fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

جر زهريلو ٿي ويو، واهن جو مٺو پاڻي پهچائي حياتيون بچايون وڃن: ڳوٺاڻا

بدين: بدين جي ڊائلاسز سينٽر ۾ داخل ماتلي واسي پيرسن حاجي حبيب الله نظاماڻي ٻڌايو ته 12 سالن کان گردن جي بيماري ۾ مبتلا هجڻ باوجود خبر نه پئي، هڪ سال اڳ ڊاڪٽر جي مشوري سان ٽيسٽون ڪرائڻ بعد انڪشاف ٿيو ته منهنجا گردا خراب ٿي ويا آهن. حاجي حبيب الله موجب ڊاڪٽرز گردا خراب ٿيڻ جو ڪارڻ جر جي کاري ۽ سنکيو مليل پاڻي جو واهپو ٻڌائي رهيا آهن. تلهار واسي پيرسن حاجي محمد فاروق روزاني “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته پنج سالن کان گردا خراب ٿيڻ واري بيماري سان جهيڙي رهيو آهيان، هفتي ۾ 2 ڀيرا بدين اچي علاج ڪرائيندو آهيان. سيراڻي واسي 18 ورهين جي نوجوان سومار چانگ موجب جر جو هاڃيڪار پاڻي لڳاتار واپرائڻ سبب منهنجا به گردا خراب ٿي ويا، ڊاڪٽرز چون ٿا ته خاندان جي ڪنهن به ڀاتي جو گردو مون سان ميچ نٿو ٿئي، اُهي مون کي گردو عطيو ڪرڻ لاءِ به تيار آهن، پر گردو مئچ نه ٿيڻ ڪري زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهيان. هنن چيو ته جر جو زهريلو پاڻي پيئڻ کان بچايو وڃي، اسان کي مٺو واهن جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي ته جيئن باقي ماڻهو انهن بيمارين کان بچي سگھن.

واهن کي گندگي کان صاف ڪرڻ لاءِ واٽر ڪميشن جي حڪمن تي به عمل نه ٿيو

بدين: واٽر ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم هڪ سال اڳ قاضيه واهه سوڌو بدين جي مختلف علائن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪندڙ واهن تي ڪپڙا ڌوئڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. هڪ سال گذري ويو پر واٽر ڪميشن جي سربراهه جي حڪمن تي عمل نه ٿيو. انتظاميا جي مجرماني سستي سبب قاضيه واهه سوڌو بدين جي مختلف علائقن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪندڙ واهن تي ڪپڙن ڌوئڻ جو سلسلو جاري آهي. واٽر ڪميشن جي سربراهه گٽرن کي به گٽر نالن کي به فوري طور ڍڪڻ جو حڪم ڏنو، پر بدين جي ضلعي انتظاميا ڪن لاٽار ڪئي ۽ اڃا تائين گٽر نالن کي نه ڍڪيو ويو آهي.

جر جو زهريلو پاڻي پيئڻ سبب ڪيترن ئي مريضن جا گردا فعل

ايس ڊي او بدين پاران شاخن ۽ واهن ۾ هاڃيڪار پاڻي هجڻ جو اعتراف

ضلعي ۾ زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب گردا فعل ٿيڻ جا 60 مريض رپورٽ ٿيا آهن: ڊاڪٽر عبدالسلام

بدين: سول اسپتال بدين جي ڊائلاسز سينٽر جي انچارج ڊڪٽر عبدالسلام خاصخيلي ٻڌايو ته ضلعي جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ 60 اهڙا مريض رپورٽ ٿيا آهن، جن جا گردا جر جو پاڻي واپرائڻ سبب خراب ٿي ويا آهن. انهن 60 مريضن جو هفتي ۾ 2 ڀيرا ڊائلاسز ٿيندو آهي ۽ڪجهه مريضن جو ته هفتي ۾ 3 ڀيرا ڊائلاسز ڪيو ويندو آهي. ماهرن موجب جر جو کاڻو پاڻي لڳاتار واپرائيندڙ ماڻهو کي پهرين هلڪو بُخار ٿئي ٿو، اُن کانپوءِ سندس جسم تي هلڪا نشان ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن، جيڪي وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري وقت وڌي وڃن ٿا ۽ پوءِ آخري مرحلي ۾ اُن ماڻهو جا گردا خراب ٿي ويندا آهن. ڊاڪٽر عبدالسلام ٻڌايو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ ماڻهن کي گهڻو ڪري انهي بيماري يا اُن جي علامتن جي ڄاڻ نه هوندي آهي، تنهن ڪري بيمارين ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ وڪوڙجي وڃڻ بعد ٻهراڙي وارن علائقن جا ماڻهو ڊاڪٽرن جو رُخ ڪن ٿا، نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته اُن بيماري کي تڪڙي علاج سان ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي. ٻئي پاسي ايس ڊي او بدين محمد اشرف کٽي روزاني “پنهنجي اخبار” کي ٻڌائيندي اعتراف ڪيو ته بدين ضلعي جي ٻهراڙي وارن علائقن کي زرعي توڙي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪندڙ شاخن جو پاڻي مُنڍ جي بااثرن روڪي ڇڏيو آهي، مٿان وري شاخن ۾ گٽرن ۽ منڇر جو گدلو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو. ڳوٺاڻا جڏهن اهڙو پاڻي واپرائين ٿا ته لازمي طور اُن مان بيماريون ڪر کڻنديون آهن. گند مليل ۽ سائي رنگ وارو پاڻي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.

بدين ۾ سمنڊ کانپوءِ جر جا هاڃا، ماڻهو زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور، اختياريون الوٽ

ضلعي جي 18 لک کان وڌيڪ آبادي کارو ۽ سنکيو مليل پاڻي واپرائڻ تي مجبور، ڪينٽ علائقن ۾ صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا ويا

لڳاتار کارو پاڻي واپرائڻ سبب گردار خراب ٿين ٿا (انچارج ڊائلاسز سينٽر) شاخن ۽ واهن ۾ گدلو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو: ايس ڊي او بدين

بدين (رپورٽ: حميد سومرو) بدين ضلعي جي واهن ۾ گندڪچرو موجود هجڻ ۽ صاف پاڻي مهيا نه ٿيڻ ڪري اڌ کان وڌيڪ علائقن جي انساني آبادي جر جو پاڻي واپرائڻ تي مجبورآهي. ضلعي جي 18 لک 25 هزار آبادي جر جو پاڻي واپرائي ٿي ۽ جر جو پاڻي زهريلن بيڪٽيرياز ۽ سنکيو مليل هجڻ ڪري ماڻهو گردا خراب ٿيڻ سوڌو ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا. ڳوٺ گل محمد لغاري ۾ هينڊ پمپ مان ڀرپاسي جي علائقن جا ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريندا آهن. ڪينٽ انتظاميا طرفان اُنهي هينڊ پمپ جي پاڻيءَ جا سيمپل چڪاس لاءِ ڪراچي جي ليبارٽري موڪليا ويا، جنهن جي رپورٽ ۾ جر جي پاڻي کي انساني آبادي لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ويو، اُن کانپوءِ بدين ضلعي جي ڪينٽ وارن علائقن ۾ فلٽر پلانٽ لڳايا ويا، پر بدين جا ڪيترائي سول علائقا اهڙا آهن، جتي عام ماڻهو اڃا تائين زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته واهن ۾ سنڌوءَ جو پاڻي سمنڊ تائين ڇوڙ نه ٿيڻ سبب ساحلي پٽي جي ٻين علائقن سان گڏ بدين ضلعي جي جر سان به سمنڊ جو کارو پاڻي ملي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌوءَ جو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ لڳاتار چاڙهه ڪندو پيو اچي. سمنڊ جي اُنهي چاڙهه جا بدين ضلعي کي نه رڳو جاگرافيائي حوالي سان نقصان ٿي رهيو آهي، پر انساني آبادي به سڌي ريت تمام گهڻو متاثر ٿي رهي آهي.

مڪلي ويجھوڳوٺ ۾ باهه، 2 گهر سڙي رک

ھڏيرو ڍنڍ ڪناري ڳوٺ جمعون ميربحر لڳ رمضان ۽ عرس ميربحر جا گھر سڙي ويا

ٺٽو ( ن پ ا )مڪلي ويجھو ٺٽو، جنگشاھي روڊ تي ھڏيرو ڍنڍ ڪناري ڳوٺ جمعون ميربحر لڳ چاڙھي اسٽاپ تي اوچتو باھ لڳڻ ڪري ٻن ماھيگير پورھيتن رمضان ميربحر ۽ عرس ميربحر جا گھر ۽ گھرن ۾ رکيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، جڏھن تہ وڌيڪ گھرن کي ڳوٺاڻن سڙڻ کان بچائي ورتو، باھ متاثرين کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل اھن جن جي اڃان تائين ڪنھن بہ سار ناھي لڌي، باھ متاثرين وس وارن کان مالي سھائتا جي اپيل ڪئي اھي جيئن ٻيھر اجھا اڏي ٻچن کي سردي کان بچائي سگھن.

ڀرياروڊ مان نوجوان ناري مبينا اغوا، امڙ جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

پوليس خاموش، ٿاڻي تي اين سي داخل، ڌي ءَ کي 3 جوابدارن اغوا ڪيو آهي: مير زادي

ڀرياسٽي(ن پ ا): ڀرياروڊ جي وارڊ نمبر 7 ريتي پاڙي مان اڄ فجر ويل نوجوان ناري امينا عرف ( سپنا) لاڙائي مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي ، ان سلسلي ۾ ناري امڙ ميرزادي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي ءَ سپنا کي حاجن راڄپر ۽ 2 نامعلوم ماڻهن هٿيارن جي زور تي گهران اغوا ڪري ويا آهن، هن چيو ته واقعي جي ڀريا روڊ ٿاڻي تي اين س پڻ داخل ڪرائي آهي مگر پوليس هن مسئلي تي سندس ڪائي مدد نه ٿي ڪري هو ءَ پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي ڌي ءَ جي بازيابي ءَ جي لاءِ نڪتي آهي هن ايس ايس پي نوشهرو فيروز کان گهر ڪئي ته جلد سندس نياڻي ءَ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ، جڏهن ته علائقي ۾ اهي به چو ٻول هئا ته ناري پاڻ گهرا ن نڪتي آهي.

چونڊڪي ۾ ناري سان لڄالٽ جي ڪوشش، جوابدار گرفتار

ايس ايس پي خيرپور جي نوٽيس بعد پوليس جي اک کلي وئي

پوليس جوابدار نويد مري کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

نارو(ن پ ا)سوراهه ٿاڻي جي حد چونڊڪو شهر ۾ مسمات (ز)لڄا لٽ جي ڪوشش واري  واقعي جو  ايس ايس پي خيرپور سخت نوٽيس ورتو آهي. پوليس متاثر عورت جي شڪايت تي جوابدار نويد مري کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي فريادڻ ايف آء آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار سندس گهر ۾ گهڙي زوري زنا جي ڪوشش ڪئي آهي

گمبٽ ۾هوٽل تي ڪم ڪندڙ پورهيت ڪار سوار هٿياربندن هٿان اغوا

نامعلوم ڪار سوار هٿ هوٽل تي ڪم ڪندڙ بيري اختيار عالماڻي کي کنڀي ويا

پوليس واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي،جاچ ڪريون پيا:اي ايس پي

گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ۾ راڻيپور روڊ تان نامعلوم ڪار سوار هٿياربند هوٽل تي ڪم ڪندڙ بيري نوجوان اختيار عالماڻي کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، پوليس واقعي بابت اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي، ان موقعي تي وارثن مظهر علماڻي سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان اختيار عالماڻي پورهيت آهي جيڪو هوٽل تي بيرائپ جو ڪم ڪندو آهي، نوجوان پورهيت اختيار عالماڻي سول اسپتال چانهه ڏئي واپس هوٽل تي وڃي رهيو هو ته راڻيپور روڊ تان ڪار ۾ سوار نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تان اغوا ڪري ويا آهن،جنهن جو بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو پر ڪا به خبر ناهي پئجي سگهي, هوڏانهن اي ايس پي گمبٽ عمران نيازي سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو مونکي نوجوان جي اغوا بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي, وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون..

ٽنڊو آدم ۾ ريلوي اختيارين پاران هزارين رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس

رهواسين ۾ خوف،ڪيترن ئي رضاڪارانه طور گهر ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيا

50 کان مٿي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، شهرين پريس ڪلب پهچي احتجاج

ٽنڊوآدم ( ن پ ا ) ٽنڊوآدم ۾ ريلوي اختيارين پاران 10 کان وڌيڪ علائقن جي هزارين رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ،رهواسين ۾ خوف،ڪيترن ئي رضاڪارانه طور گهر ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيا احتجاجان ڏس ۾ ريلوي اختيارين پاران ٽنڊوآدم جي 10 کان مٿي رهائشي علائقن ميواتي پاڙي ، ريلوي گودام، ريلوي ڪالوني، احمد آباد، جٽيا ڦاٽڪ، ٻيراڻي ڦاٽڪ، اوور هيڊ برج ،غوثيه ڪالوني، چانڊيا ڪالوني، ،مخدوم خليق الزمان ڪالوني، جي رهواسين کي 26 ڊسمبر تائين گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري سندن گهرن ۽ دڪانن تي لڳايا ويا آهن. اسسٽنٽ انجينيئر ريلوي حيدرآباد پاران جاري ڪيل ليٽر م رهواسين کي مقرر تاريخ کان پوءِ ڳري مشينري ذريعي گهر ڊاهن جو حڪم نامون جاري ڪيو ويو آهي اهڙي صورتحال بعد علائقي واسين ۾ خوف جي لهر ڇانيل آهي ۽ ڪجھ علائقن جن ۾ چانڊيا ڪالوني ،خليق الزمان ڪالوني ۽ ٻين رهواسين رضاڪارانه طور گهر ڊاهڻ شروع ڪيا آهن هن وقت تائين 50 کان مٿي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن متاثر شهرين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو متاثرن حيدر بخش ، علي محمد ۽ ٻين دانهيو ته 30 سالن کان گهرن ۾ ويٺا آهيون ريلوي وارن پئسا وٺي پلاٽ ڏنا هاڻي گهر ڊاهڻ لاءِ چيو پيو وڃي ڪو به ٻڌڻ وارو ناهيپ پ جي سينيٽر امام الدين شوقين رابطي ڪرڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گهرن ڊاهڻ کان منع ڪيو آهي ريلوي وارن کي ايمنٽي ۽ ڪمرشل زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي پر ڪراچي ۾ ميونسپل آپريشن ڪري ماڻهن کي بيروزگار ڪيو هاڻي سموري سنڌ ۾ ريلوي وارا سياري جي هن موسم ۾ غريبن کي بي گهر پيا ڪن اها زيادتي آهي حڪومت 50 لک گهر ٺاهڻ جي دعويٰ ٿي ڪري اهي ٺاهي غريبن کي مرحليوار آباد ڪري متبادل ڏنو وڃي .

حيدرآباد ۾ دڪاندار هٿياربندن هٿان يرغمال،هڪ لک روپيه ڦري فرار

حيدرآباد)رپورٽر) ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ پڃراپور وٽ ٽي هٿياربند هڪ دڪاندار عرفان کان هڪ لک کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. چيو پيو وڃي ته هٿياربندن دڪان ۾ داخل ٿي مالڪ کي
يرغمال بنايو ۽ کائنس رقم ڦر ڪئي. ڦورن ويندي ويندي هڪ نامعلوم راهگير کان به چار هزار ڦرڪيا. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي پر ڪو ڦورو گرفتار نه ٿي سگهيو آھي.

ڪراچي:مختلف شھرن ۾ حادثن ۾2ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي

ڪراچي(اسٽاف)مختلف حادثن ۾2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏھن تھ8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڪوٽڙي ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ ھڪ نوجوان ديدار کونھارو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.ٻئي پاسي گھوٽڪي جي ٽي روڊ تي رات دير سان رڪشا ۽ موٽرسائڪل جي ٽڪر ۾ 20 ورھن جوغلام مصطفيٰ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏھن تھ اسد ملڪ سخت زخمي ٿي پيو جيڪو بعد ۾ زخمن جا سور نھ سھندي فوت ٿي ويو.ھوڏانھن ٽرڪ ۽ ڪار جي
ٽڪر ۾ 2 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي.

سائين جي ايم سيد سان ملاقات پيشاني چمڻ تائين محدود رهي

سائين مون کي هڪ شاگرد اڳواڻ وسيلي حيدر منزل گهرايو هو: امر جليل

منهنجي پهچڻ تي سائين اٿي بيهي نرڙ چمي منهنجي دوست کي چيو ته “وٺي وڃينس”

ڪراچي: سنڌ جي نامياري اديب امر جليل جو چوڻ هو ته سائين جي ايم سيد سان ملاقات مٿي تي چمي ڏيڻ تائين محدود رهي جڏهن ته شيخ اياز هڪ ڀيرو مون کي رکو جواب ڏنو، اها منهنجي ساڻس پهرين ۽ آخري ملاقات هئي. “پنهنجي اخبار” کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته سائين جي ايم سيد سان ڪا ڊگهي ڪچهري ناهي ٿي، باقي هڪ ڀيري شاگرد اڳواڻ رهندڙ نصر الله جلباڻي هڪ ڏينهن مون وٽ اچي چيو ته “آئون ڪنهن سان واعدو ڪري آيو آهيان، توهان کي 15 منٽن لاءِ پاڻ سان وٺي ٿو هلان”. جيپ ۾ ويهڻ وقت منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته “سائين جي ايم سيد جو حڪم آهي، آئون اوهان کي ساڻس ملاقات لاءِ وٺي ٿو هلان، آئون سائين سان اوهان کي ملائڻ جو واعدو ڪري آيو آهيان”. ٿوري دير کانپوءِ جيپ حيدر منزل تي وڃي بيٺي، بجاراڻي مون کي اندر وٺي هليو، حيدر منزل جو ماحول مون لاءِ عجيب و غريب هو، پري پري تائين هيڏي هوڏي ماڻهن جا بوٽ لٿل هئا، آئون ۽ بجاراڻي بوٽ لاهڻ بجاءِ اڳتي وڌياسين، ورانڊي کان اڳتي در کليل هو، لڳو پئي ته اتي ماڻهو ويٺل آهن پر سڀ هيٺ ويٺل آهن، اڇي رنگ جو ڪپڙو يا چادر وڇايل هئي، کوڙ سارا ويهاڻا ڪناري تي پيل هئا، اسان اتي بوٽ لاهي اڳتي وڌياسين، سائين جي ايم سيد سامهون ويٺل هو، جڏهن ته آئون اڃا ٻاهر بيٺل هئس، نصر الله وڃي سائين کي ڪن ۾ ڪجهه ٻڌايو، سائين جي ايم سيد هٿ سان اشارو ڪري چيو ته امر جليل کي وٺي اچو، بجاراڻي به مون کي هٿ جي اشاري سان اندر اچڻ لاءِ چيو، سائين جي ايم سيد اٿي بيهي مون کي ويجهو ڪري پيشاني تي چمي ڏني، پوءِ بجاراڻي کي چيائين ته “وٺي وڃينس”. واپسي تي مون بجاراڻي کان پڇيو ته “سائين! مون سان هڪ اکر به نه ڳالهايو، رڳو مٿي تي چمي ڏني؟” جنهن تي بجاراڻي وراڻيو “الائجي! سائين، شايد اوهانجو ڪتاب ٻتاب پڙهيو آهي”، اهو چئي بجاراڻي مون کي ڇڏي هليو ويو.   سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز سان ملاقات بابت امر جليل ٻڌايو ته “اهو 1964ع يا 1965ع جو زمانو هو، ان وقت “روح رهاڻ” رسالي ۾ منهنجي هڪ اسٽوري “اروڙ جو مست” ڇپي هئي، ان وقت حميد سنڌي منهنجي ڪهاڻي کي بهترين قرار ڏئي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. انهيءَ ايوارڊ تقريب لاءِ حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان ڀرسان واقع هڪ هوٽل ۾ هال بوڪ ٿيل هو، انهيءَ هال ۾ آئون به ويٺل هجان، وچ ۾ ڪو ٻيو ماڻهو ويٺل هجي، ان جي پاسي ۾ شيخ اياز هجي. هال ۾ شيخ اياز جا دوست رشيد ڀٽي، رشيد آخوند ۽ ٻيا ويٺل هئا، ايتري ۾ هال ۾ بيچيني محسوس ٿي، ڪي ماڻهو اچي در جي سامهون بيٺا، حميد سنڌي اچي شيخ اياز کي ڪن ۾ ڪجهه چيو. حميد سنڌي جو جهيڻو آواز هال ۾ ٻڌجڻ پي آيو، ٿوري دير ۾ خبر پئجي وئي ته “ڪمشنر شيخ اياز جي شهر بدري جو حڪم ڏنو هو ته 2 کان 3 ڪلاڪن ۾ حيدرآباد ڇڏي وڃ”، مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. اسان وٽ، اسان جي ذهن ۾ تصور هو ته اياز بهادر، بيهي رهڻ وارو، نه هٽڻ وارو آهي پر شيخ اياز اٿي بيهي حميد سنڌي کي چيو ته “بابا گاڏي ڪڍراءِ، وقت گهٽ آهي، 2 ڪلاڪن ۾ شهر ڇڏڻو آهي، مون کي ڪوٽڙي وٺي هلو، آئون اتان ريل (ٽرين) ۾ چڙهندس”، مون کي اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو عجيب لڳو، مون شيخ اياز کي مخاطب ٿي چيو ته “سر” واءِ ڊو ناٽ، يو لائيڪ دس….؟ (يعني تون ايڊووڪيٽ آهين، هڪدم قانوني طريقا استعمال ڪري ڪمشنر جي حڪم نامي خلاف اسٽي آرڊر وٺي ڇڏ، ڌوڙ ۾ وجهو انهن آرڊرن کي) مون رڳو ايترو اکر ڪڍيو ته شيخ اياز هڪدم مون کي ڏسي ته  “ آءِ نو، واٽ ٽو ڊو؟، واٽ ناٽ ٽو ڊو؟ (يعني مون کي خبر آهي ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه؟) شيخ اياز سان منهنجي اها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي.

 

دادو: ڦلجي اسٽيشن ويجھو ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 7 ڄڻا زخمي

جھيڙي سبب عورت نماڻي ۽ سندس 2 پٽ وزير ۽ عبدالجباز ملڪ زخمي ٿي پيا

پنھل ملڪ، نظر، مظھر ۽ منور ملڪ بھ زخمي، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

دادو ( ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ملڪ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو ۽ هڪ ٻئي تي لٺين ۽ سروٽن سان حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ مسمات نماڻي زال ماهي خان ملڪ، سندس ٻه پٽ وزير ۽ عبدالجبار ۽ ٻي ڌر جا پنهل ۽ سندس ٽي پٽ نظر ، مظهر ۽ منور ملڪ زخمي ٿي پيا آهن جن کي سول دادو ۾ داخل ڪيو ويو آهي،زخمي مسمات نماڻي ٻڌايو ته پنهل سندس ڀاءُ آهي ،جنهن جي پٽ منور کي منهنجي ڌي وزيران ڏنل آهي ۽ پنهل جي ڌي ياسمين منهنجي پٽ وزير کي ڏنل آهي جيڪا ٻار سميت مائٽن روڪي آهي جنهن کي مڙس وٺڻ ويو پر هنن کيس زال ۽ ٻار نه ڏنا .

آئون مائي هجان ها ته رسول بخش پليجو تي عاشق ٿي پوان ها: امر جليل

ڪراچي: سنڌ جي برک اديب امر جليل چيو آهي ته رسول بخش پليجو مون کي ڏاڍو وڻندو هو پر اسان جي ڪڏهن به ڪچهري نه ٿي. “پنهنجي اخبار” کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته “پليجو صاحب! شڪر ڪري ته آئون مائي ناهيان، آئون مائي هجان ها ته مٿس عاشق ٿي پوان ها، هو مون مان جان ڪيئن ڇڏائي ها؟”.

 

واٽر ڪيشن سربراهه ميئر سکر مٿان ناراض، ميونسپل ادارن تان عوام جو ويساهه کڄي ويو آهي: جسٽس امير هاني

اسڪيمن تي ڊيوٽي نه ڪندڙ ملازمن کي گهر وڃڻو پوندو ،کين نوڪرين مان فارغ ڪنداسين، ڪابه بند پيل اسڪيم تصور نه ٿيندي

واٽرسپلاءِ اسڪيم جي غلط پلاننگ ۽ ڊزائننگ ڪندڙن جو حساب ڪتاب ٿيندو، ذميوار ماڻهن کان پئسا ڀرائي وٺبا

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ واٽر ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم چيو آهي ته واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ڏانهن منتقلي ۽ ملازمن  جي بدلي جي ٽائيم لائين ختم اهي هدايتن تي فوري عمل گهرجي ڪوبه بهانو نه هلندو، اسڪيمن تي ڊيوٽي جوائن نه ڪندڙ ملازمن کي گهر وڃڻو پوندو ۽ کين نوڪرين مان ٽرمينيٽ ڪيو ويندو، ڪابه بند پيل اسڪيم تصور نه ٿيندي غيرفعال اسڪيمن کي فعال بڻائڻو آهي. هن اهڙيون هدايتون ڊي سي آفيس سکر ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن جي اعليٰ انتظامي، لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن سان سمورين واٽرسپلاءِ، ڊرينيج اسڪيمن ۽ آر او پلانٽس جي وهنوار ۽ سارسنڀال جو ڪم پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏنيون، جنهن ۾ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جمال مصطفيٰ سيد، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ خالد حيدرشاهه ۽ ڪمشنر سکر/لاڙڪاڻو ڊويزن رفيق احمد ٻرڙو سميت سمورن ضلعن جي ڊي سيز، ايگزيڪيوٽو انجنيئرز پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ آفيسرن، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ، ميئر لاڙڪاڻو اسلم شيخ ۽ ٻيا شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ واٽر ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم چيو ته آئوٽ سورسنگ خريداري ۾ ميونسپل کي فري هينڊ نه ڏينداسين جيڪا به خريداري ٿيندي اُها ضلعي انتظاميه جي رضامنديءَ سان ڪئي ويندي ، اسڪيم جي غلط پلاننگ ۽ ڊزائننگ ڪندڙن جو حساب ڪتاب ٿيندو، ذميوار ماڻهن کان پئسا ڀرائي وٺبا، جڏهن ته ٺل ۾ ڪروڙين رپيا ضايع ڪرڻ وارو معاملو نيب ڏانهن اماڻيو ويندو. جسٽس رٽائرڊ اميرهاني مسلم چيو ته تيل جي پرواهه ناهي ڪرڻي، ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ لينڊ فل سائيٽس شهرن کان گهڻو پري رکيون وڃن. واٽرڪميشن جي چيئرمين ميئر سکر کان پڇاڻو ڪيو ته شهرين کي گندو پاڻي ٽريٽ ڪري پيئارڻ کان بهتر آهي پهريان اپ اسٽريم ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ئي نه ڪيو وڃي اهڙي ڪا اسڪيم هن وقت تائين ڇونه ٺاهي وئي.. ميونسپلز ۾ 2-2 سئو ڪلارڪ آهن جن جي جڳهه به ناهي اهي گهر ويٺي پگهارون جو مزو ماڻي رهيا آهن اوور اسٽاف کي سرپلس پول ۾ وجهي استعمال هيٺ آڻڻو آهي. هن چيو ته هر اسڪيم تي مونکي وڃي معائنو ڪرڻ جي ضرورت نه آهي جتي به اشو سامهون اچي ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل چينلز تي اطلاع ڪيو وڃي. چيئرمين واٽرڪميشن واضح ڪيو ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ اسڪيمن جو ڊي ڊي او هوندو پر ڪوبه فنڊ ڊي سي جي منظوريءَ کانسواءِ رليزنه ڪندو. هن چيو ته سموريون واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن توڙي ملازمن جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ڏانهن منتقلي وارو ڪم منتقل ڪرڻ جي ڪابه ٽائيم لائين ناهي هدايتن تي فوري عمل ٿيڻ گهرجي ڪوبه بهانو نه ٻڌو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سسٽم ۽ ادارن ۾ خرابي ۽ تباهي لاڳاپيل آفيسرن جي نارضامندي سبب آئي آهي، ڪم ڪرڻ جي لاءِ انفرا اسٽرڪچر نه پر پڪي ارادي جي ضرورت هوندي آهي. جسٽس رٽائرڊ اميرهاني مسلم واضح ڪيو ته اسڪيمن جو ٻه ڪيٽيگريز آهن جن ۾ فعال ۽ غيرفعال شامل آهي، باقي ڪابه بند پيل اسڪيم نه آهي، جيڪڏهن هجي ته اُن جو معاملو نيب ڏانهن اماڻيو ويندو. ماڻهن جو ميونسپل ادارن تان ويساهه کڄي وڃڻ سبب ئي ڊسٽرڪٽ اوورسيز ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن. هن چيو ته ڊيسڪ، ڪمپيوٽر، آن لائين ۽ آف لائين سان ڪمپلينٽ سيل ناهن ٺهندا، غريب ماڻهو کي پاڻي نه ملندو ته اُهو آن لائين وڃي شڪايت ٿورو ئي ڪندو، لاڳاپيل آفيسر ۽ نمائندا پنهنجي اندر ۾ ڪمپلينٽ سينٽر کولين ۽ هر جڳهه تي ويهي ماڻهن جا اهنج دور ڪن. اِن کان اڳ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پبلڪ هيلٿ انجنجيئرنگ ڊاڪٽر مولابخش ڌاريجو اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ پاڪ اوسز پاران آر او پلانٽس جون 70-80 سيڪڙو اسڪيمون فعال ٿي ويون آهن ڊسمبر جي آخر ۾ سڀ آر او پلانٽس هلي ويندا، نئين سيٽ اپ ۾ هر تعلقي اندر واٽرسپلاءِ ۽ ڊرينيج اسڪيمن لاءِ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ 3 سب انجنيئر مقرر ٿيندا، جن جي نظرداري ڊسٽرڪٽ اوورسائيٽ ڪميٽي ڪندي، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ٽرانزيڪشن ڪميٽيون پڻ جوڙيون آهن، سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ لوڪل گورنمينٽ جي 706 ملازمن جي ڊرينيج ۽ واٽرسپلاءِ اسڪيمن تي بدلي ٿيڻي آهي، هر اسڪيم تي 2 ورڪ چارج ملازم کڻڻ جي اجازت هوندي. اجلاس دوران سنڌ واٽر ڪميشن چيئرمين امير هاني مسلم سکر شهر جي مين روڊ تي گند ڪچرو پيل هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميونسپل ڪمشنر سکر کي ڇنڊ پٽي ۽ کيس حڪم ڪيو ته سموري مشينري روڊ تي آڻي هڪ ڏينهن اندر گند ڪچرو صاف ڪيو وڃي.