fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*
پاڪستاني فلم انڊسٽري ڏکئي دور مان گذري رهي آهي: ريما
اسان جي فلم انڊسٽري وڌيڪ بهتر ۽ ترقي جي راهه تي اچي سگهي ٿي
پاڪستاني اداڪارھ ريما

پاڪستاني اداڪارھ ريما

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني فلم اسٽار ريما خان چيو آهي ته فلم انڊسٽري بابت منهنجي سوچ هاڪاري آهي ۽ اسان جي فلم انڊسٽري وڌيڪ بهتر ۽ ترقي جي راهه تي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان انڊسٽري ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، پر مستقبل مان سٺيون اميدون رکڻ گهرجي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريما خان چيو ته فنڪار پبلڪ پراپرٽي هوندو آهي، جيڪو عام کي خاص بڻائي ٿو ان توهان تي حق هوندو آهي ۽ پاڪستان کان ٻاهر رهندي مون تي ذميواري آهي ته مان پاڪ سر زمين جي نالي کي وڌيڪ سنواريان. هن چيو ته اڄ مون جيڪا مشهوري ماڻي آهي، اهو سڀ ڪجهه پاڪستان سبب آهي، جنهن مون تي جڏهن به تنقيدڪئي ته مون دل تي نه ورتو. سندس چوڻ هو ته روين ۾ تبديلي آڻي ئي اسان بهتري ڏانهن وڌي سگهون ٿا.

وڏي بجيٽ ڪاميابي جي ضمانت ناهي هوندي: راجڪمار رائو

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار راجڪمار رائو چيو آهي ته وڏي بجيٽ ڪنهن فلم جي ڪاميابي جي وڏي ضمانت ناهي هوندي، فلم کي مواد ڪامياب بڻائي ٿو ۽ مواد ئي فلم جي بجيٽ جو فيصلو ڪري ٿو. فلم “ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا” جون جهلڪيون جاري ڪرڻ وقت راج ڪمار رائو چيو ته فلم “ايڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا” جو مواد تمام سٺو آهي، جيڪو فلم کي ڪامياب ڪندو. ان فلم ۾ راج ڪمار رائو سان گڏ سونم ڪپور، انيل ڪپور، وڌ ونود چوپڙا ۽ جوهي چاولا آهن.

شوبز ۾ اڄ به سکڻ جو عمل جاري آهي: احسن خان

لاهور (شوبز ڊيسڪ) ٽي وي ۽ فلم جي مشهور اداڪار احسن خان چيو آهي ته شوبز ۾ ڪم ڪندي ڊگهو عرصو گذريو آهي پر اڄ تائين سکڻ جو عمل جاري آهي. هڪ انٽرويو ۾ احسن خان جو چوڻ هو ته خدا جي ذات ٿورڙي وقت ۾ جيتري مقبوليت ڏني آهي، ان جو تصور به نه ڪيو هو، پر ان باوجود سمجهان ٿو ته هاڻي گهڻو ڪجهه سکڻ باقي آهي. هن چيو ته جڏهن ڪنهن به پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندو آهيان ته سدائين پنهنجي سينيئرن کان سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ مون کي انهن مان ڪجهه نه ڪجهه سکڻ لاءِ ضرور ملي ٿو.

مشهور اداڪار احسن خان

مشهور اداڪار احسن خان

نصير الدين شاهه ڀارت ڇڏي پاڪستان وڃي: شيوسينا

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارت ۾ انتهاپسند پارٽين نامياري اداڪار نصير الدين شاهه تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته کين ڀارت ڇڏي پاڪستان وڃڻ گهرجي. شيوسينا جي ميمبر منيشا ڪياندي چيو آهي ته جيڪڏهن نصير الدين شاهه کي ڀارت ۾ رهندي پريشاني ٿئي ٿي ته هو پاڪستان منتقل ٿي وڃي. هن چيو ته اسان جذبا بلڪل ساڳي ريت مجروح ٿيا آهن جيئن اڳ عامر خان ۽ سندس گهرواري ڪرن رائو به اهڙو بيان ڏنو هو. سندس چوڻ هو ته نصير الدين شاهه ٻيون اداڪار آهي، جنهن ڀارت ۾ رهندي ۽ فائدو وٺندي اهڙي قسم جي ٻولي استعمال ڪئي آهي، جيڪڏهن هو هتي پاڻ کي فٽ محسوس نٿو ڪري ته کيس پاڪستان وڃڻ گهرجي.

ناميارو اداڪار نصيرالدين شاهه

ناميارو اداڪار نصيرالدين شاهه

فلم زيرو ڏسڻ بعد ملالا والدين سان گڏ

فلم زيرو ڏسڻ بعد ملالا والدين سان گڏ

فلم “زيرو” ڏسڻ بعد ملالا جو شاهه رخ نالي پيغام
ڀرپور مذاح سان ڀريل فلم ڪٽنب سان گڏجي ڏسي تمام سٺو لڳو، بهترين انسان شاهه رخ سان جڏهن ملاقات ٿيندي اهو مون لاءِ وڏو ڏينهن هوندو :ملالا يوسفزئي

لنڊن (شوبز ڊيسڪ) نوبل انعام ماڻيندڙ پاڪستاني شاگردياڻي ملالا يوسف زئي فلم “زيرو” ڏسڻ بعد بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان نالي وڊيو پيغام جاري ڪندي شاهه رخ جي اداڪاري جي واکاڻ ڪئي آهي. شاهه رخ جي اداڪاري جي واکاڻ ڪندي ملالا يوسف زئي چيو ته فلم ڏسي تمام سٺو لڳو، فلم مزاح سان ڀرپور هئي، جيڪا منهنجي خاندان کي ڏاڍي وڻي. ملالا چيو ته شاهه رخ آئون توهان جي وڏي مداح آهيان، توهان سان ٽوئيٽر تي ڳالهائڻ سٺو لڳندو آهي، اميد آهي ته هڪ ڏينهن توهان آڪسفورڊ يا برطانيه آيا ته ضرور ملاقات ٿيندي، ۽ اهو ڏينهن مون لاءِ وڏو ڏهاڙو هوندو. هن وڌيڪ چيو ته توهان بهترين ۽ حيرت انگيز شخص آهيو، هر ڪو توهان کي اها ڳالهه چوندو هوندو پر آئون هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائي رهي آهيان ته توهان حيرت انگيز ۽ سٺا انسان آهيو.

بالي ووڊ اداڪاره پرنيتي چوپڙا

بالي ووڊ اداڪاره پرنيتي چوپڙا

اداڪارا ميرا جي اڪائونٽ مان هيڪر پيسا چورائي ويا

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ اداڪارا ميرا جي بينڪ اڪائونٽ مان هيڪر لکين روپيا ڪڍرائي ويا آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميرا چيو ته سندس اڪائونٽ مان 4 لکن جي رقم غائب ٿي وئي آهي، جيڪا هڪير چورائي ويا آهن. ميرا چيو ته هن ان حوالي سان بينڪ سان ڳالهايو پر بينڪ طرفان ڪو به جواب ناهي آيو، تنهنڪري جلد پريس ڪانفرنس ڪندس. ان موقعي تي اداڪارا چيو ته هو جلد پنجاب جي ثقافت واري وزير فياض الحسن چوهاڻ سان ملاقات ڪندي ۽ حڪومت کان اپيل ڪندي ته فلم ٺاهڻ ۾ سندس مدد ڪئي وڃي.  

لالي ووڊ اداڪارا ميرا

لالي ووڊ اداڪارا ميرا

پريانڪا بعد پرنيتي چوپڙا ڪنوار ٿيڻ جون تياريون ڪرڻ لڳي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پرنيتي چوپڙا شادي ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهي آهي. بالي ووڊ ۾ شادي جي سيزن ختم ناهي ٿي، دپيڪا پڊوڪون، رنوير سنگهه، نڪ جوناس ۽ پريانڪا چوپڙا، ڪپيل شرما کانپوءِ هاڻي ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب پرنيتي چوپڙا پڻ پنهنجي ويجهي دوست چيرٽ ديسائي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ لاءِ تيار آهي. چيرٽ ۽ پرنيتي چوپڙا وچ ۾ دوستي جو خبرون 2017ع کان هلي رهيون آهن، هو بالي ووڊ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. چيرٽ ديسائي اگني پاٿ ۾ اسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو هو، جڏهن ته چيرٽ ديسائي ۽ پرنيتي چوپڙا ۾ پهرين ملاقات 2016ع ۾ ٿي هئي.  

اداڪار اديتيا راءِ ڪپور انسٽاگرام تي اچي ويو

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ادڪار اديتيا راءِ ڪپور سماجي رابطن وار ويب سائٽ انسٽاگرام تي اچي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار اديتيا راءِ ڪپور جي انسٽاگرام هلائڻ جو اعلان ادڪار ورون ڌون طرفان جاري ڪيل هڪ مزاحيه وڊيو ۾ ڪيو ويو. وڊيو ۾ ورون ڌون ٻڌائي رهيو آهي ته اڄوڪي دور ۾ انسٽاگرام تمام ضرورو ٿي ويو آهي، ادڪار جي حيثيت ۾ مون کي پنهنجي فلمن ۽ پاڻ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مشهوري ڪرڻي هوندي آهي، تنهنڪري آئون اچي ويو آهيان ۽ روزانو انسٽاگرام تي وڊيو جاري ڪندس. هوڏانهن اديتيا راءِ ڪپور فلمساز ڪرن جوهر جي نئين فلم “ڪلنڪ” ۾ نظر ايندو.

بالي ووڊ ادڪار اديتيا راءِ ڪپور

بالي ووڊ ادڪار اديتيا راءِ ڪپور

رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ايوارڊ تقريب دوران روئاڙي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري اداڪار رنوير سنگهه پنهنجي محبوبا ۽ گهرواري اداڪاره دپيڪا پڊوڪون کي روئاري ويٺو آهي. هڪ ايوارڊ تقريب دوارن رنوير سنگهه دپيڪا پڊوڪون سان محبت جو اظهار ڪيو ته هوءَ لڙڪ روڪي نه سگهي. رنوير سنگهه ايوارڊ تقريب دوران چيو ته کيس فلمن ۾ ڪڏهن کيس راڻي نه ملي پر حقيقت ۾ کيس راڻي ملي وئي آهي، مان دپيڪا سان تمام گهڻي محبت ڪيان ٿو، گذريل ڇهه سالن دوران جيڪڏهن مان پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه حاصل ڪيو آهي ته اهو دپيڪا جي ڪري حاصل ڪيو آهي. رنوير جو ڳالهيون ٻڌي دپيڪا پنهنجي جذبن تي قابو نه ڪري سگهي ۽ روئي ڏنائين. ان دوران اداڪار رنوير سنگهه فلم پدمات ۾ ڪردار تي بهترين اداڪار جو ايوارڊ حاصل ڪيو.

ديپيڪا ۽رنوير سنگھ

ديپيڪا ۽رنوير سنگھ

دپيڪا شادي ۾ رنبير جي شرڪت نه ڪرڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ڊمپل گرل نيٺ شادي ۾ رنبير ڪپور جي شرڪت نه ڪرڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي دپيڪا پڊوڪون چيو ته منهنجي ۽ رنبير جي سٺي دوستي هئي، پر شاديءَ بعد اسان ٻنهي هڪ ٻئي سان ناهي ڳالهايو ۽ ڪو رابطو به ناهي ڪيو. هن چيو ته شادي ۾ رنبير جو نه اچڻ مون لاءِ حيران ڪندڙ نه هو، ڇو ته اسان ٻنهي جيڪو رشتو هو، ان ۾ شيءِ ممڪن آهي ۽ اهو ئي رشتي جو حسن به آهي. سندس چوڻ هو ته ان بابت مان وڌيڪ ڪا به ڳالهه نٿي ڪرڻ چاهيان.

دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه

دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه

ڪپل شرما جي واپسي، ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ شو شروع ٿيندو
ان کان اڳ به شو جون جهلڪيون جاري ڪيون ويون هيون

ممبئي (شوبز ڊيسڪ)ناليواري مزاحيه اداڪار ڪپل شرما جو شو 29 ڊسمبر کان شروع ٿي رهيو آهي. شو جي پهرين قسط جون جهلڪيون به جاري ڪيون ويون آهن. شو جي افتتاحي قسط ۾ فلم ”سمبا“ جي مرڪزي اداڪار رنوير سنگهه ۽ ساره علي خان سان گڏ ڊائريڪٽر روهت شيٽي به شريڪ هوندو. ان کان اڳ به شو جون جهلڪيون جاري ڪيون ويون هيون، جن ۾ سلمان خان، ارباز خان، سهيل خان، سليم خان، رنوير سنگهه ۽ ساره علي خان کي وڏا ٽهڪ ڏيندي ڏٺو ويو هو. شام ۾

ڪپل شرما جي ٻيهر واپسي

ڪپل شرما جي ٻيهر واپسي

دپيڪا مگهنا گلزار جي فلم ڇَپڪ ۾ ڪم ڪندي
فلم تيزاب حملي ۾ زخمي ٿيل لڪشمي اگروال جي زندگي تي ٻڌل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا دپيڪا پڊوڪون مگهنا گلزار سان گڏجي نئين فلم ٺاهيندي، جنهن ۾ هوءَ فلم پروڊڪشن جو ڪردار پڻ ادا ڪندي. ميگهنا گلزار تيزاب هاري زخمي ڪيل مشهور سماجي ڪارڪن لڪشمي اگروال تي فلم ٺاهي رهي آهي، فلم جو نالو ڇَپڪ رکيو ويو آهي، جڏهن ته فلم ۾ دپيڪا پڊوڪون سان گڏ وڪرات مئسي پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. فلم جي حوالي سان دپيڪا پڊوڪون انسٽاگرام تي پڻ پوسٽ شيئر ڪئي. فلم ۾ دپيڪا هڪ تيزاب هاري زخمي ڪيل عورت جو ڪردار ادا ڪندي، جيڪا ملڪ ۾ عورتن جي تحفظ جي حوالي سان قانون سازي بابت پڻ جاکوڙ ڪري ٿي. فلم جي هدايتڪاري ميگهنا گلزار جڏهن ته پروڊڪشن اسٽار اسٽوڊيو سان گڏ دپيڪا ڏيندي.

دپيڪا ٻاهر سپر اسٽار آهي پر گهر سادي رهي ٿي: رنوير سنگهه

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته دپيڪا ٻاهر سپر اسٽار آهي پر گهر ۾ عام ۽ سادي حال ۾ رهي ٿي. ڀارتي ميڊيا موجب تازي انٽرويو ۾ اداڪار رنوير سنگهه چيو ته دپيڪا پڊوڪون ۽ منهنجو رشتو گليمر ۽ ڪيمرا کان هٽي ڪري هڪ عام انداز سان اڳتي وڌيو آهي. هن چيو ته پنهنجي باري ۾ يقين نٿو چئي سگها، پر دپيڪا بابت يقين سان چئي سگهان ٿو ته هوءَ گهر ۾ هڪ عام ۽ بلڪل سادي حال ۾ رهي ٿي.

مگهنا گلزار۽دپيڪاپڊوڪون

مگهنا گلزار۽دپيڪاپڊوڪون

ڪترينا ڪيف ۽ دپيڪا پڊوڪون

ڪترينا ڪيف ۽ دپيڪا پڊوڪون

بالي ووڊ شهزادين ڪترينا ۽ دپيڪا پاڻ ۾ ٺاهه ڪري ورتو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي وڏين اداڪارائن دپيڪا پڊوڪون ۽ ڪترينا ڪيف پاڻ ۾ هلندڙ اختلاف وساري ماضي جو حصو بڻائي ڇڏيا آهن. دپيڪا ۽ ڪترينا وچ ۾ رنبير ڪپور جي معاملي تان اختلاف هلندڙ هئا، پر دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه پاران شادي کانپوءِ اهي سڀ معاملا ماضي جو حصو بڻجي ويا آهن. ڪترينا پاران دپيڪا ۽ رنوير سنگهه جي شادي دعوت ۾ شرڪت پڻ ڪئي، جنهن دوران ڪترينا دپيڪا ۽ رنوير کي مبارڪون ڏنيون. گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي دپيڪا پڊوڪون چيو ته هن ڪترينا سان امن قائم ڪري ورتو آهي، ڪترينا لاءِ هڪ اداڪاره طور وڏي عزت آهي، ڪترينا منهنجي ۽ رنوير جي شادي جي دعوت ۾آئي جنهن لاءِ اسان سندس ٿورائتا آهيون. دپيڪا پڊوڪون ۽ ڪترينا وچ ۾ اختلاف رنبير ڪپور جي معاملي تان هئا، رنبير ڪپور دپيڪا پڊوڪون سان لاڳاپا رکيا هئا، جنهن دوران اوچتو هن ڪترينا ڪيف سان رهڻ شروع ڪري ڏنو، جڏهن ته گذريل سال ڪترينا ۽ رنبير ڪپور وچ ۾ به عليحدگي ٿي وئي.  

فواد چوڌري جي اداڪار علي اعجاز جي لاڏاڻي تي تعزيت

اسلام آباد (شوبز ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد هسين فلم ۽ ٽي وي جي نامياري اداڪار اعجاز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان هڪ ورسٽائل فنڪار کان محروم ٿي ويو، فن جي دنيا ۾ سندس کوٽ سدائين محسوس ڪئي ويندي. هن چيو ته علي اعجاز باصلاحيت اداڪار هو، جنهن مزاحيه ۽ سنجيده ڪردار نهايت خوبصورتي سان نڀايا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته علي اعجاز مزاح کي هڪ نئون رنگ ڏنو، جڏهن ٽريجڊي ڪردار ڪيا ته ڪيترائي سال گذرڻ بعد به ماڻهو ان کي نه وساري سگهيا. چوڌاري فواد حسين دعا ڪئي ته مرحوم کي الله تعاليٰ جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي صبر ڏي.

اداڪار علي اعجاز77ورهين جي ڄمار۾لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان جي مشهور اداڪار علي اعجاز 77 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، علي اعجاز ڪافي عرصي کان دل جي تڪليف ۾ مبتلا هو، فلم، ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشهور اداڪار علي اعجاز لاهور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، علي اعجاز 1961ع ۾ فلم “ انسانيت” سان فني دنيا ۾ پهريون قدم رکيو، سندس مشهور فلمن ۾ “سالا صاحب”، دبئي چلو ۽ ٻيون فلمون شامل آهن، هو مزاحيه اداڪار طور گهڻو مشهور ٿيو، اداڪار علي اعجاز فلمن کانسواءِ ٽي وي ڊرامن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، “ خواجا اينڊ سنز”، “کوجي” ۽ “ شيدا ٽلي” ڊرامن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو، علي اعجاز جي لاڏاڻي سان فني دنيا ۾ سوڳ پکڙجي ويو

اداڪار علي اعجاز

اداڪار علي اعجاز

ڀارت ۾ پنهنجي ٻارن لاءِ تمام گهڻو پريشان آهيان: نصيرالدين شاهه
ٻارن جو ڪو مذهب ناهي، چڱائي ۽ برائي جو مذهب سان ڪو به واسطو ناهي: نصيرالدين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ڀلوڙ اداڪار نصيرالدين شاهه ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي تي پريشان آهي، سندس چوڻ آهي ته هو ڀارت ۾ پنهنجي ٻارن جي حوالي سان پريشان آهي، سڀاڻي ڪنهن هجوم ٻارن کي روڪي پڇيو ته توهان مسلمان آهيو يا هندو ته هو ڇا جواب ڏيندا. هڪ انٽرويو ۾ هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هن پنهنجي ٻارن کي مذهبي تعليم ناهي ڏني، ڇاڪاڻ ته منهنجو خيال آهي ته چڱائي ۽ برائي جو مذهب سان ڪو به واسطو ناهي، جيڪڏهن ڪنهن انتهاپسند کين روڪي مذهب جي حوالي سان سوال ڪيو ته هو ڪو جواب نه ڏئي سگهندا. ڀارت ۾ انتهاپسندي جو زهر پکڙجي چڪو آهي، جنهن کي قابو ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي، هن ملڪ ۾ ڳئون ڪٽڻ تي ردعمل اچي ٿو پر انسان جي قتل تي ڪو به ردعمل نٿو ٿئي.

پاڪستاني فلم “ڪيڪ” آسڪر  ڊوڙ مان ٻاهر

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) فلمي دنيا جي سڀ کان ناليواري ۽ اهم ايوارڊ آسڪر ڏيندڙ اداري پرڏيهي ٻولين جي ڪيٽيگرين سميت 9 مختلف ڪيٽيگرين جي فلمن کي شارٽ لسٽ ڪري ورتو، پاڪستاني فلم پرڏيهي ٻولي واري ڪيٽيگري ۾ نه چونڊجي سگهي. پاڪستان جي آسڪر اڪيڊمي هلندڙ سال 18 سيپٽمبر تي فلم “ڪيڪ” کي پرڏيهي ٻولي جي ڪيٽيگري لاءِ اماڻيو هو. پاڪستاني فلم جو مقابلو دنيا جي 93 ملڪن جي فلمن سان هو. ان ڪيٽيگري ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيائي، يورپي، آفريقي، ۽ وچ اوڀر ۽ آمريڪي ملڪن مان فلمون اماڻيون ويون هيون. جنهن ۾ رڳو پاڪستاني پر ڀارتي فلم به شارٽ لسٽ نه ٿي سگهي. آسڪر اڪيڊمي پرڏيهي ٻولي جي ڪيٽيگري لاءِ مجموعي طور 9 فلمن کي شارٽ لسٽ ڪيو، جن ۾ ڏکڻ ايشيا جي ملڪ جي ڪا به فلم شامل ناهي.

پاڪستاني فلم “ڪيڪ”

پاڪستاني فلم “ڪيڪ”