جروار(رپورٽ: ماجد گبول) جروار ويجهو ڳوٺاڻي تي مبينا ڪارنهن جو الزام هڻي گهر تي حملو ڪرڻ جو واقعو پيش آيو آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺ بهادر فقير جو رهواسي علي احمد گبول گذريل ڏينهن پريس ڪلب جروار پهچي دانهيو ته ڳوٺاڻو مصري گبول مون مٿان ڪوڙو ڪارنهن جو الزام ڏيئي ڌمڪائي رهيو آھي,ڪجھ ڏينهن اڳ مصري گبول پنهنجي پٽن سان گڏ اسان جي گهرن تي حملو ڪري گهرن اندر گهڙي گهر ڀاتين تي تشدد ڪيو ۽هوائي فائرنگ ڪئي ۽ خوف حراس پکيڙيو ۽ فانرنگ ڪرڻ کان پوء ڌمڪايو ته جيڪڏھن تون ڪارنهن جو عيوضو نه ڏيندي ته تو کي مارينداسين ,هن چيو ته مان فورن جروار پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس نه آئي ,بعد ۾ مان ايس ايس ڇي گهوٽڪي آڏو پيش ٿي دانهيو ايس ايس پي گهوٽڪي به جروار پوليس کي حڪم ڪيو پر ايس ايس پي گهوٽڪي جي حڪم باوجود جروار پوليس مدد ڪرڻ لاء تيار نه آھي هن ڊي آء جي سکر کي تحفظ جي اپيل ڪئي.
”سڱ چٽي“: جروار ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان جي گھر تي حملو
ڳوٺ بهادر فقير ۾ نوجوان علي احمد گبول جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج، مصري گبول تي حملي جو الزام
جوابدار فائرنگ ڪري چيو ڪارنهن جو عيوضو ڏي نه ته ماري ڇڏيندس، پوليس به ڪارروائي نٿي ڪري، تحفظ ڏنو وڃي
سنڌ يونيورسٽي آفيسرز ايسوسيئيشن جي چونڊ: سجاد شاهه صدر ۽ منظور پنهو ر جنرل سيڪريٽري ٿي ويا
ڄامشورو (رپورٽر)سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اليڪشن ۾ فرينڊس پينل ڪامياب. سترهين گريڊ کان 20 ھين گريڊ جي آفيسرن جي ٺھيل يونين آفيسر ايسو سيشن جي چونڊ چيئرمين اليڪشن پروفيسر معشوق صديقي جي نگراني ۾ شروع ٿي، جنھن ۾ 160 آفيسرن پنھنجي ووٽ جو حق ادا ڪيو. اليڪشن ۾ 2 پينل آفيسر اتحاد ۽ آفيسر فرينڊس پينل آمھون سامهون هئا.نتيجي ۾ فرينڊس پينل جي ھڪ عهديدار خزانچي کانسوء باقي پينل ڪامياب ٿيو، جن ۾ صدر تي سيد سجاد شاھ 94 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته اتحاد پينل جي ابراھيم ميرجت 53 ووٽ کڻي سگهيو، انکان علاوه فرينڊس پينل جي نائب صدر فيصل زمان مغل 77 ووٽ جڏهن ته اتحاد پينل جي غلام قادر سھارڻ 66 ووٽ حاصل ڪيا، جنرل سيڪريٽري فرينڊس پينل جي منظور پنھور 76 ووٽ کنيا جڏهن ته اتحاد پينل جي الھوڌايو سھتو 67 ووٽ کڻي سگهيو، جوائينٽ سيڪريٽري فرينڊس پينل جي ڪاشف ناريجو 74 ووٽ کنيا ۽ اتحاد پينل جي علي حمد ٽالپر 71 ووٽ کنيا، انکان علاوه خزانچي جي عهدي تي اتحاد پينل جي تسليم مرزا 72 ۽ فرينڊس پينل جي آفتاب قبوليو 67 ووٽ حاصل ڪيا.فرينڊس پينل جي ڪامياب ٿيل صدر سيد سجاد شاهه پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو آهي ته اسان اڳ به آفيسرز ايسوسيئيشن ۾ رهي آفيسرز جي مسئلن کي حل ڪيو آهي، هن ڀري به جن دوستن اسان تي اعتماد ڪري اسان کي کٽرايون آهي انهن کي ڪڏهن به مايوس نه ڪنداسين.
مهراڻ يونيورسٽي ۾ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب، 60 شاگردن کي ڪمپيوٽر ڏنا ويا
ڄامشورو (رپورٽ: رحمان ميمڻ)مهراڻ يونيورسٽي جي سينٽر آف ايڪسيلنس ان آرٽ اينڊ ڊزائن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب ٿي گذري جنهن ۾ 60 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ ڏنا ويا. ليپ ٽاپ اسڪيم جي فوڪل پرسن عبدالمالڪ چني چونڊ ٿيل شاگردياڻين ۽ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا. تقريب کي خطاب ڪندي عبدالمالڪ چني چيو ته جن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن اهي ان جا حقدار آهن ۽ ان کي هو اعزاز سمجهن. هن چيو حڪومت پاران ليپ ٽاپ ڏيڻ واري اسڪيم ساراهه جوڳي آهي جنهن سان ملڪ جي هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فائدو ٿيو آهي ۽ شاگردن جي تعليم طرف دلچسپي وڌڻ لڳي آهي. تقريب بعد شاگردن ۽ شاگردياڻين ليپ ٽاپ ملڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
سنڌي ادبي سنگت اڪري جون چونڊون، علي مدد شاهه سيڪريٽري چونڊجي ويو
فيض گنج (ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ اڪري جون چونڊون ضلعي رابطا سيڪريٽري لالڻ چنو جي اڳواڻي ۾ ٿيون، جنهن ۾ ساگر امير حيدر شر ۽ غلام فريد هاليپوٽو چونڊ معاون طور شريڪ رهيا، سيد علي مدد شاھ سيڪريٽري چونڊجي ويو جڏهن ته ڪائونسلر عادل مظفر شر، جوائنٽ سيڪريٽري امداد علي احساس، آڊيٽر سيد صغير عباس شاھ، خزانچي محمد اقبال موروجو کي چونڊيو ويو، جڏھن تہ ڪاروباري ڪاميٽي ۾ آرزو عابد شر غلام فريد هاليپوٽو خالد حسين ڏاھري نائب علي شاد وفا علي حسن شر چونڊيا ويا.
جيڪب آباد واسي جو ڀاتين سميت پوليس خلاف احتجاجي جيڪب آباد واسي جو ڀاتين سميت پوليس خلاف مظاھرو
جيڪب آباد(ن پ ا) جيڪب آباد جي لاشاري پاڙي جي رھواسي پير سن رسول بخش گولو پنھنجي زال غلام صغران ۽ بيواھ ڌيء گل جان سميت قرآن پاڪ کڻي سٽي پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانھنيو آھي ته ڪجھ ڏينهن اڳ سٽي پوليس پاڙيسري پاران سائيڪل چوري جي لڳايل الزام ھيٺ منھنجي 20 ورھين جي پٽ محمد يوسف گولو کي گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ بعد ۾ اسين پاڙيسري نياز ٽالاڻي کي ميڙ منٿ ڪرڻ بعد راضي ڪيوسين ۽ ان لکي ڏنو ته ھو راضي آھي ان بعد سٽي پوليس جي اي ايس آئي عبدالرزاق گولو ۽ فيروز مڱريو اسان کان پٽ جي آزادي لاء 50 ھزار رشوت طلب ڪئي جيڪا ادا نه ڪرڻ تي ھنن منهنجي پٽ خلاف 13 ڊي جو جڙتو ڪيس داخل ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو آھي ھن چيو ته سٽي پوليس مونسان ظلم ڪيو آھي اعليٰ اختياريون نوٽس وٺن منهنجي پٽ خلاف ٿيل جڙتو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.
ڏهرڪي ۾ اينگرو فيڪٽري جا برطرف ملازم 3 سالن کان بحال نه ٿيا، بک هڙتال جاري
ڏهرڪي (ن پ ا) اينگرو فيڪٽري مان بلا برطرف ٿيل 9 مزدور ٽي سال گذري وڃڻ بعد به بحال نه ٿي سگهيا آهن, بحالي لاء مسلسل احتجاج ۽ پنج مهينا لاڳيتو فيڪٽري گيٽ آڏو بک هڙتال ڪندڙن مان 3 مزدور فوت ٿي چڪا آهن ، ٻه ڄڻا بيماري جي بستري تي پيل آهن. ان سلسلي ۾ برطرف ٿيل مزدورن حافظ محمد مراد سپيو, فقير محمد پتافي احتجاج ڪندي چيو ته اسان سال 2009 کان اينگرو ۾ ورڪ آرڊر تي ڪم ڪري رهيا هيا سين ته سال 2015 ۾ 9 مزدورن جنهن ۾ مراد سپيو, فقير محمد پتافي ,علي اصغر ڇڄڻ,محمد علي سومرو,علي عباس ,احمد علي,مشتاق احمد ,الله جوايو,اڪبر علي,کي بلا جواز اينگرو انتظاميه بلا جواز برطرف ڪري ڇڏيو,هنن الزام هڻندي چيو آھي ته ٺيڪيدارن ۽ مزدور يونين وارن جي ملي ڀڳت سان اسان کي برطرف ڪرائي اسان جي جاء تي ٺيڪيدارن ۽ يونين جي اڳواڻن رانجهن سميجو ۽ ٻين پنهنجا ڀائر ۽ ڀاڻيجا ڀرتي ڪرائي ڇڏيا آهن. الزام هيٺ آيل اينگرو سي بي اي مزدور يونين جي جنرل سيڪريٽري رانجهن سميجو چيو ته اسان مزدورن کي برطرف ناهي ڪرايو پر,ٺيڪيدار ڀرچونڊي پير ميان اجو مزدورن کي برطرف ڪرائي پنهنجا مٽ مائٽ ڀرتي ڪرايا هيا.
جيڪب آباد ۾ آپڪا جي سڏ تي مظاهرو، آفيسن کي تالا
جيڪب آباد(رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن جي مرڪزي سڏ تي ڊي اي او سيڪنڊري آفيس کان تالا ھڻي ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ ملازمن نصر الله ڊومڪي، محمد مراد سومرو، مجيد سرڪي، سجاد سومرو، دولت جکراڻي، ممتاز ڪناسرو، الطاف پنھور، شبير کوسو، محمد علي لاشاري، سعيد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي جيڪا ڊي سي چوڪ پھتي ملازمن چارٽر آف ڊيمانڊ جي منظوري لاءِ نعريبازي ڪئي ملازمن مطالبو ڪندي چيو ته ڪلارڪس ڪيڊر کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي تمام ڪلارڪس ڪيڊر جي رھيل اپ گريڊيشن ڪئي وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ملازمن جا اسڪيل روائيز ڪري %100 پگھار وڌائي وڃي ڪلارڪن جي اولاد لاءِ %50 ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي تمام لوڪل گورنمينٽ ملازمن جون پگھارون ٽريزري معرفت ڏنيون وڃن ھنن چيو ته سرڪاري ملازمن جو ڪٽوتي ڪيل گروپ انشورنس جا پئسا رٽائرمينٽ وقت ادا ڪيا وڃن سرڪاري ملازمن جا بينئول فنڊ جا پئسا ادا ڪيا وڃن سڀني سرڪاري ملازمن جون بند ڪيل پگھارون کوليون وڃن ته انھن جي گھر ۾ فاقا ڪشي ختم ٿئي سرڪاري ملازمن ۾ وڌندڙ بي چيني ختم ڪئي وڃي مطالبا نه مڃيا ويا سڄي سنڌ ۾ تحريڪ ھلائي ويندي.
سنڌ جو عوام صحت جي سهولتن کان محروم آهي: حليم عادل شيخ
ڇهانوي ارب رپيا بجيٽ هجڻ باوجود اسپتالن ۾ بخار لاهڻ جون گوريون نٿيون ملن
هڪ پڦي سنڌ جي مالڪ آهي ته ٻي صحت جي وزير آهي سندس ڪير پڇاڻو ڪندو؟
مٺي (ڊ ر) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ جي مختلف شهرن مٺي . چيلهار سميت ڳوٺن م اسپتالن، اسڪولن، فلٽر پلانٽن جا دورا ڪيا. جتي تعليم صحت جون سهولتون نه ملڻ ڪري ماڻهن شڪايتن ڪيون. ميڊيا سان ڳالهائيدي حليم عادل شيخ چيو ته پوري سنڌ گهمي آيو آهيان ڪٿي به اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون ناهن ڇهانوي ارب روپيا ساليانه صحت کاتي تي عوام کي علاج معالج جي نالي تي خرچ لاءِ اچن ٿا ڪرپشن جي ڪري عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون نه مليل آهن، اسپتالن عوام کي بخاري لاهڻ جي گوري به نٿي ملي رڳو پرچيون لکي ٻاهران دوائون گهرايون ٿيون وڃن. هن چيو ته سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ هڪ ڦڦي آهي ٻئي ڦڦي صحت جي وزير بڻيل اهي کائن ڪير پڇڻ وارو نه آهي ته عوام جي نالي تي ايندڙ بجيٽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.
اوستا محمد ۾ ناريءَ کي زوري پرڻائڻ جي ڪوشش
ناري رقيه بي بي جو پيءُ تي کيس پيسن عيوض وڪرو ڪرڻ جو الزام
پيءُ جا گرفتاري وارنٽ به نڪتل آهن، اڳ به مونکي وڪرو ڪيو هو، تحفظ ڏنو وڃي
ڳڙهي خيرو ( رپورٽ: ساگر ڀٽي) زبردستي شادي ڪرائڻ خلاف نوجوان ناري اوسته محمد پريس ڪلب پھچي وئي. ناري رقيه بي بي پريس ڪلب ۾ دانھيندي ٻڌايو ته سندس امڙ فوت ٿي چڪي آهي ۽ سندس پيءُ نشئي آھي ھو پئسن عيوض مونکي وڪرو ڪرڻ چاھي ٿو ھن چيو تہ مان ھن وقت پنھنجي ماسي سان گڏ رھان ٿي ھن چيو تہ مون پنھنجي والد جي خلاف ڪورٽ ۾ درخواست ڏني آهي جنھن سندس گرفتاري جا وارنٽ به جاري ڪيا آهن . ھن چيو تہ منھنجو والد عبدالرئوف لالچي ۽ نشئي آھي جنھن مونکي اڳي به وڪرو ڪيو ھو. ھن چيو تہ آء ھن وقت بيمار آھيان مونکي ماسي کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو ڪو آسرو ناھي ھن چيو تہ مان شادي ڪرڻ نٿي چاھيان. ناري ھائي ڪورٽ بلوچستان ، وزير اعليَ بلوچستان ۽ ٻين وس وارن کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڳڙهي حسن مان 5 سال اڳ اغوا ٿيل نينگر نه موٽيو، وارث پريشان
12 ورهين جي الطاف کوسي کي پوليس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو
پٽ جي بازيابي لاءِ هڪ هڪ وڏيري وٽ ويو آهيان، پوليس به ڪجھه نٿي ڪري: حبيب کوسو
ڳڙھي حسن(رپورٽ: محمد حسن کوسو) ڳڙھي حسن لڳ ڪريم بخش ٿاڻي جي حد م ڳوٺ محمد اسماعيل کوسو مان پنج سان اڳ اغوا ٿيل الطاف کوسو جي بازيابي لا۽ سندس پي حبيب الله کوسو ۽ سياسي سماجي اڳواڻ حاجي رسول بخش۔ رحيم بخش۔آصف کوسو۽ ٻين احتجاج ڪيو آھي ۽ احتجاج دوران حبيب الله کوسو دانھيندي ٻڌايو آھي ته پنج سالن کان به وڌيڪ عرصو ٿي ويو آھي ۽ اڃان تائين پٽ حافظ قرآن الطاف کوسو بازياب ناھي ٿيو ۽ تر جي ھڪ ھڪ ڀوتار وٽ وڃي وڃي ٿڪجي پيو آ ۽ ڪو به مدد ڪرڻ لا۽ تيار ناھي۔ ھن چيو آھي ته ڪريم بخش کوسو پوليس به پٽ جي بازيابي لا۽ قدم ناھي کنيو۔۽ ھن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو آھي ته منھنجي پٽ جي اغوا م ملوث پوليس اھلڪار سنڪدر کوسو۔۽ عبدالقدير کوسو۔ابراھيم کوسو۔مولابخش کوسو۔سرعام گھمي رھيا آھن ۽ ڪريم بخش پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا۽ تيار ناھي۔ ھن ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪيو ته پٽ الطاف کوسو کي بازيابي ڪري انصاف ڪيو وڃي۔ٻي پاسي رابطي ڪرڻ تي پوليس اھلڪار سڪندر کوسو چيو آھي ٿه مان الطاف کوسو جي اغوا م ملوث ناھي ۽ ھي ڪوڙو الزام ھنيو پيو وڃي ۽ حبيب الله کوسو جتي چوي فيصلو ڏيڻ لا۽ تيار آھيان.
مني لانڊرنگ ڪيس جي ڀيٽ ۾ نوازشريف ويچارو آهي، جي آءِ ٽي زرداري سسٽم کي وائکو ڪيو: شهزاد اڪبر
اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس کي ڏسجي ته نوازشريف ويچارو آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو آهي، اومني گروپ ذريعي سنڌ حڪومت استعمال ٿي، مراد علي شاهه به ان معاملي ۾ ملوث آهي، اسلام آباد ۾ فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي صلاحڪار بيريسٽر شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي رپورٽ سنڌ ۾ زرداري سسٽم کي بي نقاب ڪيو، سنڌ جا ماڻهو زرداري سسٽم کان واقف آهن، اسان گري لسٽ ۾ ڇو آهيون، جي آءِ ٽي رپورٽ ڏسي خبر پئجي وڃي ٿي، جعلي اڪائونٽس ذريعي پئسا هڪ کان ٻي ۽ ٻي کان ٽئين کي منتقل ٿيا، اومني گروپ کي خريدڻ بعد سنڌ حڪومت ان انڊسٽري لاءِ اسڪيم ڪڍندي هئي، مختلف شعبن جي سسبڊي مد ۾ 60 ارب رپيا جعلي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا ويا، اومني جي اثاثن جي ڪل رقم 15 ارب کان وڌيڪ نه هئي، اثاثا وڌيڪ ڏيکاري اومني گروپ کي سنڌ بينڪ ۽ نيشنل بينڪ کان 54 ارب رپين جو قرض ڏنو ويو، جي آءِ ٽي رپورٽ مطابق ڪيس جو مرڪزي ڪردار آصف زرداري آهي،بلاول لاءِ 27 ٻڪرن جي قرباني به جعلي اڪائونٽ مان ڪئي وئي، فريال ٽالپر جي ڊفينس واري گهر ۽ زرداري جي نوابشاهه واري گهر لاءِ رقم به جعلي اڪائونٽ مان ڏني وئي.
ڏوڪري ۾ جھيڙي جي زخمي ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف مظاهرو
رب ڏنو سانگھرو اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ بليڪ ميل پيو ڪري: ڳوٺاڻا
بااثر جوابدار هٿيارن جي زور تي اسان تي حملو ڪيو، اختيار ڌڻي انصاف ڏيارين
ڏوڪري رپورٽر: (راجا ٻگھيو) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سانگھرو ۾ هڪ ڏينهن اڳ زمين جي تڪرار تان جهيڙي دوران زخمي ٿيل ڪامل، ڏاڏو، رازق ڏنو سانگھرو ۽ ٻين ڳوٺاڻن مومن سانگھرو وسيم، آزاد، حسين بخش، مظفر، ۽ عمران سانگھرو ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته رب ڏنو سانگھرو هڪ بااثر ماڻهو آهي جيڪو ڪلھ ٻين ذاتين جا ماڻهو ساڻ ڪري هٿيارن جي زور تي اسان جي ماڻهن تي حملو ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي اسان جي موروثي زمين آهي ۽ ھن زمين جو رڪارڊ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان روينيو رڪارڊ چيڪ ڪرائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري کي درخواست ڏني هئي جنهن جي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري رپورٽ ٺاهي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي جنهن مٿين مهيني جي چار تاريخ تي ٻنهي ڌرين کي گهرايو آهي پر ڪلھ بااثر ماڻهو رب ڏنو سانگھرو پرائيوٽ ماڻهو ساڻ ڪري هٿيارن جي زور تي اسان جي ماڻهن تي حملو ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي موروثي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته رب ڏنو سانگھرو هڪ بااثر ماڻهو هجڻ سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي جي وڪيلن جي منشيگيري ڪندو آهي جنهن جي آڙ ۾ اسان جي ڳوٺ سميت تعلقي ڏوڪري جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي ملڪيتن تي سول ڪورٽ ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي بليڪ ميل ڪندو رهندو آهي ۽ پرائيويٽ ماڻهو ساڻ ڪري هٿيارن جي زور تي قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڏوڪري ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالستار مگسي “پنهنجي اخبار” کي ٻڌائيندي چيو ته جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جا ماڻهو زخمي آهن جنهن جي ڪري ٻنهي ڌرين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
ڏيپلي ۾ راشن ورڇ ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ڌرڻو
صحت کاتي جا عملدار رليف راشن جا ٿيلها پنهنجن کي ڏئي رهيا آهن: ڳوٺاڻا
راشن جا ٿيلها انهن کي ڏنا وڃن ٿا جنهن جو اولاد 3 سال کان وڏو آهي، انصاف ڪيو وڃي
ڏيپلو( رپورٽ: نريش موراڻي) ڏيپلو ۾ ڳوٺاڻن ماءُ ۽ ٻار کي سرڪاري رليف راشن بيگ ڏيڻ واري عمل ۾ مبينا پنهنجا نوازي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڏيپلو پريس ڪلب اڳيان ڳوٺاڻن آنٻو ڀيل ـ ماووجي ڪولھي ـ نگو ڀيل ـ جانو زال مڪو ڪولھي ـ سامي زال نٿو ـ سامون زال ڪلو ـ مصران زال آنٻو ۽ ٻين عورتن ۽ سندن وارثن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هنن چيو ته ڏيپلو ۾ سنڌ سرڪار پاران غريب حمل سان ۽ 6 مھينن کان ننڍي عمر جي ٻار جي ماء کي رليف راشن بيگ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ليڪن ڏيپلو ۾ صحت کاتي پاران من پنسدن جا نالا لکي راشن بيگ ڏئي رھيا آهن ـ صحت کاتي وارا پنهنجي من پسندي ڪري اسان غريبن جو حق کسي رھيا آهن ـ صحت کاتي وارا پوليو پيارڻ اچن ٿا ـ حمل وارين عورتن کي ويڪسن ڪرڻ اچن ٿا ڇا انهن وٽ انهن جو رڪارڊ نه آهي جو ھو انهن کي سامان ڏئي سگهن ـ ڏيپلو شھر سميت ٻھراڙي ۾ اڪثر اھڙين عورتن جا نالا لکيا ويا آهن جنهن جا پوٽا وڏي عمر جا آهن ـ ۽ ٻيو انهن کي ڏنا ويا جنهن جو اولاد 3 سال کان وڏو آهي اسان اعلي اختيارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جا جيڪي صحيح نالا ھجن انهن کي حق ڏنو وڃي ـ ٻئي صورت ۾ اسان ٻيھر اربع جي ڏينهن ڌرڻو ھڻنداسين ـ ٻئي طرف ڊي ايڇ او سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته اسان تقريبا نالا سڀ لکيا آهن تڏهن به ڪو رھجي ويو ھوندو ـ ليڪن آئون ڊاڪٽر فضل الرحمان کي چوان ٿو انهن جا نالا لکي لسٽ موڪلي ته انهن کي به سامان ڏنو وڃي ـ بعد ۾ ڊاڪٽر فضل الرحمان ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار شنڪر لال مظاھرين وٽ پھچي ڳالهيون ڪري نالا لکي سامان ڏيڻ جو يقين ڪرائڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو ويوـ
بڊاڻي ۾ ڊرينيج جو ڪم رولڙي جو شڪار، نالين جا ڍڪڻ نه لڳا، احتجاج
پبلڪ هيلٿ کاتي پارا هڪ سال اڳ ڊرينيج جو ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو هيل تائين مڪمل نه ٿي سگھيو
ڪجھه ڏينهن اڳ معائنو ڪندڙ ٽيم به ڪم جو جائزو وٺي ڍڪڻ لڳائڻ جو چيو پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو
بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪمار) بخشاپور ويجھو يوسي بڊاڻي ۾ ھڪ سال اڳ پبلڪ ھيلٿ طرفان ڊرينج نالين جو ڪم ٿيو ھو جيڪو ھن مھل تائين مڪمل نه ٿي سگھيو آھي ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ تي مختلف نالين جا ڍڪڻ ڀڄي چڪا آھن جنھن سبب کليل نالين ۾ ٻارن جو ڪرڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آھي بڊاڻي يوسي جي شھرين سھراب مڙل.منظور مڱڻھار.حاجي سومرو ۽ معصوم ٻارن جو انتظاميا جي اھڙي رويئي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ھڪ سال اڳ پبلڪ ھيلٿ طرفان ڊرينيج نالين جو ڪم شروع ٿيو ھو جيڪو ھن مھل تائين مڪمل نه ٿي سگھيو آھي ڊرينيج نالين مٿان لڳل ڍڪڻ به ڀڄي چڪا آھن جنھن ڪري اسان جا ٻار ھر روز انھي نالين ۾ ڪري پون ٿا نالين جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري بيماريون به پکڙجڻ لڳيون آھن يوسي چيئرمين ۽ ضلعي انتظاميا کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو کڙ تيل نه نڪتو آھي شھرين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن پھريان لاڙڪاڻي ڊويزن کان ھڪ ٽيم آئي جنھن نالين کي ناقص قرار ڏئي ٻيھر مرمت ۽ نالين کي فوري طور ڍڪڻ وجھڻ جو انتظاميا کي حڪم پڻ ڏنو ھو ليڪن ان بعد به مرمت جو ڪم نه ٿي سگھيو اسان سنڌ جي وڏي وزير ڊي سي ڪشمور ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته ٺيڪيدار خلاف نوٽس وٺي ڊرينيج جو ڪم مڪمل ۽ گٽرن مٿان ڍڪڻ ڏنا وڃن ته جيئن ڪو جاني نقصان ٿيڻ کان بچي سگھي.
خدا آباد ۾ قتل ڳوٺاڻي جي وارثن جو دادو ۾ ڌرڻو
مقتول علي مراد جتوئي جي وارثن قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو ھنيو
جوابدار محبوب مهيسر کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو پر کيس آزاد ڪيو ويو: ڳوٺاڻا
دادو (ن پ ا) دادو ڀرسان خدآباد ۾ قتل ڪيل ڳوٺاڻي علي مراد جتوئي جي وارثن حاجي ليمون ، علي شير جتوئي جي اڳواڻي ۾ پريس آڏو جوبدارن جي گرفتاري لاء مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ۽ خدآباد پوليس خلاف نعري بازي ڪندا رهيا ۽ الزام هنيو آهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو جي عدالت ملوث جوابدار محبوب مهيسر جي ڪچي ضمانت رد ڪئي ته اسان فريادي ڌر ان کي پڪڙي ڪورٽ ۾ بيٺل اهلڪارن حوالي ڪيو انهي دوران ايس ايڇ او خدآباد کيس ڪار ۾ کڻي آزاد ڪيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او خدآباد خلاف ڪاروائي ڪري قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.