پنوعاقل)ن پ ا)جرڳي جي الزام هيٺ آيل وڏيري ڪريم بخش واگهو جي ڀائٽي ستن سالن جي تقوي ڌي غلام قادر واگهو جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق ٿي وئي، واضع رهي ته ڪجه ڏينهن اڳ سڱ چٽي ۾ پنجن سالن جي شمائلا واري معاملي کانپوءِ ڪريم بخش واگهو جي ڀائٽي جو اڳئين ڌر تي زيادتي جو الزام هنيو هو، اها به بار بار ترديد ڪندو آيو ته مون ڪوبه جرڳو ناهي اصل معاملو لڪائڻ لاءِ اهو ڊرامو رچايل آهي، هوڏانهن ايس پي سکر اسد رضا جي حڪم تي ايف آءِ آر به ٿي پر اڳ ۾ ضمانت ٿي وئي ٻنهي ڌرين تي ڪيس داخل ڪيل هئا ڪنهن جي به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. واپاري ڪريم بخش واگهو پاران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجي ڀائٽي سان زيادتي جي ميڊيڪل رپورٽ اچي وئي آهي جنهن ۾زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي پوليس هن مهل تائين انهن کي گرفتار ناهي ڪيو منهجي مٿان به ڪوڙو ڪيس ڪيو ويو آهي زيادتي جو شڪار تقوي جي والد چيو ته منهجي نياڻي سان ظالمن ظلم ڪيو آهي آءِجي سنڌ ايس پي صاحب مون سان انصاف ڪن، اسان وٽ ڪوبه جرڳو ناهي ٿيو معاملي کي لڪائڻ ڪوڙو ڊرامو ڪيو ويو آهي.
پني عاقل جرڳو : الزام هيٺ آيل شخص جي ڀائيٽي سان زيادتي جي تصديق
معصوم تقويٰ سان زيادتي ٿي آهي: ميڊيڪل رپورٽ پڌري، جرڳو ناھي ڪيو : واگھو
ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، 16 جوابدار گرفتار
ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، 16 جوابدار گرفتار، رينجرز ترجمان موجب رينجرز مدينه ڪائوني، ملير، بلديا ٽائون ۽ شاهراهه فيصل ۾ڪارروائي ڪري گرفتاريون ڪيون، گرفتار جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم ۽ منشيات جي وڪري ۾ ملوث آهن.
گهوٽڪي لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار فوت
گهوٽڪي (ن پ ا) گهوٽڪي ويجهو ڪار جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو. رحمو والي لڳ جي ٽي روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ واڳڻي واسي 18 سالن جو شهزادو شر ٿڏي تي فوت ٿي ويو. مقامي ماڻهن فوتي جو لاش اسپتال منتقل ڪندي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري گاڏي تحويل ۾ وٺي ڇڏي. هوڏانهن فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.
ڏهرڪي پوليس جو ڪارنامو، نينگر سان بدفعلي جي وڊيو وڪرو، گرفتار جوابدار به آزاد
ڇهين درجي جي شاگرد نويد کي ٻن جوابدارن کنڀي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد وڊيو رڪارڊ ڪئي
فضل ۽ علي گرفتار، نينگر جي والد کي وڊيو وڪرو، فيصلي جي آسري تي جوابدار آزاد
ڏھرڪي(رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي پوليس انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، شاگرد سان بدفعلي ڪندڙ جوابدارن کي آزاد ڪري وڊيو وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گذريل ڏينهن ڏھرڪي جي القطب ٽائون جي رهواسي عبدلجبار جي پٽ ڇهين درجي جي شاگرد نويد احمد کي جوابدارن فضل ۽ علي کنڀي مبينا بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد سندس وڊيو رڪارڊ ڪئي. نينگر جي والد جي فرياد تي پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته بااثرن وچ ۾ پئي پورهيت کي ٺاهه لاءِ راضي ڪري معاملو لئه مٽي ڪرائي ڇڏيو. نينگر جي والد عبدالجبار پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مسڪين آھيان ڏهرڪي ٿاڻي جي پوليس اهلڪار (ش) 15هزار رپيا وٺي جوابدارن وٽان مليل وڊيو ڏني. هن دانهيو ته عزت خاطر پوليس اهلڪار کي پئسا ڏئي ماٺ ڪئي، پر ظلم وڏو ٿيو آهي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار شفيق رابطي ڪرڻ تي اعتراف ڪندي ٻڌايو ته مان عبدلجبار کان 15 هزار ورتا آهن، جيڪي ٻي ڌر کي وڊيو جي مد ۾ ڏيڻا آهن. ٻئي پاسي ايس ايڇ او امام الدين ٻڌايو ته مونکي معاملي جي ڄاڻ ناهي، جيڪڏهن پوليس اهلڪار وڊيو وڪرو ڪئي آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
مٺياڻي جي دڪاندار ايسوسيشن ڌڙابندي جو شڪار، نئين چونڊن جو اعلان
مٺياڻي(رپورٽر) مٺياڻي جي دڪاندار ايسوسيئشن م ڌڙا بندي ھڪ گروپ پاران چونڊيل باڊي تي الزام ھڻندي نئين سر اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو تہ 20 جنوري تي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين محمد بخش چانڊيو جي نگراني م چونڊ ڪرائ ي ويندي جڏھن تہ پنھنجي حمايتي دڪاندارن جي نوشھرو فيروز چوڪ کان مين چوڪ تائين ريلي ڪڍي ان موقعي تي مظھر مشوري. صاحب چانڊيو. مسرور چانڊيو ء ٻين جو چوڻ ھو تہ ھڪ گروھ بنا اليڪشن ڪرائڻ جي دڪاندارن جي يونين تي قبضو ڪري ورتو آھي جيڪي اليڪشن واري عمل کان ڀڄي رھيا آھن اسان جمھوري طرح اليڪشن ڪرائڻ جا حامي آھيون ء ھر حال م اليڪشن ٿيندي جڏھن تہ ٻئي گروپ جي اڳواڻن وقار شيخ. امداد ملڪ. منصور چغتائي سان رابطي ڪرڻ تي ھنن جو چوڻ ھو تہ ڪجھ ٻاھريان ماڻھو دڪاندار يونين م ڏفيڙ پيدا ڪري رھيا آھن جڏھن تہ ھر سال آگسٽ جي مھيني م اليڪشن ٿيندي آھي ء ڪنھن جي بہ خواھش تي وقت کان پھرين چونڊ نٿي ڪرائي سگھجي .
حيدرآباد جيمخانو جاويد جوڻيجي جي لاڏاڻي کانپوءِ انتظامي بحران هيٺ
ڪلب جو نه ڪل وقتي صدر نه ئي جنرل سيڪريٽري، 5 سالن کان چونڊون نھ ٿيون
مستقل سيڪريٽري به ڪنڊائتو، ڊاڪٽر ھادي جتوئي پاران اليڪشن ۾ سرگرم نھ ٿيڻ جو فيصلو

حيدرآباد(رپورٽ:فيض کوسو)حيدرآباد ۾ وڏن ماڻهن جو ڪلب جيم خانه، صدر جاويد جوڻيجي جي انتقال کانپوءِ انتظامي طور ايڊهاڪ بنياد تي هلندڙ، ڪلب جا انتظامي معاملا وقتي صدر ۽ وقتي سيڪريٽري جي حوالي ٿي ويا، مستقل سيڪريٽري اڍائي سالن کان آفيس کي تالو لڳائي ڪنڊائتو ٿي ويو، جڏهن ته اسٽي آرڊر هجڻ ڪري ڪلب جي انتظامي ۽ مينيجنگ ڪاميٽي جي چونڊ گذريل پنجن سالن نه ٿي سگهي،
مليل ڄاڻ موجب 2013ع ۾ جيم خاني جي ٿيل چونڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي حاجي نثار ميمڻ ۽ صدر جي عهدي تي مرحوم جاويد جوڻيجو ڪامياب ٿيا هئا،جن جي اختلافن کانپوءِ نثار جوڻيجو سيڪريٽري جي آفيس ڇڏي ڪنڊائتو ٿي ويو هو، سندس ان عمل کانپوءِ مينجنگ ڪاميٽي وقتي طور ساجد ڀٽو کي سيڪريٽري مقرر ڪيو هو، جيڪو هاڻي ڪلب جا معاملا سنڀالي ٿو، جڏهن ته جاويد جوڻيجي جي انتقال سبب صدر وارو عهدو نائب صدر جي حوالي ٿي ويو آهي، جيم خانا ڪلب جي ذريعن موجب بينڪن ۾ مالي معاملن جي ڏي وٺ جي حوالي سان ٽن عهديدارن جون صحيحون هلن ٿيون، جن ۾ صدر، سيڪريٽري ۽ خزانچي شامل هجن ٿا، هن وقت ڪلب جو نه ته ڪل وقتي صدر آهي ۽ نه ئي ڪل وقتي سيڪريٽري موجود آهي،جنهن سبب ڪلب جي مالي معاملن جي حوالي سان انيڪ سوال اٿي پيا آهن.
ڪلب جي چونڊيل سيڪريٽري حاجي نثار ميمڻ جو چوڻ آهي ته هو مرحوم جاويد جوڻيجي سان اختلافن جي ڪري اڍائي سال اڳ ڪلب جي سيڪريٽري جي آفيس خالي ڪري چڪو آهي، جنهن کانپوءِ هن سيڪريٽري جي عهدي تي ڪا به چونڊ ناهي ٿي سگهي، هن چيو ته جيم خاني جي آئين مطابق وقتي سيڪريٽري جي ڪا به گنجائش موجود ناهي، ان جي باوجود ڪلب جا معاملا وقتي سيڪريٽري جي حوالي آهن،
جيم خانا جي وقتي سيڪريٽري ساجد ڀٽو جو چوڻ آهي ته کيس مينيجنگ ڪاميٽي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو هو، ان ڪري هو مالي معاملن سميت ڪلب جي سمورن انتظامي مسئلن کي به ڏسي رهيو آهي
هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته ڪلب جي پنجن ميمبرن عارف پاشا، غلام حسين ميمڻ، الهڏتو شر، مرحوم ڊاڪٽر انور لغاري ۽ غلام سرور قريشي جيم خانا ڪلب کي آئين پٽاندر نه هلائڻ ۽ اضافي ميمبر شپ ڪرڻ واري معاملي خلاف سنڌ هاِءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن عدالت ڪلب جي چونڊن جي حوالي سان به اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، جنهن سبب پنجن سالن کان ڪلب جي انتظامي ۽ مينيجنگ ڪاميٽي جي چونڊ نه ٿي سگهي آهي، انهي ڪري ڪلب ۾ انتظامي حوالي سان پڻ وڏا سوال اٿي رهيا آهن.
پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ڪلب جي خزانچي ڊاڪٽر شمس شيخ ٻڌايو ته ڪلب معمول موجب هلي رهيو آهي ۽ سمورا ڪم آئين پٽاندر ٿي رهيا آهن، ڪلب پنهنجي ڪل وقتي سيڪريٽري جي ٽن ميٽنگن ۾ نه اچڻ جي ڪري هن کي هٽائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ مينجنگ ڪاميٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻندڙ ميمبر ساجد ڀٽو کي وقتي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو بينڪ جي چيڪن تي به صحيح ڪرڻ جو مجاز آهي،
ڪلب جي سيڪريٽري طور چونڊيل حاجي نثار جو چوڻ هو ته هو جلدي ڪلب جي پيٽرن ان چيف سان ملاقات ڪري، کيس صورتحال ڪري آگاهي ڏيندو ۽ ان جي صلاح جي روشني ۾ هو پنهنجون وڌيڪ سرگرميون شروع ڪندو، ڪلب جي هڪ ميمبر عارف پاشا ٻڌايو ته ڪلب جي آئين ۾ وقتي سيڪريٽري جي ڪا به گنجائش ناهي ۽ صدر جي فوت ٿيڻ سبب ڪلب جا مالي معاملا ضرور مونجهاري جو شڪار ٿيندا.
جاويد جوڻيجي جي روايتي مخالف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي چونڊن ۾ سرگرم نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو
حيدرآباد:جيم خاني ڪلب جي صدر مرحوم جاويد جوڻيجي جي روايتي حريف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي هاڻي ڪلب جي چونڊن ۾ سرگرم نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جيم خانا ڪلب جي چونڊن ۾ بنهه سرگرم رهندڙ ۽ مرحوم جاويد جوڻيجي جي روايتي حريف ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي جو چوڻ آهي ته مڙس جي مرڻ کانپوءِ بيواه به هلندي رهندي آهي ۽ جيم خانا جو ڪاروهنوار به هلي پيو، هن چيو ته هاڻي هو جيم خانا جي چونڊن ۾ حصو نه وٺندو ۽ پنهنجي ٻني ٻاري جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو آهي.
جيڪب آباد شهر ۾گئس جي لوڊشيڊنگ، شھري پريشان، احتجاج
جيڪب آباد ( ن پ ا ) جيڪب آباد شھر ۾ گئس لوڊشيڊنگ خلاف شهرن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.شهرين ۽ مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن دلمراد لاشاري، ڪاشف شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ بعد پريس ڪلب پريس آڏو ڌرڻو هنيو ۽ علامتي بک هڙتال به ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته جيڪب آباد شھر ۾ سياري جي موسم ۾ ھٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب گهرن ۾ رڌ پچاءُ ۽ ٻيا ڪم ڪار سخت متاثر ٿي رهي آهن، ھٿرادو گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.
“دادو ۾ گئسٽرو ۽ ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري ورتي” ڏينهن ۾ 40 ٻار اسپتال ڀيڙا
گئسٽرو ۽ ڊائريا ۾ مبتلا 40 کان وڌيڪ ٻارن کي سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو
سول اسپتال دادو ۾ بيڊ گهٽ هجڻ ڪري ٻه کان 3 ٻارن کي هڪ بيڊ تي داخل ڪيو ويو

دادو(رپورٽ: فتاح شيخ) دادو شهر ۽ ڀرپاسي گئسٽرو ۽ ڊائريا بيماريون تيزي سان پکڙجڻ لڳيون، هڪ ئي ڏينهن اندر 40 کان وڌيڪ ٻارڙا اسپتال ۾ داخل ٿي ويا.
دادو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن مان هڪ ئي ڏينهن 40 کان وڌيڪ ٻارڙن کي سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو، اسپتال جي هڪ بيڊ تي گئسٽرو ۽ ڊائريا ۾ مبتلا 2 کان ٽن ٻارڙن کي رکيو ويو.
گئسٽرو ۽ ڊائريا ۾ مبتلا ٻارن ۾ احسان کنڊ ، شهباز ، نعمت الله چانڊيو ، شهنيلا ، حسنين پنڙ ، عطا الله ، عطا عباس ، راضي آلکاڻي، سيما، ماهين آرائين، محمد علي پنهور سميت 40 کان وڌيڪ ٻار شامل آهن.
ڊاڪٽر اياز پنهور پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سياري ۾ ٿڌيون ۽ رکيل کاڌو کارائڻ سبب گئسٽرو ۽ ڊائريا بيماريون پکڙيون آهن، بيمارين ۾ مبتلا ٻارڙن جو علاج ڪيو پيو وڃي، ٻارڙن جي والدين دانهيو ته هڪ بيڊ تي 2 کان 3 ٻارن کي داخل ڪرڻ سبب ٻارن کي تڪليف ٿي رهي آهي، معاملو جو نوٽيس وٺي صحت سميت مختلف بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن
افغان طالبان وٽ 60 هزار ويڙهاڪ ۽ ڏيڍ ارب آمريڪي ڊالرن جي ملڪيت آهي: برطابوي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ انڪشاف
طالبان جو افغانستان جي 70 سيڪڙو علائقي تي قبضو، آفيم ڪمائي جو وڏو ذريعو آهي: رپورٽ
طالبان پاران آفيم جي واپارين، ٽرانسپورٽ توڙي قدرتي معدنيات ذريعي آمدني حاصل ڪري ٿو
ڪابل(ا ڊ) برطانوي خابرو اداري بي بي سي پاران افغان طالبا جي ڪمائي جي ذريعن ۽ آمدني جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته طالبان وٺ ڏيڍ ارب ڊالرن ملڪيت موجود آهي، جنهن جي مدد سان هو سڄي ملڪ مان 60 هزار ويڙهاڪن ذريعي افغان حڪومت توڙي نيٽو ۽ آمريڪي فوج خلاف بغاوت کي جاري رکي رهيا آهن. طالبان جي آمدني جو وڏي ۾ وڏو ذريعو آفيم ۽ منشيات سان جڙيل ٻين شين جو ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته طالبان ان کان انڪاري آهي، ياد رهي ته طالبان 1996ع کان 2001ع کان افغانستان تي حڪومت ڪئي، جنهن دوران اتي شريعت لاڳو ڪئي وئي هئي. رپورٽ موجب طالبان وٽ ڏيڍ ارب آمريڪي ڊالرن جي ملڪيت آهي، افغان طالبان وٽ 2010ع تائين 40 ڪروڙ ڊالر ملڪيت هئي، پر هاڻي ان ۾ وڏي انگ ۾ واڌاريو آيو آهي. افغانستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آفيم پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، جتي ساليانو ڏيڍ ارب ڊالر جو آفيم وڪرو ڪيو ويندو آهي. طالبان جي سڀ کان وڌيڪ آمدني آفيم ۽ هيروئن جي وڪري سان ٿئي ٿي. طالبان آفيم پيدا ڪندڙ آبادگارن کان پڻ ڏهه سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪندو آهي، جڏهن ته واپارين کان پڻ ٽيڪس وصول ڪئي ويندي آهي. غير قانوني معيشت ۾ طالبان جو ساليانو حصو 10 ڪروڙ کان 40 ڪروڙ ڊالر تائين لڳايو ويو آهي. آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته 60 سيڪڙو آمدني منشيات مان حاصل ٿئي ٿي. آمريڪا ۽ اتحادي فوجين جي هوائي ڪارروائين سبب طالبان جي آمدني گهٽي آهي. طالبان منشيات جي معيشت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندي چوندو رهيو آهي ته ان تي 2000ع ۾ پابندي مڙهي وئي هئي. بي بي سي جي رپورٽ موجب طالبان افغانستان جي 70 سيڪڙو ايراضي تي اثر انداز آهي، جتان هو ٽيڪس پڻ وصولي ڪندو آهي. طالبان پاران حڪومتي چيڪ پوسٽن توڙي انتظامي عهدن تي قبضي کانپوءِ اتان هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ جي ذريعي پڻ پنهنجا خرچ ۽ هٿيار خريد ڪندو آهي. افغانستان کاڻين ۽ معدنيات سان پڻ مالا مال آهي، جتي طالبان پاران ڪيترين ئي کاڻين تي قبضو ڪيو آهي جتان پڻ طالبان ٽيڪس وصولي ڪندو آهي، گڏيل قومن جو منشيات بابت اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته 2014ع ۾ افغان صوبي هلمند ۾ 30 سيڪڙو کاڻين تي طالبان جو قبضو آهي، جتان هن هڪ ڪروڙ ڊالر جي رقم حاصل ڪئي. طالبان معدنيات سان مالا مال صوبن مان نڪرندڙ ٽرانسپورٽ کان پڻ ٽيڪس وصول ڪندو آهي، جنهن مان کيس ساليانو پنج ڪروڙ ڊالر آمدني ٺهندي آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب آمريڪا ۽ افغان حڪومت ڪيترن ئي ملڪن مٿان طالبان جي مالي مدد ڪرڻ جو الزام لڳائيندي رهي آهي پر اهي ملڪ ان کان انڪار ڪندا رهيا آهن. سعودي عرب، پاڪستان، گڏيل عرب عمارات، قطر جهڙن ملڪن جا شهري پڻ طالبان کي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن. ان جو صحيح انگ اکر موجود ته ناهن پر بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته اهي ساليانو 50 ڪروڙ ڊالر تائين ٿي سگهن ٿا.
اسلام ڪوٽ ۾ حددخليون هٽائڻ تان چڪريون ،احتجاج ، پوليس صحافين تي به ڪڙڪي پئي
شهرين حددخليون خلاف آپريشن دوران غريبن جا گهر ڊاهڻ خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
پوليس زبردستي ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ ڪوريج لاءِ پهتل صحافين کي به تشدد جو نشانو بڻايو
اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ۾ حددخليون هٽائڻ خلاف شهرين پاران باءَ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ويو ، پوليس طرفان ڌرڻو ختم ڪرائڻ دوران احتجاج ڪندڙن ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي اهلڪارن وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون .لٺبازي ۾ شهري توڙي ڪوريج لاءِ پهتل صحافي پڻ زخمي ٿي پيا .احتجاج ڪندڙن الزام مڙهيو ته مقامي انتظاميه حددخلين جي آڙهه ۾ سندن گهر ڊاهي پٽ ڪري رهي آهي جڏهن ته بااثر ماڻهن جي جاين خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي .اينٽي انڪروچمينٽ پوليس تشدد ۾ ٽن صحافين غازي بجير. سڌير راٺوڙ ۽سجاول بجير سميت وڪيل مصطفي هنڱورجو ۽ سهراب راهمون سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا پوليس انهن جون ڪئمران به ڦري ورتيون .شهرين ۽ صحافين تي تشدد بعد وڏي انگ ۾ شهري روڊن تي نڪري آيا جن اهڙي عمل خلاف سخت احتجاج ڪيو .ايس ايس پي عمران قريشي جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن صهافين تي تشدد ناهي ڪيو ،تشدد حددخليون هٽائيندڙ عملي ڪيو آهي .سندس موقف هو ته اهي اهلڪار ٻاهر جا هئا جن مقامي صهافين کي نه ٿي سڃاتو بعد ۾ ايس ايڇ او اچي مامري کي تاريو .هن ٻڌايو ته چڪرين ۾ حدخليون هٽائيندڙ عملي جا 2 ماڻهو به زخمي ٿيا آهن .
ميڪسيڪو ۾ هيلي ڪاپٽر ڪري پوڻ ڪري گورنر ۽ سينيٽر مارجي ويا
ميڪسيڪو جي رياستي گونر پنهنجي مڙس ۽ سينيٽر سان هيلي ڪاپٽر ۾ سوار هئي
ميڪسيڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي رياست پيوبلا جي گورنر مارٿا اريڪا پنهنجي مڙس ۽ سينيٽر رافيل مورينو سميت حادثي جو شڪار ٿي ويا، سندن هيلي ڪاپٽر ڪري ٻئي مارجي ويا. مارٿا اريڪا ملڪ ۾ مخالف ڌر جي اهم اڳواڻ پڻ هئي، جڏهن ته اختيارين موجب هيلي ڪاپٽر ڪرڻ جڪو سبب اڃان تائين سامهون ناهي اچي سگهيو. مارٿا 10 ڏينهن اڳ ميڪسيڪو جي هڪ رياست جي گورنر طور قسم کنيو هو، هن پيوبلا رياست جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت گورنر هجڻ جو اعزاز ماڻيو هو. پيوبلا 31 ميڪسيڪو جي رياستن مان هڪ آهي، جنهن جي آبادي 60 لک کان وڌيڪ آهي.
سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب وڌيڪ ٻه ٻار فوت
تازه ڄاول ٻار دسرت ۽ سريش ميگهواڙ خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿيا
مٺي(ن-پ-ا) سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 43 ٿي ويو، هلندڙ سال 613 ٻار فوت ٿي چڪا آهن، مٺي ۾ فوتي ٻارڙن ۾ دسرت ميگهواڙ ۽ سريش ميگهواڙ جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل ٻڌايا وڃن ٿا، هوڏانهن مٺي سول اسپتال جي ميل نيوٽريشن ۽ نرسري وارڊن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جا 55 ٻارڙا زير علاج آھن. جڏھن ته اسپتال ۾ بجيٽ ختم ٿي وڃڻ جو جواز ڄاڻائي ايمبولينسز سروس بند ڪرڻ سان گڏ وڌيڪ دوائن جي خريداري پڻ بند ڪئي وئي آھي جنهن ڪري سنڌ سرڪار پاران سڄي صوبي جي مثالي قرار ڏنل مٺي سول اسپتال ۾ داخل مريض سرڪاري دوائون نه ملڻ ڪري خانگي اسٽورن تان دوائون خريد ڪري علاج ڪرائڻ تي مجبور آھن، رابطو ڪرڻ تي مٺي سول اسپتال جي انچارچ اي ايم ايس ڊاڪٽر چمن شرما چيو ته دوائن جي وڌيڪ خريداري ان ڪري ناهيون ڪري سگهيا ته سيشن جج. ڊپٽي ڪمشنر سميت مختلف لاڳاپيل آفيسرن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جي اجازت بعد ئي دوائون خريد ڪري سگهبيون. هن چيو ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ناهي مريض اجايو الزام تراشيون ڪن پيا، باقي تيل جي مد ۾ بجيٽ ختم ٿي آھي اسان پينٽرول پمپن تان اوڌر تي تيل وٺي ڪم کي هلايون پيا.
”ڌانڌل ٿي آهي“ جڳديش مولاڻي حيدرآباد هاءَڪورٽ بار اليڪشن نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميٽي تي جانبداري جو الزام
صدارتي چونڊ هارائيندڙ جڳديش مولاڻي پاران نتيجن کي سنڌبار ڪائونسل ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان
2100 ووٽرز مان هڪ ڌر جي 900 حامي ووٽرز کي اهل قرار ڏنو ويو : جڳديش
حيدرآباد (رپورٽر) سنڌهاءَ ڪورٽ حيدرآباد بار جي اليڪشن ۾ صدارتي عهدي تي چونڊ وڙهندڙ اميدواري جڳديش آر مولاڻي اليڪشن نتيجن کي رد ڪندي سنڌبار ڪائونسل ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي .اليڪشن ۾ شڪست کائيندڙ اميدوار جڳديش آر مولاڻي جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪاميٽي اڻڌري نه هئي،پولنگ شروع ٿيڻ کان صرف 4 ڪلاڪ اڳ ووٽرز جي لسٽ پڌري ڪندڙ ڪميٽي ڪئين ٿي شفاف اليڪشن ڪرائي سگهي .سازش تحت ڪيترن ئي ووٽرز کي ووٽ جي حق کان محروم ڪيو ويو . هاءَ ڪورٽ بار جا 2100 وڪيل آهن پر هڪ گروپ جي حامي ووٽرز جي نساندهي ڪنديصرف 900 ووٽرز کي اليڪشن لاءِ اهل قرار ڏنو ويو .هن چيو ته اسين اليڪشن نتيجن کي سنڌ بار ڪائونسل ۾ چئلينج ڪنداسين .هن چيو ته نثار دراني سرڪاري ڪاليج جو پرنسپال آهي پر کيس به اليڪشن لاءَ اهل قرار ڏنو ويو ان عمل خلاف سنڌبار ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي .
“ماحول دشمن ڪارروائيون” گهوٽڪي ۾ آبپاشي عملي جي نگراني ۾ سري عام وڻن جي واڍي جاري
ڏينگڙو واهه تي آرڊي 46 وٽان واهه جي ڪپر تي بيٺل وڻ وڍيا پيا وڃن، آبپاشي عملو به موجود
وڻن جي واڍي ماحول دشمني آهي،عملدارن خلاف به ڪارروائي ڪنداسين: آبپاشي انجنيئر

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي ڀرسان ڏينگڙو واه تان وڻن جي وڍي جاري آپباشي جي عملي جي نگراني ۾ وڻ وڍيا پيا وڄن ڳوٺاڻن جو الزام، گهوٽڪي ڀرسان ڏينگڙو واھ جي آرڊي 46 وٽان سري عام ڏينهن ڏٺي جو واھ جي ڪپر تان ٻٻر جا وڻ وڍيا پيا وڃن ڳوٺاڻن غلام محمد کوسو امان الله کوسو صحافين سان ڳالهندي چيو ته آبپاشي عملدار داروغي امان الله سومري جي موجودگي ۾ ڏينگڙو واهه جي ڪپرن تي موجود ٻٻر جي وڻن جي واڍي ڪرائي پئي وڃي. آبپاشي انجنيئر چيو آهي ته وڻن جي واڍي ڪندڙن خلاف ڪارورائي ڪئي ويندي ۽ جيڪي آبپاشي عملدار ملوث آهن، اُنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو.
آمريڪا ايران جي طاقتور نظام کي جهڪائڻ چاهي ٿو: حسن روهاني
آمريڪي حڪمران ايران کي خطي ۾ پنهنجي لاءِ خطرو سمجهن ٿا: ايراني صدر
تهران (ا ڊ) ايران جي صدر حسن روهاني چيو آهي ته آمريڪا ايران کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي. ملڪ جي سالياني بجيٽ پيش ڪرڻ دوران آمريڪا جي حوالي سان ڳالهائيندي ايراني صدر چيو ته آمريڪي حڪمران ايران کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهن ٿا انڪري ايران کي جهڪائڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ گهرن ٿا. سندس چوڻ هو ته آمريڪي پابندين سان ايران جي معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي آهي، ايراني عوام سان گڏ ڪمپنيون پڻ بحران جو شڪار ٿيون آهن، اهو سڄو عمل عالمي قانون جي ابتڙ ڪيو پيو وڃي. حسن روهاني چيو ته ايراني عزم کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي، آمريڪا ناڪام ٿيندا.