دادو(رپورٽر) جوهي جي حاجي لنڪ روڊ تي حادثي ۾ فوت ٿيل ميان ڏتو کوسو جو مڙھ سول اسپتال دادو کان ڪاڇي جي باز مال کوسو نيو پئي ويو ته جوهي ڀرسان حاجي خان لنڪ روڊ تي 12 هٿياربند ڦورن ايمبولنس ۽ ان سان گڏ موٽر سائيڪلن تي ويندڙ ڳوٺاڻن کي هٿيارن جي زور تي روڪي 2 موٽر سائيڪلون ۽ 8 موبائيل سيٽ ڦر ڪري ڀڄي ويا آهن فوتي ڳوٺاڻي جي وارثن پاران جوهي پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ٻن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ نه پهتي ڳوٺاڻن محبوب ، اعجاز کوسو ، شريف لنڊ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ميت سان گڏ هئڻ باوجود،انسانيت کان ڪريل ڦورن کائن ڦر ڪئي آهي ٻئي طرف ايس ايس پي دادو پرويز احمد عمراڻي جو چوڻ آهي اهڙي واقعي جو اطلاع آهي جلد پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري ڦر ڪيل سامان واپس ڪرائيندي.
نوازشريف کي فليگ شپ ريفرنس مان ٽيڪنيل طور بري ڪيو ويو: فواد چوڌري
آصف زرداري ۽ نوازشريف بي نقاب ٿي ويا، نواز جي دفاع لاءِ سندس ٻار به نه آيا
اومني ذريعي سنڌ حڪومت کي استعال ڪيو ويو، ان معاملي ۾ مراد شاهه به ملوث آهي

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري ۽ نوازشريف اڄ بي نقاب ٿي ويا،فليگ شپ ريفرنس ۾ نوازشريف کي ٽيڪنيڪل بنيادن تي بري ڪيو ويو، وفاقي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دنيا جي ڪرپٽ ماڻهن ۾ نوازشريف جو نالو آهي، پاناما ڪيس کي انجام تي پهچائڻ لاءِ عمران خان جي قيادت ۾ ڊگهي جدوجهد ڪئي، هن چيو ته نوازشريف پرڏيهه ۾ اولاد جي نالي تي مڪليتون خريد ڪيون، حسن نواز جي گرفتاري کانپوءِ فليگ شپ ريفرنس اڳتي وڌندو، پاناما ڪيس اپريل ۾ سامهون آيو هو، نوازشريف کي تمام وڏو موقعو مليو،پر ڪنهن به فورم تي وضاحت نه ڪري سگهيو،نوازشريف جي دفاع لاءِ ٻار به نه آيا، اومني گروپ ذريعي سنڌ حڪومت کي استعمال ڪيو ويو، ان سموري معاملي ۾ مراد علي شاه به ملوث آهي.
شهدادڪوٽ لڳ ٻالڪ تلاءُ ۾ ٻڏي فوت، ڪهرام
شھدادڪوٽ ( ن پ ا) شھدادڪوٽ لڳ ٻالڪ پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ڳوٺ عطر چانڊيو ۾ 2 سالن جو چنگيز چانڊيو راند ڪندي پير ترڪڻ سبب تلاءُ ۾ ٻڏي ويو. مقامي ماڻهن ٻالڪ کي بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. فوتي ٻالڪ جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، جڏهن ته سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.
“مسڪين هئڻ ڏوهه آهي؟” دادو ۾ آپريشن متاثر دربدر، رت سڪائيندڙ ٿڌ ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل
ڊيٽا ۽ ٻرڙا شاخ جي پٽي تي آپريشن دوران 65 پورهيتن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا پر بااثرن خلاف ڪارروائي نه ٿي!
سرڪار گهر ڊاهڻ کان اڳ نياڻين جي لڄ ڍڪڻ لاءِ ڇت ته ڏئي ها، بيواهه عورتن احتجاج دوران لڙڪ لاڙي ويٺيون
دادو(ن پ ا) دادو جي ڊيٽا ۽ ٻرڙا شاخ واري پٽي مان 65 گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ سبب متاثر خاندانن دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، 15 کان وڌيڪ متاثر خاندانن ساڳين پلاٽن تي جهوپڙيون اڏي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت شديد سردي ۾ ويهي رهيا آهن. متاثر جهوپڙين ۾ راتيون گهارڻ تي مجبور آهن. آپريشن متاثر ڪٽنب جي هڪ عورت مسمات پٺاڻي ملاح لڙڪ لاڙيندي دانهيو ته گهر ڊاهي پٽ ٿيڻ سبب دربدر آهيون، چار جوان نياڻيون جهوپڙين ۾ رهن ٿيون. مسمات وزيران ٻڌايو ته گهر ڊاهڻ دوران سمورو سامان به ڀڃي ڇڏيو اٿئون، رڌ پچاءَ لاءِ ٿانوءَ ناهن بچيا، معصوم ٻارڙا لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پر ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. غلام محي الدين سولنگي دانهيو ته انتظاميا بااثرن جا گهر ڊاهڻ بدران مسڪينن جي اجهن تي مشينري گهمائي ڇڏي.
چوهڙ جمالي ۾ پل جو ڪم رولڙي جو شڪار، ٺيڪيدار پٿر وڇائي گم، ڌرڻو
ڳوٺاڻن بابو اوٺو، پپو جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين روڊ تي ڌرڻو هنيو
روڊ موري پل تباهه آهي، ٺيڪيدار ڪم شروع ڪندي ئي غائب ٿي ويو: مظاهرين
چوهڙ جمالي(رپورٽ: حميدالله ميمڻ) چوهڙ جمالي لڳ روڊ موري جي پل جي مرمت جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڳوٺاڻن بابو اوٺو، پپو جمالي، جمعون خان کوسو، سيد نظير شاھ لڪياري، نصرالله جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ روڊ موري کان ڪيٽي کوسا ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين دانهيو ته دڙو بئراج جي آر ڊي 164 تي قائم روڊ موري پل ٽٽي تباهه ٿي وئي هئي، ٺيڪيدار پل جو ڪم اڌ ۾ڇڏي غائب ٿي ويو آهي. هنن دانهيو ته پل جو ڪم اڌ ۾ رهيل هئڻ سبب ڪنهن به وقت حادثو پيش اچي سگهي ٿو، نوٽيس ورتو وڃي.
نيب نوازشريف کي وٺي اڊيالا رواني، سڀاڻي ڪوٽ لکت منتقلي جو امڪان
اسلام آباد (م ڊ) نيب ٽيم نوازشريف کي وٺي احتساب عدالت کان اڊيالا جيل رواني ٿي وئي، العزيزيه ريفرنس ۾ احتساب عدالت مان سزا ملڻ کانپوءِ نيب باقائده طور اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف کي حراست ۾ وٺي عدالت کان اڊيالا جيل وٺي وئي، ذريعن موجب نوازشريف کي سڀاڻي صبح جو اڊيالا جيل کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويندو.
ٽنڊومحمدخان:معذورن جو 50ھين ڏينھن بھ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج
ٽنڊومحمد خان(ن پ ا)ٽنڊو محمد خان جا معذور مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو سراپا احتجاج بڻيل. معذورن پاران سرڪاري ادارن ۾ ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف اڄ 50 هين ڏينهن به پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال جاري رکي. صحافين سان ڳالهائيندي معذور اتحاد جي اڳواڻن مير محمد خاصخيلي، ستار سانڌ، منور مڱڻهار ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ معذورن لاءِ 2 سيڪڙو سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر حڪومت اڃان تائين ڪا به ان ۾ اڳڀرائي نه ڏيکاري آهي، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معذورن کي سرڪاري ادارن ۾ فوري طور نوڪريون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو..
نوشھروفيروز:آپڪا پاپوليشن ملازمن جي احتجاجي ريلي ۽ مظاھرو
نوشھروفيروز(ن پ ا)آپڪا پاپوليشن ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ هيڊ آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ضلعي صدر ذاڪر مراد ابڙو، منظور کوسو، غلام مصطفيٰ ڦل، ابراهيم خاصخيلي، ارشاد گجر، انيلا هڪڙو، بيگم مختيار ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سنڌ اندر سڀني کاتن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي ٿو رڳو پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل نه ڏيڻ ناانصافي آهي. ٻي طرف ڪچن ملازمن کي پڪو ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري ملازمن ۾ سخت بي چيني پکڙيل آهي. هنن چيو ته اسان سنڌ حڪومت ۽ صحت جي وزير کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ريٽائرڊ ملازمن جي اولاد کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ سميت ٻيا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو..
شام مان بچيل داعش جو خاتمو هاڻي ترڪي ڪندو: ڊونالڊ ٽرمپ
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته شام مان داعش جي باقي بچيل طاقت جو خاتمو هاڻي رجب طيب اردگان ڪندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ پيغام ڊونالڊ ٽرمپ چيو ته شام مان آمريڪي فوجن جي واپسي بعد ترڪ صدر اردگان وچ اوڀر جي جنگ سٽيل رياست ۾ دهشتگرد خلاف جنگ تيز ڪندو.
ٽرمپ موجب ترڪ صدر اردگان کيس واضح طور ٻڌايو آهي ته شام مان داعش جو خاتمو هاڻي ڪندو. ان ٽوئيٽ کان اڳ آمريڪي ۽ ترڪ صدر پاڻ ٽيليفون تي رابطو به ڪيو.
اسپين ۾ سانتا ڊوڙ، هزارين ماڻهو روايتي لباس پهري شريڪ
سالياني ڊوڙ ۾ هزارين ماڻهن شريڪ، هر طرف سانتا ئي سانتا نظر آيا
ميڊرڊ (دلچسپ) اسپين ۾ ساليانو سانتا ڪلاز ڊوڙ مقابلو ڪرايو ويو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو سانتا لباس اوڙهي ڊوڙ ۾ شريڪ ٿيا، جنهنڪري سڄي ميڊرڊ شهر ۾ سانتا ئي سانتا ڪلاز نظر آيا ۽ روڊ رستن تي صرف ڳاڙهو رنگ نظر آيو. سالياني ڊوڙ ۾ مختلف ملڪن مان سياح به ايندا آهن، جڏهن ته فلاحي ڪمن لاءِ رقم پڻ گڏ ڪئي ويندي آهي، جيڪا ڪينسر جي مريضن لاءِ استعمال ۾ آندي ويندي آهي.
ٺٽو:حليم عادل شيخ پاران ٺٽو اسپتال جو اوچتو دورو.مريضن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا
ٺٽو ( ن پ ا ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ٺٽي جي سول اسپتال جو دورو ڪيو.سڄي اسپتال ۾ صرف ھڪ ڊاڪٽر موجود، 5 سالن کان ايڪسري مشين خراب، مريضن علاج جي سھولت نھ ملڻ ۽ دوائن جي نھ ھجڻ وارين شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا. رات دير سان پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ اوچتو ٺٽو سول اسپتال جو دورو ڪري اسپتال جي مختلف وارڊن جو معائنو ڪري داخل مريضن کان معلومات ورتي. ان موقعي تي ٻارن واري وارڊ کانسواءِ ٻي ڪنھن بھ وارڊ ۾ ڊاڪٽر موجود ن ھو.موجود مريضن ۽ انھن جي وارثن شڪايت ڪندي چيو تھ اسپتال ۾ علاج جي ڪا سھولت ناھي.اسپتال ۾ ڪا بھ دوا موجود نھ آھي. سموريون دوائون ٻاھران اسٽورن تان خريد ڪرڻيون ٿيون پون. صحافين سان ڳالھائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو تھ اسيمبلي ۾ وڏيون تقريرون ڪري صحت واري وزير چئي ٿي تھ ھنن اسپتالن ۾ وڏي بھتري آندي آھي. مريضن کي دوائن جي فراھمي ڪئي وڃي ٿي. جڏھن تھ سڄي سنڌ جي اسپتالن جي حالت تباھ ڪن آھي. مريضن کي ڪا بھ دوا جي سھولت ميسر ناھي ھن چيو تھ سول اسپتال جي ڪروڙين روپين جي بجٽ ھڙپ ڪئي پئي وڃي.اسپتال اين جي اوز حوالي ڪري اڌو اڌ بجٽ کاڌي پئي وڃي. ھن چيو تھ ٺٽو سول اسپتال جي ڳڻتي جوڳي حالت تي اسيمبلي ۾ آواز اٿاري کائن سخت پڇاڻو ڪندو. ھن چيو تھ پي ٽي آئي حڪومت عوام کي بھتر صحت جي سھولت ڏيارڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي..
ميڪسيڪو ۾ ڪرسمس جي مناسبت سان انوکو رڪارڊ
هڪ لک پلاسٽڪ بوتلن سان دنيا جو سڀ کان وڏو ڪرسمس وڻ تيار
رڪارڊ جوڙڻ لاءِ شاگردن ست هفتا محنت ڪري مڪمل ڪري ڏيکاريو

ميڪسيڪو سٽي (دلچسپ) ميڪسيڪو ۾ ڪرسمس جي مناسبت سان دنيا جو سڀ کان وڏو پلاسٽڪ جي بوتلن مان ٺاهيل وڻ تيار ڪيو ويو. ان ڪارنامي کي پوري ڪرڻ لاءِ 70 اسڪولن جي شاگردن ست هفتن تائين محنت ڪئي ۽ مختلف هنڌن تان پلاسٽڪ جون هڪ لک بوتلون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. انهن بوتلن کي ري سائڪل ڪرڻ کانپوءِ 90 فوٽ ڊگهو ڪرسمس وڻ تيار ڪيو ويو آهي. اهو رڪارڊ جلد گئنيز بوڪ آف ورلڊ رڪاڊ ۾ شامل ڪيو ويندو.
نوازشريف العزيزيه ريفرنس ۾ گرفتار، ملڪيت ضبط، 2 پٽ روپوش قرار
نوازشريف کي فليگ شپ ريفرنس مان ثبوت نه ملڻ ڪري بري ڪيو ويو
عدالتي فيصلي بعد نوازشريف کي گرفتار ڪيو ويو، ڏيڍ ارب رپيا ڏنڊ لاڳو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ڏيندي فليگ شپ ريفرنس مان بري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي بعد نوازشريف کي گرفتار ڪيو ويو.
احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ قيد جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ ڏيڍ ارب رپين جو ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو.
احتساب عدالت نوازشريف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندس ٻنهي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي روپوش قرار ڏنو ۽ سندن دائمي وارنٽ به جاري ڪيا ويا.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف العزيزيه ريفرنس ۾ ڪافي پڪا ثبوت موجود آهن، هو مني ٽريل ڏيڻ ۾ به ناڪام رهيو آهي، جڏهن ته فليگ شپ ريفرنس ۾ ڪي خاص ثابتيون عدالت کي فراهم نه ٿي سگهيون، تنهنڪري ان ريفرنس مان کيس بري ڪيو وڃي ٿو.
نوازشريف فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت ۾ موجود هو، فيصلي کانپوءِ فوري پوءِ کيس العزيزيه ريفرنس ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته حسن ۽ حسين کي رپوش قرار ڏنو ويو.
ڊيرا بگٽي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل ، ٻار سميت 2 زخمي
سور واري علائقي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي ،عورت ٿڏي تي قتل
فائرنگ ۾ قبائلي اڳواڻ عبدالڪريم بگٽي ۽ هڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيا ، جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا
صحبت پور (رپورٽر) بلوچستان جي ڊيرا بگٽي جي سور واري علائقي ۾ پراڻي تڪرار ھٿيار بندن جي فائرنگ ھڪ عورت قتل ٿي وئي جڏھن ته فائرنگ ۾ قبائلي اڳواڻ عبدالڪريم بگٽي ،ھڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيا واقعي بعد ھٿيار بند موقعي تان فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع ملڻ بعد ڊيرا بگٽي ٿاڻي جي ليويز فورس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري مقتولا جو لاش ۽ زخمين کي پي پي ايل اسپتال سوئي پھچايا جتان پوسٽمارٽم لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته زخمين کي رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو ليويز اھلڪارن موجب واقعو پراڻي تڪرار جي نتيجي ۾ پيش آيو آھي واقعي جو اڃاتائين ڪو بي ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.
نواز کي فليگ شپ ۾ بري ڪرڻ وارو فيصلو چيلنج ڪبو: نيب

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم پاران فليگ شپ ريفرنس ۾ نوازشريف کي بري ڪرڻ وارو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي