سيتارو(رپورٽر)سيتاروڊ جي مُکُ شاهي بازار دڪان کي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي وئي جنهن سبب دڪان ۾ پيل لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو ، دڪاندار مدد جي اپيل ڪئي آهي .باهه سبب دڪان ۾ موٽر وائيڊنگ جون تارون،موٽر،واشنگ مشين،پکا،سولر ٽارچ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو . متاثر دڪاندار زاهد حسين ميمڻ ٻڌايو ته رات ٻارهين وڳي بجلي ايندي آھي ممڪن آھي ته ان مان باھ لڳي هجي پر حيرت آھي ته بازار ۾ چوڪيدار مقر ٿيل آھي جنهن کي به ڪا خبر نه پئي جيڪو بر وقت اطلاع ڏي ۽ وڌيڪ ٿيندڙ نقصان بچائي سگهي ها .هن چيو ته 20 لکن جو نقصان ٿيو آھي سرڪار کي اپيل آهي ته مدد ڪئي وڃي .
سيتاروڊ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب دڪان کي باهه ،لکين روپين جو نقصان
باهه سبب دڪان ۾ پيل واشنگ مشين ، پڪا ،ٽي وي ۽ ٻيون سامان رک
لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي ،مدد ڪئي وڃي : متاثر دڪاندار جي اپيل
اسڪولن ۾ حاضري وڌي آهي، پاڻ دوران ڪنديس: ڊي اِي او رشيده سومرو
ٽنڊو محمد خان: ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري آپا رشيده سومرو چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ استادن جي حاضري وڌي آهي، منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مختلف اسڪولن جو پاڻ دورو ڪري سندن مشڪلاتون معلوم ڪريان ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون وٺان، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سي ايم اسڪيم تحت 2018 ۾ ماڊل اسڪول بنائڻ وارو سيڪنڊري جي ڊي او جو ڪم آهي جنهن جي مون کي ڪا به ڄاڻ ناهي. تعليم کاتي ٽنڊو محمد خان جي بائيوميٽرڪ سسٽم جي چيف مانيٽرنگ آفيسر عبدالحليم لغاري ٻڌايو ته بائيوميٽرڪ سسٽم اچڻ کانپوءِ اسڪولن ۾ حاضري 100 سيڪڙو آهي، سڄي ضلعي اندر بائيوميٽرڪ ڪندڙ مانيٽرز جو انگ 9 آهي، جيڪي روزاني بنياد تي اسڪولن جو سرپرائيزڊ وزٽ ڪندا آهن، ضلعي ۾ مقرر ڪيل بائيوميٽرڪ مانيٽرز کي سنڌ سيڪريٽريٽ هيڊآفيس مان سڌي ريت ميسيج اچڻ ۽ ڊائريڪشن ملڻ کانپوءِ مقامي سطح تي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن،
ايجوڪيشن ورڪس جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر خلاف نيب ۾ جاچ هلندڙ
ٽنڊو محمد خان: سنڌ جي تعليم کاتي سان لاڳاپيل ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ميان تسنيم آرائين جنهن تي عمرڪوٽ ضلعي جي ڪنري مرچ منڊي جي تعمير ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن کانپوءِ نيب ڪورٽ مان ضمانت تي هئڻ باوجود ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيترن سالن کان سياسي پشت پناهي سبب مقرر ٿيل آهي، جنهن پنهنجي مخصوص ٺيڪيدار راشد انٽرپرائيز جي نالي تي مختلف اسڪولن جا ٺيڪا کڻي ڪروڙين روپين جي مبينا طور ڪرپشن ڪئي آهي.
پبلڪ اسڪول ۽ بوائز ڪاليج 13 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿيا
ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ايجوڪيشن ورڪس کاتو گذريل 10 سالن دوران 6 سو ڪروڙ روپيا خرچ ڪرڻ باوجود تدريسي عمارتون مڪمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ميگا پروجيڪٽ پبلڪ اسڪول 13 سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن تي هن وقت تائين 50 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي چڪي آهي پر لاڳاپيل اختيارين جي مجرماڻي سستي ۽ لاپرواهين جي ڪري تعليم جي حوالي سان انتهائي غيرمعمولي منصوبو رولڙي جو شڪار آهي،
2 ارب رپيا به ترقي ڏياري نه سگھيا، ڪيترائي فنڊز ليپس ٿي ويا
اسڪولن ۾ فرنيچر، واش روم، بائونڊري وال ۽ ٻيون سهولتون اڻلڀ
ڳوٺ علي محمد مير بحر، گاماڻي خاصخيلي، لاکاٽ ۽ ڀرپاسي تعليم متاثر
ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ گذريل 13 سالن جي عرصي ۾ ضلعي جي 300 کان وڌيڪ اسڪولن لاءِ سرپ سرپ 1، سرپ 2 ۽ سرپ 3 جي نالي تي هر اسڪول جي چوديواري، باٿ روم، پانيءَ جي ٽينڪس ۽ ٻين سهولتن لاءِ 2 ارب رُپيا جاري ٿي چڪا آهن، پر حقيقت ۾ انهن اسڪولن ۾ اهڙي قسم جون شاگردن لاءِ ڪي به سهولتون نظر نه اچي رهيون آهن. ان حوالي سان ملندڙ ڄاڻ موجب ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاھ ڪريم ۽ ٽنڊو غلام حيدر تعلقن جي مختلف ڳوٺن علي محمد مير بحر ، گاماڻي خاصخيلي ، لاکاٽ ، ملاڪاتيار ، علي محمد اعواڻ ، شيخ ڀرڪيو، گهرام وساڻ ۽ ستر موري سوڌو مختلف علائقن جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن. جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي يونين ڪائونسل ٽنڊو سائينداد جي ڳوٺ علي محمد اعواڻ ۾ تعليم جي حوالي سان ايمرجنسي لاڳو ٿيل آهي، پر اڃا تائين هن اسڪول ۾ مستقبل جا معمار فرنيچر کانسواءِ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. هوڏانهن سنڌ سرڪار 2018 ۾ سي ايم اسڪيم تحت ضلعي ٽنڊو محمد خان جي 82 اسڪولن کي ماڊل اسڪول بنائڻ لاءِ ڪروڙين روپيه جاري ڪيا، جنهن تحت هر اسڪول تي 1 کان 15 لک رُپين تائين خرچ ڪرڻا هئا، پر لاڳاپيل اختيارين عام ماڻهن کي فائدو نه ڏنو ۽ نتيجي ۾ پئسا خرچ نه ٿيڻ سبب 2018 ۾ رکيل فنڊز جون رقمون ليپس ٿي ويون.
ٽنڊي محمد خان ۾ علم جي لاٽ اجھاميل، ڪيترن ئي اسڪولن کي تالا، اڪثر اوطاقن ۾ تبديل
ضلعي جي ٽن تعلقن ۾ 840 کان وڌيڪ اسڪولن ۾ ٻارڙا بنيادي سهولتن کان محروم، بنا ڇت جي کليل آسمان هيٺ پڙهائي
208 اسڪول رڳو استادن ۽ ٻيو عملو مقرر نه ٿيڻ سبب بند پيل، 142 اسڪولن جي عمارتن جو اڏاوتي ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو
ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان ضلعي هيل تائين سرڪار طرفان 840 اسڪول قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 208 اسڪول رڳو اِن ڪري بند آهن جو اُتي استادن سوڌو ٻيو عملو مقرر نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته 142 اسڪول اهڙا آهن، جتي عمارت جي اڏاوت مڪمل ناهي ٿي ۽ ٻارڙا شيلٽر ليس اسڪول ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. اُن کانسواءِ ضلعي ۾ 197 اسڪول زبون حالي جو شڪار آهن. ضلعي جي سمورن تعلقن مان رڳو ٽنڊو محمد خان شهر ۾ هڪ بوائز ۽ هڪ گرلز اسڪول قائم ڪيل آهي، جتي بيچلر ۽ ماسٽرز جي ڊگري جا به ڪلاس ورتا وڃن ٿا. ضلعي ۾ 2 نينشل ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيل آهن، جتي بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام تحت مستحق ٻارن کي هُنري سِکيا ڏني ويندي آهي. شهر جي گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ۾ اٽڪل 800 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿييون، پر ڊگهي عرصي کان اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار هجڻ باوجود عملي سوڌو شاگردن ۾ هر وقت خوف پکڙيل هوندو آهي. هن اسڪول ۾ شفٽن جي حساب سان شاگردن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. سموري ضلعي ۾ رڳو 2 هاير سيڪنڊري اسڪول ۽ 40 سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيل آهن، پر ڳوٺ ڪوڙو خان لاشاري ۾ اهڙي جاءِ تي گرلز اسڪول قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڀرپاسي ۾ آبادي ناهي ۽ اُن ڪري ئي اسڪول ۾ ڪابه تعليم نٿي ڏني وڃي، اهڙي ريت يوسف خان چانگ جي گورنمينٽ گرلس ايليمينٽري اسڪول کي پڻ آبادي نه هئڻ سبب تالو لڳل آهي. آبادي کان پري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم ڪيل اسڪولن کي بااثر وڏيرن پنهنجي اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي. اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ضلعي ۾ اهڙا به اسڪول آهن، جتي بااثر وڏيرن جي زمينون آباد ٿيڻ بعد ڪڻڪ توڙي سارين جا ديرا قائم ڪيا ويندا آهن. ضلعي جي هيڊڪوارٽر ٽنڊي محمد خان شهر ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ پرائمري اسڪول نه آهي ۽ نه ئي چونڊيل نمائندن توڙي سنڌ سرڪار هن انتهائي اهم پاسي تي هيل تائين ڌيان ڏنو آهي.
ٻـُوسٽ ۽ ڪوهيڙو مينديءَ جي ڪاروبار جا دشمن
نوشهرو فيروز: آبادگار مختيار احمد سهتي رواني “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته گرميءَ جي مُند ۾ گهُٽ سياري جي مُند ۾ مينديءَ جو ڪاروبار ٻاڙائيءَ جو شڪار ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو سياري جي مُند ۾ مينديءَ جو فصل متاثر ٿئي ٿو ۽ عام طور تي اُن جا اثر مارڪيٽ ۾ به نظر ايندا آهن. گهُٽ، ٻوسٽ ۽ ڪوهيڙي دوران مينديءَ جو پن نه رڳو ڪومائجي ويندو آهي پر اُن سان مينديءَ جو رنگ به متاثر ٿيندو آهي. هڪ آبادگار امير علي راڄپر ٻڌايو ته جيڪڏهن مينديءَ جو رنگ گهاٽو ۽ خوشبو وڌائڻي هوندي آهي ته اُن کي ڪارخاني ۾ پيسائيءَ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ اڌ مُنو ڪلاڪ رکڻو پوندو آهي،
ميندي جي ڪارخانن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي گھٽ اجوري جي شڪايت
8 سالن کان ڪم ڪيان پيو پر ڏهاڙي رڳو 500 رپيا ملي ٿي: پورهيت علي نواز ٻٻر
ماسڪ ۽ ٻيا حفاظتي اوزار نه ملڻ سبب پورهيت ڦڦڙن ۽ سهڪي جي بيماري ۾ وٺجيو وڃن
نوشهرو فيروز: پورهيت علي نواز ٻٻر جو چوڻ آهي ته 8 سالن کان مينديءَ جي ڪارخاني تي ڪم ڪندو آهيان، پر کيس 500 رُپيا ڏهاڙي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو آهي، نه کين ڪي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ نه ئي وري مينديءَ جي دز توڙي مٽيءَ کان بچڻ لاءِ ڪنهن خاص وردي جو انتظارم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪارخاني جي مالڪن طرفان حفاظتي اپاءَ نه وٺڻ ڪري ڪيترائي مزدور دم سوڌو ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. مزدور فرمان راجپوت ٻڌايو ته مينديءَ جي ڪارخانن تي ڪم ڪندڙ هر ٻيو پورهيت ساهه جي تڪليف، ڦڦڙ خراب ٿيڻ ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو، اُن باوجود ملز مالڪ پورهيتن کي ماسڪ يا ڪو ٻيو حفاظتي اوزار مهيا نٿا ڪن.
آباديءَ ۾ موجود ڪارخانا عذاب بڻيل، ٻاهر منتقل ڪرڻ جي اپيل
نوشهرو فيروز: مينديءَ جي ڪاربارو جي حوالي سان پورهيتن، ڪارخاني جي مالڪن، آبادگارن ۽ هارين جي ڀيٽ ۾ شهري بنهه مختلف راءِ رکن ٿا. روزاني “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي سعيد سومرو، علي محمد سولنگي، آفتاب ٻرڙو ۽ ٻين شهرين توڙي سڄاڻ ڌُرين جو چوڻ آهي ته هڪ ته ورهيه گذري وڃڻ باوجود سرڪار نوشهري فيروز ۾ مينديءَ جي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ وِک به ناهي کنئي، تنهن ڪري مينديءَ جي ڪاروبار کي جديد گهرجن پٽاندڙ بڻائڻ لاءِ سرڪار کي اِن پاسي تي خصوصي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ائين ناهي ته مينديءَ جي ڪاروبار سان نوشهروفيروز ضلعي کي فائدو نٿو ٿئي،
ضلعو رڳو مينديءَ جي ڪاروبار جي مد ۾سٺو روينيو ڪمائي رهيو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته آبادي وارن علائقن ۾ موجود ڪارخاني عام ماڻهن لاءِ بيمارين جو ڪارڻ بڻيل آهن، ڪارخانن مان نڪرندڙ ڌوڙ ۽ دز سبب شهرين کي به بيماريون وڪوڙي رهيون آهن، اُڻ ڏس ۾ اعليٰ اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون ويون، پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو آهي.
عرب خطي سوڌو ٻين ملڪن ۾ مينديءَ جي تاريخي اهميت
نوشهرو فيروز: هونئن ته مينديءَ ٽن مُکيه مرحلن مان گذرڻ بعد خوشبو ۽ رنگ وکيرڻ لاءِ مارڪيٽ تائين پهچي ٿي. پهرئين مرحلي ۾ مينديءَ جي فصل جو چورو ٺاهيو ويندو آهي ۽ ٻئي مرحلي ۾ اُڻ کي اڃا وڌيڪ پيسي پائوڊر ٺاهيو ويندو آهي. مينديءَ جي چوري لاءِ چيو وڃي ٿو ته عرب ملڪن ۾ اُن کي گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ جو عرب ملڪن ۾ مينديءَ جو چورو فوتگين دوران استعمال ڪيو وڃي ٿو. ٿيندو ائين آهي ته عرب ملڪن ۾ جڏهن ڪا فوتگي ٿيندي آهي ته اُن جي قبر کوٽي ساميءَ ۾ پهرين ميندي وڇائي ويندي آهي، پوءِ مڙهه دفنايو ويندو آهي. نوشهروفيروز جي واپارين جو چوڻ آهي ته ملڪي سطح جا واپاري کانئن مينديءَ جو چورو خريد ڪري ڏيساور موڪليندا آهن.
لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار ۾ ٻاڙائي، لالچ به نقصان ڏنو: ڪارخانيدار
پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جا واپاري ميندي وٺڻ ٺارو شاهه اچن ٿا
پهرين گھڻي پيداوار ٿيندي هئي پر لوڊشيڊنگ سبب رڳو 30 مڻ ميندي پيسائي ٿئي ٿي
نوشهرو فيروز: ڪارخانيدار خير محمد سومرو روزاني “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سوڌو پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن کان وڏا واپاري هول سيل اگهه تي مينديءَ خريد ڪرڻ لاءِ نوشهروفروز ڪَهـِي اچن ٿا، جيڪي ڪاروبار ۾ وڌيڪ نفعو ڪمائڻ لاءِ مينديءَ جون وڏي تعداد ۾ ٻوريون خريد ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويندا آهن. پهرين مينديءَ جي پيداوار گهڻي ٿيندي هئي، پر جڏهن کان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آهي، اُن جا اثر مينديءَ جي پيداوار تي به پيا آهن. ڇاڪاڻ جو ڊگهي لوڊشيڊنگ جي ڪري هڪ ڪارخاني تي 24 ڪلاڪن ۾ رڳو 30 مڻ مينديءَ جي پيسائي ٿي سگهندي آهي. اُن کانسواءِ ڪجهه موقعي پرست ۽ لالچي ڪارخانيدارن به مارڪيٽ ۾ پير پڪا ڪري ورتا آهن، جيڪي جلد ۽ گهڻو ڪمائڻ جي چڪر ۾ مينديءَ اندر ملاوٽ ڪن ٿا ۽ نتيجي ۾ مارڪيٽ ۾ ٺارو شاهه جي مينديءَ جو معيار گهٽجندو پيو وڃي.
“هٿين گُل ميندي، پيرين گُل ميندي”: ميهڙ کانپوءِ ٺارو شاهه جي ميندي مشهور
نوشهروفيروز جي ٺارو شاهه تعلقي ۾ ميندي جو ڪاروبار اوج تي، ڪارخانن جا مالڪ لالچ ۾ اچي مينديءَ ۾ ملاوت ڪرڻ لڳا: آبادگار
آبادگار کي في مڻ تي هزار رُپيو بچي ٿو، اسان نقصان ۾ آهيون (ڪارخانيدار) گرمين ۾ ٻُوسٽ ۽ سياري جو ڪوهيڙو به مينديءَ جو دُشمن
نوشهروفيروز (رپورٽ: زاهد راڄپر) نوشهروفيروز ضلعي جو تعلقو ٺارو شاهه سموري ملڪ ۾ مينديءَ جي وڏي مارڪيٽ واري شهر طور سڃاتو وڃي ٿو. ٺارو شاهه ۾ ننڍا توڙي وڏا آبادگار مينديءَ جي وڌندڙ ڪاروبار کي نظر ۾ رکندي گهڻو تڻو مينديءَ جو فصل پوکيندا آهن. اُن کانسواءِ ضلعي ۾ مينڊيءَ جي پيسائيءَ وارن ڪارڪنن جو انگ وڌي 35 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ننڍا وڏا ڪارخانا شامل آهن. سموري ملڪ ۾ پهرين ميهڙ جي ميندي مشهور هئي، پر هاڻ سنڌ جي مختلف شهرن سوڌو پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به ٺارو شاهه جي مينديءَ جو واپار ٿي رهيو آهي. زراعت کاتي جي ذرين موجب نوشهروفيروز ضلعي ۾ 45 ايڪڙن تي مينديءَ جي فصل جي اُپت ڪئي ويندي آهي ۽ سال ۾ 2 کان 3 ڀيرا في ايڪڙ تي چاليهه کان 50 مڻ مينديءَ جي پيداوار ٿيڻ تي آبادگار هن فصل جي پوکيءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا آهن. عام طور تي مينديءَ جو فصل آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر جي مهينن ۾ پوکيو ويندو آهي، جيڪو جون ۽ جولاءِ جي مهينن تائين تيار ٿي ويندو آهي ۽ انهن ئي مهينن ۾ فصل کي لُڻيو ويندو آهي. هڪ اندازي موجب رڳو نوشهروفيروز ضلعي مان ساليانو هڪ ٽن مينديءَ جي پيداوار ٿئي ٿي، جنهن مان روزانو بنيادن تي وڏ ڪارخانن ۾ 5 کان 4 هزار مڻ ۽ ننڍن ڪارخانن ۾ 2 کان 3 هزار مڻ مينديءَ جي پسائي ٿيندي آهي. اُن کانسواءِ هر ڪارخاني ۾ 10 کان 15 پورهيت پيسائيءَ جو ڪم ڪندا آهن. نِج مينديءَ جي خوشبو ۽ رنگ نرالو هوندو آهي پر آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪارخاني دار لالچ ۾ اچي گذريل ڪجهه سالن کان مينديءَ ۾ ملاوت ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري مارڪيٽ ۾ ٺارو شاهه جي مينديءَ جو معيار گهٽجندو پيو وڃي ۽ اها صورتحال ڳڻتي واري آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪجهه آبادگار جلدي پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ ڪچي ميندي به لُڻيندا آهن ۽ ڪارخاني وارا به ڪچي مينديءَ جي پيسائي ڪري مارڪيٽ ۾موڪلين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي مارڪيٽ ۾ ٺارو شاهه جي مينديءَ جا اگهه لاهن چاڙهن جو شڪار آهن.
پاڪستان جي سڀ کان ڊگهي شخص نصير سومري جي حالت نه سڌري
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)دنيا جو ٻيو نمبر ڊگھو شخص نصير سومرو جي حالت ۾ سڌارو نه آيو، انتهائي نگهداشت واري ورڊ ۾ داخل، سرڪار به سار نه لڌي. نصير سومرو ساهه جي تڪليف سبب گلستان جوهر جي دارالصحت اسپتال ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل آهي، سندس طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگھيو . نصير جي ڀاءُ رياض سومرو چيو ته ڊاڪٽر نصير جي صحت جي حوالي سان ڪا به اميد نه پيا ڏيارين، نصير سنڌ ۽ پاڪستان جو اثاثو آهي. هن وقت تائين صوبائي ۽ وفاقي سرڪار سار نه لڌي آهي.
ملير: گرفتار نوجوان جو والد صدمي ۾ فوت، وارث عورتن جو احتجاجي مظاهرو
ڀٽائي آباد مان گرفتار آدم سولنگي جو پيءُ لقمان احمد سولنگي صدمو سهي نه سگهيو، دم ڌڻي حوالي
پوليس خلاف احتجاج جاري، سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او بيگناهه اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي: وارث
ملير ( رپورٽ درياخان شر) ڀٽائي آباد مان پرائمري هيڊماستر نذير سولنگي سان گڏ گرفتار نوجوان آدم سولنگي جو پيءُ لقمان احمد سولنگي صدمي ۾ فوت، وارثن جو سچل پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو 3 ڏينهن اڳ ڀٽائي آباد مان سچل پوليس هٿان پرائمري هيڊماستر نذير سولنگي سان گڏ گرفتار ڪيل آدم سولنگي جو پيءُ لقمان احمد سولنگي صدمي ۾ فوت ٿي ويو، لقمان سولنگي جي فوت ٿيڻ سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، گرفتار 5 عورتن جي ملير ڪورٽ مان ضمانت ٿي وئي آهي، نذير سولنگي ۽ ٻين جي گرفتاري خلاف ڪالهه ٽئين ڏهاڙي به وارثن عبدالمالڪ سولنگي جي اڳواڻي ۾ سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او فرخ شهريار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته ايس ايڇ او فرخ شهريار بيگناهه پلاٽ جي مسئلي تي اسان جي خلاف انتقامي ڪاررائيون شروع ڪيون آهن ٽئي ڏينهن اڳ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري اسان جي 5 عورتن سميت پرائمري استاد نذير احمد سولنگي سميت 17 ماڻهن کي گرفتار ڪري 3 الڳ الڳ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، هنن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ايس ايڇ او سچل ذاتي دشمن بڻجي ويو آهي، ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته گذريل ڏينهن صدمي ۾اسان جي گرفتار نوجوان آدم سولنگي جو پيءُ پڻ فوت ٿي ويو آهي جنهن جي ذميوار سچل پوليس ۽ ايس ايڇ او سچل آهي هنن گهر ڪئي ته صاف ۽ شفاف جاچ ڪري انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي.
ماٿيلي ۾ هندو واپاري جي گهر تي ڪاهه، گرفتار، وارثن جو مظاهرو
ديپڪ ڪمار جي گھر تي چڙھائي خلاف وارث عورت ۽ مردن جو ٿاڻي تي پھچي سخت احتجاج ڪيو
احتجاج باوجود آزاد نه ڪرڻ تي قومي شاھراھ تي ڌرڻو، اهلڪارن جنسي هراسان ڪيو: ديپڪ جي گهرواري
ميرپورماٿيلو : (رپورٽر) ميرپورماٿيلو جي پراڻي مارڪيٽ ۾ ديپڪ ڪمار جي گھر تي سي آء اي پوليس جي چڙھائي ۽ ديپڪ ڪمار جي گرفتار خلاف وارث عورت ۽ مردن ٿاڻي تي پھچي سخت احتجاج ڪندي گرفتار ديپڪ ڪمار کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو احتجاج باوجود پوليس گرفتار شخص کي آزاد نه ڪيو ته بعد گرفتار ديپڪ ڪمار جي وارثن قومي شاھراھ تي ايس پي آفيس سامھون احتجاج ڪندي ڌرڻو ھنيو ان موقعي گرفتار شخص جي ماء وچيلي ٻائي ۽ گھر واري ببلي ٻائي ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ھو ته سي آء اي پوليس اسان جي گھر ۾ داخل ٿي اسان جي گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪندي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪندي ببلي ٻائي کي جنسي طور هراسان ڪرڻ سان گڏ ڪنن ۾ پاتل واليون ۽ ٻيا زيور لاھي وئي آھي احتجاج سبب اڌ ڪلاڪ تائين روڊ بند ھجڻ ڪري ٽريفڪ معطل رھي بعد ۾ ايس ايڇ او ٻيلو ميرپو برڪت ڀٽي احتجاج واري ھنڌ پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪري گرفتار ديپڪ کي آزاد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ گھر ۾ ڇاپي دوران عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي جاچ ڪري ملوث اھلڪارن کي سزا ڏيڻ جي خاطري کان ڪرائي جنھن تي احتجاج ڪندڙ روڊ کوليو ھوڏانھن سي آء اي پوليس انچارج رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته گرفتار ديپڪ شراب جو ڌنڌو ڪندو آھي ڇاپي دوران شراب پڻ برآمد ٿي آھي جنھن کي گرفتاري لاء ڇاپو ھنيو انھن ڪنھن تي تشدد ناھي ڪيو