پنگريو(رپورٽ: علي گل کوسو) پنگريي ڀرسان ڪاري ڪامڻ ڪلور ڪري ڇڏيا، سئو ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو بيماري ۾ ورتل آهن. ان سلسلي ۾ پنگريو جي يونين ڪائونسل سمن سرڪار جي 8000 آبادي رکندڙ ڳوٺ بخشو خان لنڊ ۾ گندو ۽ کارو پاڻي واپرائڻ سبب ڪاري سائي جي مرض ۾ 1000 کان وڌيڪ عورتون ٻار ۽ مرد مبتلا ٿيل آهن هڪ ئي خاندان جا ٽي ڀائر درياء خان لنڊ ، خميسو لنڊ، دلاور لنڊ جڏهن تہ ٻئي خاندان جا لکاڏنو سندس پٽ ، سليمان ۽ ننهن ۽ سندس زال ،خيري ۽ سندس پٽ علي محمد ،آصمہ ، قابل ، سليمان ، روبينہ ، ،پير بخش ، شامل آهن جڏهن تہ گذريل 6 مهينن دوران لکاڏنو ،احمد .عثمان ،جمون ،اللهڏتو. گلشيرسندس زال سالار . پير بخش ۽سندس زال ، اسماعيل ، ۽ بکو، سميت 50 ڄڻا ڪاري سائي جي بيماري وگهي فوت ٿي چڪا آهن ۽ 5 سالن جي عرسي ۾ فوتين جو تعداد 100 کان مٿي ويو آهي جڏهن ته ڳوٺاڻن مشتاق احمد لنڊ حافذ محمد رمضان لنڊ ، هادي. عابد لنڊ رئيس درياءَ خان لنڊ بخش لنڊ ، حبيب . حاجي اعجاز لنڊ خدا بخش لنڊ ،جي اڳواڻي ۾ پنهنجي اخبار سان ڳالهائندي چيو تہ ڳوٺ ۾ لڳل هينڊ پمپ کارا ٿي ويا آهن جنهن سبب هتي ڪيترائي ڳوٺ واسي ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا آهن جڏهن انتظاميه طرفان صرف هڪ ڀيرو سڄي ڳوٺ جو وزٽ ڪري ٽيسٽون پڻ ڪيون پر علاج لاءَ ڪابه ميڊيسن نه ڏني ۽ نه ئي پي سي آر ڳوٺ واسين کي ڏني ويئي آهي جو هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن ڳوٺاڻن چيو تہ ڳوٺ واسي مسڪين آهن جنهن کي علاج ڪرائڻ جي سگھ ناهي هنن وزير صحت عزرہ پيچو سڪريٽري صحت سنڌ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي تہ ڳوٺ بخشو خان لنڊ ۾ ڪاري سائي جي علاج لاءَ خصوصي ٽيم موڪلي وڃي ، ته جئين مسڪين ڳوٺ واسي هن موضي مرض مان پنهنجي جان بچائي سگهن .
پني عاقل ۾ ڌوٻي جي دڪان کي باهه،دڪاندار سڙي زخمي
پنوعاقل(ن پ ا)پنوعاقل جي سومرا محلا ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان استري جي دوڪان ۾ اچانڪ باهه لڳي وئي ،الهه تلهه سڙي رک، دڪان مالڪ زخمي ٿي پيو، بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان فرحان علي شيخ جي ڪپڙا استري جي دڪان ۾ اچانڪ باهه لڳي وئي دڪان مالڪ کي جيئن اطلاع ڏنو ويو ته هن پهچي پنهنجي مدد پاڻ باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪندي زخمي ٿي پيو .دڪان مالڪ موجب فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪير نه پهتو ،جنهن سبب دڪان ۾ پيل ڪپڙن ۽ استرين سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو .
نوابشاهه ۾ ايس ايس پي جي حامين جي ريلي
نواب شاھ ( ن پ ا) نواب شاھ جي علائقي حقاني ٽائون جي رھواسين جو ايس ايس پي نواب شاھ تنوير حسين تنيو جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي نواب شاھ پريس ڪلب پھتي ان موقع تي وزير علي سيال شير علي چانڊيو ۽ بابر علي جمالي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جڏھن کان ايس ايس پي تنويرتنيو نوابشاھ جي چارج ورتي آھي تڏھن کان چوري ڦر ۽ ٻين ڏوھن تي ظابطو آيو آھي ۽ شھر جو ماحول بھتر ٿيو آھي ھنن آئی جی سنڌ کي اپيل ڪئي ته ايس ايس پي تنوير حسين تنيو کي ان جي ٽيم سان گڏ شھر ۾ ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.
سڪرنڊ جي يوسي حسن جمال تي ننڍي چونڊ ۾ هارائيندڙ اميدوار نتيجو چئلينج ڪري ڇڏيو
نوابشاهه: (ن پ ا ) گذريل ڏينهن مڪاني چونڊن ۾ سڪرنڊ يونين ڪائونسل حسن جمالي مان هارايل آزاد اميدوار عبدالجبار جمالي نتيجن کي چيلينج ڪري ڇڏيو، هن اليڪشن جي خلاف اهڙي درخواست رٽرننگ آفيسر سڪرنڊ سليم جتوئي وٽ جمع ڪرائي ڇڏي، عبدالجبار الزام هڻندي چيو ته الڪيشن ۾ پيپلز پارٽي سرعام سرڪاري مشينري ۽ سياسي اثر رسوخ استعمال ڪيو ٻئي پاسي مري ويل ماڻهن جا به ووٽ ذبردستي ڪاسٽ ڪرايا ويا جنهن جا ثبوت مون وٽ موجود آهن، هن چيو ته منهنجي پولنگ ايجنڊن کي پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ سياسي ماڻهن حراسان ڪري ڌمڪيون ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن پاڪستان ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ٿو ڪيان ته هن ڌانڌلي جو نوٽيس وٺي ٻيهر اليڪشن ڪرائي.
ننگرپارڪر ۾ ڳوٺاڻن جو راشن ۽ ڪڻڪ نه ملڻ خلاف مظاهرو
صحت کاتي جا عملدار سفارشي عورتن کي راشن جا ٿيلها ڏئي رهيا آهن: ڳوٺاڻا
الزام غلط آهن، احتجاج ڪندڙ ماڻهو صحت کاتي وٽ رجسٽرڊ ناهن: اسسٽنٽ ڪمشنر
ننگرپارڪر (رپورٽ فيض کوسو ) ننگرپارڪر جي مختلف ڳوٺن صوڀي جو تڙ ، روپي جي ڍاڻي ، ڏيوي جي ڍاڻي ، لڇمڻ جي ڊاڻي ، ڪرمون جي ڍاڻي ۽ ڳوٺ خاني جو تڙ جي رهواسين پاران راشن جا ٿيلها ۽ ڪڻڪ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . ان موقعي تي دانهيدي دلپت ڀيل ، ڪامريد کئينراج ڀيل ، بهادر ڀيل ، پرتاب ڀيل ، پونيو ڀيل ، نگو ڀيل ، ڪرمون ڀيل ۽ ٻڌايو تہ اسان جي يوسي تڳوسر جو صحت مرڪز هيرار ديدا ۾ آهي جڏهن تہ ڳورهاري عورتن ۽ ننڍڙن ٻارڙن لاء ايندڙ راشن بيگس جو سينٽر صاحبڏنو گجو ۾ صحت کاتي جو ڊسپينسر ممتاز دل شفارشي عورتن کي ورهائي رهيو آهي اسان جي عورتن وٽ اسپتال جي ڳورهاري هجڻ جي تصديق وارا ڪاغذ ۽ ننڍڙا ٻار هجڻ باوجود اسان کي امدادي راشن بيگ نہ پيا ڏنا وڃن . جڏهن تہ پرتاب ڀيل ٻڌايو تھ اسان جي ڳوٺ خاني جو تڙ جو راشن بيگس ورهائڻ جو سينٽر کاري جي ويري آهي . جتي بھ سفارشي عورتن کي راشن بيگس ڏنا وڃن پيا. هنن مطالبو ڪيو آهي تہ اسان کي راشن بيگس ۽ ڪڻڪ نہ ملي تہ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. جڏهن تہ رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر نورالدين هنگورجو ٻڌايو تھ سفارشي عورتن کي راشن بيگس ڏيڻ جا الزام غلط آهن جيڪي ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن اهي صحت کاتي ۾ رجسٽرڊ نه آهن .
مٺي سول اسپتال انتظاميه مفت ايمبولنس سروس بند ڪري ڇڏي
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي صرف هڪ مهينو ئي عمل ٿي سگهيو
ايمبولنس سروس لاءِ اوڳاڙي شروع،بجيٽ ختم ٿي وئي آهي:اي ايم ايس
مٺي(رپورٽر)مٺي سول اسپتال انتظاميه بجيٽ ختم ٿي وڃڻ جي بهاني مريضن لاءِسنڌ سرڪار پاران شروع ڪيل مفت ايمبولينسز سروس اوچتو بند ڪري ڇڏي،مريضن کان ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙو اوڳاڙي شروع ڪيو ويو آھي. جنهن ڪري مٺي سول اسپتال مان ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت شھرن جي اسپتالن ڏانهن ريفر ٿيندڙ ڏڪار متاثر ٻارڙا توڙي عام مريض ڀاڙو نه هجڻ ڪري دربدر ۽ پريشان ٿي ويا آھن.
ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاه پاران هڪ مهينو اڳ تيل جي مد ۾ اضافي بجيٽ جاري ڪندي ڏڪار متاثر مريضن لاءِ مفت ايمبولينسز سروس شروع ڪئي هئي ۽ ڏڪار جون هنگامي حالتون معمول تي اچڻ تائين مفت ايمبولينسز سروس جاري رکڻ ۽ ڪنهن به مريض کان ڀاڙو اوڳاڙي نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي مقامي اسپتالن جي انتظاميه کي وارننگ جاري ڪئي هئي ته جنهن به مريضن کان ايمبولينسز سروس جي نالي تي ڀاڙو وصول ڪيو انکي جيل اماڻيو ويندو. ان اعلان کانپوءُ هڪ مهينو اڳ شروع ٿيل مفت ايمبولينسز سروس مٺي سول اسپتال انتظاميه بجيٽ ختم ٿي وڃڻ جو جواز ڄاڻائي بند ڪري ڇڏي آھي ۽ ريفر ٿيندڙ هر مريض کان ڪراچي لاءُ 10 هزار ۽ حيدرآباد لاءُ 7 هزار روپيه ڀاڙو جي نالي ۾ اوڳاڙي شروع ڪري ڇڏي آھي.
مٺي سول اسپتال مان ڪيترائي ڪلاڪ اڳ ريفر ڪيل ڌار ڌار 3 مريض ۽ انهن جا وارث ڀاڙو نه هجڻ ڪري بيوس بڻجي اسپتال جي احاطي ۾ ويٺل هئا ۽ ان وقت اوچتو پي ٽي آءِ جو صوبائي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ اسپتال وزٽ لاءُ پهتو ته اهي مريضن جا وارث سندس آڏو دانهون ۽ التجائون ڪرڻ لڳا.ان موقعي تي موجود اسپتال جي ڪلارڪ رياض هنڱورجو ٻڌايو ته اسان وٽ تيل جي بجيٽ ختم ٿي آھي. ان ڪري اڄ کان مفت ايمبولينسز سروس بند ڪري اسپتال انتظاميه کي آگاه ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ريفر ٿيندڙ مريضن کان رڳو تيل جا پئسا وٺي مريض اسپتالن ڏانهن موڪلي رهيا آھيون.
اسپتال جي اي ايم ايس ڊاڪٽر چمن شرما رابطو ڪرڻ تي چيو ته اسپتال کي تيل جي مد ۾ مليل بجيٽ ختم ٿي ويئي آھي. پيٽرول پمپن جا قرضي ٿي ويا آھيون،جيڪي وڌيڪ اوڌر تي تيل نٿا ڏين انڪري اسان صرف اڄ کان مريضن کان تيل جي مد ۾ اوڳاڙي ڪئي آھي. ڪوشش ڪريون ٿا ته ڪنهن پينٽرول پمپ تان اوڌر تيل ملي وڃي ته جيئن بجيٽ اچڻ تائين مفت ايمبولينسز سروس جاري رکي سگهون. هن چيو ته اسان وٽ تيل جا ڏوڪڙ نه هوندا ته اسين پنهنجي گهران ته تيل ڀرائي ريفر ڪيل مريضن کي اسپتالن تائين نٿا پهچائي سگهون.
ميان صاحب ۾ قبضا مافيا سرگرم، روڊ سوڙها ٿي ويا
سرڪاري پلاٽن، مين روڊ سميت مختلف جاين تي قبضا ڪري دڪان ٺاهيا ويا
شهر ۾ حد دخلين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي: شهري
ميان صاحب (رپورٽر) ميان صاحب شھر م سرڪاري پلاٽن تي شھر جي مين روڊ سميت مختلف جڳھن تي سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪري دڪان اڏيا ويا آھن جنھن سبب شھر جون گھٽيون ء رستا سوڙھا ٿي ويا آھن شھرين کي اچ وڃ م ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن، ان سلسلي م شھرين مظفر ملڪ، بشير رند، جاويد راؤ، عابد علي راجپوت، نديم احمد ء ٻين روزاني پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو تھ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ حد دخلين خلاف آپريشن ھلي رھيو آھي پر ميان صاحب شھر م حد دخلين خلاف ڪنھن بھ نوٽيس نھ ورتو آھي. ھنن اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ٽي ايم او خانپور کان مطالبو ڪيو آھي تہ ميان صاحب شھر ۾ بھ حد دخلين خلاف بنا فرق جي آپريشن ڪيو وڃي تھ جيئن شھر جي سونھن بحال ٿي سگھي.
اسپيشل ايجوڪيشن ڪنڌڪوٽ ۾ 115 جعلي ڀرتيون، ڪيس داخل
ڪيس ۾ اڳوڻو پرنسپال عبدالرحيم، ايس ايم سول، ايس اوز ڪشور ڪمار ۽ ناز پروين نامزد
ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) اسپيشل ايجوڪيش ڪنڌڪوٽ ۾ 115 جعلي ڀرتين جو انڪشاف، ذميوارن خلاف ڪيس داخل، اسپيشل ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پئسن عيوض وڏي پيماني تي جعلي ڀرتيون ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اسپيشل ايجوڪيشن ۾ جعلي ڀرتيون 2012 ۾ ٿيون، جن ۾ چوڪيدار، پٽيوالا ۽ ٻيا شامل آهن، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جاويد احمد هاليپوٽو جي حڪم تي جعلي ڀرتين جي معاملي جو اڳوڻي پرنسپل اسپيشل ايجوڪيشن ڪشمور ڪنڌڪوٽ عبدالرحيم بهلڪاڻي،سيڪشن آفيسر ڪراچي ڊاڪٽر ڪشور ڪمار،سيڪشن آفيسر ڪراچي ناز پروين، اڳوڻي ميڊيڪل آفيسر ڪنڌڪوٽ هيرالدين گجراڻي ۽ ايم ايس ڪنڌڪوٽ سول اسپتال نظير احمد اعواڻ خلاف ڪرائيم نمبر 4، 2018 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ڪنڌڪوٽ شاهد بشير کوسو ٻڌايو ته اسپيشل ايجوڪيشن کاتي ۾ 12 کان 15 لک رپيا في آرڊر تي وٺي 115 ماڻهن کي جعلي نوڪريون ڏنيون ويون، جعلي طور ڀرتي ٿيل ملازم 2012 کان 2015 تائين پگهارون به کڻندا رهيا، جنهن ڪري سرڪاري خزاني کي ڪرڙين روپين جو نقصان ٿيو، سرڪل آفيسر جو چوڻ هو ته جعالي ڀرتيون ڪندڙ آفيسرن روپوش ٿي ويا آهن سندن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن،جلد گرفتار ڪري لوٽيل سرڪاري پئسي جو حساب ورتو ويندو.
ميان صاحب ۾ شيدي برادري جي گھرن کي باهه، اطلاع باوجود فائر بريگيڊ عملو نه پهتو
ميان صاحب (رپورٽ: راؤ محسن) ميان صاحب شھر جي شيدي محلا ۾ شيدي برادري جي گھرن کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي، جنهن بعد فائر برگيڊ جي ھيلپ لائن تي اطلاع ڏنو ويو پر اطلاع باوجود فائر برگيڊ جي گاڏي نہ پھتي ، جنهن کانپوءِ شھر واسي اھڙي اطلاع تي گڏجي پنھنجي مدد پاڻ باھ تي ضابطو آڻي شيدي برادري ء پاڙي م رھندڙن کي وڏي جاني مالي نقصان کان بچائي ورتو .
ميهڙ:ڳوٺ سوجهرو ۾ گاهه ڪرڻ تان جهيڙو،هڪ عورت سميت 4 زخمي
ميهڙ(ن پ ا)ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوجهرو ڀنڊ ۾ زرعي زمين مان گاه ڪپڻ جي معمولي ڳاله تان ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ هڪ عورت مسمات حميده ڀنڊ 60 ورهيه پير سن حاجي رستم ڀنڊ، 25ورهيه اعجاز ڀنڊ 20ورهيه امتياز ڀنڊ ڪهاڙيو ن۽ ڏنڊالڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ تعلقا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي،جڏهن ته ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار عظيم ڀنڊ،نديم ڀنڊ، دلدار ڀنڊ ۽ شبير ڀنڊ تي جهيڙي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي ،جڏهن ته پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار ناهي ڪيو.
منھڙو ڀرسان ذهني مريض نوجوان واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگات ڪري ڇڏيو
منهڙو (ن پ ا) منهڙو ڀرسا نوجوان روهڙي ڪنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو گهر م ڪهرام متل تفصيل موجب منهڙوڀرسا درياخان مري ٿاڻي جي حد ڳوٺ بودلو ڏاهري جي رهواسي ١٦ سالن جي نوجوان عابد علي ڏاهري ولد مور ڏاهري دماغي توازن صحيح نه هئڻ سبب بودلو ڏاهري موري کان روهڙي ڪنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.
شهيد راڻي جي ورسي:سنڌ حڪومت جو 27 ڊسمبر تي عام موڪل جو اعلان
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )سنڌ حڪومت بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن سنڌ سرڪار پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو آهي ته صوبي جي سموري سرڪاري ادارن ۾ 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو جي ورسيءَ لاءِ سمورا سرڪاري ادارا بند رهندا.
پاڪستان ايئرفورس ميڊيڪل برانچ جي ڪمبيٽ سپورس ڪورس جي داخلا شروع
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان ايئر فورس جي ميڊيڪل برانچ جي ڪمبيٽ سپورس ڪورس ۾ رجسٽريشن شروع ٿي وئي آهي جاري ڪيل پڌرائي موجب ميڊيڪل برانچ ۾ رجسٽريشن جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي آهي، جي ڊي ايم اوز برانچ ۾ اينيٿيٽس، آرٿو پيڊڪ سرجن، ريڊيولاجسٽ، ميڊيڪل اسپيشلسٽ طورشموليت جا خواهشمند ايم بي بي ايس ڊگري ۽ هڪ سال هائوس جاب، ايف سي پي ايس/ ايف آر سي اي/ ايف آرسي ايس/ ايم آر سي پي/ آمريڪن بورڊ مان ڊپلوما ڪندڙ اهل هوندا. سندن عمر 24 کان 28 سال هجڻ گهرجي. جڏهن ته نيورو سرجن لاءِ ايف سي پي ايس/ ايف آر سي ايس/ ايم آرسي ايس جي ڊگري رکندڙ ڊاڪٽر جن جي عمر 29 کان 48 سال هجي اهل هوندا. گائنالاجسٽ لاءِ ايف سي پي ايس/ ايم آر سي او جي/ ايف آر سي اوجي/ ڊپلوما آمريڪن بورڊ جي ڊگري رکندڙصرف عورتون درخواستون ڏئي سگهن ٿيون. ان کانسواءِ سرجيڪل اسپيشلسٽ لاءِ ايف سي پي ايس/ ايف آر سي ايس/ ڊپلوما آمريڪن بورڊ، پيٿالاجسٽ لاءِ ايف سي پي ايس/ايم آر سي(پي اي ٽي ايڇ) ڊپلوما آمريڪن بورڊ، آءِ اسپيشلسٽ لاءِ ايف سي پي ايس/ ايف آر سي ايس، اي اين ٽي لاءِ ايف سي پي ايس/ ايم آر سي ايس (اي اين ٽي) ايف آر سي ايس (اي اين ٽي) جي ڊگري هجڻ لازمي آهي.
پوليو جي خاتمي لاءِ والدين جو سهڪار ضروري آهي: ڊي سي لاڙڪاڻو
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد نعمان صديق چيو آهي ته قومي جذبي تحت ڪم ڪرڻ سان پوليو مرض جي خاتمي کي يقيني بنائي سگھجي ٿو، جنهن لاءِ والدين جو تعاون ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه هن درٻار هال ۾ پوليو جي خاتمي واري ضلعي ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو، گڏجاڻي ۾ گذريل پوليو رائونڊ تي ويچاريو ويو جڏهن ته ايندڙ پوليو رائونڊ متعلق پڻ حڪمت عملي جوڙي وئي. هن چيو ته ضلعي اندر هڪ ڏينهن کان پنجن سالن تائين عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري 21 جنوري کان 24 ڊسمبر 2019 تائين شروع ٿيندڙ مهم کي ڪامياب بنايو وڃي ته جيئن ڪو به ٻار ڦڙا پيارڻ کان رهجي نه وڃي.
گمبٽ مان مهينو اڳ اغوا ٿيل پورهيت بازياب، 10 جوابدار گرفتار
گمبٽ)ن پ ا)گمبٽ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ گلوسيال مان هڪ مهينو اڳ پاڻي جي واري تان اغوا ٿيل پورهيت شمن چاچڙ کي پوليس بازياب ڪرائي10 هٿياربندن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪري ڇڏي، ان موقعي تي اي ايس پي خيرپور عمران نيازي سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل پورهيت شمن چاچڙ کي هٿياربند هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي پوليس اٽالن سان پهچي اغوا ٿيل شمن چاچڙ کي بازياب ڪرائي 10 ماڻهن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.