ننگرپارڪر (رپورٽ فيض کوسو ) ننگرپارڪر ۾ مرحوم الهبچايو مهر ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڳوٺ سوندر ۾ ٿيو. جنهن ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي 8 بهترين ٽيمن دلبر اليون، ڪنگز اليون، شهيد غلام رحيم اليون، طوفان اليون، غوثيه اليون رامسر، غازي اليون اسلام ڪوٽ، حر مجاهد اليون، ڊينجرز اليون حصو ورتو.
ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ دلبر اليون ننگرپارڪر ۽ ڪنگز اليون ننگرپارڪر جي وچ ۾ ٿيو، جيڪو انتهائي سخت مقابلي کانپوءِ دلبر اليون 5 رنسن تان پنهنجي نالي ڪيو. دلبر اليون پهريان بيٽنگ ڪندي 98 جو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ڪنگز اليون 93 اسڪور ٺاهي سگهي.
ٽورنامينٽ جي ڀلوڙ رانديگر جو ايوارڊ ننگر پارڪر جي بهترين آل رائونڊر فضل حسين، بهترين بيٽسمين انظار حسين ۽ بالر جو ايوارڊ سجاد حسين حاصل ڪيو . آخر ۾ ونر ٽيم جي ڪپتان لجپت ڪولهي ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان نصرﷲ کوسو کي فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلعي ٿرپارڪر جي نائب صدر محمد خان مهر ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ڏنو.
ننگرپارڪر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دلبر اليون سخت مقابلي ڪندي کٽي ورتو
مرحوم الهه بچايو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ٿرپارڪر ضلعي 8 بهترين ٽيمن حصو ورتو
فائنل ۾ دلبر اليون سخت مقابلو ڪندي ڪنگز اليون کي 5 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي
ڊيل اسٽين شان پولاڪ کان ٽيسٽ وڪيٽن جو رڪارڊ کسي ورتو
ڊيل اسٽين فخر زمان کي آئوٽ ڪندي 422 شڪار مڪمل ڪيا
سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي تيز ترين بالر ڊيل اسٽين پنهنجي ملڪ طرفان سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ جوڙي ورتو آهي. ڊيل اسٽين پاڪستان خلاف باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ فخر زمان کي آئوٽ ڪندي 422 وڪيٽون پوريون ڪيون ۽ اهڙي طرح هن شان پولاڪ جي 421 وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ڊيل اسٽين 89 ٽيسٽ ميچن ۽ 162 اننگز ۾ اهو رڪارڊ پورو ڪيو. ڊيل اسٽين 2004ع ۾ انگلينڊ خلاف ڊيبيو ٽيسٽ کيڏيو هو.
باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: ڀارت جون پهرين ڏينهن 215 رنسون
پوجارا ۽ ورات ڪوهلي آسٽريليا اڳيان ڀت بڻيل، 94 رنسن جي ڀائيواري

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ ڀارت ۾ ٽئين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن ڀارت شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڏينهن جي پڄاڻي تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 215 رنسون ٺاهي ورتيون. ميلبورن ۾ باڪسنگ ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. جيڪو صحيح ثابت ٿيو ۽ ڀارتين شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 215 رنسون ٺاهي ورتيون. ڀارت طرفان ڊيبيو ڪندڙ ميانڪ اگروال شاندار بيٽنگ ڪندي 76 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته وهاري صرف 8 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. پوجارا ميانڪ اگروال سان ڀائيواري ڪندي اسڪور کي اڳتي وڌايو. ڏينهن جي پڄاڻي تائين پوجارا 68 ۽ ورات ڪوهلي 47 رنسن تي ڪريز تي ڪينگروز اڳيان ڀت بڻيل رهيا. آسٽريليا طرفان پيٽر ڪمنز ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن ۾ چار ميچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر آهي.
بينڪرافٽ بال ٽيمپرنگ جي ذميواري وارنر تي مڙهي ڇڏي
وارنر بال خراب ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تي مون عمل ڪيو: بينڪرافٽ
غلطي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي وئي، ڪيريئر خطري ۾ پيو

ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) بال ٽيمپرنگ ۾ سزا ڪاٽيندڙ آسٽريلوي اوپنر بينڪرافٽ بال خراب ڪرڻ جي سموري ذميواري ڊيوڊ وارنر تي مڙهي ڇڏي آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ پاران بال خراب ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪپتان اسٽيون سمٿ، نائب ڪپتان ڊيوڊ وارنر ۽ بينڪرافٽ مٿان هڪ هڪ سال جي پابندي لڳائي. آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽيسٽ دوران بينڪرافٽ بال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي هو پڪڙجي پيو هو. فاڪس اسپورٽس کي انٽرويو ڏيندي بينڪرافٽ جو چوڻ هو ته ڊيوڊ وانر کيس بال خراب ڪرڻ لاءِ چيو جيڪو هن ڪيو. سندس چوڻ هو ته کيس غلطي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئجي وئي، جنهنڪري منهنجو ڪيريئر خطري ۾ پئجي ويو.
ڪرائيسٽ چرچ ٽيسٽ: پهرين ڏينهن 14 وڪيٽون ڪري پيون
سريلنڪا نيوزيلينڊ کي پهرين اننگز ۾ 178 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو
سائوٿي ۽ واٽلنگ نيوزيلينڊ جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سهارو ڏيندي اسڪور ڪيو

ڪرائيسٽ چرچ (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽيسٽ ميچ دوران هڪ ئي ڏينهن 14 وڪيٽون ڪري پيون. باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ سريلنڪن ڪپتان دنيش چنديمل ٽاس کٽي پهريان ميزبان ٽيم کي کيڏڻ جي دعوت ڏني ته سرنگا لڪمل ۽ ڪمارا تباهي ڪندڙ بالنگ ڪندي نيوزيلينڊ جا 66 رنسن تي 6 رانديگر پويلن موڪلي ڇڏيا. ٽم سائوٿي زبردست مزاحمت ڪندي نيوزيلينڊ کي مڪمل تباهي کان بچائي ورتو. ٽم سائوٿي ۽ بي جي واٽلنگ پاران ڀائيواري ڪندي اسڪور کي 172 رنسن تائين پهچايو. ٽم سائوٿي 68 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته واٽلنگ 46 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان لڪمل ڪيريئر بيسٽ بالنگ ڪندي 5 شڪار ڪيا ۽ ڪمارا 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ سريلنڪا پڻ ڍينگو ڍيري ثابت ٿيڻ لڳي ۽ ٽم سائوٿي بيٽنگ کانپوءِ بالنگ ۾ پاڻ ملهايو ۽ 3 شڪار ڪندي سريلنڪا جا 40 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪرائي ڇڏيون. ڏينهن جي پڄاڻي تي سريلنڪا 4 وڪيٽن جي نقصان تي 88 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. اينجلو ميٿيوز ۽ سلوا ٻئين ڏينهن جي راند جي شروعات ڪندا.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا اڄ پهرين ٽيسٽ ۾ مقابلو ڪندا
پاڪستان 8 سالن کانپوءِ ساڳي گرائونڊ تي ٽيسٽ ميچ کيڏندو
وڪيٽ فاسٽ بالرن لاءِ سازگار هوندي، بيٽنگ ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ اهم

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مقابلو ڪندا، سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميچ 1 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان طرفان محمد عباس زخمي هئڻ ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، جڏهن ته فخر زمان فٽ ٿي ٽيم جو حصو هوندو. سينچورين جي پچ بالرن لاءِ سازگار ٻڌائي پئي وڃي، جيڪا تيز ۽ بائونسي آهي، جڏهن ته پچ تي بال سوئنگ ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن. پاڪستان جي ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، اظهر علي، اسد شفيق، حارث سهيل، بابر اعظم، سرفراز احمد، حسن علي، ياسر شاهه، محمد عامر ۽ شاهين آفريدي شامل هوندا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊيل اسٽين کي پنهنجي ملڪ طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڪيٽ جي ضرورت آهي، جنهن سان ڊيل اسٽين شان پولاڪ جو 422 وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙيندو.
نجم سيٺي جو شهريار خان خلاف قانوني ڪارروائي جو اشارو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي شهريار خان خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي نجم سيٺي چيو ته ڀارتي بورڊ کان هرجاڻي وارو ڪيس هارائڻ ۽ ڳري ڏنڊ تي شهريار خان مون کي ذميوار قرار ڏن، جڏهن ته سندس سمورا الزام ڪوڙ تي ٻڌل هئا. هن چيو ته ائين چوڻ بلڪل غلط نه هو ته گڏيل سيريز جي معاهدي تي عمل نه ڪرڻ سبب ڀارتي بورڊ تي ڪيس ڪرڻ جو فيصلو ذاتي طور ڪيو هو.
نجم سيٺي اشارو ڏنو ته شهريار خان جي سنگين الزامن تي قانوني ڪارروائي جو حق رکان ٿو، ڀارتي بورڊ خالف آءِ سي سي ۾ ڪيس لاءِ پي سي بي گورننگ بورڊ مان منظوري ورتي وئي هئي.
پي ٽي اي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتي
راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) پي ٽي اي ٽن وڪيٽن تان زونگ کي دلچسپ مقابلي بعد شڪست ٽيلي ڪام ٽي 20 ٽورنامينٽ کٽي ورتي.
فائنل ۾ زونگ ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 132 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ پي ٽي اي 7 وڪيٽن جي نقصان تي هدف ماڻي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪئي. سجاد کي 72 رنسون ٺاهڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان چيئرمين پي ٽي اي محمد نويد هو، جڏهن ته ٽيسٽ ڪرڪيٽر ياسر عرفات ۽ چيئرمين گهرانا ڊاٽ ڪام شفيع اڪبر به موجود هئا.
پولاڪ جي رڪارڊ کان وڌيڪ مون لاءِ حدف ماڻڻ آهي: ڊيل اسٽين
سنچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جو اسٽار بالر ڊيل اسٽين چيو آهي ته منهنجي ذهن ۾ شان پولاڪ جي رڪارڊ کان وڌيڪ هدف آهن، جن کي ماڻڻ لاءِ هر ڪوشش ڪندس.
جاري ڪيل بيان ۾ ڊيل اسٽين چيو ته مون کي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته آئون 23 ورهين جو آهيان، ڪوشش هوندي ته پاڪستان خلاف سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم جي سوڀ ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار نڀايا. هن چيو ته ڏکڻ آفريڪا جو ڪامياب بالر بڻجڻ فخر جوڳو هوندو، پر اڃا منهنجي ذهن ۾ ان کان وڌيڪ هدف آهن، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪندس.
هوڏانهن اسٽين کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا جو ڪامياب ترين بالر ٿيڻ لاءِ هڪ وڪيٽ گهربل آهي، جنهن بعد هو پولاڪ جو421 وڪيٽن وارو رڪارڊ ٽوڙي اعزاز حاصل ڪندو.
پنجاب ڌمال پاڪستان پريميئر ليگ ويل چيئر ڪرڪيٽ کٽي ورتي
پشاور (اسپورٽس ڊيسڪ) پنجاب ڌمال ڪئپيٽل ڪمانڊر اسلام آباد کي 6 وڪيٽن تان هارائي پهرين پاڪستان پريميئر ليگ ويل چيئر کٽي ورتي.
ضلعي حڪومت پشاور جي سهڪار سان ٿيل ليگ ۾ چئن صوبن گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جي ٽيمن شرڪت ڪئي.
فائنل ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي اسلام آباد ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ 97 رنسون ٺاهيون. اظهر علي 33، جمعه خان 12 ۽ قمر 12 رنسون ٺاهيون. پنجاب جي احمد يار 4، آغا حسنين ۽ عرفان 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ پنجاب ڌمال گهربل هدف نائين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ليگ پنهنجي نالي ڪئي. شير علي 40 ۽ آغا حسنين 15 رنسون ٺاهيون. اسلام آباد جي وقاص 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته 2 رانديگر رن-آئوٽ ٿيا.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم وٽ رينڪنگ بهتر ڪرڻ جو موقعو

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان شروع ٿيندي، سيريز کٽڻ جي صورت ۾ پاڪستان وٽ رينڪنگ بهتر ڪرڻ جو موقعو موجود آهي. پاڪستان ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز وائيٽ واش ڪرڻ جي صورت ۾ ڇهين نمبر تي اچي سگهي ٿي، جڏهن ته هڪ جي مقابلي ۾ ٻن ميچن تان کٽڻ جي صورت ۾ پڻ ڇهين نمبر تي اچي سگهي ٿي. ڏکڻ آفريڪا وٽ به پاڪستان کي وائيٽ واش ڪرڻ جي صورت ۾ ٻي نمبر تي اچڻ جو موقعو موجود آهي. ٻي پاسي بالر توڙي بيٽسمين پنهنجي ڪارڪردگي ذريعي پوائنٽون وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا.
باقراڻي ۾ الشهباز ٽيم والي بال ٽورنامينٽ کٽي ورتي
باقراڻي(رپورٽر) باقراڻي ۾ شھيد شفيق احمد عباسي جي ياد ۾ ڪرايل والي بال ٽورنامينٽ الشھباز باقراڻي ٽيم کٽي ورتي.
ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پراڻي گڏ ٽيم ۽ الشهباز باقراڻي ٽيم ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن بعد باقراڻي جي ٽيم مقابلو کٽي ٽورنامينٽ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
ٽورنامينٽ ۾ الشھباز ٽيم باقراڻي، پراڻي گڏ ، دولت کوکر ، ڏوڪري ۽ ٻين شهرن جي ٽيمن حصو ورتو.
فائنل مقابلي بعدخاص مھمان اڳوڻي نائب ناظم آفتاب احمد عباسي ۽ حاجي ڪفايت ڪلھوڙو فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ پنج ھزار روڪ رقم انعام طور ڏني وئي، جڏهن ته ٽرافي ھارائيندڙ ٽيم کي به ٻه ھزار ۽ رنر-اپ ٽرافي ڏني وئي.
لاڙڪاڻي ضلعي جي چونڊ رانديگرن جي ٽيم ٺاهي وئي

لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ راند کي هٿي وٺرائيندڙ پوليس انسپيڪٽر حق نواز بلوچ طرفان لاڙڪاڻي جي مختلف ڪرڪيٽ ڪلبن جي مڃيل رانديگرن جي چونڊ ڪري لاڙڪاڻو اسٽارز جي نالي سان ڪرڪيٽ ٽيم جوڙي ورتي آهي.
شيخ زيد ڪالوني جي پي سي بي گرائونڊ ۾ تقريب ڪوٺائي چونڊيل رانديگرن ۾ ڪرڪيٽ ڪٽس ورهايون ويون. ان موقعي تي لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد نعمان صديق، پريس ڪلب جي صدر ايس اقبال بابو ۽ ٻين طرفان لاڙڪاڻه اسٽارز ٽيم جي رانديگرن محمد صديق ابڙو، عبدالرحيم ابڙو ۽ عبدالستار نوناري سميت ٻين کي ڪرڪيٽ ڪٽس ڏنيون.
تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي محمد نعمان چيو ته لاڙڪاڻي ۾ راندين جي حوالي سان کوڙ مسئلا آهن، مون کي آئي 2 مهينا ٿيا آهن پر ان باوجود گرائونڊن جا رڪيل ترقياتي ڪم شروع ڪرائڻ سان گڏ ٻيا مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
لاڙڪاڻي ۾ يوم قائد تي ووشو ڪنگفو چيمپئن شپ ڪرائي وئي
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ قائداعظم ڏهاڙي جي موقعي تي قائداعظم انٽر ووشو ڪنگفو چئمپين شپ ڪرائي وئي. سنڌ جي راندين واري کاتي جي سهڪار سان ڊسٽرڪٽ ووشو ڪنگفو ايسوسئيشن پاران نيو بس ٽرمينل اسپورٽس هال ۾ ڪرايل چيمپئن شپ ۾ لاڙڪاڻي، رتوديرو، لالورائنڪ، گاجي کهاوڙ، ميروخان سميت ٻين شهرن جي رانديگرن حصو ورتو.
چيمپئن شپ ۾ محمد انيس جمالي، عاشق بليدي، آصف لاشاري ۽ توقير حسين لغاري سميت ٻين ڪاميابي ماڻي.
خاص مهمان عبدالجبار ٻگهيو، ووشو ڪوچ مقبول احمد سومرو ۽ ٻين ڪامياب رانديگرن ۾ ٽرافيون، انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي، صحتمند سرگرمين ۽ رانديون ڪرائڻ سان راندين جا ميدان آباد ۽ اسپتال ويران ٿينديون آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مستقبل ۾ به اهڙي قسم جا پروگرام ڪرائي جنهن سان نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿئي.
ڪوٽڙي ۾ آل پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جا مقابلا
پنجاب 7 وڪيٽن تان سنڌ ۽ بلوچستان 9 وڪيٽن تان ڪي پي کي مات ڏني، بلوچستان جي بدر سنچري ٺاهي، سنڌ جي ثناءُ الله 96 رنسون ٺاھيون

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ آل پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ سپر ليگ جا شاندار مقابلا جاري آهن، ڪي پي سنڌ ۽ بلوچستان پنجاب ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڪرايل ٽي ٽوئنٽي سپر ليگ جي ٻئين ڏينهن 2 ميچون کيڏيون ويون. پهرين ميچ ۾ سنڌ ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو، سنڌ مقرر 20 اوررن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 246 رنسون ٺاهيون، جن ۾ثناءُ الله شاندار 96 رنسون ٺاهيون،ڪي پي جي بالرن شاهزيب 2، مطيع الله هڪ وڪيٽ ورتي، جڏهن ته سنڌ ٽيم جا 3 بيٽسمين رن- آئوٽ ٿيا.
جواب ۾ ڪي پي جي بيٽسمينن 3 وڪيٽن جي نقصان تي 19 اوررن ۾ 247 رنسن جو هدف ماڻي ميچ کٽي. ايوب خان 47 بالن تي 84 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مطيع الله 21بالن تي 47 رنسون اسڪور ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار نڀايو. سنڌ جي بالرن ظفر اقبال 2 ۽ شفيع الله هڪ وڪيٽ ورتي.
هوڏانهن ٻي ميچ ۾ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ مقابلو ٿيو. پنجاپ ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پنجاب مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 227 رنسون ٺاهيون، جن ۾ بيٽسمين رياست علي 44 بالن تي 88 ۽ ڪامران خان 34 بالن تي 54 رنسون ٺاهيون. بلوچستان جي بالرن شاهزيب 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪاشف ۽ اڪرم هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي. 2 بيٽسمين رن-آئوٽ ٿيا.
جواب ۾ بلوچستان ٽيم گهربل هدف 16 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ماڻي ميچ کٽي. بلوچستان جي بيٽسمين بدر منير شاندار سنچري هڻي 120 رنسون ٺاهيون، ڪي پي ڪي جي بالر محسن هڪ وڪيٽ ورتي.