fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

6 مھينا اڳ فائرنگ ۾ پورھيت جي قتل جو نبيرو، 20 لک ڏنڊ مقرر

شھر جي مک بازار ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ دوران پورھيت قتل ٿيو ھو

جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف انڙ جي سرپئنچي ھيٺ نبيرو ٿي ويو، ڌرين فيصلو قبولي ورتو

باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ۾ ڪجھھ مھينا اڳ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ دوران بيڏوھھ قتل ٿيل پورھيت جي قتل جو علي آباد انڙ ھائوس تي نبيرو ٿيو. جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف حسين انڙ جي سر پئنچي ۾ ٿيل نبيري ۾ جوابدار ڌر مٿان 20 لک نوجوان جي قتل جو ڏنڊ ۽ تڏو ميڙ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، ڌرين فيصلو قبول ڪري ورتو. 6 مھينا اڳ باقراڻي مک بازار ۾ ابڙا برادري جي ٻن ڌرين پير بخش عرف واگھ ابڙو ۽ نياز ابڙو جي ڌرين وچ ۾ جھيڙي دوران ھٿيارن جا منھن کوليا ويا ھئا، جنھن سبب مرغي وڪرو ڪندڙ 25 ورھين جو پورھيت صابر عرف گڊو ڪنڀر قتل ٿي ويو ھو. پورھيت جي قتل جو نبيرو ٿي ويو آھي، ڌرين فيصلو قبولي ورتو.

حيدرآباد ۾ 18 ڏينهن اڳ حادثي ۾ زخمي ٿيل لاوارث نينگر فوت

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ آٽو ڀان روڊ تي 18 ڏينهن اڳ حادثي ۾ زخمي ٿيل نامعلوم نينگر سول اسپتال حيدرآباد جي آء سي يو ۾ فوت ٿي ويو آھي. راهگيرن کيس سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو پر سندس وارثن جو پتو پئجي نه سگهيو و. هو 18 ڏينهن آء سي يو ۾ رهيو جتي اڄ فوت ٿي ويو. سندس لاش سول اسپتال جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آھي. لاڳاپيل پوليس به اسپتال انتظاميه جي باربار رابطي جي باوجد ان نينگر جي ڪا واهر نه ڪئي.

عمرڪوٽ ۾ ڀيل برادري جو کوکرا پار پوليس خلاف مظاهرو، ڌرڻو

پوليس بااثرن جي ونگار وهندي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن: ڳوٺاڻا

ڇور (رپورٽ: جگت ڏان چارڻ) عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ سباڻي جي ڀيل برادري پاران ڀيل انٽليڪچوئل فورم سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ وڪيل لالا ڀيل، ميرچند سهجاڻي، ڊاڪٽر پارو ڀيل، وڪيل منگهارام ڀيل، ڀومجي ساگر، تيرٿ ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀيل برادري جي سوين ماڻهن عمرڪوٽ پريس ڪلب اڳيان روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون ۽ ڌرڻو هڻيو ويو مظاهرين جو چوڻ هو ته کوکراپار پوليس وڏيرن جي ڪمداري ڪندي اسان تي چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري 15 مهينا اڳ لڄالٽ جو شڪار ٿيل نصيبان ڀيل جي ڪيس کي دٻائڻ لاءِ پوليس زور ڀري رهي آهي انهن چيو ته پوليس بااثر ونگار بڻيل آهي انهن وڌيڪ دانهيندي چيو ته پوليس چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ماستر ڏانو ڀيل، جگو ڀيل، ارجڻ ڀيل، ڪرشن ڀيل، گهمن ڀيل، ڏيون ڀيل ۽ سينڌل کي گرفتار ڪيو آهي انهي ڪوڙي fir ۽ گرفتاري جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اسان آءِ جي سنڌ ، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته ايس ايڇ او پوليس اسٽيشن کوکراپار ۽ ماروهر پوليس پڪيٽ جي انچارج نظام سمون کي برطرف ڪري گرفتار ڪيو وڃي.

صوماليه ۾ ڪار بم ڌماڪو، 23 ڄڻا اجل جو شڪار، 25 زخمي

موغاديشو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) صوماليه ۾ ڪار بم ڌماڪي سبب 17 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب صومالي راڄڌاني موغا ديشو ۾ صدارتي محل ڀرسان ڪار بم ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا ۽ 25 زخمي ٿي پيا.
فوتي ماڻهن ۾ 7 پوليس اهلڪار، هڪ ناليوارو صومالي صحافي ۽ ٻيا شهري شامل آهن. ڌماڪي سبب ويجهي عمارت کي به نقصان پهتو.
هوڏانهن اتنهاپسند ڌڙي الشباب ان بم ڌماڪي جي ذميواري قبولي.

شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي هڪ غلطي هئي: ايران

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) شام مان آمريڪي فوجن جي واپسي تي ردعمل ڏيندي تهران حڪومت چيو آهي ته شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي هڪ غلطي ۽ نظرياتي ڇڪتاڻ جو سبب به هئي. ايران جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته پهرين ڏينهن کان شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي کي ڪنهن به ريت جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي ۽ ان سبب سڄو علائقو عدم استحڪام جو شڪار رهيو.
هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ فوجن جي واپسي واري فيصلي بعد چيو هو ته شام مان آمريڪي فوج جي واپسي تي روس، ايران، شام ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ڪنهن به خوشي جو اظهار نه ڪيو هو.

سعودي شهزادو طلال بن عبدالعزيز لاڏاڻو ڪري ويو

رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سعودي شهزادو طلال بن عبدالعزيز 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سعودي ميڊيا رپورٽن موجب شهزادو طلال سعودي عرب جي باني شاهه عبدالعزيز جو 18هون پٽ هو ۽ مرحوم شاهه سلمان جو ڀاءُ ۽ ارب پتي شهزادي الوليد بن طلال جو پيءُ هو.
شهزادي طلال کي سعودي شاهي خاندان جي نهايت پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ ڳڻپ ڪئي وڃي ٿي. شهزادو طلال مختلف وزارتن کانسواءِ فرانس ۾ سعودي عرب جو سفير به رهي چڪو. ان سان گڏ هو يونيسيف ۽ يونيسڪو جي خاص ايلچيءَ جو عهدو به سنڀاليو.

سکر بار جي چونڊ، پروگريسو پينل اڪثريت سان ڪامياب

علي حيدر ادا صدر چونڊجي ويو، سڪندر جوڻيجو 157 ۽ عمران شمسي 61 ووٽ کنيا

محفوظ اعواڻ جنرل سيڪريٽري ٿي ويو، مخالف اميدوار عجيب الله جوڻيجو 336 ووٽ کنيا

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر بار جي چونڊن جا مڪمل نتيجا پڌرا ٿي ويا. سينيئر وڪيل قربان ملاڻي جي پروگريسو پينل وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. چونڊ نتيجن موجب پروگريسو پينل جو علي حيدر ادا 716 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته همدرد پينل جا صداتي اميدوار سڪندر جوڻيجو 157 ۽ محمد عمران شمسي 61 ووٽ کڻي سگهيا. نائب صدر جي عهدي تي پروگريسو پينل جو الاهي بخش ميتلو 588 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، مخالف اميدوار ظهير بابر 334 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. بار جي چونڊ نتيجن موجب جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي پروگريسو پينل جو محفوظ احمد اعواڻ 617 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته همدرد پينل جو عجيب الله جوڻيجو 336 ووٽ کڻي سگهيو. اهڙي ريت جوائنٽ سيڪريٽري جي چونڊ ۾ به پروگريسو پينل سوڀارو رهيو، جنهن جي اميدوار ذوالفقار ملاڻي 585 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، مخالف اميدوار ميڊم فرزانه کوسو رڳو 275 ووٽ کڻي سگهي. لائبريري سيڪريٽري جي عهدي تي به پروگريسو پينل جو سيد ظفر شاهه 550ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو، جڏهن ته همدرد پينل جي ميڊيا رضوانه ميمڻ 366 ووٽ ٻئي نمبر تي رهي.

جاپان ۾ فوت ٿي ويلن جا پتلا ٺاهيندڙ عجب رسم

جاپاني ڳوٺ فوتين توڙي ڳوٺ ڇڏيندڙ جا پتلا ٺاهي رکن ٿا

شخص جو پتلو اتي رکيو ويندو آهي، جتي هو وڌيڪ ڏٺو ويندو هو
جاپان ۾ فوت ٿي ويلن جا پتلا ٺاهيندڙ عجب رسم

ٽوڪيو (دلچسپ) جاپان ۾ هڪ اهڙو ڳوٺ به آهي، جتي جيڪو ماڻهو مري ويندو آهي يا ڳوٺ مان لڏي ويندو آهي، ان جا پتلا ٺاهي رکيا ويندا آهن. جاپان جي ان قديم ڳوٺ ۾ اها رسم صدين کان هلندي اچي ٿي. فوتي يا لڏي ويل شخص جو پتلو ان جڳهه تي رکيو ويندو آهي، جتي هو وڌيڪ ڏٺو ويندو هو. ڏکڻ جاپان ۾ ناگورو نالي ڳوٺ آهي، اهي پتلا گڏن جهڙا آهن. هڪ سياح جڏهن ان ڳوٺ ۾ ويو ته هن ان سوين پتلن جو تصويرون ٺاهيون، جيڪي تمام گهڻيون مشهور ٿي ويون آهن. ڳوٺ ۾ صرف 40 ماڻهو رهن ٿا جڏهن ته پتلن جو انگ 150 کان وڌيڪ آهي. برطانوي سياح ۽ فوٽو گرافر ٽريور موگ اهي تصويرون ٺاهيون آهن.

سنڌ جي 6 ضلعن ۾ ننڍيون چونڊون سڀاڻي ٿينديون،تياريون مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي سميت سنڌ جي 6 ضلعن جي 56 تڪن تي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين، يوسي ڪائونسلرن جون ننڍيون چونڊون سڀاڻي ٿينديون. جنهن ۾ 141 اميدوارن پاران مختلف پارٽين جي ٽڪيٽ توڙي آزاد حيثيت ۾ حصو ورتو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران ڄاڻايل ضلعن ۾ 389 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. جن ۾ مردن لاءِ 57 ۽ عورتن لاءِ 55 پولنگون شامل آهن. اليڪشن ڪميشن پاران 389 پرزائيڊنگ آفيسرن جي مقرري جو پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

هندو انتهاپسندن نصيرالدين شاهه کي لٽريچر فيسٽيول ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو

ڪنهن کي همٿ ناهي جو ڀارت مان ڪڍي، هي منهنجو ملڪ آهي: نصيرالدين شاهه

اداڪار جي بيان تي اتهاپسندن کيس اجمير لٽريچر فيسٽيول ۾شرڪت کان روڪي ڇڏيو
ناميارو اداڪار نصيرالدين شاهه

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڀلوڙ اداڪار نصيرالدين شاهه پاران گذريل ڏينهن ڏنل بيان کانپوءِ انتهاپسندن کيس اجمير لٽريچر فيسٽيول ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو آهي. اجمير لٽريچر فيسٽيول ۾ نصيرالدين شاهه کي پنهنجي ڪتاب جي مهرت تقريب ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، جنهن دوران ڀارتيه جنتا پارٽي جي ڪارڪنن نصيرالدين شاهه خلاف سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي، جنهنڪري نصيرالدين شاهه کي ايونٽ مان واپس وڃڻو پئجي ويو. تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي نصيرالدين شاهه چيو آهي ته ڀارت سندن ملڪ آهي، جنهن مان نيڪالي ڏيڻ جي ڪنهن کي همٿ ناهي. نصيرالدين شاهه پاران اتر پرديش ۾ مڇريل هجوم هٿان قتل ٿي ويل پوليس آفيسر تي ڳالهائيندي چيو هو ته ڀارت ۾ انسان کان وڌيڪ ڳئن کي تحفظ حاصل آهي ۽ ڀارت انتهاپسندي طرف وڌي رهيو آهي، جنهنڪري هو پنهنجي ٻارن جي لاءِ پريشان آهي. نصيرالدين شاهه جي بيان کانپوءِ انتهاپسندن پاران کيس پاڪستان وڃڻ جو مشوري سان گڏ کيس غدار ڪوٺيو ويو. ردعمل ڏيندي نصيرالدين شاهه چيو ته هي سندن ملڪ آهي، ڪنهن کي همٿ ناهي جو کين ملڪ مان ڪڍي.

ڀارت ۾ فراڊ سان ڏهاڙي 50 هزار ڊالر ڪمائيندڙ ڪال سينٽر پڪڙجي پيو

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي پوليس آمرڪي شهرين کي ڌوڪو ڏئي ڏهاڙي 50 هزار ڊالر ڪمائيندڙ جعلي ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ 126 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي دهلي جي علائقي نوئڊا مان گرفتار ڪيو ويو آهي، اهي جوابدار آمريڪي شهرين کي سندن سوشل سڪيورٽي نمبر ۾ مسئلو ٻڌائيندي اهو ٺيڪ ڪرڻ لاءِ رقم گهرندا هئا. نوئڊا پوليس موجب جوابدار ٽيڪس نه ڀريندڙن کي خوف ڏياري کائن رقم هڙپ ڪندا هئا. اهو ڪال سينٽر ٽن سالن کان ڪم ڪندو رهيو آهي، ڇاپي دوران 300 ڪمپيوٽرن کي پوليس پاران پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد: پوليس 4 ڏينھن اڳ قتل ڪيس ۾ عورت سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

حيدرآٻاد: ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪري قتل ڪيس ۾ گھربل شاھ فيصل ۽ نورالنساءِ کي گرفتار ڪيو
جوابدارن پيرسن بندو کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري گلشن رئيس واري علائقي ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو
حيدرآباد (ن پ ا) حيدرآباد پوليس چار ڏينھن اڳ قتل جي ڪيس ۾ عورت سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس 4 ڏينهن اڳ قتل ڪيل پيرسن بندو عرف سوکا کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ ھڪ عورت نورالنساءِ عرف پپي ۽ شاه فيصل کي گرفتار ڪيو آھي. پوليس موجب جوابدارن پيرسن بندو کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري گلشن رئيس واري علائقي ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.

سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي

سکر، نوشهرو فيروز، پير جوڳوٺ، قاضي احمد، ٽنڊي باگي ۾ ننڍي چونڊ جي تياري مڪمل

پولنگ اسٽيشنن تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر، چونڊ سامان پرزائيڊنگ آفيسرن حوالي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، ان حوالي سان سکر، نوشهرو فيروز، پير جوڳوٺ، قاضي احمد، ٽنڊي باگي ۾ ننڍي چونڊ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. پولنگ جو سامان چونڊ عملي کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پولنگ اسٽيشنز ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويندو.
ان سلسلي ۾ سکر ۾ صرف هڪ يونين ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 4 تي اليڪشن ٿيندي، جنهن ۾ جنرل ڪائونسلر جي لاءِ 5 اميدوارن پيپلز پارٽي جي اميدوار گل محمد خان، تحريڪ انصاف جي اميدوار نعيم محمد خان ۽ آزاد اميدوارن بابر علي، شاهد حسين ۽ محمد فاروق اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
قاضي احمد جي پاڙيسري يونين ڪائونسل گھرام مري ۾ پڻ ھڪ سيٽ جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر 3تي اليڪشن ٿيندي. جتي ايس يو پي جي نامزد اميدوار محمد موسي ا جوڻو ۽ پ پ جي نامزد اميدوار نياز حسين مھر ۾ اصل مقابلو آهي. ٽنڊوباگو جي يو سي خانبهادر مير غلام محمد ٽالپر جي اڳوڻي چئرمين سيد عاقيل شاه بخاري جي وفات بعد خالي ٿيل چئرمين جي سيٽ تي سڀاڻي ضمني چونڊ ٿي رهي آھي. جتي جي ڊي اي جي اميدوار محمد موسي زنگيجو ۽ پ پ جي حاجي علي احمد نظاماڻي وچم مقابلو ٿي رهيو آھي.
نوشهروفيروز جي يونين ڪائونسل ڪوٽ ستابو جي چيئرمين لاءِ ضمني چونڊ ٿيندي،. اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار آصف علي عالماڻي جو مقابلو آزاد اميدوار مير محمد عالماڻي ۽ آزاد اميدوار اختر علي عالماڻي سان آهي. پ پ اميدوار آصف علي عالماڻي کي تير جو نشان، مير محمد عالماڻي کي ٻڪري جو نشان ۽ اختر علي عالماڻي رڍ جو نشان الاٽ ڪيا ويا آھن. جڏهن ته پولنگ جا انتظام سنڀالڻ لاءِ 3 ڊي ايس پيز 7 سب انسپيڪٽر 9 اي ايس آءِ ۽ 150 پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آھي. ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي ڪائونسلر ۽ يوسي راهوجه جي چيئرمين جي خالي سيٽن تي سڀاڻي چونڊون ٿينديون . وارڊ نمبر 4 جي خالي ٿيل ڪائونسلر ۽ يونين ڪائونسل راهوجه جي چيئرمين جي خالي ٿيل سيٽ تي پ پ جي محمد بخش ميتلو ۽ جي ڊي اي جي سراج الدين کنڀڙو ۽ يوسي راهوجه ۾ پ پ جي ڌڻي بخش جاگيراڻي ۽ جي ڊي اي جي ڪريم الدين ملڪ وچ ۾ مقابلا ٿيندا.

شاھھ رخ خان جي فلم “زيرو” پھرئين ڏينھن ٻوٽو نھ ٻاريو

شاهه رخ خان جي ڪردار جي تعريف به فلم کي بچائي نه سگهي

ايندڙ ٻه ڏينهن فلم جي ڪاميابي يا ناڪامي لاءِ اهم قرار
فلم زيرو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪنگ خان شاهه رخ خان جي نئين ريليز ٿيل فلم زيرو متاثر ڪندڙ ڪاروبار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، فلم پهرين ڏينهن صرف 20 ڪروڙ روپين جو بزنس ڪري سگهي. فلمي نقادن پاران فلم جي ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي ٻوڙي ڇڏيو. فلمي نقادن موجب فلم جي ڪهاڻي ڪمزور آهي، جڏهن ته شاهه رخ خان ۽ ٻين اداڪارن جي جاندار اداڪاري به فلم کي سهارو نه ڏئي سگهي. ايندڙ ٻه ڏينهن فلم تمام گهڻو اهم هوندا، موڪلن هجڻ سبب فلم سٺو ڪاروبار ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ٻڌائي پئي وڃي. فلم جي سٺي مارڪيٽنگ ٿيڻ سبب مشهوري وڌيڪ ماڻي آهي پر اندازي موجب ڪاروبار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

نوابشاهه: ساک کي ڇيهو رسائڻ تان صحافي کي 2 سال قيد جي سزا

نوابشاهه ( رپورٽر ) نوابشاهه جي عدالت ساک کي ڇيڪو رسائڻ ڪيس ۾ صحافي کي 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

نوابشاهه جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ساک کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جج ميڊم زاهده سڪندر ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد صحافي محمد يوسف ساگر کي 2 سال قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.