fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

شهداد پور ڀرسان جنوري ۾ چيمپئنز ٽرافي ڪرائڻ جو اعلان

شهداد پور (ن پ ا) شهداد پور ڀرسان ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جنوري ۾ چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو آهي. ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين مجيب الرحمان رند جي اڳواڻي ۾ مختلف ٽيمن جي ڪپتانن گڏجاڻي ڪري مقصودو رند ۾ ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
هنن چيو ته ٽورنامينٽ ۾ شهدادپور سميت مختلف علائقن جي 30 ٽيمن ۾ مقابلا ٿيندا. جنهن ۾ هر هڪ ڪپتان چئمپئن ٽرافي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجون ٽيمون رجسٽرڊ ڪرائيندا.
سندن چوڻ هو ته چيمپئن ٽرافي ٽورنامينٽ ۾ فاتح ٽيم کي هڪ عدد موٽر سائيڪل، رنر اپ ٽيم ٽيم کي 30 هزار روڪ رقم، جڏهن ته سيريز جي بهترين رانديگر کي 10 هزار روڪ انعام ڏنا ويندا.
ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اطلاعات سيڪريٽري منور علي رند موجب چيمپئن ٽرافي ٽورنامينٽ هر سال ڪرائيندا آهيون، نوجوانن ۾ ڪرڪيٽ راند جو وڏو ٽيلنٽ موجود آهي.
هن چيو ته ايندڙ سال جون ۽ جولاءِ ۾ ضلعي سطح تي جشن آزادي ڪپ پڻ ڪرائينداسين، جنهن ۾ فاتح ٽيم کي ڏيڍ لک روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو انعام ڏنو ويندو.

بي بي ايل: ميلبورن اسٽارز سڊني سڪسرز کي مات ڏئي ڇڏي

سڊني (اسپورٽس ڊيسڪ) بگ بيش ليگ ۾ ميلبورن اسٽارز 5 وڪيٽن تان سڊني سڪسرز کي هارائي ڇڏيو.
سدني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي بيگ بيش ليگ جي 10هين ميچ ۾ ميلبورن اسٽارز ٽاس کٽي پهرين فليڊنگ جو فيصلو ڪيو. پهرين بيٽنگ ڪندي سڊني سڪسرز مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهي سگهي. جي سي سِلڪ 41 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. سين ايبٽ 22 ۽ هيوز 20 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.
مليبورن اسٽارز طرفان ڪوليمن 3، لميڪهناني ۽ ڊي جي براو 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته زامپا ۽ ميڪسويل هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ميلبورن اسٽارز 15 هين اوور جي آخري بال ۽ 5 وڪيٽن جي نقصان تي گهربل هدف ماڻي ميچ کٽي. هينڊز ڪومب شاندار بيٽنگ ڪندي 70 رنسون ٺاهيون، لرڪِن 20 ۽ اسٽوئنس 10 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
سڊني سڪسرز طرفان ورشوئز 3 ۽ او ڪِيف 2 وڪيٽون وٺي سگهيا. جڏهن ته 35 بالن تي 70 رنسون ٺاهڻ تي پيٽر هينڊز ڪومب کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

ورات ڪوهلي آسٽريليا ۾ راهول ڊريوڊ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ڪوهلي آسٽريليا ۾ سال اندر وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڀارتي بڻجي ويو

ورات ڪوھلي

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي دنيا جو ڪنگ ورات ڪوهلي هڪ پٺيان ٻيو رڪارڊ جوڙي رهيو آهي. ڀارت جي رنسن جي مشين ڪپتان ڪوهلي آسٽريليا خلاف ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن 82 رنسن جي اننگز کيڏي جنهن کانپوءِ هن راهول ڊريوڊ جو پرڏيهي پچن تي هڪ سال اندر جوڙيل 1137 رنسن جو رڪارڊ پڻ ٽوڙيو. ورات ڪوهلي هڪ سال اندر پرڏيهه ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڀارتي ڪرڪيٽر بڻجي ويو. ڪوهلي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٽيون وڏو اسڪور ڪندڙ ڀارتي ڪپتان پڻ بڻجي ويو.

پونٽنگ بال ٽيمپرنگ بابت بيان تي بينڪرافٽ مٿان ڪاوڙجي پيو

بينڪرافٽ پنهنجي ڪرڪيٽ راند کي گهڻو نقصان پهچايو آهي: رڪي پونٽنگ

بينڪرافٽ جي ڳالهين تي مونکي وڏي حيراني ٿي آهي: اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا جو اڳوڻو ڪپتان رڪي پونٽنگ بال ٽيمپرنگ ۾ 9 مهينن جي معطلي کي منهن ڏيندڙ بين ڪرافٽ مٿان ڪاوڙجي پيو آهي. ڪالهه بين ڪرافٽ انٽرويو ڏيندي چيو هو ته کيس بال خراب ڪرڻ لاءِ ڊيوڊ وارنر چيو هو، جنهن جي ڳالهه ٻڌندي هن بال ٽيمپرنگ ڪئي هئي. ان بيان تي رڪي پونٽنگ پاران بينڪرافٽ مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته بينڪرافٽ پنهنجي راند کي گهڻو نقصان پهچائي چڪو آهي، 9 مهينا گذري وڃڻ جي باوجود اهڙيون ڳالهيون ورجائڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ڊيوڊ وارنر، اسٽيو سمٿ۽ بين ڪرافٽ جي واپسي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ پراڻي واقعن کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر بينڪرافٽ پاران اهڙيون ڳالهيون مايوس ڪندڙ آهن.

نيوزيلينڊ پاران سريلنڪا خلاف ون سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان

جيمز نيشم، ڊوگ بريسويل کي به 3 ون ڊي ميچن لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو

سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 3 جنوري کان شروع ٿيندي

ويلنگٽن (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پاران سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مارٽن گپٽل جي وڏي عرصي کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ٿي آهي. ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ ڪيويز پاران پاڪستان خلاف ڊراپ ڪيل جيمز نيشم ۽ ڊوگ بريسويل کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. ٽيم ۾ ڪين وليمسن (ڪپتان) ٽرينٽ بولٽ، ڊوگ بريسويل، جيمز نيشم، مارٽن گپٽل، ميٽ هينري، لوڪي فرگوسن، هينري نڪولس، ڪولن منرو، ٽم اسٽافئر، اش سوڍي، ٽم سائوٿي ۽ روس ٽيلر شامل آهن. نيوزيلينڊ ايندڙ سال ورلڊ ڪپ کان اڳ 11 ون ڊي ميچن، سريلنڪا، ڀارت ۽ بنگلاديش خلاف کيڏندي جنهن کي نظر ۾ رکندي ٽيم جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: پوجارا جي سينچري، ڀارت 443 رنسن تي اننگز ڊڪليئر

آسٽريليا بنا ڪنهن نقصان تي ٻي ڏينهن جي پڄاڻي تي 8 رنسون ٺاهي ورتيون

پهرين اننگز ۾ ورات ڪوهلي 82 رنسون ٺاهيون، پيٽ ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون
پوجارا سينچري تي ڪوهلي کان مبارڪ وصول ڪندي

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت ۽ آسٽريليا ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻي ڏينهن ورات ڪوهلي پاران 443 رنسن تي پنهنجي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي، جواب ۾ آسٽريليا ڏينهن جي پڄاڻي تي بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ڀارت طرفان ٻي ڏينهن جي شروعات ورات ڪوهلي ۽ چتيشور پوجارا ڪئي ۽ اسڪور کي 295 تائين پهچايو.
ورات ڪوهلي غلط شاٽ کيڏندي 82 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته پوجارا 102 رنسون ٺاهي ويو. رشي پانٽ 39 اسڪور ڪيو، جڏهن ته روهت شرما 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ورات ڪوهلي پاران ڏينهن جي پڄاڻي کان ٿوري دير پهريان اننگز 443 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي.
آسٽريليا طرفان پيٽر ڪمنز 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ ٻي اننگز ۾ ڏينهن جي پڄاڻي تائين ڪينگروز بنا ڪنهن نقصان جي 8 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

پاڪستان ٽي 20 فارميٽ ۾ 2018 جي بهترين ٽيم رهي

گرين شرٽس سڄو سال ٽي 20 رينڪنگ تي حڪمراني ڪندي رهي

سال جي ڇهه ئي سيريزن ۾ پاڪستاني ٽيم ڪاميابيون حاصل ڪيون
پاڪستاني ٽيم ٽي 20 ٽرافي سان گڏ

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سال 2018 ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ تي حڪمراني ڪئي ۽ سال ۾ کيڏيل 6 سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سڄي سال دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهريون نمبر ٽيم رهي. سال ۾ ڪل کيڏيل 19 ميچن مان 17 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سال جي شروعات ۾ نيوزيلينڊ کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن تان شڪست ڏني، ويسٽ انڊيز کي ٽن ٽي 20 ميچن ۾ وائيٽ واش ڪيو. زمبابوي ۾ ٽي 20 سيريز پڻ کٽي، جڏهن ته آسٽريليا کي يو اي اي ۾ ٽي 20 سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو، جڏهن ته نيوزلينڊ کي پڻ وائيٽ واش ڪيو. اهڙي طرح مجموعي طور پاڪستان 19 ميچن مان ٻن ميچن ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ خلاف شڪست ملي، باقي 17 ميچن ۾ ڪامياب ٿيو. پاڪستان طرفان فخر زمان ٽاپ اسڪورر 576، شاداب خان 28 وڪيٽون حاصل ڪيون.

اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل

اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان کي باضابطا طور هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو

پونٽنگ 168 ٽيسٽ، 375 ون ڊي ۽ 17 ٽي 20 ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي
گلين ميڪگرا پونٽنگ کي اعزازي ڪيپ ڏيندي

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا جي اڳوڻي ڀلوڙ بيٽسمين ۽ ڪپتان رڪي پونٽنگ کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميلبورن ۾ جاري ٽئين ٽيسٽ ميچ جي موقعي تي ميلبورن ڪرڪيٽ ۾ کيس يادگار ٽوپي ڏني وئي. رڪي پونٽنگ آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ٿيندڙ 25 آسٽريلوي رانديگر آهي. ان موقعي تي رڪي پونٽنگ پنهنجو پاڻ کي ڪرڪيٽ جي ڀلوڙ رانديگرن ۾ شامل ڪرڻ تي اعزاز سمجهيو. هلندڙ سال ڀارت جي راهول ڊريوڊ ۽ انگلينڊ جي ڪليئر ٽيلر کي آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. رڪي پونٽنگ 168 ٽيسٽ ميچن، 375 ون ڊي ۽ 17 ٽي 20 ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي، هو پنهنجي دور جي بهترين بيٽسمينن مان هڪ هو.

ڪوٽڙي ۾ بلائينڊ ڪرڪيٽ سپرليگ ۾ سنڌ پهرين ميچ کٽي ورتي

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ جاري بلائنڊ ڪرڪيٽ سپرليگ ۾ سنڌ ۽ ڪي پي ميچون کٽي ورتيون.
پاڪستان بلائينڊ ڪائونسل جي انتظام هيٺ جاري بلائينڊ ڪرڪيٽ سپرليگ جي ٽئين ڏينهن پنجاب پهريان بيٽنگ ڪندي 20 اورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 219 رنسون ٺاهيون، بيٽسمين نثار علي 61 ۽ رياست علي 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته ڪي پي جي بالرن مجيب الرحمان 2 وڪيٽون ورتيون ,متيع الله ,اعجاز ۽ شاهزيب هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي، هڪ رانديگر رن-آئوٽ ٿيو،
جواب ۾ڪي پي ٽيم 19 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ميچ کٽي، بيٽسمين معين 70بالن تي 92 رنسون اسڪور ڪيون، ايوب خان 17 بالن تي 30 رنسون اسڪور ڪري ٽاپ اسڪورر رهيا. پنجاب جي بالرن احتشام ٽي وڪيٽون ورتيون ۽ هڪ وڪيٽ ادريس ورتي.
ٻي مئچ ۾ سنڌ 8 وڪيٽن جي نقصان تي بلوچستان کي شڪست ڏني. بلوچستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ٽن وڪيٽن تي 209 رنسون ٺاهيون، بلوچستان جي بيٽسمين اسلم 35 بالن تي 62، بدر 36 بالن تي 40 ۽ شاهزيب 19 بالن تي 36 رنسون ٺاهيون. سنڌ جي بالرن صادق ۽نواز هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ سنڌ جي رانديگرن 17 اوون ۾ ٻن وڪيٽ جي نقصان تي گهربل هدف ماڻي ميچ پنهنجي نالي ڪئي. سنڌ جي بيٽسمين هارون 40 بالن تي 71، راشد 30 بالن تي 47 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. سنڌ پنهنجي ٽن مئچن مان پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي.

سکر: انٽر ڪاليجز ۽ اسڪول ڪرڪيٽ چيمپئن شپ ۾ لاڙڪاڻو فاتح

فائنل ۾ گلوبل ڪاليج ٽيم ڊگري ڪاليج نصير آباد جي ٽيم کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏني, گلوبل ڪاليج جي ٽيم جي ڪپتان مظهر کي 30 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر جو اعزاز مليو

سکر ۾ لاڙڪاڻو ۾ فاتح ٽيم جو گروپ فوٽو

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾لاڙڪاڻي جي ٽيم انٽر ڪاليج ۽ اسڪول چيمپئن شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي. تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي انتظام هيٺ ڪرايل انٽر ڪاليج ۽ اسڪول چئمپين شپ جي فائنل ۾ گلوبل ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم نصير آباد جي ڊگري ڪاليج ٽيم کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي اعزاز ماڻيو.
فائنل مقابلي ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي ڊگري ڪاليج نصيرآباد جي ٽيم 46 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جواب ۾ گلوبل ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم گهربل هدف 6 اوورن ۾ مڪمل ڪري چيمپئن شپ پنهنجي نالي ڪئي. لاڙڪاڻي جي ٽيم جي ڪپتان مظهر علي کي 30 رنسون ٺاهڻ تي بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
خاص مهمان تعليمي بورڊ لارڪاڻو جي سيڪريٽري احمد خان، ڊائريڪٽر اسپورٽس تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو محمد رمضان جمالي، خادم حسين گوپانگ، زاهد علي، ظهور علي ۽ ٻين فاتح ٽيم ۽ فائنل مقابلو هارائيندڙ ٽيم ۾ ٽرافي، ميڊل ۽ روڪ رقم انعام ورهايا. جڏهن ته ڪرڪيٽ چئمپين شپ ۾ 16 ڪاليجن ۽ اسڪولجن جي ٽيمن حصو ورتو.

ڀارت خلاف ٽيسٽ۾ ٻارڙو آسٽريلوي ٽيم جو ڪپتان بڻيو

دل جي بيماري ۾ مبتلا معصوم آرچي شلر جي ڪپتاني جي خواھش ھئي

دل جي بيماري ۾ مبتلا معصوم آرچي شلر

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت خلاف باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ميچ ۾ 7 ورهين جو ٻارڙو آسٽريلوي ٽيم جو اعزازي ڪپتان بڻيو. ميلبورن ۾ ڪالهه شروع ٿيل باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ آرچي شلر آسٽريلوي ٽيم جي شريڪ ڪپتان جو اعزاز ماڻيو. نينگر آرچي شلر پيدائش بعد دل جي موذي مرض ۾ مبتلا آهي، آرچي شلر ڪرڪيٽ جو وڏو مداح آهي.سندس ڪيتريون ئي سرجريون ٿي چڪيون آهن. کائنس والد پڇيو هو ته هو ڇا ڪرڻ چاهي ٿو ته ٻارڙي جواب ڏنو ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني ڪرڻ چاهيان ٿو. ڪالهه ڪرڪيٽ آسٽريليا ٻارڙي جي خواهش پوري ڪئي. گذريل مهيني گڏيل عرب امارات ۾ ٿيل سيريز دوران آرچي شلر کي اسڪواڊ ۾ پڻ شامل ڪيو ويو هو.

بي بي ايل: پرٿ اسڪارچرز ايڊليڊ اسٽرائڪرز کي گهمائي لاٿو

پرٿ اسڪارچرز ايڊليڊ اسٽرائڪرز کي گهمائي لاٿو

ايڊليڊ (اسپورٽس ڊيسڪ) بگ بيش ليگ ۾ پرٿ اسڪارچرز ايڊليڊ اسٽرائيڪرز کي 7 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي.
بگ بيش ليگ جي نائين ميچ ۾ پرٿ اسڪارچرز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. بيٽنگ جي دعوت ملڻ تي ايڊليڊ اسٽرائيڪرز کيڏندي 88 رنسن تي ڍير ٿي وئِي. ويٿرلينڊ 22، والينٽي ۽ راشد خان 21-21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پرٿ اسڪارچرز جي بالر رچرڊسن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 3 اوورن ۾ 7 رنسن عيوض 3 شڪار ڪيا، جڏهن ته بيهرينڊراف ۽ اي جي ٽاءِ 2-2 ۽ ڪولٽر نيل ۽ ڊي جي وِلي هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
89 رنسن جي جواب ۾ پرٿ اسڪار چرز 18 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي هدف ماڻي ميچ کٽي. بوسيستو 36، ڪپتان ٽرنر 24 ۽ انگليز 22 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪامياب بڻايو.
ايڊليڊ اسٽرائيڪرز طرفان اسٽان ليڪ ۽ والينٽي هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته هڪ رانديگر رن-آئوٽ ڪيو.
پرٿ اسڪارچرز جي بالر رچرڊسن کي 3 وڪيٽون وٺڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

انٽر ڪالجيٽ باسڪيٽ بال چيمپئن شپ ۾ ملتان کي شڪست

فائنل مقابلي ۾ بنون جي ٽيم 40-50 تان ملتان جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو, چيمپئن شپ ۾ 15 ٽيمن حصو ورتو

ملتان (اسپورٽس ڊيسڪ) بنون جي ٽيم ملتان کي شڪست ڏئي انٽر ڪاليجٽ باسڪيٽ بال چيمپئن شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
تعليمي بورڊ ميدان ۾ ٿيل انٽرڪاليجٽ باسڪيٽ بال چيمپئن شپ جي فائنل مقابلي ۾ بنون ۽ ملتان جي ٽيمن سخت مقابلو ڪيو، راند جي پڄاڻي تي بنون جي ٽيم 40 جي ڀيٽ ۾ 50 پوائنٽن تان ٽائٽيل پنهنجي نالي ڪري سوڀ جو جشن ملهايو.
چيمپئن شپ ۾ ڪل 15 ٽيمن حصو ورتو، جڏهن ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي ٽرافيون ۽ روڪ رقم جا انعام به ڏنا ويا.

اڳوڻي آسٽريلوي بالر، ڪوهلي کي چيلنج ڏئي ڇڏيو

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪندي اڳوڻي آسٽريلوي بالر مچل جانسن چيو آهي ته آسٽريليا خلاف ميلبورن ٽيسٽ ۾ ڪوهلي سنچري ٺاهڻ ۾ ناڪام ويو ته کيس رٽائرمينٽ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مچل جانسن هڪ روڊ جي تصوير جاري ڪئي، جيڪا ٽيسٽ پچ جي عڪاسي ڪري رهي هئي. هوڏانهن ڀارتي صارفين ڊگهي وقت کان ويرات ڪوهلي تي تنقيد ڪندڙ مچل جانسن تي پڻ جوابي تنقيد ڪئي، جنهن تي جانسن ويرات ڪوهلي لاءِ وڏو چيلنج رکيو ته سنچري ٺاهي يا رٽائرمينٽ ڏئي.

آلرائونڊر امجد جاويد رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

امجد جاويد گڏيل عرب عمارات جي ڀلوڙ رانديگر ۽ اڳوڻو ڪپتان آهي

عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ آسان نه هئي: اڳوڻو ڪپتان امجد جاويد

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) گڏيل عرب عمارات جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر امجد جاويد عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. 38 سالن جو امجد جاويد ساڄي هٿ سان فاسٽ بالنگ ڪرڻ سان گڏ بيٽنگ به ڪندو هو. هن گڏيل عرب عمارات جي 15 ون ڊي ميچن ۾ نمائندگي ڪئي، جڏهن ته 22 ٽي 20 ميچن ۾ پڻ يو اي اي طرفان کيڏيون. امجد جاويد کي وڏي عمر ۾ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو، انڪري سندس عالمي ڪرڪيٽ اندر ڪيريئر گهڻو وقت هلي نه سگهيو. امجد جاويد تيز بالنگ ڪرائڻ سان گڏ بيٽنگ به سٺي ڪندو هو، جنهنڪري هو يو اي اي جو اهم ۽ سينيئر رانديگر طور ڳڻيو ويندو هو.