نوشھروفيروز(ن پ ا)آپڪا پاپوليشن ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ هيڊ آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ضلعي صدر ذاڪر مراد ابڙو، منظور کوسو، غلام مصطفيٰ ڦل، ابراهيم خاصخيلي، ارشاد گجر، انيلا هڪڙو، بيگم مختيار ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سنڌ اندر سڀني کاتن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي ٿو رڳو پاپوليشن کاتي جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل نه ڏيڻ ناانصافي آهي. ٻي طرف ڪچن ملازمن کي پڪو ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري ملازمن ۾ سخت بي چيني پکڙيل آهي. هنن چيو ته اسان سنڌ حڪومت ۽ صحت جي وزير کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ريٽائرڊ ملازمن جي اولاد کي سرڪاري نوڪري ڏيڻ سميت ٻيا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو..
شام مان بچيل داعش جو خاتمو هاڻي ترڪي ڪندو: ڊونالڊ ٽرمپ
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته شام مان داعش جي باقي بچيل طاقت جو خاتمو هاڻي رجب طيب اردگان ڪندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ پيغام ڊونالڊ ٽرمپ چيو ته شام مان آمريڪي فوجن جي واپسي بعد ترڪ صدر اردگان وچ اوڀر جي جنگ سٽيل رياست ۾ دهشتگرد خلاف جنگ تيز ڪندو.
ٽرمپ موجب ترڪ صدر اردگان کيس واضح طور ٻڌايو آهي ته شام مان داعش جو خاتمو هاڻي ڪندو. ان ٽوئيٽ کان اڳ آمريڪي ۽ ترڪ صدر پاڻ ٽيليفون تي رابطو به ڪيو.
ڊيرا بگٽي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عورت قتل ، ٻار سميت 2 زخمي
سور واري علائقي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي ،عورت ٿڏي تي قتل
فائرنگ ۾ قبائلي اڳواڻ عبدالڪريم بگٽي ۽ هڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيا ، جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا
صحبت پور (رپورٽر) بلوچستان جي ڊيرا بگٽي جي سور واري علائقي ۾ پراڻي تڪرار ھٿيار بندن جي فائرنگ ھڪ عورت قتل ٿي وئي جڏھن ته فائرنگ ۾ قبائلي اڳواڻ عبدالڪريم بگٽي ،ھڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيا واقعي بعد ھٿيار بند موقعي تان فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع ملڻ بعد ڊيرا بگٽي ٿاڻي جي ليويز فورس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري مقتولا جو لاش ۽ زخمين کي پي پي ايل اسپتال سوئي پھچايا جتان پوسٽمارٽم لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته زخمين کي رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو ليويز اھلڪارن موجب واقعو پراڻي تڪرار جي نتيجي ۾ پيش آيو آھي واقعي جو اڃاتائين ڪو بي ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.
گهوٽڪي ۾ لال پيرٻيلي تان قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن
ڊي ايف او طرفان پوليس اهلڪارن سان گڏ آپريشن ڪيو ويو، ڦٽيءَ جو فصل ڀيلي قبضو ختم ڪرايو ويو

گهوٽڪي (ن پ ا) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي گهوٽڪي جي لال پير ٻيلي مان قبضا ختم ڪرائڻ لاء ڊي ايف او طرفان پوليس پوليس اهلڪارن سان گڏ آپريشن ڪيو ويو. اختيارين طرفان ڪيترن ئي ايڪڙن تي ٻڌل وونئڻن جو فصل ڀيلي قبصو ختم ڪرايو ويو. رابطو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر واجد علي سولنگي صحافين سان ڳالهندي چيو ته ٻيلي جي زمينن تان قبضا سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ختم ڪرائي رهيا آهيون. اختيارين طرفان آپريشن کان اڳ ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. ڊي ايف او موجب لال پير ٻيلي جي ٽوٽل 13 هزار ايڪڙ زمين آھي، جنهن مان 1500 سئو ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو هو.
اسلام آباد ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي زندگي بابت تصويري نمائش، قائد اعظم جي زندگيءَ بابت تصويرون ماڻھن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل
لوڪ ورثا ۾ “لائيف جناح” جي موضوع تي تصويري نمائش ٿي، فواد چوڌري جي شرڪت
قائداعظم جديد اسلامي رياست جو بنياد رکيو: وفاقي وزير اطلاعات فواد چڌري جون ڳالهيون
اسلام آباد (نيشنل نيوز) اسلام آباد جي لوڪ ورثي ۾ ملڪ جي باني قائد محمد علي جناح جي زندگي تي “لائف آف جناح” جي عنوان هيٺ تصويري نمائش ٿي گذري، جنهن ۾ وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات فواد حسين چوڌري سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محمد علي جناح جي زندگي جي حوالي سان مختلف تصويرون نمائش لاءِ پيش ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات فواد چوڌري چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح جديد اسلامي رياست جو بنياد رکيو، هو روشن خيال اڳواڻ هو، جيڪو انتهاپسندي جو سخت مخالف هو. سندس چوڻ هو ته محمد علي جناح پنهنجي دور جو خوش لباس ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان قائد اعظم جي فڪر کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، جڏهن ته قائد اعظم ڪرپشن خلاف خدشن جو اظهار ڪيو هو. وفاقي وزير چيو ته ڪرپشن غربت سان جڙيل آهي، قوم ڪرپشن ڪيسن جي حوالي سان عدالتي فيصلن جو انتظار ڪري رهي آهي، جڏهن ته ماڻهو بيوقوف ناهن جو ڪنهن جي پرڏيهه ۾ پيل ملڪيت بچائڻ لاءِ گهرن کان نڪرندا. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن سبب ترقي جا رستا بند ٿي ويا آهن. هن چيو ته عمران خان نئين پاڪستان جو بنياد رکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نجي اسڪولن لاءِ هڪ مڪمل پاليسي ڏني وئي آهي. فواد چوڌري چيو ته ڳالهين سان مسئلن جو حل نڪري ايندو آهي.
ٺل ۾ پلاٽ جي تڪرار تان ليڊي هيلٿ ورڪر تي حملو، ايل ايڇ وي ۽ سندس ڀاءُ زخمي
ٺل ٿاڻي تي ليڊي هيلٿ ورڪر بُشريٰ آرائين جي فرياد تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو
ٺل(ن پ ا)ٺل جي باء پاس وٽ پلاٽ جي معامري تي آرائين ۽ کوسن وچ ۾ تڪرار ڪر کنيو آهي، جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ليڊي هيلٿ سپروائيزر بشري آرائين ۽ ان جو ڀاء اڪرم آرائين زخمي ٿي پيا. ٺل ٿاڻي تي بشري آرائين جي فرياد تي اڳوڻي سيڪريٽري تعليم شفيق کوسو جي پٽ محمد خان کوسو ۽ ٻين مٿان اين سي داخل ڪئي ويئي آهي.
ننڍي کنڊ جي سدابهار گلوڪار محمد رفيع جي 93 سالگرهه ملهائي پئي وڃي
امرتسر ۾ جنم وٺندڙ محمد رفيع پنهنجي پهرين پرفارمنس 13 سالن جي عمر ۾ ڏني
محمد رفيع ننڍي کنڊ جي وڏين ٻولين، پنجابي، اردو، مراٺي، سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ گيت ڳايا

ڪراچي (شوبز نيوز) ننڍي کنڊ جي سدابهار گلوڪار محمد رفيع جي اڄ 93 سالگرهه ملهائي پئي وڃي. 24 ڊسمبر 1924ع تي ڀارتي پنجاب امرتسر ۾ جنم وٺندڙ محمد رفيع پنهنجي پهرين پرفارمنس 13 سالن جي عمر ۾ ڏني، جڏهن ته هن بالي ووڊ ۾ پلي بيڪ سنگر طور 1944ع ۾پنهنجي ڪيريرئر جي شروعات ڪئي، جڏهن ته هن آل انڊيا ريڊيو تي پڻ ڳايو. محمد رفيع ننڍي کنڊ جي وڏين ٻولين، پنجابي، اردو، مراٺي، سنڌي. هنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ گيت ڳايا. شروعاتي ڪيريئر دوران هن بالي ووڊ جي ڪيترن ئي هدايتڪارن سان گڏ ڪم ڪيو، جڏهن ته بالي ووڊ جي هر ڪامياب فلم ۾ سندس گيت شامل ڪيا ويندا هئا. محمد رفيع ڀارت ۾ رڪارڊ 68 فلم فيئر ايوارڊن سان گڏ ڀارت جو قومي ايوارڊ ۽ پدما شري ڀوشن پڻ ماڻيو، جڏهن ته هن 55 ورهين جي عمر ۾ 31 جولاءِ 1980ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي وڏي غلطي هئي: ايران
آمريڪي فوج جي موجودگي سبب شام ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيو: ايران
تهران (ا ڊ) ايران چيو آهي ته شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي وڏي غلطي هئي، جنهنڪري خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران جي پرڏيهي کاتي پاران آمريڪا جي شام مان فوج نيڪالي تي ردعمل ڏيندي چيو ته شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي نه صرف وڏي غلطي هئي پر اها نظرياتي ڇڪتاڻ جو سبب پڻ بڻيل رهي. ترجمان موجب ايران پهرين ڏينهن کان شام ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي جو مخالف هو، آمريڪي فوج جي موجودگي ڪنهن به صورت ۾ سٺو قدم قرار نٿو ڏئي سگهجي، انڪري سڄو خطو خطري هيٺ اچي ويو هو.
ڀارت ۾ نينگري پاران وڏا وار رکڻ جو عالمي رڪارڊ
نلانشي 5 فوٽ 7 انچ وار رکڻ تي نالو عالمي رڪارڊ ۾ شامل
16 سالن جي نينگري 10 سالن کان وارن کي ڪٽرائڻ کان نابري واري

گجرات (دلچسپ) ڀارت ۾ 16 ورهين جي نينگري دنيا ۾ سڀ کان ڊگها وار رکندڙ نينگري جو رڪارڊ جوڙي ورتو آهي، جنهن کانپوءِ سندس نالو گئنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نلانشي پٽيل 2 گذريل 10 سالن کان پنهنجي وارن کي ناهي ڪٽرايو، جنهنڪري سندس وار هن جي قد کان به ڊگها ٿي ويا آهن. نينگري ميڊيا کي ٻڌايو ته هوءَ 6 ورهين جي هئي ته وار ڪٽرائڻ دوران سندس خراب تجربو ٿيو، جنهن کانپوءِ هن ڪڏهن به وار نه ڪٽرائڻ جو فيصلو ڪيو. نينگري جو چوڻ آهي ته شروع ۾ سندس والدين مخالفت ڪئي پر بعد ۾ هو به کيس ڪجهه نه چوندا هئا.
شام مان آمريڪي فوج جي واپسي تي صحيح ٿي وئي
فوج واپسي جي ڪا تاريخ ناهي ڏني وئي: آمريڪي ترجمان

پينٽاگون (ا ڊ) شام مان آمريڪي فوج جي واپسي واري حڪم نامي تي صحيح ڪئي وئي آهي. آمريڪي فوج جي ترجمان شام مان آمريڪي فوج جي انتظامي واپسي تي صحيح جي حوالي سان ڪي به تفصيل جاري ناهن ڪيا. آمريڪي صدر پاران شام مان فوج واپسي جو اعلان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيو. ٻي پاسي ترڪ صدر ارگان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران شام جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. طيب اردگان آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ خطي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن فوجي ۽ سفارتي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
زرعي يونيورسٽي ۾ بيچلر پروگرام لاءِ انٽري ٽيسٽ، 4 هزار اميدوار شريڪ
انٽري ٽيسٽ دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ، پوليس ۽ رينجرز مقرر
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ تدريسي سال 19-2018 لاءِ مختلف فيڪلٽين، آئي ٽي سينٽر ۽ فوڊ انسٽيٽيوٽ سميت، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپورڪاليج آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجيز، سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ داخلا لاءِ پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ انٽري ٽيسٽ ٿي، جنهن ۾ ڪل 4022 اميدوارن حصو ورتو، جن ۾ 354 شاگردياڻين به پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني، انهن اميدوارن ۾ 2181 پري ميڊيڪل ۽ 1941 اميدوار پري انجنيئرنگ جا هئا، پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٿيل پري انٽري ٽيسٽ ۾7- فيميل بلاڪن سميت ڪل 68 بلاڪ قائم ڪيا ويا هئا، اهڙي ريت سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل اميدوارن جي معاونت لاءِ ضلعي سطح تي مددي ڪائونٽر به قائم ڪيا ويا، ٽيسٽ مقرر ڪيل ٽائيم کان منو ڪلاڪ ليٽ شروع ٿي، جڏهن ته اها ٽيسٽ 100 منٽن تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ 100 ايم سي ڪيوز سوالن تي ٻڌل 100 مارڪن وارو سوال نامو ڏنو ويو هو، ان موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، پنهنجي ڊينز ۽ مختلف تدريسي شعبن جي سربراهن سان قائم ڪيل بلاڪن جو دورو ڪيو ۽ اميدوارن کان ٽيسٽ جي انتظامن توڙي مختلف دلچسپي تي ٻڌل سوال به ڪيا. وائيس چانسلر جي دوري دوران مختلف فئڪلٽين جا ڊينز ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ، ڊاڪٽر عبدالغني لنجار، ڊاڪٽر نور محمد سومرو، ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو، سب ڪئمپس عمر ڪوٽ جو ڊائريڪٽر جان محمد مري، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو پرنسپل محمد ابراهيم ڪيريو، شهيد زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جو پرنسپل عبدالغفور مگسي، رجسٽرار حفيظ الله ميمڻ، ڊائريڪٽر فنانس انيل ڪمار، ڊائريڪٽر ايڊميشن احمد خان منگي، ڊائريڪٽر ڪئمپس محمد اشرف رستماڻي، ڊائريڪٽر هيومن ريسورسز غلام محي الدين قريشي، ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ منظور احمد مگسي، سائوٽا جو صدر پروفيسر ڊاڪٽر نعمت الله لغاري سميت مختلف انتظامي ۽ تدريسي شعبن جا سربراهه به موجود هئا. پبلڪ اسڪول ۾ قائم ڪيل پوري سينٽر جي چوطرف رينجرس ۽ پوليس جي سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي هئي، شاگردن کان سندن موبائيل اڳواٽ وٺي جمع ڪيا ويا هئا، اميدوارن جي سينٽر ۾ داخل ٿيڻ واري مک دروازي تي واڪ ٿروگيٽ لڳايا ويا هئا ۽ شاگردن کي ضلعي بنيادن تي قطارون لڳرائي،انهن کي ترتيب سان اندر ڇڏيو ويو،
ٽرمپ ميٽس جي جاءِ تي پيٽرڪ کي وقتي سيڪريٽري دفاع مقرر ڪري ڇڏيو
واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جم ميٽس جي استيعفيٰ بعد پيٽرڪ شناهن کي وقتي سيڪريٽري دفاع مقرر ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڊونالڊ ٽرمپ دفاع جي ڊپٽي سيڪريٽري پيٽرڪ شناهن کي وقتي سيڪريٽري دفاع مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي لکيو ته پيٽرڪ نئين سال جي پهرين تاريخ تي ذميواريون سنڀاليندو.
هن چيو ته ڊپٽي سيڪريٽري جي حيثيت ۾پيٽرڪ جي ڪارنامن جي ڊگهي لسٽ آهي، هي بهتر ثابت ٿيندو.
شڪارپور پوليس گرفتار جوابدار کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪري ورتو. نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪارروائي ڪئي ته ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي ۾ جوابدار نادر ميراڻي زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار ڦر ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل هو، جنهن جي قبضي مان هٿيار مليا آهن. هوڏانهن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار کي گرفتار ڪيو هو، اڄ کيس مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي.
سي پيڪ ڪاميٽي ۾ سنڌ جون وڌيڪ 2 رٿائون پيش ڪيون اٿم: مراد شاھ
سنڌوءَ جي چينلائيزيشن وڏو منصوبو آهي، جنهن سان پاڻي محفوظ ٿيندو ۽ سم ۽ ڪلر تي ضابطو ايندو
چيني اختيارين سنڌ حڪومت جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪندي رٿائن کي جي سي سي ڏانهن موڪليو آھي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ لاءِ سي پيڪ ۾ سماجي، معاشي ترقيءَ ۽ زراعت جون وڌيڪ ٻه رٿائون شامل ڪيون وينديون ۽ ان سان صوبي جي گڏيل ترقي تي چڱا اثر پوندا. هن اها ڳالهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا (ايس زيڊ بي ايل يو) ڪورنگي ڪئمپس جي ڪانووڪيشن ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (جي سي سي) سي پيڪ جو هڪ اعليٰ فورم آهي ۽ ڪجهه ڏينهن پهرين چين ۾ ان جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي. هن چيو ته سي پيڪ اٿارٽيز سندن رٿائن واري فهرست ۾ وڌيڪ ٻن شعبن زراعت ۽ سماجي معاشي ترقي شامل ڪيا آهن. هن چيو ته جي سي سي ۾ ٻن رٿائن کي پيش ڪيو ۽ وڏي اميد آهي ته مارچ ۾ لاڳاپيل جوائنٽ ورڪنگ گروپ واري اجلاس ۾ انهن جي منظوري ڏني ويندي. رٿائن جا تفصيل ٻڌائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي گڊو بئراج کان سکر بئراج تائين 180 ڪلوميٽرن جي چئنلائيزيشن جو هڪ ميگا پروجيڪٽ ڪيو آهي. هن چيو ته اهو هڪ ميگا پروجيڪٽ آهي ۽ صوبائي حڪومت انهن جون سموريون لاڳاپيل فارملٽيز کي مڪمل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ جوائنٽ ورڪنگ گروپ ذريعي انهن کي سي پيڪ اٿارٽيز کان حتمي منظوريءَ لاءِ موڪليو ويندو. هن چيو ته سنڌوءَ تي چئنلائيزيشن زراعت واري شعبي جي ترقيءَ لاءِ هڪ وڏي رٿا ثابت ٿيندي. هن چيو ته ان سان نه رڳو پاڻي محفوظ ٿيندو پر درياهه جي ٻنهي پاسن تي آباد ضلعن ۾ سم، ڪلر ۽ کاري پاڻيءَ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. چئنلائيزيشن ڪري علائقن کي ٻوڏ کان پڻ تحفظ حاصل ٿيندو ۽ ڪچي وارن علائقن ۾ وڏي پئماني تي زرعي زمينن کي ترقي ڏئي سگهبي، سماجي ۽ معاشي شعبي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته چائنيز اٿارٽيز کي ٻڌايو آهي ته ٿر فائونڊيشن ٿر ۾ تعليم، صحت، سماجي جنگلات ۽ بائيوسيلن ايگريڪلچر لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته چائنيز اٿارٽيز کي چيو آهي ته اهي ٿر فائونڊيشن لاءِ ان رٿا جي منظوري ڏني وڃي ته جيئن ٿر جي علائقي ۾ جتي سي پيڪ رٿائن تحت ڪوئلي مان هلندڙ پاور پلانٽس قائم ڪيا پيا وڃن اهي انهن تي عملدرآمد ڪري سگهن. مراد علي شاهه چيو ته چائنيز اٿارٽيز صوبائي حڪومت جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي ۽ رٿائن کي جوائنٽ ورڪنگ گروپ ڏانهن موڪلي ڇڏيو، جنهن جو مارچ 2019ع ۾ اجلاس منعقد ٿيندو ۽ مونکي پڪ آهي ته اهي اٿائون منظور ڪيون وينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڻ هو ته سندس حڪومت صوبائي اسيمبليءَ جي گذريل سيشن دوران اسٽنڊنگ ڪميٽيز مقرر ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهي ڪميٽيون اسيمبليءَ متعين ڪندي آهي ۽ اسان ايندڙ اسيمبليءَ جي سيشن ۾ اهڙيون مقرريون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. انهيءَ کان پهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاء جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته ان يونيورسٽيءَ سان منهنجو تمام گهڻو تعلق آهي ڇاڪاڻ ته اهو ادارو منهنجي عظيم قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان لاڳاپيل آهي. 23 پاس آئوٽ لاء گريجوئيٽس کي واڌايون ڏيندي هن چيو ته لاء يونيورسٽيءَ جيڪو سفر شروع ڪيو آهي اهو ڪاميابيءَ واري رستي ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن چيو ته اها يونيورسٽي ملڪ جي تاريخ جي پهرين لاء يونيورسٽي آهي ۽ اڄ اها يونيورسٽي مالي طور تي پڻ مستحڪم ادارو آهي. مراد علي شاهه چيو ته هتان کان گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگرد سڀاڻي وڪيل ۽ جج ٿيندا. هن چيو ته اسانجي انصاف واري شعبي جي ڪاميابيءَ جو دارومدار گريجوئيٽ ٿيندڙ انهن نوجوانن تي منحصر آهي، هن وڌيڪ چيو ته اها يونيورسٽي جوڊيشل سيڪٽر کي بهترين افرادي قوت مهيا ڪري رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اڄ جا لاء گريجوئيٽس سندن پروفيشن کي ايمانداري، سچائي ۽ لگن سان اڳتي وڌائيندا. وڏي وزير يونيورسٽي جي وائس چانسلر قاضي خالد کي يقين ڏياريو ته کين فنڊ فراهم ڪيا ويندا ته جيئن يونيورسٽيءَ جو ڪورنگي ۾ واقع تعمير هيٺ ڪئمپس جي عمارت مڪمل ٿي سگهي. انهيءَ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاء جي وائس چانسلر ڊاڪٽر قاضي خالد سپاس نامو پيش ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايل ايل ايم ۽ ايل ايل بي پاس آئوٽ ڪندڙ شاگردن کي ڊگريون عطا ڪيو، جن ۾ ايل ايل ايم بيچ 2016ع جي مس عظمت کي سوني جو تمغو، ذوالفقار علي کي چانديءَ جو تمغو، نظام الدين کي پتل جو تمغو ۽ ايل ايل بي بيچ 2015ع جي جهانزيب کي سون ۽ ذڪيا طالب کي چانديءَ جو تمغو حاصل ڪيو.
افغاني زمينون نيلام ڪرڻ لڳا، تاريخي ماڳ ڀنڀور 640 مان رڳو 40 ايڪڙ وڃي بچيو
مختلف جاين تي ليز ڄاڻائي چير ڦاڙ جاري، فرضي نالن سان اسڪيمون هلائڻ جو انڪشاف
لينڊ مافيا جي ڪري ڏچي ۾ آهيون، لڏ پلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي: ولي داد بلوچ ۽ گل نواز

ڌاٻيجي(رپورٽ پنهون چانگ) ڌاٻيجي ۽ ان جي آس پاس جي مختلف جاين تي لينڊ مافيا جا ڪارڪن گروپن جي صورت ۾ سرگرم ٿي ويا آهن، جنهن سان تاريخي ماڳ ڀنڀور جو وجود به خطري ۾ پئجي ويو هي. ان سلسلي ۾ مدينا اسٽاپ ڀنڀور بيهار ڪالوني شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني غريب آباد ماڪيٽ پمپوز ڪالوني ۽ ٻين مختلف جاين تي قبضا مافيا مختلف نالن تي پلاٽنگ اسڪيم هلائڻ شروع ڪري ڏني آھي بئي طرف اشرف پنجابي محمد بخش ڪيلاڻي ڪوڙيون ليزون جاڻائي جبلن جي چير فاڙ ڪري پلاٽنگ ڪرڻ جو سلسلو بهي جاري آهي.جڏهن ت لينڊ مافيا جي قبضن جي ڪري شھري توڙي ڳوٺاڻن کي تمام گهڻي تڪليف آھي ڳوٺاڻن ۾ ولي داد بلوچ گلنواز ٻٻر مختيار جماري ۽ٻين پنهنجي اخبار سان ڳهالائيندي چيو ت اسان غريبن کي مختلف پارٽين جا نالا وٺي ڌمڪيون ڏيندا آھن آيل پٺاڻ آفغاني مري بلوچ جن جو ڪجه سال پهرين نالو نشان ن هو اڄ زمينن تي ڪبضا ڪري مالڪ جي صورت ۾ زمينون نيلام ڪن ٿا ۽ اسان غريبن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، هنن بورڊ آف ريوينيو ۽ اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته لينڊ مافيا گروپ ۽ ڌاٻيجي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري آيل افغاني پٺاڻن کي ڪانوني سزا ڏني وڃي.
قبضن کي نه حڪومت ٻنجو ڏنو ۽ نه ئي مقامي انتظاميا اک پٽي
تاريخي ماڳ ڀنڀور قبضا مافيا جي ڪري سوڙهو ٿي ويو آهي. ڀنڀور جي اٽڪل 640 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمين آھي لينڊ مافيا گروپ جي اچڻ کان پوء باقي 40 ايڪڙ ايراضي رهي آھي. ڪافي وقت کان هلندڙ قبضن تي نه حڪومت ڌيانڏئي ٻنجو ڏنو آهي نه ئي وري مقامي انتظاميا اک کولي آهي.
پوليس اهلڪارن بھ پلاٽ خريد ڪري ڇڏيا
ڀنڀور واسين ولي داد بلوچ گلنواز ٻٻر مختيار جماري ۽ٻين پنهنجي اخبار کي وڌيڪ ٻڌايو ته ڌاٻيجي پوليس لينڊ مافيا سان ٻٽ بڻيل آھي. ڪنهن به قسم جي ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي هنن وڌيڪ ٻڌايو ت ڌاٻيجي پوليس اسٽيشن تي گذريل ٻن سال ۾ جيڪي ايس ايڇ او آيا تن پنهنجي نالي پلاٽ خريد ڪيا آھن.