو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو گذريل ٽن سالن جو اسڪيمون اسان جو ڪيڏانهن ويون ان تي توج ڇو نه ڏني وئي اسان کي عوام ووٽ ڏئي ڪائونسل ۾ پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاء موڪليو آھي اسان هڪ به عوام جو هن نظام ذريعي ڪم ناهي ڪيو ووٽرن کي ڪهڙو جواب ڏينداسين ،اجلاس ۾ ميمبر ڊاڪٽر ڀون مل اسڪيمون نه ملڻ واري معامري تي ايوان جي ميمبرن کي آگاھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڄاڻايل ميمبرن ڊاڪٽر ڀون مل کي مداخلت ڪرڻ کان روڪيندي ضلع چئيرمين کان اسڪيمون نه ملڻ تي جواب گهريو ، اجلاس ۾ ميمبرن پاران گذريل سال واري اسڪيمن جا ٽينڊر نه ٿيڻ تي دانهون پڻ ڪيون. ميمبر نبي بخش بوزدار ڳالهائيندي چيو ته چار سال مڪمل ٿيڻ وارا آھن اڳ به اسڪميون ورتيون ويون پر انهن تي عمل نه ٿيو . هن چيو ته گذريل وقت ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، سال کان پوء عوام ڏانهن وڃڻو آهي، هن دفي ٽينڊر نه ٿيا ته استعفا ڏئي ڇڏيندس. ،جنهن بعد ضلع ڪائونسل جي چئيرمين ملڪ شاهنواز ايوان کي ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن ۾ اسان جو اسڪيمون سرڪار منظور نه ڪيون جنهن ڪري اسڪيمن تي ڪم ٿي نه سگهيو اسان جي ڪائونسل کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويو. هن اجلاس ۾ اسان ترقياتي اسڪيمن لاء 18.ڪروڙ ،36لک،79 هزار منظور ڪيا آھن ايندڙ اجلاس ۾ هيلٿ لاء رکيل بجٽ به خرچ ڪري ضلع ڪائونسل جي ماتحت هلندڙ ڊسپينسرين کي دوائون فراهم ڪنداسين.
خيرپورناٿن (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ باءِ پاس وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر موٽر سائيڪل سوار پوليس اھلڪار نظير ولد محمد ھاشم کوسو شديد زخمي ٿي پيو، جنھن کي تعقا اسپتال خيرپورناٿن شاھ آندو ويو جتي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻا اسپتال موڪليو ويو جڏھن ته ڪار ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو ڪار پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو .
حيدرآباد: فيبروري 2017ع کان جون 2017 تائين سنڌ جي 18 ضلعن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ 428 ملين روپيا آيا هئا ۽ ان دور ۾ مهانگائي جو جواز ڄاڻائي چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس فريد صديقي ٺيڪيدارن کي 10 سيڪڙو اضافي ادائيگي ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو هو، جنهن تي اها جاچ نگران حڪومت ۾ شروع ڪئي وئي هئي.
اضافي ريٽ لڳائي رقم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي
حيدرآباد: ضمير عباسي جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جنهن وقت ٺيڪيدارن کي ٺيڪن تي 10 سيڪڙو اضافي رقم ڏني وئي هئي، ان وقت گهربل سامان سستو هو پر ان جي باوجود اضافي ريٽ لڳائي رقم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي.
چيف انجنيئر تي 428 ملين رپين جي ڪرپشن جو الزام، اينٽي ڪرپشن جي عملدارن جاچ مڪمل ڪري حوالي ڪئي
ڪجهه اعليٰ عملدارن رپورٽن تي عمل نه ڪيو، ٻيهر جاچ ڪرائي جوابدارن کي فائدو پهچاڻ جي ڪوشش
حيدرآباد: سنڌ ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ 42 ڪروڙ 80 لک روپين جي رقم ۾ گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، اها رقم سنڌ جي 18 ضلعن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت جي حوالي سان ايجوڪيشن ورڪس کاتي کي ملي هئي، جنهن جي جاچ تي سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي جا ڪجهه آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويا آهن، جڏهن ته کاتي جا ٻيا آفيسر هن ڪيس کي ثابت ڪرڻ لاءِ سرگرم بڻيل آهن، اينٽي ڪرپشن کاتي جي ذريعن وٽان مليل دستاويزن موجب سنڌ جي ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ 2017ع جي شروعات ۾ ٺيڪيدارن کي مختلف اسمن جي مد ۾ 10 سيڪڙو اضافي رقم ادا ڪئي وئي، جنهن تي هڪ غيرسماجي تنظيم اينٽي ڪرپشن کاتي کي خط لکيو ته ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي چيف انجنئر فريدالدين صديقي انهن ٺيڪن جي مد ۾ 428 ملين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، هن درخواست جي بنياد تي چيف سيڪريٽري سنڌ جاچ جي منظوري ڏني، ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ون هيڊڪوارٽر ضمير عباسي کي هن معاملي جي جاچ جو آفيس مقرر ڪيو، ذريعن موجب ضمير عباسي 15 آگسٽ 2018ع تي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ فيبروري 2017ع کان جون 2017ع تائين ٿيل ٺيڪن جي مد ۾ 42 ڪروڙ 80 لک روپين جي ڪرپشن ٿي آهي، پنهنجي رپورٽ ۾ هن سفارش ڪئي آهي ته ان ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري، کين گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڪجهه بالا آفيسرن ان رپورٽ تي عمل ڪرڻ بدران اها جاچ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (اي) سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد جي عرفان علي ارباب جي حوالي ڪئي، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ لاڳاپيل عملدارن کي ڪرپشن ڪرڻ کان آجو قرار ڏيندي، پنهنجي بالا آفيسرن ڏانهن اماڻيل رپورٽ ۾ ذميوارن خلاف صرف کاتيوار ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي، ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليگل رضوان احمد ترمزي پاران ضمير عباسي جي رپورٽ کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اعليٰ عملدارن ڏانهن اماڻڻ بدران پاڻمرادو معاملي جي ٻيهر جاچ هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان ارباب حوالي ڪئي، جڏهن ته قانون مطابق اها جاچ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي معرفت اماڻڻ گهرجي ها، پر ذاتي مفادن خاطر اها انڪوائري سڌي ريت هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڏانهن اماڻي وئي، ذريعن موجب هن معاملي تان اينٽي ڪرپشن جي عملدارن وچ ۾ شديد اختلاف هلندڙ آهن ۽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذاڪر سمون، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان علي ارباب جي جاچ تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد کان ليگل اوپينئن وٺڻ بعد هن ڪيس جي جاچ ٻيهر شروع ڪرائي آهي ۽ سرڪل آفيسر حيدراباد شير محمد سانگي کي جاچ حوالي ڪندي، کانئس 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي. ذريعن موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڏانهن اماڻيل ليگل اوپينيئن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل ڄاڻايو آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ضمير عباسي جي رپورٽ ميرٽ ۽ ثبوتن تي ٻڌل هئي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان علي ارباب جي جاچ رپورٽ جوابدارن کي فائدو ڏيڻ لاءِ جوڙي وئي آهي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي آهي ته ضمير عباسي جي رپورٽ جي روشني ۾ هن ميگا ڪرپشن جو ڪيس جوابدارن خلاف داخل ڪيو وڃي.
هٿياربندن استاد غلام مصطفيٰ جھتيال تي حملو ڪيو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل
گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ ٻڍو جهتيال ۾ هٿياربندن حملو ڪري پرائمري استاد غلام مصطفيٰ جهتيال کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ داخل ڪيو ويو، زخمي استاد جي پٽ راشد جهتيال صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ مان پنهنجي برادري جي ناري سان پسند جو پرڻو ڪيو هيو جنهن تي ٻي ڌر جي وڏيري مبينا طور تي جرڳو ڪري اسان مٿان سڱ چٽي جو ڏنڊ مڙھيو اسان جرڳي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو جنهن تان مڇرجي جوابدارن اصغر علي جهٽيال شبيراحمد جهٽيال ۽ ٻين اسان گهرتي حملو ڪري منهنجي والد کي سخت زخمي ڪيو ۽ گهر ۾ ڀڃ ڊاه ڪئي هن ٻڌايو ته اسان پوليس ماٿيلو چوڪي پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو پر پوليس ڪابه مدد نه ڪئي. ھوڏانھن ڊي ايس پي گهوٽڪي يارمحمد رند واقعي جو نوٽيس وٺندي اي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ھدايت ڪئي تہ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.
حيدرآباد: سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن جي چيئرمين جي گروپ تي ٻڌل ڪاميٽي مالي بحران کي ڪيئن منهن ڏجي جي حوالي سان جلد گڏيل اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ تعليمي بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين محمد ميمڻ تعليمي بورڊ ميرپورخاص، تعليمي بورڊ سکر ۽ تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي چيئرمينن سان رابطا ڪري ورتا آهن، انهن بورڊن جي چيئرمينن جو جلد گڏيل اجلاس حيدرآباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ بورڊن کي درپيش مالي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪري سنڌ حڪومت کي گڏيل طور تي گرانٽ جاري ڪرڻ ڄي درخواست ڪئي ويندي.
حيدرآباد: معلوم ٿيو آھي ته سنڌ حڪومت تعليمي بورڊ حيدرآباد لاءِ گذريل سال مجموعي طور 35 ڪروڙ رپيا مالي گرانٽ منظور ڪئي هئي، جنهن مان سنڌ سرڪار تعليمي بورڊ حيدرآباد کي 3 قسطن ۾29 ڪروڙ 24 لک رپيا فنڊ جاري ڪيو هو، جڏهن ته آخري گرانٽ جي قسط جا رهيل ساڍا 5 ڪروڙ رپيا اڃا تائين نه ملي سگهيا آهن، جنهن سبب هن مهيني بورڊ جا ملازم پگهارن ۽ پينشن کان به محروم ٿي ويندا، اهڙي مالي بحران واري صورتحال کي تعليمي بورڊ ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻو بورڊ پڻ منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ حڪومت طرفان تعليمي بورڊ حيدرآباد جي رهيل مالي گرانٽ ساڍا 5 ڪروڙ رپيا رقم جاري نه ٿيڻ سبب هن وقت بورڊ جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ صرف 8 لک روپين جي رقم موجود آهي. جنهن مان تعلمي بورڊ حيدرآباد جي 400 ملازمن کي اڍائي ڪروڙ رپيا پگهار جي ادائگي ناممڪن بڻجي وئي آهي،
صوبائي حڪومت 2017ع ۾ سمورن بورڊز کي داخلا ۽ امتحاني في وٺڻ کان روڪي ڇڏيو هو
تعليمي بورڊز کي في اوڳاڙڻ کان روڪيندي کين مالي گرانٽ جاري ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو هو
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جا تعليمي بورڊ سرڪارپارن گرانٽ نه ملڻ سبب مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي ويا آهن. مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار پاران گذريل سال 2017ع ۾ تعليمي ايمرجنسي جي سلسلي ۾ صوبي اندر پرائمري کان انٽر تائين مفت تعليم فراهم ڪرڻ واري پاليسي بعد سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي تعليمي بورڊن کي شاگردن کان داخلا ۽ امتحاني فارمن جي مد ۾ فيون نه وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جڏهن ته حڪومت طرفان بورڊن کي مالي معاملا هلائڻ لاءِ خاص مالي گرانٽون جاري ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو هو، جنهن بعد حڪومت تعليمي بورڊن کي گهربل گرانٽ وقت تي جاري نه ڪري سگهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جا پنج ئي تعليمي بورڊ شديد مالي گهوٽالي جي ور چڙهي ويا آهن، پنجن ئي تعليمي بورڊن ۾ ڪم ڪندڙ بورڊن جي چيئرمينن، امتحانن واري ڪنٽرولرن سميت هزارين ملازم پگهارن ۽ رٽائرڊ ملازم پينشن سميت ٻين مراعتن کان محروم ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي، سمورن تعليمي بورڊن جا اڪائونٽ خزاني کان خالي ٿي چڪا آهن، هن وقت بورڊن جي اڪائونٽن ۾ ڪروڙن جي رقم بدران صرف ڪجھ لک رپيا موجود آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار فوري طور تعليمي بورڊن کي مالي گرانٽ جاري نه ڪئي ته حيدرآباد تعليمي بورڊ سميت سمورن بورڊن جي ملازمن کي هلندڙ ڊسمبر جي مهيني جي پگهار توڙي پينشن نه ملي سگهندي، اهڙي صورتحال ۾ تعليمي بورڊن ۾ ڪم ڪندڙ هزارين ملازم سخت پريشان ٿي ويا آهن.
ڪراچي: گذريل سال سنڌ جي خوراڪ کاتي هڪ ڪروڙ 20 لک 100 ڪلو جون ٻوريون سنڌ جي آبادگارن کان 3 هزار 2 سئو 50 رپيا جي اگهه تي خريد ڪيون.
ڪراچي: خوراڪ واري صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال ٻڌايو ته سنڌ جي خوراڪ کاتي جو قصو هلي ئي قرضن تي ٿو جيڪو آئون25 سالن کان ڏسندو پيو اچان. هن چيو تهآئون بنيادي طور آبادگار آهيان، مونکي تازو خوراڪ کاتي جو قلمدان مليو آهي، بارداڻو غريب آبادگارن کي ملندو ئي ناهي، سڀ وڏيرا ۽ سيٺ کڻي ويندا آهن، صوبائي وزير چيو ته جڏهن ڪڻڪ لهندي آهي ته فوڊ انسپيڪٽر اسان وزيرن جو به فون ناهن کڻندا، مون اچڻ سان ئي سيڪريٽري خوراڪ کي هدايتون ڏنيون آهن ته جيڪڏهن ڪو فوڊ انسپيڪٽر فون نه کڻندو ته اهو معطل هوندو، آئون هن کاتي کي ضرور سڌاريندس.