حيدرآباد (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان بحالي ڪميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪرپٽ سياسي ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي، نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي قيادت سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي هو ان جا حقدار آهن، حيدرآباد ۾ پروفيسر ادريس جي پونئرن سان تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اڄ پ پ ۽ ن ليگ جي ڪرپشن جي حوالي سان سياسي پنڊتن ۽ تجزيه ڪارن کان داستان ٻڌون پيا، هونئن ته پي ٽي آءِ چيو پئي ته اسين ٽيون آپشن آهيون، پر جيڪا صورتحال نظر اچي پئي ان مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ به حڪومت کانپوءِ انهن ٻن وڏين پارٽين وانگر ساڳيا ئي الزام کڻي ويندي.
هن چيو ته ته احتساب ۽ سياسي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، انصاف ٿيڻ گهرجي، ملڪ مان ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو عمل مڪمل طور تي تڏهن ختم ٿيندو، جڏهن موروثي سياست جو خاتمو ايندو، ڪرپشن ۾ ملوث ٻين پارٽين جو ته احتساب ٿئي پيو پر پي ٽي آءِ جو احتساب ڪير ڪندو؟ انهي ڪري آئون انهي ڳالهه جو حامي آهيان ته ملڪ مان ڪرپٽ سياسي ڪلچر جو خاتمو اچڻ گهرجي.
هن چيو ته نيب قانون تي تنقيد ڪندڙ پ پ ۽ ن ليگ پنهنجي دور حڪومت ۾ انهي قانون کي بهتر ڇو نه بڻايو؟ نيب اڄ جيڪو به انهن سان ڪري پئي، اهي ٻئي جماعتون انهي عمل جون مستحق آهن، هاڻي جڏهن انهن جي هٿان ڳالهه هلي وئي آهي، نانگ جو ليڪو ڪٽيندا ته ڪو به فائدو نه ٿيندو، اهو ملڪ جي وقار لاءِ به ڪا سٺي ڳالهه ته ناهي جو اڳوڻي صدر ۽ وزيراعظم تي ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا الزام لڳن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي ٻيهر سزا ڏئي، انهي ڪري به نااهل ڪيو آهي، جيئن هو پارٽي جو سربراهه نه رهي سگهي
ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته حيدرآباد جو دورو تنظيم بحالي ڪميٽي واري رابطن کي برقرار رکڻ آهي، پروفيسر ادريس به اسان جو همدرد دوست هيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي 1986ع واري نظرياتي پارٽي جهڙو بنائڻ لاِءِ ڪارڪنن تنظيم کي مستحڪم ڪيو.
پ پ-نوازليگ قيادت نيب ڪاررواين جي حقدار آهي: فاروق ستار
نيب قانون تي تنقيد ڪندڙن پنهنجي دور ۾ ان کي بهتر ڇو نه بڻايو؟
پي ٽي آءِ جو احتساب ڪير ڪندو؟ ڪرپٽ سياسي ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجن
خيرپور ۾ پي پي ايڇ آءِ آفيسرن ۽ ملازمن کي ڪارڪردگي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب
خيرپور (رپورٽر) پي پي ايڇ آءِ سکر ڊويزن پاران خيرپور جي سچل آڊيٽوريم هال ۾ کاتي جي آفيسرن، ملازمن ۽ ورڪرن کي بهتر ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي ايوارڊ ڏيڻ جي سلسلي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي تقريب جي مهمان خاص پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته اڄ جي معاشري ۾ عورتن بهتر مقام ماڻيو آهي جيستائين اسان جي معاشري ۾ عورتون ڊاڪٽر، ليڪچرار، پوليس آفيسر، سياستدان، جج ۽ ٻين سٺن عهدن تي نه پهچنديون تيستائين معاشري ۾ ترقي مشڪل آهي تقريب ۾ وڏي پيماني تي ليڊي ڊاڪٽر ۽ نرسون ڏسي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ اندر صحت جي شعبي ۾ پي پي ايڇ آءِ جهڙي بهترين اداري جو قيام عمل ۾ آندو. تقريب کي پي پي ايڇ آءِ سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر غلام علي سومرو خطاب ڪندي چيو ته پي پي ايڇ آءِ جي ڪم ۾ بي انتها سڪون آهي اسان ماڻهن جي خدمت ڪري دلي سڪون حاصل ڪيون ٿا. تقريب ۾ سکر ڊويزن جي ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين، نرسين، پيرا ميڊيڪل ۽ اسٽاف کي بهتر ڪاڪردگي پيش ڪرڻ تي ايوارڊن سان نوازيو ويو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز عبدالستار چانڊيو، ريجنل ڊائريڪٽر سکر رياض راهوجو، مظهر ويسر، ذيشان منگي، بشير جاگيراڻي، آصف نظير ڪلوڙ خطاب ڪندي چيو ته پي پي ايڇ آءِ جو اسٽاف ڏينهن رات محنت ڪري عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي. تقريب ۾ ڊاڪٽر اعجاز جماڻي، ڊاڪٽر صفي الله مهيسر، ڊاڪٽر اعجاز سمون، خير محمد خميساڻي، فياض راهوجو، عارف عباسي، ڊاڪٽر وزير بوزدار اسد شر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
خيرپور ميونسپل ڪاميٽي اجلاس ۾ ڪائونسلرن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا
شهر ۾ گندگي جا ڍير، گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيٺل آهي، شهري شڪايتون ڪن ٿا: ميمبر
ميونسپل ڪميٽي ۾ وائيٽ ڪالر ملازمن خلاف ڪاروائيون جاري آهن: امجد علي شاهه
خيرپور (رپورٽر)خيرپور ميونسپل ڪميٽي خيرپور جو هڪ اهم اجلاس چيئرمين سيد امجد علي شاهه جيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ وائيس چيئرمين يار محمد ڦلپوٽو سميت مختلف وارڊن جي ڪائونسلرن عبدالوهاب سومرو، محمد جمن سهتو، محمدعلي انصاري، وجيهه الدين حيدر، سعيد احمد ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وارڊن جي ڪائونسلرن سيد امجد علي شاهه اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا ۽ چيو ته شهر ۾ گندگيءَ جا ڍير لڳل آهن ۽ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ بيٺل آهي جنهن ڪري سندن وارڊن جا رهواسي بار بار کين اهڙيون شڪايتون ڪن ٿا پر ميونسپل کاتي جو عملو سندن هڪ به نه پيو ٻڌي. هنن سيد امجد علي شاهه اڳيان گهر ڪئي ته ميونسپل ڪميٽي جي عملي جو قبلو درست ڪيو وڃي ۽ کين مختلف وارڊن جي صفائي سٿرائي واري معاملي ۾ پابند بڻايو وڃي. ان موقعي تي سيد امجد علي شاهه ڪائونسلرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو مختلف وارڊن ۾ صفائي سٿرائي جي معاملي ۾ عملي کي پابند بڻائيندو ۽ غفلت ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. بعد ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سيد امجد علي شاهه جيلاني چيو ته ميونسپل ڪميٽي خيرپور ۾ وائيٽ ڪالر ملازمن پاران پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي سندن خلاف ڪاروائيون جاري آهن فرض نه ادا ڪندڙ ملازمن جون پگهارون پڻ بند ڪيون ويون آهن.
ڪنڌڪوٽ جي عدالت پاران جھيڙي جي ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت منظور
ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ جھيڙي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي عدالت ضمانت منظور ڪري ورتي ضمانت ٿيڻ بعد جوابدار ھوندل جکراڻي آزاد ٿي ويو جڏھن ته گرفتار جوابدار مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي گناھہ نمبر 69/2013 جي ڪيس ۾ گرفتار ھو جوابدار جي ضمانت ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت منظور ڪري ورتي.
ڪنڌڪوٽ پوليس وٽ پيش ٿيندڙ ڏوهاري مقابلي ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
جوابدار غلام حيدر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، مقابلي بعد گرفتار ڪيو: پوليس
جوابدار غلام حيدر بنگوار پاڻ ٿاڻي تي پهچي گرفتاري ڏني هئي: ذريعا
ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: احمد علي مغل) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن پوليس پاڻ پيش ٿيل گرفتاري ڏيندڙ ڏوھاري کي لوھي پل واري علائقي ۾ مقابلو ڄاڻائي گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي. انھي حوالي سان ذريعن مان مليل ڄاڻ موجب مختلف ڪيسن ۾ جوابدار غلام حيدر بنگوار پاڻ پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏني جنھن کي پوليس پنھنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ لوھي پل واري علائقي ۾ مبينا مقابلو ڏيکاري گرفتاري ظاھر ڪئي انھي سلسلي ۾ ايس ايڇ او ٻڌايو تہ اسين معمول موجب گشت تي وڃي رھيا ھئاسين تہ ڏوھاري پوليس کي ڏسي ڀڄڻ لڳو جنھن جو پوليس پيڇو ڪري مقابلي بعد ٽي ٽي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آھي.
ڪنڌڪوٽ ۾ گيس جو بحران ختم نه ٿيو، شهرين پاران ڌرڻي جو اعلان
ايڪشن ڪاميٽي پاران جمعي تي گيس آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو
شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس جي فراهمي بند ڪرڻ زيادتي آهي: اڳواڻ
ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر ) ڪنڌڪوٽ شھر جي اندر گيس جي بحران تي انتظاميہ ڪنٽرول نہ ڪري سگھي آهي. گيس بحال ايڪشن ڪاميٽي پاران جمعي جي ڏينھن گيس آفيس جي آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪميٽي جي گڏجاڻي ايس يو پي آفيس ۾ ٿي گذري جنھن ۾ ابراھيم خاڪي، دلمراد ڏاھاڻي، عباس باجڪاڻي ، شاھنواز مرھيٽو ء محبوب ميراڻي شرڪت ڪئي جنھن ۾ اڳواڻن چيو تہ گيس انتظاميا پاڻ ۾ بدلي جي معاملي تي ھلندڙ جھيڙي جي ڪري شھر اندر ملازمن ڄاڻي واڻي مختلف علائقن جون گيس پائیپ لائینون بند ڪيون آھن شھر جي اندر ڪيترائي علائقا اھڙا آھن جتي 15 ڏينھن کان ھڪ منٽ بہ گيس جي فراھمي نہ ٿي آھي ۽ اڪثر علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جيان ڪيترائي ڪلاڪ بند ڪري چالو ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي جنھن جي ڪري اسان جمعي جي ڏينھن تي شھرين سان گيس بند جي زيادتي ڪرڻ واري عمل خلاف ڀرپور احتجاج ڪنداسين جيئن سوئي سدرن گيس جي اعليٰ اختیارن تائین آواز پھچائي سگھون .
جھڏي ۽ ڀرپاسي امن جو پکي اڏامي ويو، ڦرون، ڌاڙا ۽ چوريون روز جو معمول
اڻڄاتل چور شاهد ۽ ڀيمون ڪولهي جون ٻڪريون، شاهد جروار جي مينهن ڪاهي ويا
خامد شاهه چيڪ پوسٽ وٽ شهري نياز ميمڻ ۽ دادو ٿيٻي کان موٽر سائيڪلون ڦرجي ويون
جهڏو(رپورٽر) جهڏو ڀرسان ڏيئي ٿاڻي جي حد ۾ چورين ۽ ڦرن جو آزار وڌي ويو آهي ڏيئي شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ڳوٺ ملڪ بهاول، سانگي فراهو، ڳوٺ پير بخش چان ڊيو، ڳوٺ هاشم وگهامل، ديھ ڪپوري، ديھ ڪامارو، سميت ٻين علائقن ۾ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن گذريل رات ڳوٺاڻن شاهد علي ۽ ڀيمون ڪولهي جون ٻڪريون چوري ٿي ويون ان کان پهرين شاهد جروار جي ڀلوڙ مينهن، ملڪ اشرف جون ٻه ٻڪريون، غريب پورهيت سومار ڀيل جون ٻه ٻڪريون، جڏهن ته خادم علي شاھ چيڪ پوسٽ وٽ شهري نياز ميمڻ جي موٽرسائيڪل ڦر ڪئي وئي ۽ ساڳي جڳھ تان ڳوٺاڻي دادو ٿيٻو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي وئي چوري ۽ ڦرن جي ودندڙ واقعن خلاف علائقي جي سياسي سماجي حلقن ملڪ اشرف، مظهر حسين، رميش ڪمار، احمد نواز ۽ ٻين چيو ته پوليس جي نااهلي سبب علائقي ۾ چورين جو آزار ودي ويو آهي چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن جنهن سبب علائقي واسي سخت پريشان بڻيل آهن متاثر ڳوٺاڻا فرياد کڻي ٿاڻي تي وڃن ٿا ته پوليس انهن جي مدد ڪرڻ بدران پاٿاريدارن جا ڏس ڏئي موٽائي ڇڏي ٿي ۽ پاٿاريدار ڀنگ وٺي چوري واپس ڪرائن ٿا انهي دندي ۾ پوليس ملوث آهي هنن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته ڏيئي ۽ ڀرپاسي ودندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي علائقي ۾ امن بحال ڪرايو وڃي.
جروار ۾ ڇتن ڪتن جو آزار، 3 ڄڻن کي ڏاڙهي ويا، ويڪسين اڻلڀ
نينگر مستقم، شعيب لنڊ ۽ مراد علي بوزدار کي ڇتا ڪتا ڏاڙهي ويا
زخمي ٻارن ۽ نوجوان کي اسپتال آندو ويو، ويڪسين نه ملڻ سبب وارث پريشان
جروار (رپورٽ: ماجد گبول ) جروار ۽ ڀرپاسي ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺ صاحب خان لنڊ ۾ معصوم 7سالا مسقيم علي شاه ڳوٺ عالم خان لنڊ جي معصوم 6سالا شعيب لنڊ ۽ڳوٺ محمد علي بوزدار جي نوجوان مراد علي بوزدار کي گذريل ڏينهن شھر جي رولو ڪتن حملو ڪري شديد زخمي ڪري وڌو ,زخمي معصوم ٻارن ۽نوجوان جا وارث ٻنهي زخمين کي جروار جي سرڪاري اسپتال پهچايو ,پر سرڪار اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ واري ويڪسين موجود نه هئي ته زخمي معصوم جا وارث پرائيوٽ ميڊيڪل اسٽوري تي ويا پر پرائيوٽ ميڊيڪل اسٽورن تي به انجيڪشن نه ملي سگهي ,ڪتي جي چڪ واري ويڪسين نه ملڻ سبب زخمين جا وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا ,معصوم زخمي ٻار جو ڀاء مزمل علي شاه ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پوري ضلع جي سرڪاري اسپتالن توڙي پرائيوٽ ميڊيڪل اسٽورن ويڪسين اڻلڀ ٿي ويئي آھي, ويڪسين نه ملڻ سبب اسان سخت پريشان آھيون ۽ معصوم ٻار جي به حالت خراب آھي .
ويڪسين مٿان کان روڪي وئي آهي، 7 سئو واري 2 هزار ۾ ڏني وڃي ٿي: ميڊيڪل اسٽور مالڪ
جروار: جروار جي مشهور ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ جوائرسنگھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ويڪسين مٿان کان بند ڪئي ويئي آھي ويڪسين جو ريٽ 7سئو آھي پر ڪمپنين وارا 2هزار ۾ ڏين ٿا ان ڪري پوري ضلع ۾ ويڪسين نه ٿا ملن.
ضلعي ۾ ڪٿي به ويڪسين دستياب ناهي، اسين مجبور آهيون: ڊي ايڇ او
جروار: ڊي ايڇ او گهوٽڪي الطاف سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مٿان کان ويڪسين نه ٿي اچي اسان جي پوري ضلع ۾ ڪٿي به ويڪسين نه آھي اسان پئسه کنيون گهمون ٿا تنهن هوندي به ويڪسين نه ٿي ملي ,ڪيترائي دفعا مٿي ليٽر لکيا آھن پر هن مهل تائين ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آھي تنهن ڪري اسان مجبور آھيون .
ڀارت سميت سمورن ملڪن سان واپار ۽ مضبوط لاڳاپا چاهيون ٿا:اسد عمر
اسلام آباد (رپورٽر) ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڀارت سميت خطي جي سمورن ملڪن سان واپار ۽ مضبوط لاڳاپا چاهيون ٿا، حڪومت جي ڪوشش آهي ته اهڙي پاليسي ٺاهي وڃي جنهن ۾ پوري ملڪ کي فائدو ٿئي، ڪوئيٽا ۾ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبرن کي خطاب وفاقي وزير اسد عمر چيو ته گوادر ۾ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ٺاهيا پيا وڃن، سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ صنعت ۽ واپار کي هٿي ڏيڻي آهي، هن چيو ته غربت جو خاتمو، ڪاروباري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪ ايران واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مهيني ۾ رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حلال فوڊز جي عالمي مارڪيٽ ۾ بلوچستان موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
شاهه محمود قريشي جون افغان صدر، افغاني ۽ ايراني هم منصبن سان ملاقاتون

ڪابل (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 3 ڏينهن جي 4 ملڪي دوري جي پهرين مرحلي ۾ افغان صدر اشرف غني ۽ ايراني هم منصب سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
ڪابل ۾ شاهه محمود قريشي افغان صدر اشرف غني ۽ افغان هم منصب صلاح الدين رباني سان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال، افغان مفاهمتي عمل، معيشت جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو ٻنهي ملڪن لاءِ پر سڄي خطي لاءِ بهتري جو سبب بڻجندو.
هن چيو ته پاڪستان سدائين افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي ڳالهه ڪئي آهي.
ملاقات ۾ صلاح الدين رباني افغان عمل بابت ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. جڏهن ته شاهه محمود قريشي خطي ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو.
افغان صدر افغان عمل لاءِ ڀرپور ڪردار نڀائڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود جو ٿورو مڃيو.
ٻي پاسي افغان صدر ۽ افغان هم منصب سان ملاقات بعد شاهه محمود قريشي ايران جي راڄڌاني تهران پهتو، جتي هن ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف سان ملاقات ڪري اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ملاقات ۾ ٻنهي شخصيتن پاڪ-ايران لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ سيڪريٽري پرڏيهي تهمينه جنجوعه ۽ وفد جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.
ملاقات دوران شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان ايران ان سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري اسان جي پرڏيهي پاليسي جي پهرين ترجيح آهي.
ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف جو چوڻ هو ته ايران ٻنهي ملڪن جا بهتر لاڳاپا ۽ پاڪستان ٻطرفي سهڪار کي هٿ ڏيارڻ لاءِ پرعزم آهي.
هوڏانهن 4 ملڪي دوري دوران پرڏيهي وزير چين ۽ روس به ويندو.
گذريل سال جا ٽينڊر جاري نه ٿيا، ڄامشورو ڊي سي پاران 16 ڪروڙ جون نيون اسڪيمون منظور
ڪوٽڙي تعلقي لاءِ 4 ڪروڙ 76، لک، ٿاڻي بولا خان لاءِ 4 ڪروڙ 69 لک، مانجھند لاءِ 4 ڪروڙ 88 لک منظور
گذريل وقت ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، سال کان پوء عوام ڏانهن وڃڻو آهي، هن دفي ٽينڊر نه ٿيا ته استعفا ڏئي ڇڏيندس: نبي بخش بوزدار
ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي ۾ ضلعي ڄامشورو جي تعلقه وائيس اسڪيمن جي منظوري لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي حال ۾ ضلعي چيئرمين ملڪ شاهنواز خان جي صدارت ٿي گذريو ، اجلاس ۾ ساليانه اسڪيمن جي منظوري ڏني وئي ، جنهن ۾ تعلقه وائيس تعلقه ڪوٽڙي لاء 4 ڪروڙ 76 لک ٿاڻو بولا خان لاء 4 ڪروڙ 69 لک ، مانجهند لاء 4 ڪروڙ 88 لک ، جڏهن ته تعلقي سيوهڻ لاء 4 ڪروڙ 20 لک روپين جون اسڪيمون منظور ڪرايون ويون ، اجلاس ۾ ميمبرن پاران گذريل سال واري اسڪيمن جا ٽينڊر نه ٿيڻ تي دانهون پڻ ڪيون ، اجلاس ۾ ميمبر نبي بخش بوزدار ضلعي چيئرمين اڳيان داهنيدي چيو ته گذريل وقت ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو آهي ، ڪيترائي ڀيرا ٽينڊر پاس ڪرايا آهن ، پر ڪم نه ٿا ڪرايا وڃن ، هن چيو ته سال کان پوء واپس عوام ڏانهن وڃڻون آهي ،اگر هن دفي ٽينڊر نه ٿيا ته استعفا ڏئي ڇڏيندس ، ميمبرن سسئي راجپر ، نريش ڪمار ، سلطانه ، پير بخش ڇڇر ، ٻين پاران ترقياتي اسڪيمون نه ملڻ ۽ ڪم نه ڪرائڻ تي شڪايتون ڪيون ويون ان موقعي تي ضلعي چيئرمين ملڪ شاهنواز خان ميمبرن کي يقين ڏياريون ته جلد کان جلد اسڪيمن جو ڪم شروع ڪرايو ويندو ، ڇاڪاڻ ته اسين عوام جي خدمت ڪرڻ آيا آهيون ، اسان عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا ، ، ضلعو ڄامشورو پ پ پ جو قلعو آهي ، سموري ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو ، جيڪي اسڪيمون منظور ٿيون آهن انهن سان ڪافي مسئلا حل ٿي ويندا ،هن چيو ته تازو ئي ڄامشورو ڦاٽڪ ۽ ڪوٽڙي ڦاٽڪ تي تعمير ڪرايل اوور هيڊ برج پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت جوڙايون، آهن، جنهن سان هتان جي عوام کي سهولت ٿي آهي ، آيندا به هنن ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا .
آصف زرداري جو 26 ڊسمبر تي جي آءِ ٽي رپورٽ بابت حڪمت عملي جي اعلان ڪندو : ترجمان
پيپلزپارٽي ڀڄڻ وارن مان ناهي، بلاول ڀٽو کي نشانو بڻايو ويو ته ڪارڪن ۽ عوام روڊن تي هوندو
سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود رپورٽ ڳجهي نه رکي وئي، موجوده احتساب رڳو اپوزيشن لاءِ آهي
ڪراچي (م ڊ) آصف زرداري جو جي آءِ ٽي رپورٽ بابت 26 ڊسمبر تي حڪمت عملي جي اعلان جو فيصلو، پيپلزپارٽي چيو آهي ته موجوده احتساب اپوزيشن جو صفايو ۽ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آهي، ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو هو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ڳجهي هوندي، عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري جي آءِ ٽي رپورٽ تي ميڊيا ۾ بحث ڪيو ويو، آصف علي زرداري 26 ڊسمبر تي جي آءِ ٽي رپورٽ بابت حڪمت عملي جو اعلان ڪندو، موجوده احتساب ۾ صرف ۽ صرف اپوزيشن اڳواڻ اچن ٿا، جنهن جو مقصد صرف اپوزيشن جو صفايو ۽ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ آهي،هن چيو ته سمورا قدم سليڪٽيڊ حڪومت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن، پ پ لاءِ هي الزام نوان ناهن،پ پ سدائين عدالتن ۾ پنهنجي بي گناهي ثابت ڪئي، پ پ انهن مان ناهي جيڪا ميدان ڇڏي ڀڄي وڃي، اسان مقابلو ڪنداسين، پ پ ترجمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي نشانو بڻايو ويو ته ڪارڪن ۽ عوام روڊن تي هوندو، بلاول کان ان وقت جو حساب ورتو پيو وڃي جڏهن هو هڪ سال جو هو.
نوازشريف اڊيالا جيل منتقل، ابتدائي طبي معائنو مڪمل
سزا ملڻ بعد اڳوڻي وزيراعظم کي اڊيالا جيل جي خاص سيل ۾ منتقل ڪيو
نواز شريف کي اڱاري تي صبح جو ڪوٽ لکپت جيل لاھور منتقل ڪيو ويندو
اسلام آباد (م ڊ) نيب ٽيم نوازشريف کي احتساب عدالت کان اڊيالا جيل منتقل ڪري ڇڏيو، سندس ابتدائي طبي معائنو مڪمل ڪيو ويو، العزيزيه ريفرنس ۾ احتساب عدالت مان سزا ملڻ کانپوءِ نيب باقائده طور اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف کي گرفتار ڪري احتساب عدالت کان اڊيالا جيل جي خاص سيل ۾ منتقل ڪيو، جتي اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جو ابتدائي طبي معائنو مڪمل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب نوازشريف کي اڱاري تي صبح جو اڊيالا جيل کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويندو.
علي محمد مهر ۽ علي گوهر مهر کي اغوا معاملي تي سپريم ڪورٽ جا نوٽيس
ڪراچي(رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري وفاقي وزير علي محمد مهر ۽ سندس ڀاءَ علي گوهر مهر کي اغوا معاملي ۾ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن،سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواستگذار قمبر علي شاهه پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته علي محمد مهر،سندس ڀاءُ علي گوهر مهر ٻين ماڻهن سان گڏجي 2015 ۾ سندس گهر تي حملو ڪيو،حملي وقت انهن سان ٻيا به ڪيترائي ماڻهو گڏ هئا،هنن منهنجي ٻن ڀائرن فرمان علي شاهه ۽ عمران علي شاهه کي اغوا ڪيو،جيڪي اڃا تائين بازياب نه ٿيا آهن،هن درخواست ڪئي ته سندن مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.جسٽس مقبول جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ علي محمد مهر سندس ڀاءُ علي گوهر مهر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
نواز انتقام کي منهن ڏنو، عمران خان جو وارو آهي: مريم اورنگزيب
اليڪشن چور حڪومت ميڊيا تي ڪنٽرول چاهي ٿي، سينسرشپ مڙھي وئي آهي
اسلام آباد (رپورٽر) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف انتقامي سياست کي منهن ڌئي رهيو آهي،هاڻي عمران خان جي حساب جو وارو اچي ويو آهي، ن ليگ ترجمان مريم اونگزيب وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان جي رد عمل ۾ چيو آهي ته الحمدالله نوازشريف خلاف هڪ رپئي جي ڪرپشن يا ڪميشن ثابت نه ٿي، اڍائي سالن جي سخت احتساب باوجود نيب نوازشريف خلاف ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو، نه وري پنهنجي الزامن جو ڪو ثبوت ڏئي سگهيو آهي، اڄ عمران خان جا ڪوڙا الزام بي نقاب ٿي ويا.
ن ليگ ترجمان جو چوڻ هو ته فواد صاحب اوهان ٻين تي الزام لڳائڻ بدران عليمه باجي جو حساب ڏيو،جهانگير ترين جي لٽيل رقم پاڪستان واپس آڻيو، فيصلو اچڻ کانپوءِ حڪومتي ٽيم بوکلاهٽ جو شڪار آهي ته نوازشريف خلاف ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي، هاڻي عمران خان جي احتساب جو وقت اچي ويو آهي ۽ عمران عليمه باجي جي نالي ٺاهيل بي نامي ملڪيت جو جواب ڏي، نوازشريف 165 پيشيون ڀوڳي تاريخ رقم ڪئي، هاڻي عمران خان جي جواب ڏيڻ جو وقت آهي. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته اليڪشن چور حڪمرانن ميڊيا ۾ بدترين سينسرشپ لاڳو ڪئي آهي،حڪومت ميڊيا جا فنڊ روڪي ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي.