fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڇور جي ذڪريا ڪالوني جو 15 ڏينهن کان ٽرانسفارمر خراب،رهواسي پريشان

ڇور(ن پ ا) ڇور جي زڪريا ڪالوني جو ٽرانسفارمر 15 ڏينھن کان خراب ڪالوني وارا پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان ٿي ويا،ان ڏس ۾ ڇور جي لڳ ڀڳ 800 گھرن تي مشتمل آبادي رکندڙ زڪريا ڪالوني جو ٽرانسفارمر گذريل پندرھن ڏينھن کان خراب ٺھي نه سگھيو .انھي حوالي سان ڪالوني جي رھواسين علي محمد نھڙي جمال سميجو مگھو ڪولھي لاکو ڀيل ۽ ٻين جو ميڊيا جي نمائندن اڳيان دانھيندي چوڻ ھو ته اسان جي بار بار درخواستون ڏيڻ تي پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالھي اسان جي ڪالوني کي نئون ٽرانسفارمر ڏنو ،جنھن کي واپڊا وارن پنھنجي من ماني ڪندي پنھنجي آفيس ۾ رکي ھن جي جڳهه تي پراڻو ٽرانسفارمر لڳايو جيڪو ھر مھيني سڙي ويندو آھي. اھو پراڻو ٽرانسفارمر گذريل پندرھن ڏينھن کان خراب پيل آھي جنھن ڪري ڪالوني وارا پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آھن.

ملير جون ديهون ايم ڊي اي کي ڏيڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي: انڊيجنس رائٽس الائنس

انهن ديهن ۾ زمينون مقامي ماڻهن کي مالڪاڻن حقن تي هميشه لاءِ ڏيڻ گھرجن

ناجائز طريقي سان اٽڪل 45 هزار زمين تي بحريا ٽائون جو قبضو ڪرايو ويو

ملير (ن پ ا ) انڊيجنس رائٽس الائنس ملير جون 43 ديهون ۽ ضلعي اولهه جون 16 ديهون ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي کي ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته انهن ديهن ۾ مقامي ماڻهن کي ليز تي ڏنل زمينون کين هميشه لاءِ مالڪاڻه حقن تي ڏنيون وڃن. انڊيجنس رائٽس الائنس جو هڪ اهم اجلاس عثمان بلوچ جي صدارت هيٺ ملير جي جعفر مراد ڳوٺ ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ عبدالخالق جوڻيجو، سيد خدا ڏنو شاهه، محقق ۽ تاريخدان گل حسن ڪلمتي، الاهي بخش بڪڪ، پروفيسر رخمان گل پالاري، ايڊوڪيٽ جمال ناصر، شعيب بڪڪ، حفيظ بلوچ، غلام رسول بلوچ، حنيف دل مراد، زاهد بلوچ، ايوب فقير، نواز بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هن اهم گڏجاڻي ۾ بحريا ٽائون جي ملير جي زمينن تي ناجائز ۽ غيرقانوني والار، سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ بحريا ٽائون خلاف انڊيجينس رائٽس الائنس جي جدوجهد جو جائزو ورتو ويو ۽ اهو چيو ويو ته بحريا ٽائون جي ناجائز والار جو هڪڙو وڏو سبب اهو به آهي ته ملير ضلع جي 43 ديهن کي غيرقانوني طريقي سان ايم ڊي اي جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان جو ناجائز استعمال ڪندي اٽڪل 45 هزار زمين تي بحريا ٽائون جو قبضو ڪرايو ويو جنهنجي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ ايم ڊي اي آهي، هنن ديهن ۾ لکين ايڪڙ زمين جيڪا مقامي ماڻهن کي واهي چاهي باراني ۽ پولٽري ليز تي ڏنل آهي ۽ اهو سڄو علائقو ذرعي علائقو آهي جتي سوين باغ، وڏي ذرعي آبادي، سوين ڳوٺ، قبرستان ۽ تاريخي ماڳ مڪان موجود آهن، انهي زمين تي والار سبب 12 لک مقامي آبادي جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بحريا ٽائون کي ڏنل زمين کي پڻ غيرقانوني قرار ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ بحريا کي ڏنل زمين رد ڪئي وئي آهي، انهي ڪري انڊيجينس رائٽس الائنس اهڙو مطالبو ٿو ڪري ته ملير جون 43 ديهون ۽ ضلعي اولهه جون 16 ديهون ٻيهر روينيو (سنڌ حڪومت) حوالي ڪيون وڃن ۽ ايم ڊي اي ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم رد ڪئي وڃي ، الائنس اعلان ڪيو ته بحريا ٽائون جي ناجائز والار ۽ ٻهراڙين جي زمينن تي ڌارين جي والار خلاف جدوجهد تيز ڪئي ويندي.

ملير بار جي نئين چونڊيل باڊي پاران ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن جي مان ۾ آجياڻو

ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير بار جي نئين چونڊيل باڊي پاران ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ملير مشتاق احمد لغاري , ايڊيشنل سيشن جج شفيع محمد پيرزادو ۽ ٻين معزز ججز جي مان ۾ تقريب منقعد ڪئي ويئي, ملير بار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ملير مشتاق احمد لغاري چيو ته ملير بار ۽ جوڊيشري هڪ گهر جي ڀاتين وانگر آھن, ٻنهي ۾ بهتر تعلق سان غريب ماڻھن کي تڪڙو انصاف ملي سگهندو, سيشن جج چيو ته انصاف جي حصول لاء منهنجا دروازا هر ماڻھون لاء کليل آھن, انصاف ميرٽ تي ڪيو ويندو, سيشن جج ملير مشتاق احمد لغاري چيو ته ملير بار پاران ڏنل اعزاز ۽ مان تي خوشي ٿي آھي ملير جي وڪيلن جون سائلن کي انصاف ڏيارڻ لاء ڪيل ڪوششون قابل تعريف آھن, ملير بار ۽ جوڊيشري گڏجي ڪم ڪندا ته ان سان عام ماڻهون کي جلد انصاف ملندو۽ بهتر نتيجا ملي سگهندا, ملير بار جي نئين چونڊيل صدر رائو زاهد خطاب ڪندي چيو ته ملير بار ۽ جوڊيشري ۾ بهتر تعلقات جا خواهشمند آھيون, ملير جي ججز لاء وڏو احترام ۽ عزت آھي, بار جي نئين چونڊيل جنرل سيڪريٽري فدا خان خطاب ڪندي چيو ته ملير بار ۽ جوڊيشري ۾ محبت, عزت ۽ احترام وارو رشتو آھي جنهن کي اسين هر صورت ۾ قائم رکنداسين, تقريب ۾ ملير جي وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ڪراچي کان پنڌ نڪتل نوجوان دادو پهتو، شاندار استقبال

دادو( رپورٽر) ڪراچي اسٽيل جم ڪلب جي ميمبر نوجوان شاداب بلوچ 9 ڏينهن اندر ڪراچي کان دادو تائين پيادل مارچ ڪري دادو پهتو جنهن دادو پهچڻ وڪيل صحبت بلوچ ۽ ٻين شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين کي ٻڌايو ته پهريان لاهور واسي ڪسرت راء لاهور کان اسلام آباد تائين 10 ڏينهن ۾ 327 ڪلوميٽر پنڌ ڪيو هو ۽ مان 9 ڏينهن ۾ ڪراچي کان دادو تائين 327 ڪلوميٽر پنڌ ڪيو آهي ۽ سڀاڻي وڌيڪ 10 ڪلوميٽر پنڌ ڪري 337 ڪلوميٽر پورا ڪري ڪسرت راء جو رڪارڊ ٽوڙيندس.

ملير ۾ پوليس آفيسر اسڪول جي گھٽي بند ڪري ڇڏي، احتجاج

ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي عيدو ڳوٺ جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي پٺئين پاسي ۾ رهندڙ بااثر پوليس سب انسپيڪٽر زين سولنگي پاران اسڪول طرف ويندڙ گهٽي ۾ ڀت اڏي لنگهه بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسڪول جا ٻارڙا توڙي رهواسي لنگهه بند هجڻ سبب پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، ان حوالي سان گورنمنٽ اسڪول جي هيڊ ماستر سليمان راڄپر، ڳوٺاڻن علي محمد، وهاب، غلام علي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته بااثر پوليس آفيسر زين سولنگي زبردستي اسڪول جي طرف ايندڙ گهٽي ۾ ڀت اڏي اچ وڃ جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب شاگرد ۽ شاگردياڻين کي اسڪول اچڻ ۾ سخت ڏکائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هيڊ ماستر چيو ته بااثر پوليس آفيسر 3 مهينا اڳ گهٽي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن خلاف تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ملير کي درخواست ڏني وئي جنهن بعد هن وقتي طور ڪم بند ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو يقين ڏياريو هو ته اسڪول جي گهٽي بند نه ڪئي ويندي جنهن بعد هينئر هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس آفيسر اسڪول جي موڪل جو فائدو وٺندي رات جي پيٽ ۾ گهٽي اندر ڀت اڏي اسڪول طرف ايندڙ ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن چيو ته ڀت اڏڻ کان منع ڪرڻ تي پوليس آفيسر اسانکي ڌمڪيون ڏئي ٿو. هنن پوليس اختيارين ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ملير کي اپيل ڪئي ته گهٽي بند ڪندڙ بااثر پوليس آفيسر خلاف ڪاروائي ڪري گهٽي ۾ اڏيل ڀت ڊاهي رستو کولرايو وڃي.

ڪنري ۾ زائرين جو رڪشا ڪلٽي، هڪ عورت فوت، 4 ڄڻا زخمي

چيل بند کان زيارت ڪري واپس موٽندڙ زائرين جو رڪشو ٽائر نڪري وڃڻ سبب کاھي ۾ ڪريو

زخمين ۾ ٻه ٻار به شامل،کين اسپتال پهچايو ويو،رڪشا ڊرائيور حيدرآباد منتقل

ڪنري(ن پ ا) ڪنري لڳ زيارت تان موٽندڙ زائرين سان روڊ حادثو، رڪشو ڪلٽي ٿيڻ بعد کاھي ۾ ڪري پيو، هڪ عورت فوت ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا،ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب عمرڪوٽ ڪنري روڊ تي زيرو پوائنٽ لڳ ڊڍرو وٽ چيل بند کان زيارت ڪري واپس موٽيندڙ زائرين جو رڪشو ٽائر نڪري وڃڻ سبب کاھي ۾ ڪري پيو، جنھن سبب 50ورهيه عورت دازي زال الھڏنو ڪپري تڏي تي فوت ٿي وئي جڏھن ته ٻه ٻار ڪاشف ڪپري سارا ڪپري، رڪشا ڊرائيور نارائڻ ڪپري ۽ سارا ڪپري زخمي ٿي پيا. جن کي تعلقه اسپتال ڪنري آندو ويو .جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر اسپتال مان غائب ھو ۽ پنھنجي ذاتي ڪلينڪ ھلائڻ ۾ مصروف ھو، جڏھن ته وڌيڪ زخمي رڪشا ڊرائيور نارائڻ ڪولھي کي حيدرآباد نيو وڃڻ جو ليٽر ڏنو ويو ۽ ايمبولنس ڊرائيور جي دير سان اچڻ سبب وارثن کي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پيو ،جنھن کي بعد ۾ تشويشناڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو، سمورا زخمي ۽ فوتي عورت ڪنري لڳ پڌريو فارم جي ڳوٺ زمان ڪپري جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن.

ڪوٽڏيجي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار، 5 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

الطاف، امان، نويد، محبت خان ۽ مسمات خورشيد کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو

ڪتا مار مهم شروع نه ٿيڻ ڪري آزار وڌي ويو آهي، انتظاميا مسئلي تي ڌيان ڏئي: شهري

ڪنب(رپورٽر) ڪوٽڏيجي تعلقي اندر ڪتامار مهم شروع نه ٿي سگهي جنهن سبب هڪ عورت سميت پنجن ڄڻن کي ڇتن ڪتن ڏاڙھي وڌو . ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڪ مهيني دوران پنجاه کان وڌيڪ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا ڇتن ڪتن جو شڪار ٿي چڪا آھن. گذريل ڏينهن ڇتن ڪتن هڪ عورت سميت پنجن ڄڻن کي ڏاڙھي وڌو جن ۾ الطاف حسين ،امان نويد احمد شر ،محبت خان راڄپر ۽۽ مسمات خورشيد شامل آھن جن کي ڪوٽڏيجي اسپتال آندو ويو جتي کين ويڪسين ڪئي وئي. هتان جي شهرين جو چوڻ آهي ته ڪتا مار مهم شروع نه ٿيڻ جي ڪري ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد ڪتا مار مهم شروع ڪري خوف ختم ڪيو وڃي.

گذريل سال جا ٽينڊر جاري نه ٿيا، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل پاران 18 ڪروڙ جون نيون اسڪيمون منظور

ڪوٽڙي تعلقي لاءِ 4 ڪروڙ 76، لک، ٿاڻي بولا خان لاءِ 4 ڪروڙ 69 لک، مانجھند لاءِ 4 ڪروڙ 88 لک منظور

ٽن سالن ۾ اسان جون اسڪيمون سرڪار منظور نه ڪيون جنهن ڪري اسڪيمن تي ڪم ٿي نه سگهيو: چيئرمين ملڪ شاههنواز

ڪوٽڙي(رپورٽ: ڌڻي بخش باريجو) گذريل سال جا ٽينڊر جاري نه ٿي سگھيا آهن، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل پاران 18 ڪروڙ جون نيون اسڪيمون منظورڪيون ويون آهن. ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جو اجلاس ضلع چئيرمين ملڪ شاهنواز جي صدارت هيٺ شروع ٿي ويو آھي، اجلاس ۾ 27 ميمبرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جو وائيس چئيرمين صادق شورو پهچي نه سگهيو. اجلاس ۾ گذريل سال جي اجلاس جي ڪاروائي جي بحالي، هلندڙ مالي سال 2018.19 ۾ ميمبرن پاران ڏنل اسڪيمن جي بحالي ۽ ٻين مسئلن بابت ڏنل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ اسڪيمن تي خرچ جو ڪاٿو 18 ڪروڙ 36 لک 79 هزار رکيو ويو آھي اجلاس ۾ ضلع ڪائونسل جي چئيرمين ملڪ شاهنواز ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسڪيمن ۾ ضلعي جي سڀني ميمبرن کي برابري جي بنياد تي اسڪيمون ڏنيون آھن ٿاڻي بولاخان تعلقي لاء 4 ڪروڙ ،69.لک،63 هزار رکيا آھن اهڙي طرح ڪوٽڙي تعلقي لاء 4 ڪروڙ 76 لک 29 هزار ،مانجهند تعلقي لاء 4 ڪروڙ 88 لک ،78 هزار،سيوهڻ تعلقي لاء 4 ڪروڙ ،2 لک ،80 هزار مختص ڪيا آھن ميمبرن اسڪيمون فائنل ڪري ڏنيون آھن انهن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو،اجلاس ۾،ميمبرن سلطانه گنڀير،پير بخش ڇڇر،سسئي راجپر،زمان کوسو ،۽ ٻين ميمبرن اجلاس ۾ گذريل ٽن سالن ۾ ڪم ڪار نه ٿيڻ توڙي پنهنجي تڪن ۾ پيئڻ پاڻي جي کوٽ،اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ،گندگي توڙي ترقياتي اسڪيمون نه ڏيڻ ۽ آفيسرن پاران نظر انداز ڪرڻ جون دانهون ڪيون ويون ،اجلاس ۾ ميمبرن آفيسرن جي غيرموجودگي تي دانهيدي چيو ته جڏهن اجلاس ۾ آفيسر ناهن ته پنهنجا مسئلا ڪنهن آڏو پيش ڪيو آفيسر ضلعي ۾ پنهنجي من ماني هلائن پيا خالي پنهنجا ڪم ڪن ٿا باقي عوام جو ڪجھ به نٿو ٿئي. اجلاس ۾ ميمبرن سلطان کنڀير،سسئي راجپر،پير بخش ڇڇر،زمان کوسو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو گذريل ٽن سالن جو اسڪيمون اسان جو ڪيڏانهن ويون ان تي توج ڇو نه ڏني وئي اسان کي عوام ووٽ ڏئي ڪائونسل ۾ پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاء موڪليو آھي اسان هڪ به عوام جو هن نظام ذريعي ڪم ناهي ڪيو ووٽرن کي ڪهڙو جواب ڏينداسين ،اجلاس ۾ ميمبر ڊاڪٽر ڀون مل اسڪيمون نه ملڻ واري معامري تي ايوان جي ميمبرن کي آگاھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڄاڻايل ميمبرن ڊاڪٽر ڀون مل کي مداخلت ڪرڻ کان روڪيندي ضلع چئيرمين کان اسڪيمون نه ملڻ تي جواب گهريو ، اجلاس ۾ ميمبرن پاران گذريل سال واري اسڪيمن جا ٽينڊر نه ٿيڻ تي دانهون پڻ ڪيون. ميمبر نبي بخش بوزدار ڳالهائيندي چيو ته چار سال مڪمل ٿيڻ وارا آھن اڳ به اسڪميون ورتيون ويون پر انهن تي عمل نه ٿيو . هن چيو ته گذريل وقت ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، سال کان پوء عوام ڏانهن وڃڻو آهي، هن دفي ٽينڊر نه ٿيا ته استعفا ڏئي ڇڏيندس. ،جنهن بعد ضلع ڪائونسل جي چئيرمين ملڪ شاهنواز ايوان کي ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن ۾ اسان جو اسڪيمون سرڪار منظور نه ڪيون جنهن ڪري اسڪيمن تي ڪم ٿي نه سگهيو اسان جي ڪائونسل کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويو. هن اجلاس ۾ اسان ترقياتي اسڪيمن لاء 18.ڪروڙ ،36لک،79 هزار منظور ڪيا آھن ايندڙ اجلاس ۾ هيلٿ لاء رکيل بجٽ به خرچ ڪري ضلع ڪائونسل جي ماتحت هلندڙ ڊسپينسرين کي دوائون فراهم ڪنداسين.
سنڌ حڪومت ۾ اسڪيمون نه ملڻ ڪري مشڪلاتون پيدا ٿيون: ميمبر
ڪوٽڙي: ضلعي ڪائونسل اجلاس ۾ ميمبر ڊاڪٽر ڀون مل،محمد علي سمون ،محسن عاقلاڻي،جوجي خاصخيلي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ضلع ڪائونسل جي چئيرمين جي ڪارڪردگي مان مطمن آھيون اسان کي جيڪي اسڪيمون مليون آھن ان جي سروي ڪري ضلع ڪائونسل جي چئيرمين حوالي ڪئي آھي اميد ته جلد انهن اسڪيمن تي ڪم ٿيندو ميمبرن چيو ته اسان جي ڪائونسل کي اڳوڻي سنڌ حڪومت ۾ اسڪيمون نه ملڻ ڪري مشڪلاتون پيدا ٿيون پر هاڻ اميد آھي ته هن ڀيري ڪم ٿيندا.

”مسئلا حل ڪريو“: ڄامشوري جي خاتون ضلعي ڪائونسلر جو ڳائي احتجاج

ادا تون ڪير آھين؟ اسان کي توهان سيوهڻ مان ڇو گهرايو؟ الله الله

52 ڪروڙ .32 لک ڪيڏانهن ويا ڪٿي خرچ ٿيا

ڪوٽڙي: اجلاس ۾ آراضي سان تعلق رکندڙ عورت ميمبر سلطان گنڀير ڪم نه ٿيڻ تي گيت ڳائيندي پنهنجي شڪايت رڪارڊ ڪرائي ته ادا تون ڪير آھين اسان کي توهان سيوهڻ مان ڇو گهرايو الله الله ، هو هو اسان کي اجلاس ۾ ڇو گهرايو ويو ،ڇو گهرايو ويو، اسان جا مسئلا حل ناهن ٿيندا ته اجلاس ۾ ڇو گهرايو ويو،اجلاس ۾ عورت ميمبر چيو ته 52 ڪروڙ .32 لک ڪيڏانهن ويا ڪٿي خرچ ٿيا اسان کي اجلاس ۾ ڇو گهرايو ويو،عورت ميمبر چيو ته اسان کي اجلاس ۾ پاڻي جي بوتل ملي ٿي پر چانھ جو ڪوپ ملي ناهي سگهيو، جنهن تي ٽاڪڙو مچي ويو.

ڪوٽڏيجي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار، 5 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

الطاف، امان، نويد، محبت خان ۽ مسمات خورشيد کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو

ڪتا مار مهم شروع نه ٿيڻ ڪري آزار وڌي ويو آهي، انتظاميا مسئلي تي ڌيان ڏئي: شهري

ڪنب(رپورٽر) ڪوٽڏيجي تعلقي اندر ڪتامار مهم شروع نه ٿي سگهي جنهن سبب هڪ عورت سميت پنجن ڄڻن کي ڇتن ڪتن ڏاڙھي وڌو . ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڪ مهيني دوران پنجاه کان وڌيڪ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا ڇتن ڪتن جو شڪار ٿي چڪا آھن. گذريل ڏينهن ڇتن ڪتن هڪ عورت سميت پنجن ڄڻن کي ڏاڙھي وڌو جن ۾ الطاف حسين ،امان نويد احمد شر ،محبت خان راڄپر ۽۽ مسمات خورشيد شامل آھن جن کي ڪوٽڏيجي اسپتال آندو ويو جتي کين ويڪسين ڪئي وئي. هتان جي شهرين جو چوڻ آهي ته ڪتا مار مهم شروع نه ٿيڻ جي ڪري ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد ڪتا مار مهم شروع ڪري خوف ختم ڪيو وڃي.

ڪوٽڙي ۾ معصوم ٻالڪ فليٽ مان ھيٺ ڪري فوت

ڪوٽڙي(ن پ ا)ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي چانور گودام ڀرسان نون ٺهندڙ ليبر کاتي جي فليٽن جي چوڪيداري ڪندڙ گل نواز پٽاڻ جو 12سالن جو پٽ فليٽ جي ٻئين ماڙ تي راند ڪندي کليل دري مان ڪري پيو جيڪو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو,نينگر کي فليٽ مان ڪرئڻ بعد فوري طور وارث ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ,نينگر جي فوت ٿيڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ,نينگر جي والد گل نواز پٽاڻ ٻڌايو ته 2001 کان ڪوٽڙي جي نيو ليبر اسڪوائر جي فليٽن تي چوڪيدار ڪندو آھيان پٽ ٻئين ماڙ تي راند ڪري رهيو اوچتو راند ڪندي دري تان هيٺ ڪري پيو ۽ هو فوت ٿي ويو هن چيو ته پٽ جي حادثي موت سبب گهر ويران ٿي ويو ,نينگر جو والد زاروقطار دانهون ڪندو رهيو،واقعي بعد ضروري ڪاروائي کان پوء نينگر جي مائٽن لاش وصول ڪري گهر کڻائي ويا .

خانپور مهر ۾ قتل جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس چڙهايون

هفتو اڳ مارجي ويل جمعدار گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ ڪارروايون

ڳجھي اطلاع تي ڪارروايون ڪيون آهن، مک جوابدارن جي ڀائرن کان پڇاڳاڇا ڪيون پيا: پوليس

خانپورمهر(رپورٽر) ھڪ ھفتو پھريان خانپورمهر لڳ ڳوٺ ناڙي گڏاڻي ۾ زمين جي تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان جمعدار گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن خانپورمھر، يارولنڊ،دادلغاري،جروار ٿاڻن جي پوليس موبائیلن ايس ايڇ او خانپورمهر رحيم بخش ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ مختلف ڳوٺ ڦلڊاھ، لال پتافي،ميرموڙ،سخيروملڪ۽ ٻين ھنڌن تي چڙهايون ڪيون پر پوليس کي ڪو بہ قتل ڪيس م گھربل جوابدر ھٿ نہ آيو جنھن کان بعد پوليس نوجوان مقتول جمعدار گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي ٻن ڀائرن علم دين ۽ بلند پتافي کي گرفتار ڪري ڪري ورتو رابطو ڪرڻ سان ايس ايڇ او خانپورمھر رحيم بخش ڪلھوڙو ٻڌايو تہ جوابدارن جي گرفتاري لاء ڳجھن اطلاعن تي ڪاروايون ڪيون ھن چيو تہ ڪيس جي مک جوابدارن جي ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪيو آھي جن کان جوابدران بابت پڇا ڳاڇا جاري آھي.

خانواهڻ ۽ ڀرپاسي 17 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ، شهري پريشان

سيپڪو انتظاميا هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري ڪاروبار تباهه ڪري ڇڏيو: پورهيت

مسجدن ۽ گھرن ۾ پاڻي به کٽي ويندو آهي، اعليٰ اختياريون مسئلي تي ڌيان ڏين

خانواهڻ۔ (ن پ ا ) خانواھڻ شھر ۾ سترنهن ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون دانهون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ پورهيتن غلام نبي سولنگي ۽ بشير احمد ڀٽي چيو ته خانواهڻ شھر ۽ ڀرپاسي سيپڪو انتظاميا روزانو سترنهن ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري ضلعي نوشهرو فيروز جي ڪاروباري شهر خانواهڻ جي شھرين سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي مسجدن گھرن ۾ پاڻي جي کوٽ مستري درزي ۽ سڀئي ڪاروباري عوام پريشان آهي شھرين پاران مطالبو ڪندي چيو تہ خانواهڻ شھر مان هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھرين کي سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي.

خانڳڙهه تعلقي کي 24 سالن کان بنيادي سهولتون نه مليو، ڪيترائي کاتا بنا آفيسن جي هلندڙ

ڏيڍ لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ تعلقي ۾ صرف مختيار ڪار جي آفيس موجود، شهرين جا دستاويزي ڪم ڪار رلي ويا

ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ جي آفيس به مستقل نه ملي، انتظاميه صحت کاتي ۾ پنھنجو ڪاروھنوار ھلائڻ لڳي، رھائشي ڪوارٽرن ۾ آفيس قائم

خانپورمھــر ( رپورٽ: شادمحمد مھر) خانڳڙهه تعلقي کي 24 سالن کان بنيادي سهولتون نه ملي سگھيون آهن، جڏهن ته ڪيترائي کاتا بنا آفيسن جي هلندڙ آهن. ان سلسلي ۾ گھوٽڪــي ضلعي جو تعلقو خانڳڙھ جنھن کي تعلقي جو درجو ملي 24 سالن جو عرصو گذري ويو پر تعلقي خانڳڙھ جو عوام بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آھي 150 لک کان وڌيڪ جي آبادي تي مشتمل تعلقي خانڳڙہ م ڪيترن ئی سرڪاري کاتن جي آفيسن جو نالو نشان ئي ناھي،تنھن ڪري ڪامورا بہ ڳوليا ڪون ٿا ملن، مختيارڪار ء ھڪ اسڪولي بلڊنگ م عارضي آفيس قائم ڪري ويٺل تعلقي ايجوڪيشن آفيسر کان سواء ٻين کاتن جا ڪامورا تعلقي م ڪٿي بہ نظر نٿان اچن تعلقي اندر مختلف کاتن جون آفيسون نہ ھجڻ ڪري عوام ڪمن ڪارن لاء دربدر چڪر ڪاٽيندي نظر ايندو رھي ٿو سرڪاري کاتن جون آفيسون جن م روڊس کاتو،انجنيئرنگ آفيس، ايريگيشن،لائیواسٽاڪ،سوشل ويلفيئر،زراعت،پبلڪ ھيلٿ جي آفيس اسسٽنٽ ڪمشنر ء ڊي ايس پي آفيس سميت ٻيون شامل آھن تعلقي جي پوسٽن تي مقرر ڪامورا پنھنجون عارضي آفيسون گھوٽڪي ء ميرپورماٿيلو م قائم ڪري ويٺل آھن ڪمن ڪارن جي لاء تعلقي خانڳڙھ جو عوام روزانو گھوٽڪي ء ميرپورماٿيلو جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھي جڏھن تہ نادرا جو پڻ مستقل سينٽر موجود نہ آھي جنھن جي ڪري قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ لاء مرد توڙي عورتون وڏين مشڪلاتن کي منھن ڏيئي رھيون آھن جڏھن تہ ٽاؤن ڪاميٽي خانڳڙھ جي آفيس به مستقل نه ھجڻ ٽاؤن انتظاميہ پنھنجو ڪاروھنوار ھلائڻ لاء عارضي طور صحت کاتي جي ٺھيل رھائشي ڪوارٽرن م پنھنجي آفيس قائم ڪري ويٺل آھن،صحت جي حوالي سان تعلقي جي واحد شيخ ھمدان بن محمد سرڪاري اسپتال مان غريب عوام کي ڪو به لاڀ ملي نه سگھيو آھي اسپتال م دوائن جي کوٽ ھر وقت موجود رھي تي، او ٽي جي ڪا به سھولت موجود نه آھي ان کان سواءِ ٻين شعبن جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نہ ھئڻ ء ليبارٽري م مشينري جي کوٽ سبب خلق خدا آزار ۾ اچي ويو آھي. ڏورانھن علائقن جا ماڻھون پنھنجي بيمار عزيزن کي گھوٽڪي يا سکر علاج لاء کڻي وجڻ تي مجبور آھن تعلقي مان چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ھتان جي عوام کي ڳڻتي م مبتلا ڪري ڇڏيو آھي ،بنيادي سھولتن کان محروم خانڳڙھ جي عوام مطالبو ڪندي نظر اچي ٿو تہ تعلقي خانڳڙھ کي بنيادي سھولتون فراھم ڪري ھنن جون مشڪلاتون ختم ڪيون وجن.

خيرپور م موٽروي پوليس پاران تربيتي سيمينار

خيرپور (ن پ ا) آءِ جي موٽر وي اي ڊي خواجا ۽ ڊي آءِ جي موٽر وي محمد سليم آرائين جي خاص هدايتن تي موٽر وي پوليس بيٽ 27 ڪرم آباد پاران روڊ سيفٽي جي قانون ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٻٻرلوءِ ۾ جاڳرتا سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي سي پي اي قيصر شهزاد، ايڊمن آفيسر انور سعيد ۽ اسڪول جي پرنسپل سعدالله ڀيو چيو ته سفر دوران سيٽ بيلٽ، هيلمٽ جي استعمال ۽ ٽريفڪ قانون جي پابندي ڪرڻ سان پنهنجي ۽ ٻين جون جانيون بچائن ممڪن هوندو جڏهن ته اوورلوڊنگ ۽ تيز رفتاريءَ سبب حادثا پيش ايندا آهن جنهن ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته باءِ پاس ۽ شهر جي روڊن تي گاڏيون هلائڻ دوران احتياط ڪرڻ سان وڏي نقصان کان بچي سگهجي ٿو ۽ ٽريفڪ قانون تي عمل ڪرڻ اسان سڀني جو اخلاقي، قانوني ۽ شهري فرض آهي.