fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

اومني گروپ خلاف ڪارروايون،سجاول،ٽنڊي محمد خان ۽ ٺٽي ۾ آفيسون سيل

دڙو (رپورٽر)نيب ۽ ٻين وفاقي تحيقيقاتي ادارن سجاول،ٺٽو ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن ۾ فاريسٽ کاتي جي کڏي،مولچند،ٻيلو بنگلو،پناھ،ھديراڻي، ٻائو پورنداس،فتح پور ۽ ٻين ٻيلن ۾ سنڌ حڪومت جي آشيرواد سان ڪروڙين روپين جي وڻن کي وڍرائي خالي ٿيل5 ھزار ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمينن تي ٻيلي کاتي کان 99 سالن جي ليز جي آڙ ۾ ڪيل قبضن ۽ زمينن تي 2013 کان پوکيل ڪروڙين روپين جي فصلن تان ملندڙ اپت بابت وڏي پئماني تي تحيقيقات شروع ڪري ڇڏي آھي. ويجھن ذريعن موجب نيب جي اھلڪارن گذريل ڏينھن سجاول،ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي ضلعن اندر اومني گروپ جي قائم ڪيل آفيسن کي سيل ڪري ڇڏيو آھي. ھوڏانھن سجاول پوليس پاران اومني گروپ خلاف نيب جي ڪارروائين کان لاعلمي ظاھر ڪئي آھي. جڏھن ته ٻيلي کاتي جي ذريعن موجب نيب ۽ ٻين ادارن گذريل ڏينھن سجاول ضلعي جي ٻنون واري ڪچي جي علائقن ۾ اومني گروپ جي نيٽ ورڪ تي ڇاپا ھنيا. جتي پوليس جون سرڪاري موبائيل گاڏين کي تحويل ۾ ورتو ويو آھي. ان سان گڏوگڏ سنڌ پوليس ۽ فاريسٽ کاتي جي اھلڪارن کي ھٿيارن سميت گرفت ۾ آڻي کين پنھنجن کاتن ۾ رپورٽ ڪرايو ويو آھي. ذريعن موجب نيب پاران اومني گروپ جي آفيسن تي چڙھائين بعد اومني گروپ پاران مقرر ڪيل عملو ۽ نجي ھٿياربند انڊر گرائونڊ ٿي ويا آھن. ذريعن امڪان ڏيکاريو آھي ته ايندڙ ٻن ڏينھن دوُران نيب پاران اومني گروپ جي زمينن واري پراجيڪٽ کي سيل ڪري ھزارين ايڪڙ زمينن ۾ ڪروڙين روپين جي بيٺل فصل کي ضبط ڪيو ويندو.

وزيراعظم کي الزامن جي بنيادن تي بيان بازي ڪرڻ نٿو جڳائي: راجا پرويز شرف

سکر(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سياست ۾ گرفتار ڪرڻ مشڪل ڪم ناهي، اصل ڪم الزام ثابت ڪرڻ آهي، سکر هوائي اڏي تي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي خلاف ميڊيا تي الزامن وارو سلسلو شروع ڪي ويو اهي اِن جو منفي اثر پوندو ڪيس عدالت ۾ آهي اِن تي نٿو ڳالهائي سگهجي. هن چيو ته وزير اعظم ۽ وزيرن کي صرف الزامن تي بيان ڏيڻ سٺو نٿو لڳي. پ پ وفاقي ۽ ذميوار پارٽي آهي جنهن هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي معاملن کي عقل بردباري سان ڏسڻ گهرجي. اقتدار ۾ ويٺلن کي ڏسڻ گهرجي ته ملڪ ۾ افراتفري واري ڪيفيت پيدا نه ٿئي. وزير اعظم جا جيڪي بيان اچي رهيا آهن اُهي ٺيڪ ناهن. وزير اعظم مڊٽرم چونڊن بابت ڏنل بيان مان لڳي ٿو ته حڪومت ڪمزرو آهي.

ملير ۾ 5 ڳوٺ ڊاهڻ جي ڪوشش، رهواسي بلڊوزن آڏو ليٽي پيا، عملي سان چڪريون، ڪفن ٻڌي احتجاج

ڳوٺاڻن سڄو ڏينهن گهرن کان ٻاهر گذاري شام تائين ڌرڻو جاري رکيو ، مزاحمت بعد اٽالا واپس

ملير واسي ڳوٺ ڊاھڻ خلاف احتجاج ڪري رھيا آھن

ملير (رپورٽ:درياخان شر ) ملير ۾ قومي شاهراھ لڳ ڳوٺن تي ايم ڊي اي ،اينٽي انڪروچمنٽ پوليس ،روينيو عملدارن ۽ رينجرس اٽالن جي ڳري مشينري سميت چڙهائي ،ڏڻي پرتو، در محمد ۽ ٻين ڳوٺن جا سوين رهواسي عورتن ٻارن سوڌو ڪفن ٻڌي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا،ان ڏس ۾ملير ڊولپمنٽ اٿارٽي طرفان رزاق آباد واري علائقي قومي شاهراھ لڳ آباد ڌڻي پرتو ۽ در محمد سميت پنجن ڳوٺن کي قبضو ڄاڻائي پنجن ڏينهن اندر ڳوٺ خالي ڪرڻ جا نوٽيس گهر گهر تي لڳايا،پنج ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ڪالھ صبح جو سوير ملير ڊولپنٽ اٿارٽي، اينٽي انڪروچمنٽ پوليس ،روينيو عملدارن ،رينجرس اٽالن ڳري مشينري سوڌو ڄاڻايل ڳوٺن تي گڏيل چڙهائي ڪري ڏني ، عملو ڌڻي پرتو، در محمد ڳوٺن پهتوته ڳوٺن جا سوين رهواسي عورتن ۽ ٻارن سوڌو ڪفن ٻڌي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا جن انتظاميا ۽ اهلڪارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ قطار ٺاهي بيهي رهيا جڏهن ته ڪيترائي رهواسي بلدوزرن ۽ شاولن اڳيان ليٽي پيا ان موقعي تي ڳوٺاڻن جون اهلڪارن سان چڪريون پڻ ۽ عورتن ماتم ڪندي انتظاميا کي پٽ پاراتا ڏنا سخت مزاحمت سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال ڏسي ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ آيل عملو آفيسرن سوڌو واپس وري ويو
هوڏانهن ڳوٺاڻا ٻارين ٻچين سڄو ڏينهن گهرن کان ٻاهر گذاري، شام تائين ڌرڻو جاري رکيو عملدار ناڪام موٽندي عبدالله ڳوٺ چوڪنڊي قبرستان لڳ تعمير ڪيل چار ديواري اندر چڙهائي ڪندي گهر خالي ڪرايا ۽ چار دياري ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي ۽ روانا ٿي ويا،ڳوٺ ڌڻي پرتو جي احتجاجي ڳوٺاڻن دريش جمالي فيض هيسباڻي شيراز سولنگي نظر حسين ڪليري محمد حسن مستوئي رحيم مستوئي ،در محمد ڳوٺ جي مائي لله بچائي حبيب الله ، محمد يوسف عباسي نادر شاهه رئيس محمد نواز ديناري صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان ڪراچي سميت سنڌ جي مخلف علائقن مان بي گهر ۽ بي روزگار ٿي 20 ، 25 سالن کان رقم عيوض زمين جا ٽڪرا خريد ڪري اجها اڏي ويٺا آهيون انهن رينيو عملدارن ڳري رقم عيوض سندون ڏنيون آهن اسان قبضاگير نه ڌرتي ڌڻي آهيون اسان خلاف ڪاروائي انساني حقن جي ڀڇڪڙي آهي هنن چيو ته اسان پيپلزپارٽي جا بنيادي ووٽر آهيون اٽو ،لٽو ۽ اجهو ڏيڻ جنهن جو منشور آهي هنن پيپلز پارٽي جي مرڪزي توڙي ملير جي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته اسان جي واهر ڪري ٻي صورت ۾ اجها ڊاٿا ويا ته موٽن بدران مرڻ قبولينداسين پر پنهنجي بڄن جا اجها هر گز خالي نه ڪنداسين.

سنڌ يونيورسٽي پاران 2017ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان

ڄامشورو (پڌرائي)سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 2017ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ججن جي ڏنل فيصلي موجب تاريخ جي موضوع تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب “باقياتِ از احوال ڪلهوڙا”، تحقيق جي موضوع تي ڊاڪٽر شازيه سفير جي ڪتاب “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لساني اڀياس”، سوانحي ادب/سفرنامي جي موضوع تي منصور ٿلهي جي ڪتاب “سوکي بندر ۽ سامونڊي سوز”، ناول تي اڪبر سومري جي ناول “کماچ”، ٻاراڻي ادب تي ياسر قاضيءَ جي ڪتاب“لولو ڏنم ڪانوَ کي”، شاعريءَ تي ادل سومري جي ڪتاب “نيروليءَ جو خواب” ۽ ترجمي ۾ جوهر بروهيءَ جي جديد سنڌي شاعريءَ جي بروهي زبان ۾ ڪيل منظوم ترجمي واري ڪتاب “سنڌ رنگ” کي انعامن لاءِ چونڊيو ويو آهي. جڏهن ته ڪهاڻيءَ جي صنف تي جهان آرا سومرو جي ڪتاب“ماءُ منهنجو جندڙو” ۽ ابراهيم کرل جي ڪتاب “موٽي ايندس مان” هڪ جيتريون مارڪون کنيون، جنهن سبب ايوارڊ جي رقم ٻنهي ليکڪن ۾ برابريءَ جي بنياد تي ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي ليکڪن کي ايوارڊ پڻ ڏنو ويندو. ياد رهي ته سنڌالاجي هرهڪ ڪتاب تي ٽن ٽن ججن کان لکت ۾ ورتل راءِ جي آڌار تي ڄاڻايل نتيجن جو اعلان ڪيو آهي. سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجي سمورن ايوارڊ ماڻيندڙ ليکڪن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته سنڌالاجي کي اميد آهي ته هن ايوارڊ ملڻ بعد ڄاڻايل ليکڪ پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي وڌيڪ معياري تخليقن ۽ ڪتابن سان ڀريندا ۽ سنڌالاجي سان پنهنجو علمي تعاون جاري رکندا. ڊاڪٽر اسحاق سميجي سمورن اشاعتي ادارن ۽ ليکڪن کي گذارش ڪئي آهي ته اهي 2018ع ۾ ڇپيل پنهنجن ڪتابن جون چار چار ڪاپيون انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي ڏس پتي تي ڏياري موڪلين، ته جيئن انهن کي ايندڙ ايوارڊن واري مرحلي جو حصو بڻائي سگهجي.

”پگهارون ڏيو“ گهاري شھر ۾ پورهيت پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

آپگھات جي ڪوشش ڪندڙ اشوڪ ڪمار

گهارو(ن پ ا) گهارو ٽائون ڪميٽي ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت کي ٽن مهينن کان پئسا نه مليا، هڪ پورهيت دل برداشته ٿي پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. گهارو پريس ڪلب آڏو ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ملازم احتجاج ڪري رهيا هئا ته اشوڪ ڪمار پاڻ کي باهه ڏئي سارڻ جي ڪوشش ڪئي. مقامي ماڻهن نوجوان کي بچائي ورتو. هوڏانهن ٽي ايم او مظاهرين سان رابطو ڪري سومر تائين مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

”بلاول منهنجي شادي ۾ اچي“ سڪرنڊ ۾ ننڍي قد واري نوجوان جي وڏي خواهش

ننڍو قد ھجڻ ڪري نادرا وارا ڪارڊ نٿا ٺاهي ڏين، سرڪار مدد ڪري: صابر

ننڍڙي قد وارو نوجوان صابر مڱڻھار

نواب شاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) سڪرنڊ واسي نوجوان فقير صابر مڱڻهار جو هونئن ته قد ڏيڍ فُٽ آهي پر سندس خواهشن توڙي شوق جو نه ته ڪو قد آهي ۽ نه ئي ڪا حد آهي. فقير صابر شادين ۽ ميلن ۾ دُهل وڄائي گهر جو گاڏو هلائيندو آهي. نوجوان جو چوڻ آهي ته سندس والد حجامڪو ڪم ڪري گهر هلائيندو هو، پر هاڻ هو پيرسن ٿي ويو آهي، تنهن ڪري گهڻو ڪم نٿو ڪري سگهي ۽ هو انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. روزاني ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي نوجوان صابر چيو ته ڊگهي عرصي کان پنهنجي لاءِ ڪنوار جي ڳولا ۾ آهيان پر اڃا تائين مون کي جيون ساٿي نه مليو آهي. دعا آهي ته جڏهن به شادي ڪريان ته بلاول ڀٽو زرداري ڪاڄ ۾ شريڪ ٿئي. فقير صابر مڱڻهار جي دعويٰ آهي ته هو دنيا ۾ سڀ کان ننڍي قد وارو ماڻهو آهي، منهنجو نالو گنيز بُڪ آف دي ورلڊ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. نوجوان وڌيڪ چيو ته ننڍو قد هجڻ ڪري پاڙي جون عورتون کيس ڌاڳو ڦيڻو ڪرڻ لاءِ چونديون آهن ۽ هوءِ به ڪنهن کي خالي ناهي موٽائيندو. نوجوان سنڌ سرڪار، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي آهي ته سندس ايتري سهائتا ڪئي وڃي جو پنهنجي گهر ۾ رهي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪري سگهي ۽ پيٽ گذر ڪري سگهي. امڙ مسلسل بيمار رهي ٿي پر علاج لاءِ پئسا ناهن ۽ ڀيڻ ڀاءُ کي به تعليم نه ڏياري سگهيو آهيان. ننڍڙي قد واري هِن نوجوان سان الميو اهو به آهي ته نادرا اختياريون کيس سڃاڻپ ڪارڊ نٿيون ٺاهي ڏين. نادرا جي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته مون کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنو وڃي.

طالش ڳڀرو جوان آھي، مٿس ڪير بھ عاشق ٿي سگھي ٿو: عائشھ

طالش جا مائٽ ڀڳواني عرف عائشھ سان پرڻي تي ناراض، جوڙو جھوپڙي ۾ رھي ٿو

حيدرآباد: پسند جي شادي ڪندڙ عائشه (ڀڳواني) ٻڌايو ته طالش کيس عزت جي زندگي گذارڻ جو موقعو ڏنو ۽ هاڻي سندس مرڻ جيئڻ به طالش سان آهي، عائشه چوي ٿي ته طالش ڳڀرو جوان آهي، هن تي ڪير به عاشق ٿي سگهي ٿو ۽ آئون به کيس دل ڏي ويٺيس ۽ ساڻس شادي ڪري ڇڏيم. هن شادي تي جتي عائشه جا مائٽ ناراض آهن.
معذور ناري سان شادي ڪندڙ نوجوان طالش پنهنجي مائٽن جي ناراضگي سبب سندن گهر ۾ رهڻ بدران جهڳي جي هڪ الڳ گهر ۾ رهي ٿو، هو 8 درجا پاس آهي، هن اڳتي پڙهڻ چاهيو، پر عشق جي زنجيرن کيس جڪڙي ورتو ۽ هو تعليم اڌ ۾ ڇڏي، پنهنجي ڪرت سان لڳي ويو آهي، هونئن ته عشق جو مٿاڇرو تصور ڪنهن ڳڀرو جو ڪنهن خوبصورت ناري سان محبت ڪرڻ آهي، پر عائشه ۽ طالش جو عشق اهڙو آهي جو هن انوکي عشق ۾ هڪ عاشق کي پنهنجي معشوق جو وجود ويل چيئر تي روز ڌڪڻو پوي ٿو.

”عشق نه پڇي ذات“: حيدرآبادي نوجوان اپاھج فقيرياڻي سان لانئون لڌيون ؛ جوڙي جھوپڙي کي محل بڻائي ڇڏيو

راڻي باغ ۾ خيرات گھرندڙ فقيرياڻي ڀڳواني باگڙياڻي عرف عائشه نوجوان طالش ملڪ سان پسند جو پرڻو ڪيو

ڀڳواني کي مائٽ پنڻ لاءِ راڻي باغ ڇڏي ويندا هئا، منھنجو اتي گاڏو ھو: طالش ملڪ جون ”پنھنجي اخبار“ سان ڳالھيون
حيدرآباد:پسند جي شادي ڪندڙ انوکو جوڙو

حيدرآباد(رپورٽ:فيض کوسو)عشق نه پڇي ذات، عشق انڌو آهي، اهي ڳالهيون ته بظاهر ڪتابي ڳالهيون معلوم ٿيون، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي ڳالهيون حقيقت جو روپ ڌاري ماڻهو جي سامهون به اچي بيهي رهن ٿيون، ناري عائشه جيڪا باگڙياڻي هئي ۽ نوجوان طالش علي ملڪ سان مسلمان ٿي شادي ڪري ڇڏي آهي، هن جوڙي جو پاڻ ۾ واسطو ٽي سال اڳ شروع ٿيو هو، جنهن بعد انهن پاڻ ۾ شادي ڪري ڇڏي، هاڻي کين ٻن سالن جي نياڻي زينب به آهي، طالش علي ٻڌايو ته سندس زال ڀڳواني جيڪا هاڻي عائشه آهي، ڄنگهن کان معذور آهي ۽ هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي، سندس مائٽ کيس پنڻ لاءِ راڻي باغ ۾ ڇڏي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڏينهن جا ڏينهن راڻي باغ ۾ پئي هوندي هئي، آئون راڻي باغ ۾بوتلن ۽ جوس جو ريڙهو هڻندو هوس،هن جي مرڪ مونکي موهي وڌو ۽ نيٺ ساڻس شادي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويس،عائشه ڄنگهن کان معذور آهي، هوءِ ويل چيئر تي گهمي ڦري ٿي، سندس مڙس ان کي ڏومرا ڳوٺ قاسم آباد جي جهڳين مان روز ويل چيئر تي کڻي راڻي باغ ايندو آهي، عائشه شادي کانپوءِ پنڻ ته ڇڏي ڏنو آهي، پر هو راڻي باغ ۾ ٻارن جون شيون بحرحال وڪرو ڪري ٿي.

لطيف يونيورسٽي ۽ سپلا ۾ دنگل: ڪاليج سائيڊ جا امتحان ملتوي

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور

خيرپور/سکر (نمائدن وٽان) خيرپور ۾ واقع شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ سنڌ پروفيسرز ۽ ليڪچررز ايسوسئيشن (سپلا) وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا، يونيورسٽي ماتحت ڪاليجن ۾ 28 ڊسمبر کان ٿيندڙ سالياني امتحانن جو سپلاءِ پاران بائيڪاٽ جو اعلان. يونيورسٽي انتظاميه امتحان ئي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيا. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميه ۽ سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچرار ايسوسئيشن (سپلا) سکر، لاڙڪاڻو ريجن وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن، يونيورسٽي انتظاميه جي رويي تي سڏايل سپلا جو سڏايل هنگامي اجلاس گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو رينج جي عهديدارن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽي انتظاميه طرفان گذريل سال لکت ۾ ڪيل معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي سنجيدگي توڙي دلچسپي جو مظاهرو ناهي ڪيو، اِن سان گڏ اعلانيل امتحان ۾ صرف ٻه ڏينهن هئڻ باوجود وڏي انگ ۾ شاگردن جون امتحاني سلپون سينٽر تي نه پهچڻ توڙي استادن کي ڊيوٽين متعلق آگاهه ئي ناهي ڪيو ويو. جنهن ڪري گڏجاڻي ۾ شريڪ سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو رينج جي صدر پروفيسر سيد اصغر علي شاهه، جنرل سيڪريٽري پروفيسر مشتاق احمد ڦلپوٽو، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري عبدالجبار سولنگي، سينيئر نائب صدر پروفيسر الطاف کهرو، نائب صدر پروفيسر نظر احمد مهر، مختلف ڪاليجن جي پرنسپلز گورنمينٽ اسلاميه آرٽس اينڊ سائنس ڪاليج سکر جي پرنسپل پروفيسر محمد ايوب مري، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسپل پروفيسر غلام سرور قريشي، پرنسپل گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻيپور محمد اطهر هنجراهه، سپلا سکر ضلعي جي صدر پروفيسر غفران الله بلوچ، گهوٽڪي جي صدر پروفيسر وقار احمد قائمخاني، شڪارپور جي صدر پروفيسر سعيد احمد منگي، خيرپور جي صدر پروفيسر لال بخش سوهو ۽ ٻين متفقه طور تي 28 ڊسمبر تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ماتحت ڪاليجن ۾ ٿيندڙ امتحانن جو مڪمل طور بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميه جيستائين سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪندي تيستائين امتحانن جو بائيڪاٽ جاري رهندو. اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جي صدر پروفيسر سيد اصغر علي شاهه پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميه ڪاليج سطح تي تعليمي عمل ۾ مڪمل طور غير سنجيده آهي جنهن متعلق مختلف وقتن تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه توڙي لاڳاپيل اختيارين وٽ پڻ شڪايتون ڪيون آهن پر لکت ۾ معاهدو ٿيڻ باوجود سنجيدگي جو مظاهرو ناهي ڪيو ويو. امتحاني شاگردن جون سلپون جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن اڳ ڪاليجن ۾ پهچائڻون آهن اُهي امتحانن ۾ ٻه ڏينهن رهجڻ باوجود ناهن پهتيون. داخلا جي پاليسي ۽ سالياني تعليمي ڪئلينڊر جي تياري لاءِ گذريل سال لکت ۾ خاطري ڪرائي وئي جنهن تي به هن وقت تائين ڪو عمل ناهي ٿي سگهيو. يونيورسٽي انتظاميه جي اهڙي غيرسنجيده رويي سبب ڪاليجن جي پرنسپلز ۽ سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جي عهديدارن متفقه طور تي 28 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. بائيڪاٽ کان پوءِ لطيف يونيورسٽي جي انتظاميه 28 ڊسمبر کان ڪاليج سائيڊ جي ٿيندڙ امتحانن کي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لطيف يونيورسٽي جي ترجمان ابراهيم کوکر پڌرائي جاري ڪندي سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجن طرفان يونيورسٽي انتظاميه تي لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي ٻڌايو آهي ته يونيورسٽي جي ساليانه امتحان 2018 کان پهريان ئي سپلا جي نمائندن جا سمورا مطالبا مڃيا ويا هئا. تمام بقايائون ۽ معاوضا پڻ ادا ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سپلا طرفان جاري ڪيل انگ اکر غلط فهمي ۽ مفروضن تي ٻڌيل آهن، يونيورسٽي طرفان ساليانه امتحان 2018 جون تمام تياريون مڪمل هئڻ باوجود سپلا جي بائيڪاٽ ۽ ڪاليج جي استادن جي اڻپوري تياري ڪري وقت تي امتحان ڪرائڻ مشڪل ٿي پيو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي يونيورسٽي انتظاميه شاگردن کي پريشاني کان بچائڻ لاءِ نيئن تاريخ تائين امتحان ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

بي بي جي فلسفي آڌار ذهني مريضن جو مقابلو ڪبو:آصف زرداري

شدت پسندن ۽ دهشتگردن خلاف اسان جي جدوجهد جاري رهندي

آصف زرداري

اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بي بي جي فلسفي تحت عدم برداشت جو شڪار ذهني بيمارن سان مقابلو ڪندا رهنداسين، آصف علي زرداري شهيد بينظير ڀٽو کي ورسي جي موقعي تي خراب تحسين پيش ڪيو، آصف علي زرداري جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته آئين، جمهوريت ۽ انساني آزادي لاءِ بي بي جي فلسفي تي عمل ڪندا رهنداسين، شدت پسندن ۽ دهشتگردن خلاف جدوجهد جاري رهندي، پيغام ۾ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته خودمختيار ۽ بااختيار پارليامينٽ جي اصول تي ثابت قدمي سان انهن عنصرن جو مقابلو ڪندا رهنداسين جيڪي پارليامينٽ کي ڪمزور ڪڻ چاهين ٿا، پيپلزپارٽي ڪمزور طبقن جي حقن جو تحفظ ڪندي رهندي.

مخدوم سعيد الزمان سروري جماعت جو چيئرمين ٿي ويو

ڀٽ شاهه (رپورٽ: راجا بوزدار ) هالا ۾ سروري جماعت پاڪستان جي اجلاس چيئرمين اڳوڻي ايم اين اي مخدوم سعيد الزمان عاطف جي صدارت ۾ ٿيو ـ جنهن ۾ سروري جماعت جماعت جا نوان عهديدارچونڊيا ويا ـ اجلاس ۾ سروري جماعت جي اڳوڻن عهديدارن ـ ميمبرن ۽ خليفن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ منعقد ڪيل اجلاس ۾ سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ تنظيم جي سرپرست اعليٰ مخدوم جميل الزمان جي منظوري سان مخدوم سعيد الزمان عاطف چيئرمين ـ سيد نور محمد شاهه سينيئر وائيس چيئرمين ـ 5 وائيس چيئرمينن ۾ ميان مشتاق ڊوگر (پنجاب ) ـ پير عبدالرزاق ( بلوچستان ) ـ پير ڪوڙل شاهه ـ پير امجد شاهه ـ سرفراز راڄڙ مقرر ڪيا ويا ـ جڏهن تـ جنرل سيڪريٽري پير منصور ـ ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري پير ضياءَ الحق ـ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انور ميمڻ ـ سيڪريٽري نشر اشاعت گل حسن درس ـ سيڪريٽري ماليات الهه رکيو ڏاهري ـ سيڪريٽري روزگار شبير راڄپر ـ سيڪريٽري صحت حميد چانهيون ـ سيڪريٽري تعليم ايوب ڪورائي کي اتفاق راءِ سان چونڊيو ويو ـ جڏهن تـ فيصلو ڪيو ويو تـ مرڪز جا وڌيڪ عهديدار بعد ۾ چونڊيا ويندا.

پي ايم يو اسپتال ۾ گندگي،مريضن جون دانهون، جج جي ايم ايس کي ڇنڊ

سول جج اوچتو اسپتال پھتو، گائني ۽ پيڊز وارڊن جي مريضن شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا

وارڊن ۾ پکڙيل گندگي ڏسي جج پاران ڪاوڙ جو اظهار، صفائي ڪرڻ جي هدايت

نوابشاهه ( رپورٽر ) نوابشاهه جي سول جج جو پي ايم يو اسپتال جو اوچتو دورو، گائني، پيڊس ۽ ٻين وارڊن جي مريضن ۽ تيمار دارن جج آڏو شڪايتن جو دفتر کولي ڇڏيو،سول جج اسپتال جي ايم ايس کي ڇنڊ،ان ڏس ۾ نوابشاهه جي سول جج صفدر جتوئي اوچتو پيپلزميڊيڪل اسپتال نوابشاهه جو دورو ڪيو ۽ اسپتال جي گائني، پيڊس ۽ ٻين وارڊن ۾ داخل مريضن جي عيادت ڪئي ۽ انهن کان حال احوال معلوم ڪيا سول جج اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ پکڙيل گندگي آلودگي ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو انهي موقعي تي گائني، پيڊس ۽ ٻين وارڊن ۾ داخل مريضن ۽ انهن جي تيماردارن سول جج آڏو شڪايتون ڪندي چيو ته غريب ۽ نادار مريضن جي اسپتال اندر ڪا به مالڪي نه آهي وارڊ جا وڏا وڏا ڊاڪٽر ۽ پروفيسر وارڊ کي ٽائيم ڏيڻ بدران ذاتي ڪلينڪن ۽ ميڊيڪل سينٽرن کي وقت ڏين ٿا،وارڊ ۽ انهن ۾ داخل غريب ۽ بي پهچ مريض نرسن ۽ وارڊ بوائز جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهن هنن چيو ته مريض آپريشن جو سمورو سامان، دوائون پنهنجي خرچ تي ٻاهران وٺڻ تي مجبور آهن انهن کي مٿي جي سور جي معمولي گوري به اسپتال پاران نٿي ڏني وڃي،مريضن جي دانهن تي سول جج صفدر جتوئي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شمس الدين سيال تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کيس هدايت ڪندي چيو ته اسپتال ۾ فوري طور تي هنگامي بنيادن تي صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي ۽ مريضن لاءِ ايل پي وارو ڌار رڪارڊ ٺاهيو وڃي ۽ وارڊن ۾ داخل مريضن کي سموريون گهربل دوائون فراهم ڪيون وڃن.

تحريڪ انصاف جي حڪومت 4 ووٽن تي بيٺل آھي، سندن خلاف به جي آءِ ٽيز ٺهڻ واريون آهن:راڻا ثناءُ الله

نوازشريف خلاف فيصلي ۾ ڪٿي به ڪميشن يا ڪرپشن جو ذڪر ناهي ڪيو ويو

نااهلي لڪائڻ لاءِ قيادت تي الزام هنيا پيا وڃن، حڪومت رڳو 4 ووٽن تي بيٺل آهي
راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نوازشريف خلاف فيصلي ۾ ڪٿي به ڪميشن يا ڪرپشن جو ذڪر ناهي، پي ٽي آءِ وارن خلاف به جي آءِ ٽيز ٺهڻ واريون آهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نوازشريف تي الزام آهي ته هن پٽ کان پئسا ڇو ورتا؟، فيصلي ۾ ڪرپشن جو ناهي چيو ويو، عدالتن جو احترام ڪريون ٿا، اسانکي پهرين به عدالت مان رليف مليو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۾ حڪومت وٽ 156 ووٽ آهي، حڪومت رڳو 4 ووٽن جي سهاري تي بيٺل آهي، ٻڌايو وڃي ته هڪ رات ۾ 100 ارب ڪنهن ڪمايا، ريلوي جي آڊٽ پيرا شهبازشريف ڏسندو، هن چيو ته شهبازشريف جي 10 سالن جي حڪومت ۾ رپئي جي ڪرپشن جو الزام نٿو لڳائي سگهجي، شهبازشريف 100 ارب ۾ ٽي ميٽرو منصوبا مڪمل ڪرايا. وزير پنهنجي نااهلي لڳائڻ لاءِ اسان جي قيادت تي الزام هڻي رهيا آهن.

عابدي جو قتل وڏو سانحو آهي، دهشتگردن کي ٻيهر ڪر کڻڻ نه ڏبو: شهريار آفريدي

ڪراچي (رپورٽر) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته علي رضا عابدي جو قتل وڏو سانحو آهي، ڪراچي ۾ دهشتگردن کي ٻيهر ڪر کڻڻ نه ڏينداسين، ڪراچي ۾ مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي ۽ وفاقي وزير علي زيدي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي، گورنر کين علي رضا عابدي جي قتل واقعي ۾ ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قانون لاڳوڪندڙ ادارا گڏيل آپريشن ذريعي شرپسندن جي نيٽ ورڪ جو خاتمو آڻن،علي رضا عابدي جو قتل وڏو سانحو آهي، امن دشمن عنصرن خلاف سخت قدم کنيا وڃن، ڪراچي واسي پريشان نه ٿيو، حڪومت اوهان سان گڏ آهي، اسان کي هڪ ٽيم بڻجي دهشتگردي خلاف وڙهنداسين، ڪراچي سميت پوري پاڪستان کي پرامن بڻايو ويندو.

ملير جي جج جو ٿاڻي تي ڇاپو: وڪيل سڪندر شر بازياب: ھڙتال، عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ

پوليس خلاف جمعي تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان، عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ ڪبو

ملير پوليس سڪندر شر کي گرفتار ڪري قانون جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن: ملير بار ايسوسيئيشن

ملير (رپورٽر(جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 ملير آصف اڪبر شاھ لطيف ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي باندي بنايل ملير بار جي نائب صدر سينيئر وڪيل سڪندر شر کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف کي رڪارڊ سميت سيشن ڪورٽ ملير طلب ڪيو،ان واقعي خلاف وڪيلن ملير ڪورٽ آڏو هاءِ وي تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.مظاھرين وڪيلن چيو ته شاھ لطيف پوليس بي ڏوھي وڪيل اڳواڻ کي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪيو .جنھن کي عدالتي ڇاپي بعد بازياب ڪرايو ويو آھي.انھن چيو ته پوليس گردي ڪنھن به صورت قبول نه ڪئي ويندي ۽ ايس ايڇ او شاھ لطيف نيڪ محمد کوسو کي معطل ڪري سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ايس ايڇ او شاھ لطيف صحافين کي ٻڌايو ته پوليس لينڊ گريبر راجا آصف کي گرفتار ڪيو ھو جنھن تي ۲۵ ايف آء آر داخل آھن .انکي ڇڏائڻ لاء وڪيل رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي ٿاڻي تي آيو ۽ پوليس سان بدتميزي ڪئي گھٽ وڌ ڳالھايو. جنھن کانپوءِ وڪيل اڳواڻ کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ڪرايو ويو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ پڻ نشو ثابت ٿيو آھي, هن چيو ت مون ڪو به غلط قدم نه کنيو آھي قانون جي دائري ۾ رھي قانوني ڪاروائي ڪئي آھي. ٻئي طرف ملير بار پاران واقعي خلاف ٽي ڏينهن هڙتال جو اعلان ڪيو آھي.