fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

شڪارپور ۾ مچ ڪچهري،سگهڙن ڏور،بيت ۽ ڳجهارتن ذريعي محفل مچائي ڇڏي

شڪارپور(ن پ ا) سماجي تنظيم دن پاران سياري جي سرد راتين ۾ مچ تي محبتن جا ميلا جاري، ڳوٺ نور محمد ڪلهوڙو ۾ ” سگهڙ ڪچهري” ۾ سگهڙن ڏور، بيتن ۽ ڳجهارتن ذريعي محفل کي مهو بڻائي ڇڏيو، سياري جي سرد راتين ۾ ” مچ ” تي محبتن سان ڀرپور سگهڙ ڪچهريون منعقد ڪرڻ لاءِ سماجي تنظيم دن سرگرم عمل آهي انهي سلسلي ۾ ڳوٺ نور محمد ڪلهوڙو ۾ ” مچ ” تي شاندار ” سگهڙ ڪچهري” منعقد ڪري محبتن سان ڀرپور ميلو مچايو ويو”سگهڙ ڪچهري” ۾ ناليوارن سگهڙن حاڪم ڪوري، علي محمد ڀيو، اعجاز ڪلهوڙو ۽ ٻين ڳجهارتون، ڏور ، بيت ۽ سينگار پيش ڪري محفل ۾ واه واه جي ڌوم مچائي ڇڏي، رات جو دير تائين مچ تي مچايل محفل کي سماجي تنظيم ڊولپمينٽ انسٽيٽيوشنس نيٽ ورڪ (دن )جي چيف ايگزيڪيوٽو مجاهد ڀٽو، سماجي اڳواڻن، سلطان رند، حاڪم گل مهر ۽ دن جي پروگرام مئنيجر جميل ايوب مهر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوفين، درويشن ۽ ساڃاه وندن جي سرزمين آهي جتان محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ملندو رهيو آهي انهن چيو ته اڄ دنيا مذهبن، فرقن، قبيلائي توڙي نسلي نفرتن ۾ ورهائجي وئي آهي جنهن کي صوفين ۽ درويشن جي محبت ڀري نظريي سان ميڙي مٺ ڪري خدا جي ٺاهيل ڪائنات کي جنت نظير نڻائي سگهجي ٿو اڳواڻن زور ڀريو ته سنڌ جي روائتي مچ ڪچهرين ۽ سگهڙ ڪچهرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر آباد ڪجي ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڪچهريون محبتن کي عام ڪرڻ لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون.

زرداري جي سياست بلاول جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي:صفدر عباسي ۽ ناھيد خان

صفدر عباسي ۽ ناھيد خان شھيد راڻي جي مزار تي دعا گھرندي

نئون ديرو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي ناهيد خان ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي ڪارڪنن جي وڏي قافلي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪارڪنن جذباتي انداز ۾ “زندهه هي بي بي زندهه هي”، “تيري قاتل زندهه هين – بي بي هم شرمنده هين”. مزار تي حاضري کانپوءِ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي شهيد بي بي جي جمهوري جدوجهد کي ياد ڪرڻ گهرجي ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪا کيس سياسي سوچ ڏني ان تي 30 سالن تائين ثابت قدم رهي. زندگيءَ کي خطرو هئڻ باوجود هڪ ڏينهن لاءِ به پوئتي نه هٽي. هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي سياست بلاول ڀٽو زرداريءَ جي مستقبل کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ منهنجي دعا آهي ته ان جي راهن ۾ جيڪي به پٿر آهن انهن کان بچي اڳتي قدم وڌائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ناهيد خان چيو ته شهيد بي بي اسان جي ليڊر، استاد ۽ سڀ ڪجهه هئي جيڪا اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي. پر جيڪا ان جي سوچ ۽ فلسفو هو اهو اڄ به زندهه آهي. اڄ جهڙيءَ طرح غربت وڌي رهي آهي ۽ سياسي فضا آلوده ٿيندي پئي وڃي ۽ جهڙيءَ طرح ڌرتي سياستدانن لاءِ تنگ ٿيندي پئي وڃي، مان سمجهان ٿي ته اڄ هن دور ۾ شهيد محترمه جهڙي ليڊر جي ملڪ کي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن چيو ته هن ملڪ کي اڄ نيشنل ليڊر جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ۽ جيڪي به ليڊر هن وقت آهن اهي فقط پنهنجي تڪن يا علائقن جا ليڊر نظر اچن ٿا چئني صوبن جي زنجير واري علامت ڪنهن ۾ به نظر نٿي اچي. جيڪا به ملڪ ۾ جمهوريت آهي اها شهيد بينظير ڀٽو جي ڪري ئي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو گهڻو وقت اڳ ۾ طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي تنقيد ڪئي وئي ۽ اڄ آمريڪا جي چوڻ تي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.

ڪنري جي ويم گھر مان ڊاڪٽرياڻي گم، عورت اڱڻ ۾ ٻار ڄڻيو

ڪنري (ن پ ا) ڪنري جي ڳوٺ ٺيڪيدار غلام رسول آرائين جي غريب ھاري خاندان سان تعلق رکندڙ شريمتي رامون زال نيلو ڪولھي کي ويم لاءِ صحت کاتي جي تحت ھلندڙ ٻارن جي اسپتال حاجره ميٽرنٽي ھوم آندو ويو تہ اسپتال جو گيٽ بند ھو ۽ بعد ۾ گيٽ کولڻ تي اتي موجود چوڪيدار ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي موجود نہ ھئڻ جو چئي دروازو ٻيھر بند ڪري ڇڏيو ۽ منٿون ميڙون ڪرڻ باوجود ھنن کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ نہ ڏنو ويو جنھن تي ڪافي دير تائين بعد چوڪيدار ھنن کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني، اسپتال ۾ بيڊ نہ ھئڻ سبب ڳورھاري عورت کي سخت سردي ۾ ٿڌي فرش تي سمھاري ڇڏيو، اسپتال عملي جي رويي ۽ ڊاڪٽرن جي غير موجودگي جي خلاف ڳورھاري عورت جي وارثن ڪانجي ڪولھي، شامون ڪولھي، ويرجي، شريمتي ويرو ۽ ٻين اسپتال جي گيٽ سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو، ڳورھاري عورت جي سھري پارو مل صحافين آڏو دانھيندي ٻڌايو تہ ھو جڏھن اسپتال پھتا تہ ڊاڪٽرياڻي ۽ ٻيو عملو اتي موجود ڪونہ ھو، جنھن بعد ھو رات جو تقريبن ٽہ وڳي سول اسپتال ڪنري پھتا تہ اتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر لجپت عورت کي داخل ڪرڻ کان اھو چئي انڪار ڪري ڇڏيو تہ ھتي ڊليوري جي سھولت موجود ناھي جڏھن تہ سول اسپتال ۾ اھو سھولت موجود آھي، متاثر سڄي رات خوار ٿيندا رھيا پر سندس جي ڪابه مدد نہ ڪئي وئي ۽ نہ ئي ڊاڪٽر کي سڏيو ويو، آخرڪار ڏھن ڪلاڪن جي عرصي کانپوءِ سخت سياري ۽ تڙپڻ بعد عورت اسپتال جي احاطي ۾ ٿڌي فرش تي ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي غير موجودگي ۾ ٻار کي جنم ڏنو سندس ساڻ آيل عورتن ٻار کي جنم ڏيڻ ۾ ھن جي مدد ڪئي، ڊاڪٽرياڻي ۽ عملو رجسٽرڊ تي حاضري لڳائي غائب ٿي ويندو آھي ۽ گھر ويٺي پگھارون کڻڻ ۾ مصروف آھي، جڏھن تہ اسپتال جي سموري نظام لاءِ مقرر ڪيل ڪائونسلرن تي مشتمل ڪميٽي ۽ سٽي چيئرمين ھنن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران بي وس بڻيل آھن، اطلاح ملڻ تي ايم ايس تعلقہ اسپتال ڪنري ڊاڪٽر مبارڪ علي درس ۽ ڪائونسلر حاجي عبدالحفيظ آرائين حاجره ميٽرنٽي ھوم پھتا، جنن متاثرن سان معلومات ورتي ۽ ھنن کي ڊيوٽي ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي جي خلاف ڪاروائي جو يقين ڏياريو، متاثرن وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير صحت ۽ ٻين کان معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ذميوران خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي.

اوٻاوڙي لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو لڳ ريتي لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 30 ورهين جو نوجوان مشتاق احمد پٽ ڪٽو گهنيو موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ جڏهن ته ڪار ڊرائيور مشتاق پٽ رانجهون چاچڙ شديد زخمي ٿي پيو جتي آس پاس جي ماڻهن پهچي ڪري فوتي ۽ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پهچايو جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمي کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد نازڪ حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو ۽ فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو ۽ نوجوان پٽ جي اچانڪ وڇوڙي جو ٻڌي امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا ۽ هوڏانهن آخري اطلاع تائين اهڙي اتفاقي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

وزيراعظم پاران سنڌ ۾ گيس بحران بابت رپورٽ رد، جاچ جو حڪم

وزيراعظم جي صدارت هيٺ توانائي اجلاس، فرنيس آئل جي وڌيڪ امپورٽ تي پابندي جو فيصلو

سياري جي مند ۾ گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي گيس فراهم ڪريو: وزيراعظم جي هدايت

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ ٿيل گئس بحران بابت رپورٽ کي رد ڪندي پيٽرليم وزارت جي سيڪريٽري کي ٻيهر جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 28 ڊسمبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جي توانائي بابت ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو.وزيراعظم کي توانائي جي شعبي ۾ بجلي ۽ گئس پيداوار جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ايندڙ ڇھن مهينن ۾ گئس ۽ بجلي جي متوقع طلب ۽ موجود وسيلن بابت آگاھ ڪيو ويو. اجلاس کي سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن ڪمپنين جي گئس جي لوڊشيڊنگ جي پلان بابت به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گرمي پد گھٽجڻ ڪري گئس جي طلب ۾ اضافو ٿي ويو آهي پر گئس جي گهريلو صارفين، ڪمرشل ۽ لوڊشيڊنگ کان آجي صنعتن کي هلندڙ سياري دوران گئس جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته سي اين جي، ڪيپٽو بجلي گھرن لاءِ گئس لوڊشيڊنگ گھٽائڻ لاءِ به قدم کنيا ويا آهن. اجلاس ۾ تيل جي امپورٽ جي مامري تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فرنس آئل جي وڌيڪ امپورٽ تي فوري طور پابندي لاڳو ڪئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته تيل صاف ڪندڙن سان مشاورت ڪري موجوده سهولتن ۽ اضافي فرنيس آئل جي ايڪسپورٽ بابت پلان تيار ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ اندر موجود يوريا جي اسٽاڪ ۽ قيمتن بابت اقتصادي رابطن واري ڪاميٽي کي ايندڙ اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ويندي. توانائي ڪاميٽي بجلي سپلاءِ ڪندڙ سمورين ڪمپنين کان بجلي جي سپلاءِ، لائين لاسز ۽ بلن جي وصولين ۽ بقايائن بابت ماهوار رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪابينا ڪاميٽيءَ پيٽروليم واري وزارت کي گئس لاسز بابت جوڙيل پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزير اعظم هدايت ڪئي ته متبادل توناني بابت پاليسي کي جنوري جي آخر تائين حتمي شڪل ڏني وڃي. تواني واري شعبي اندر انتظامي معاملن کي حل ڪرڻ لاءَ رابطن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. وزيراعظم بجلي ۽ گئس جي ملڪ اندر گھرج بابت وقت سر ۽ درست ڪاٿو لڳائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن توانائي جي شعبي ۾ بنا رڪاوٽ جي توانائي جي رسد يقيني بڻائي سگھجي. ذريعن موجب وزيراعظم سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن جا نوان بورڊ جلد جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪ ، خاص طور تي سنڌ اندر پيدا ٿيل گئس بحران بابت فيڪٽ فائينڊنگ رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم سيڪريٽري پيٽروليم کي گئس بحران بابت ٻيهر انڪوائري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم سيڪريٽري پيٽروليم کي سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ گئس بحران جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي ان ۾ ذميوارن جو تعين ٿيل نه آهي.

پنجاب ۾ مقرر پوليس آفيسر فرخ ملڪ جون خدمتون واپس سنڌ حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پنجاب ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ سان واسطو رکندڙ گريڊ ارڙهين جي پوليس آفيسر فرخ ملڪ جون خدمتون پنجاب کان واپس وٺي سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيون آهن. اهڙيءَ ريت پوليس گروپ جي گريڊ 19 هين جي آفيسر ڪرم الله سومري کي موٽر وي پوليس مان بدلي ڪري سندس خدمتون سنڌ حڪومت حوالي ڪيون ويون آهن. پوليس گروپ جي گريڊ 19هين جي آفيسر ميان سعيد احمد کي ڪي پي ڪي مان بدلي ڪري ايف آءِ اي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس گروپ جي 19هين گريڊ جي آفيسر عرفان طارق کي پنجاب مان بدلي ڪري اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويو. اسٽيبلشمنٽ ۾ مقرري لاءِ انتظار ۾ ويٺل پوليس گروپ جي گريڊ 21 هين جي آفيسر شعيب دستگير کي ايم ڊي نيشنل پوليس فائونڊيشن جڏهن ته نيشنل پوليس فائونڊيشن جي موجوده ايم ڊي عباس حسين ملڪ کي اسٽيبلشمنٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اسٽيبلشمنٽ ڊويزن اهڙين مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن.

علي رضا عابدي جو قتل ڪيس داخل، دهشتگردي جون ڪڙيون لنڊن سان ملڻ جو انڪشاف: دھشتگردن کي اڀرڻ نھ ڏبو: مراد علي شاھ

واردات ۾ استعمال ٿيل 30بور جو پستول احتشام جي قتل ۾ به ڪتب آيو ھو: فارنزڪ رپورٽ

گارڊ ۽ عابدي جي پيءُ جي بيانن ۾ تضاد، وڏي وزير کي ڪراچي صورتحال تي ڳڻتي آءِ جي کي سيڪيورٽي انتظام بھتر ڪرڻ جي ھدايت

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي)ڪراچي ۾ قتل ٿيل اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جو قتل ڪيس سندس پيءُ جي مدعيت ۾ ٻن جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي،فرانزڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قتل ڪيس ۾ استعمال ٿيل پسٽل قائد آباد ۾ قتل ٿيل احتشام جي واردات ۾ به استعال ڪيو ويو هو،ان ڏس ۾ ڊفينس جي خيابان غازي ۾ پنهنجي گھر اڳيان هٿياربندن هٿان قتل ٿيل اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جي جنازي نماز امام بارگاهه يثرب ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز علامه حسن نقوي پڙهائي. جڏهن ته جنازي نماز ۾ فاروق ستار سميت ايم ڪيو ايم، مهاجر اتحاد. ايم ڪيو ايم حقيقي، پي ايس پي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز بعد سندس مڙهه کي ڊفينس جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. علي رضا عابدي جي آخري رسمن دوران انتهائي جذباتي منظر هئا. ڪارڪن سندس رت سان انصاف لاءِ نعريٰ هڻندا رهيا.ٻئي طرف پوليس علي رضا عابدي جي گارڊ کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي پير محمد شاهه موجب گارڊ قدير فائرنگ جي جواب ۾ ڪا ڪارروائي ڪرڻ بدران گهر اندر ويو ۽ علي رضا عابدي جي والد کان هٿيار گهريو.
گارڊ قدير جو واسطو ڊيرا غازي خان سان آهي ۽ هو ڏيڍ مهينو اڳ علي رضا عابدي جي گهر گارڊ طور مقرر ٿيو هو. کانئس واقعي بابت پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف تدفين بعد علي رضا عابدي جو قتل ڪيس سندس والد اخلاق عابدي جي فرياد تي ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. گذري ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ قتل، ارادي قتل ۽ دهشتگردي جا قلم لڳايا. اخلاق عابدي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته قاتلن جا چهرا ياد آهن، کين ڏسي سڃاڻي سگھان ٿو. هن چيو ته فائرنگ جي آواز ٻڌندي ئي دروازي ڏانهن ڀڄندو ويس، گارڊ ٻڌايو ته فائرنگ ٿي آهي، مون کانئس هٿيار گھريو . ٻاهر نڪتس ته 2 جوابدار هئا، جيڪي موٽرسائيڪل تي فرار ٿيندي ڏٺم. پوليس سندس فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.
هوڏانهن علي رضا عابدي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، فرانزڪ رپورٽ مطابق قتل ڪيس ۾ استعمال ٿيل پسٽل پهريان به هڪ واردات ۾ استعمال ٿي چڪو آهي، علي رضا عابدي جي ڪيس بابت فرانزڪ رپورٽ تيار ٿي وئي. علي رضا عابدي جي قتل ۾ 30 بور جو پسٽل استعمال ٿيو، گولين جا خول ميچ ٿي ويا آهن. ساڳي پسٽل سان لياقت آباد ۾ به قتل جي واردات ڪئي وئي هئي، .لياقت آباد ۾ 10 ڊسمبر تي هڪ نوجوان احتشام جو قتل ٿيو، ان ۾ ساڳيو پسٽل ٿيو آهي. جنهن جو ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي. ذريعن موجب احتشام هڪ ڏوهاري شخص عرفان جي اڳوڻي زال سان شادي ڪرڻ چاهيندو هو،عرفان جوا به کيڏندو هو ۽ سندس ايم ڪيو ايم سان رابطا به هئا،ڳچ مهينا اڳ عرفان کڏا مارڪيٽ منتقل ٿيو،ذريعن موجب احتشام جي قتل ۾ عرفان جي ملوث هئڻ جون ثابتيون آهن،پر عرفان منظرعام تان غائب آهي،اطلاع آهن ته عرفان ايران فرار ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي سي ٽي ڊي عمر خطاب چيو ته علي رضا عابدي تي ٻن پسٽلن سان حملو ڪيو ويو، هٿياربند جي ٻنهي هٿن ۾ پسٽل هئا. جيڪو سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته تمام جلد قاتلن تائين پهچي وينداسين.
متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي جي قتل کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي ڌڙن پاڻ ۾ رابطا شروع ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب گذريل ڏهاڙي فيصل سبزواري ڊاڪٽر فاروق ستار سان رابطو ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل سبزواري چيو ته فاروق ستار سان في الحال ملاقات جي لاءِ وقت گهريو آهي. فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته ملاقات جو مقصد موجوده صورتحال تي فاروق ستار سان ڳالهيون ڪرڻ آهي. هن چيو ته فاروق ستار ملاقات جي راضپو ظاهر ڪيو، ملاقات ذاتي حيثيت ۾ ڪندس، پارٽي طرفان ملاقات جي لاءِ مون کي ناهي چيو ويو
علي رضا عابدي تي حملي بعد گرفتار ڪيل سيڪيورٽي گارڊ قدير وڊيو بيان ۾ چيو ته گاڏي مين گيٽ تي پهچڻ شرط آئون دروازو کولڻ ويس، دروازي جو هڪ حصو کولڻ شرط فائرنگ شروع ٿي وئي، مون هٿيار لوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هٿيار لوڊ نه ٿي سگھيو. فائرنگ بند ٿيڻ بعد ٻاهر ويس ته علي رضا جي ڪنڌ مان رت وهي رهيو هو ۽ ٻاهر مون کي ڪير به ڏسڻ ۾ نه آيو. مون کي بنگلي تي ڊيوٽي ڪندي هڪ مهينو 25 ڏينهن ٿيا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ان عزم جو پڪو پهه ڪيو ته ڪراچي شهر کي پُرامن بڻايو ويندو، جنهن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان بابت سڪيورٽيءَ جا فول پروف اپاءَ ورتا وڃن. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان جي حوالي سان هنگامي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، قانون وارو صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام، انٽيليجنس ايجنسين جا صوبائي اڳواڻ، ڊي آءِ جي ڏکڻ ڪراچي جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 6 هفتن دوران شهر ۾ دهشتگرديءَ جا ڇهه واقعا ٿيا آهن جيڪي هڪ سنگين ۽ الارمنگ ڳالهه آهي ۽ ناقابل برادشت آهي، انڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص طور تي پوليس کي گهرجي ته سڪيورٽيءَ جا سخت اپاءَ ورتا وڃن ۽ پوليس ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائي. هن چيو ته 17 نومبر تي لانڍي ۾ هڪ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ معصوم انسانن جون جانيون ضايع ٿيون، چين جي قونصليٽ تي حملو ٿيو، ضلعي ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ هڪ گاڏيءَ تي حملو ٿيو، گلستان جوهر ۾ محفل ميلاد ۾ هڪ ڪريڪر حملو ٿيو، پاڪ سرزمين پارٽي (پي ايس پي) جا ڪارڪنن پنهنجي دفتر ۾ ماريا ويا ۽ هاڻ اڳوڻي پارليامينٽرين علي رضا عابديءَ کي قتل ڪيو ويو. هن چيو ته انهن واقعن سان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ته پکڙيل دهشتگرد منظم ٿي رهيا آهن ۽ اسانجي گرفت ڪمزو ٿيندي پئي وڃي ۽ هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هُو پوليس جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائي.
هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هُو سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچيءَ جي امن امان جي حوالي سان روازاني جي بنياد تي کين رپورٽ موڪلي وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي علي رضا عابدي جي قتل بابت آگاهي ڏيندي ڊي آءِ جي ڏکڻ ڪراچي جاويد اوڍو ٻڌايو ته ان هنڌ جتي علي رضا عابدي کي قتل ڪيو اتان 5 خول مليا آهن اهي خول فرانزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آهن ۽ اتان اها ڄاڻ ملي آهي ته جيڪو پسٽل استعمال ڪيو ويو آهي اهو پهرين کان جاچ هيٺ ڪجهه واقعن ۾ پڻ استعمال ٿيو آهي. هن چيو ته علي رضا عابدي جو موبائل فون تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ ان کي ڊيڪوڊ ڪري رهيا آهيون ته جيئن ان جي پيغامن ۽ ڪالز کي جاچ وارن مقصدن لاءِ پرکيو وڃي. انٽيليجنس ايجنسين واقعي بابت بريف ڪندي سڪيورٽي جي ڪجهه سخت اپاءَ وٺڻ جي تجويز ڏني.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس ۽ رينجرز ڪجهه اهم گرفتاريون ڪيون آهن ۽ انهن کي يقين آهي ته علي رضا عابدي جي قاتلن جي گرفتاريءَ بابت جلد اهم شاهديون ملي وينديون، ان تي وڏي وزير واضح طور تي هدايت ڪئي ته شاهديون نه قاتلن کي گرفتاري ڪيو وڃي. هن چيو ته اهي (دهشتگرد) سرگرميون ٻيهر فعال ٿي رهيون آهن ۽ مان ان ڳالهه جي ڪڏهن به اجازت نه ڏينديس. هن صوبائي پوليس کي چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ مونکي رپورٽ ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اها ڳالهه ٻڌائي وئي ته لنڊن مان نفرت انگيز تقريرون ڪيون ويون آهن جنهن ۾ هڪ جماعت جي ڪارڪنن کي انهن جي مخالف کي قتل ڪرڻ لاءِ همٿايو پيو وڃي. ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه کي هدايت ڪئي ته هُو اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت سان ڳالهائي ته اها ان مسئلي کي برٽش ايمبيسي سان ان معاملي تي ڳالهه ٻول ڪئي وڃي. هن چيو ته اهو ناقابل قبول آهي ۽ ان کي سفارتي ڪاوشن ذريعي روڪڻ گهرجي، وڏي وزير آءِ جي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام کي هدايت ڪئي ته هُو خالص ميرٽ جي بنياد تي پوليس اهلڪارن جي ڀرتي شروع ڪئي وڃي پوئين ڀيري اسان ڀرتيون ويون هيون ان ۾ پاڪستان آرمي جي ايڇ آر جا ماڻهو به شامل ڪيا ويا هئا. هن آءِ جي پوليس کي ان بابت ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ٻئي طرف گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ مملڪتي گھرو وزير شهريار آفريدي علي رضا عابدي جي گھر پهچي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي گورنر سنڌ ۽ مملڪتي گھرو وزير علي رضا جي وارثن کي يقين ڏياريو ته قتل ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. گورنر سنڌ ۽ مملڪتي گھرو وزير کانسواءِ فاروق ستار، ڪامران اختر، نسرين جليل، حليم عادل شيخ، خرم شيرالزمان ۽ ٻين ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سميت ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي توڙي ٻين پارٽين جي اڳواڻ گھر پهچي سندس پونئيرن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

بنگلديري ڀرسان تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نينگر فوت

رتوديرو (ن پ ا)رتوديرو ڀرسان بنگلديرو وٽ روڊ ڪراس ڪندي 12 ورهين جو نينگر محمد بخش پٽ محمد اسماعيل تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو،ان ڏس ۾رتوديرو ڀرسان بنگلديرو اسٽاپ وٽ لاڙڪاڻي روڊ تي روڊ ڪراس ڪندڙ ٻارهن ورهين جي نينگر محمد بخش پٽ محمد اسماعيل چهواڻ کي تيز رفتار ڪار ٽڪر هنيو، جنهن بعد هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جو لاش تعلقه اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ڪار ڊرائيور سميت پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته فوتي نيگر جو تعلق رتوديرو جي يوسي بنگلديرو جي ڳوٺ مصري خان چهواڻ سان آھي،

آصف زرداري اڳ به جيل ڀوڳيو، ڪيس ڪرائيندڙن معافي ورتي: رحمان ملڪ

سکر (رپورٽر) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ کي حتمي نه سمجهڻ گهرجي، آصف علي زرداري جيل ڀوڳيو، ڪيس داخل ڪرائيندڙن معافي ورتي، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته نيب خودمختيار هجي ها ته سڀني جو احتساب ٿئي ها، آصف علي زرداري اڳ به آصف زرداري جيل ڀوڳيو، ڪيس ڪندڙن معافي ورتي، هن علي رضا عابدي جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته علي رضا عابدي جو قتل ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ جي سازش آهي.

اومني گروپ خلاف ڪارروايون،سجاول،ٽنڊي محمد خان ۽ ٺٽي ۾ آفيسون سيل

دڙو (رپورٽر)نيب ۽ ٻين وفاقي تحيقيقاتي ادارن سجاول،ٺٽو ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن ۾ فاريسٽ کاتي جي کڏي،مولچند،ٻيلو بنگلو،پناھ،ھديراڻي، ٻائو پورنداس،فتح پور ۽ ٻين ٻيلن ۾ سنڌ حڪومت جي آشيرواد سان ڪروڙين روپين جي وڻن کي وڍرائي خالي ٿيل5 ھزار ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمينن تي ٻيلي کاتي کان 99 سالن جي ليز جي آڙ ۾ ڪيل قبضن ۽ زمينن تي 2013 کان پوکيل ڪروڙين روپين جي فصلن تان ملندڙ اپت بابت وڏي پئماني تي تحيقيقات شروع ڪري ڇڏي آھي. ويجھن ذريعن موجب نيب جي اھلڪارن گذريل ڏينھن سجاول،ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي ضلعن اندر اومني گروپ جي قائم ڪيل آفيسن کي سيل ڪري ڇڏيو آھي. ھوڏانھن سجاول پوليس پاران اومني گروپ خلاف نيب جي ڪارروائين کان لاعلمي ظاھر ڪئي آھي. جڏھن ته ٻيلي کاتي جي ذريعن موجب نيب ۽ ٻين ادارن گذريل ڏينھن سجاول ضلعي جي ٻنون واري ڪچي جي علائقن ۾ اومني گروپ جي نيٽ ورڪ تي ڇاپا ھنيا. جتي پوليس جون سرڪاري موبائيل گاڏين کي تحويل ۾ ورتو ويو آھي. ان سان گڏوگڏ سنڌ پوليس ۽ فاريسٽ کاتي جي اھلڪارن کي ھٿيارن سميت گرفت ۾ آڻي کين پنھنجن کاتن ۾ رپورٽ ڪرايو ويو آھي. ذريعن موجب نيب پاران اومني گروپ جي آفيسن تي چڙھائين بعد اومني گروپ پاران مقرر ڪيل عملو ۽ نجي ھٿياربند انڊر گرائونڊ ٿي ويا آھن. ذريعن امڪان ڏيکاريو آھي ته ايندڙ ٻن ڏينھن دوُران نيب پاران اومني گروپ جي زمينن واري پراجيڪٽ کي سيل ڪري ھزارين ايڪڙ زمينن ۾ ڪروڙين روپين جي بيٺل فصل کي ضبط ڪيو ويندو.

شھيد راڻي جي ورسي تي جيالن لاءِ 200 کان مٿي ڪيمپ قائم

نئون ديرو(ن پ ا)شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي يارهين ورسيء جي موقعي تي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ مزار جي سامھون واري اڱڻ ۾ مزار ڪاميٽي ۽ پ پ رتوديرو پاران لاهور، ملتان، راولپنڊي، ڊيره غازي خان سميت پوري ملڪ جي جيالن جي رهڻ لاء 200 کان مٿي ڪيمپ لڳايا ويا آھن جن کي پ پ جي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريو ويو آھي. پاڻي جي سبيل لاءِ 5 ھنڌن تي پاڻيء جا ڊرم رکي 70 کان مٿي ماڻھن کي مقررڪيو ويو آھي.

شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي، مک جلسي جون تياريون مڪمل، قافلن جي آمد شروع

بينظير ڀٽو

نئون ديرو (رپورٽر) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي 11 ورهيه وهامي ويا. شهيد راڻيءَ کي ياد ڪري اڄ به هر اک آلي نظر آئي. شهيد بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي نئون ديرو هائوس ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ورسي جي موقعي تي مزار سامھون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھ تيار ڪيو ويو آھي جڏھن ته سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پارٽي ڪارڪنن، جيالن ۽ عام ماڻهن جو وڏو انگ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچڻ شروع ٿي ويو آهي جن ۾ عورتون، مرد، ٻڍا توڙي ٻارڙا شامل آهن. جڏهن ته ٻاهران ايندڙ ڪارڪنن جي ترسڻ لاءِ ضلعي وائيز ڪئمپون تيار ڪيون ويون آهن. ورسي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، شهيد راڻيءَ جو ٻه نياڻيون بختاور ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ نئون ديرو هائوس ۾ پهچي ويا آهن. ورسي تقريبن جي شروعات صبح جو 9 وڳي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خوانيءَ سان ڪئي ويندي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار تي ايندڙ ڪارڪن قرآن خواني ڪري پنهنجي شهيد قائدين کي لڙڪن، سڏڪن، ۽ دانهن سان ڀيٽا پيش ڪندا. قرآن خوانيءَ بعد لنگر تقسيم ڪيو ويندو. جڏهن ته 1 وڳي پيپلز ڪلچرل ونگ پاران مشاعري جي محفل ٿيندي جنهن ۾ ملڪ جا ناليوارا شاعر پنهنجي شاعريءَ ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندا. بعد شام جو ساڍي ٽين وڳي جلسو ٿيندو جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، اعتزاز احسن، سيد خورشيد شاهه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو سميت پيپلز پارٽيءَ جا مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا، مزار تي پهچندڙ ڪارڪن جذباتي انداز ۾ “زندھ ھي بيبي زندھ ھي”، “جب تڪ سورج چاند رھي گا ڀٽو تيرا نام رھي گا”، “بيبي ھم شرمنده ھين تيري قاتل زندھ ھين” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا جنهن ڪري مزار ڪارڪنن جي آواز سان گونجي اٿي. ٻاهران ايندڙ ڪارڪن پنهنجي محبوب ليڊرن جي مزارن تي پهچڻ بعد جذباتي ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي اکين جا بند ٽٽي پون ٿا جيڪي پنهنجي قائدين کي لڙڪن سان ڀيٽا پيش ڪندي نظر اچن ٿا. مزار جي کاٻي پاسي طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. نئون ديرو هائوس توڙي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي سيڪيورٽيءَ لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪار ۽ آفيسر، ٽريفڪ، رينجرز، سي ٽي ڊي، آر آر ايف ۽ ايس ايس يو ڪمانڊو کي مقرر ڪيو ويو آهي. مزار جي گيٽ نمبر 8، 9 ۽ 10 تي 25 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جڏهن ته مزار اندر پڻ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن جتي ايندڙ ماڻهن کان جهڙتي وٺڻ بعد کين مزار طرف ڇڏيو پيو وڃي. ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو کي پارٽي جهنڊن، قائدين جي قدآور تصويرن ۽ بينر سان سينگاريو ويو آهي. ٻئي پاسي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي شيري رحمان، نويد قمر، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، وقار مهدي، اعجاز جکراڻي، صوبائي وزير ناصر شاهه، پ پ ورڪرز جي اڳواڻن ڊاڪٽر صفدر عباسي، ناهيد خان عباسي پڻ ڪارڪنن جي قافلي سان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري دعائون گهريون ۽ گلن جي ورکا پڻ ڪئي.

ڪرپٽ عنصرن جو گهيرو ڪيئن تنگ ڪجي؟ نيب پاران اڄ کليل ڪچهري ٿيندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي احتساب بيورو پاران اڄ ڪراچي ۾ کلي ڪچهري ڪرائي ويندي. نيب ترجمان موجب، کلي ڪچهري ۾ شهرين کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ته جيئن ڪرپشن ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي ٿي سگهي. ڊي جي نيب فاروق اعواڻ چيو آهي ته شهري قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙن جي نشاندهي ڪن، ڪرپٽ عنصرن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ وقت جي اهم گهرج آهي.

جي آءِ ٽي رپورٽ رد: آصف گرفتار ٿيو ته نتيجا اڳرا نڪرندا: پ پ

بلاول ۽ آصف زرداري جي صدارت ۾ سي اي سي جو اجلاس: ڪجهه ادارا حدون اورانگھين پيا: فرحت الله بابر

بلاول ۽ آصف زرداري جي صدارت ۾ سي اي سي جو اجلاس

نئون ديرو (رپورٽر) پيپلزپارٽي آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ جي صورت ۾ خراب نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، سي اِي سي اجلاس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ کي به ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏنو ويو، پيپلزپارٽي اڳواڻن چيو آهي ته انتقام جا خراب نتيجا نڪرندا، ڪجهه ادارا آئيني حدون اورانگهي رهيا رهيا آهن، نئون ديرو هائوس تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري جي گڏيل صدارت هيٺ پ پ جي سي اِي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ سميت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي امڪاني گرفتاري کانپوءِ جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾جي آءِ ٽي رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏيندي قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فرحت الله بابر چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ بابت قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو، ڪجهه ادارا پنهنجون آئيني حدون اورانگهي رهيا آهن، انتقامي ڪاررواين جا خراب نتيجا نڪرندا، پ پ اڳواڻ ڌمڪي ڏيندي چيو ته اسان حڪومت ۽ سمورن ادارن کي خبردار ڪري رهيا آهيون، آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو ته نتيجا سٺا نه نڪرندا ۽ ان جي ذميوار حڪومت هوندي، هن چيو ته ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، لڳي ٿو ته ملڪ صدارتي نظام طرف وڌي رهيوآهي، ادارن جو احترام ڪريون ٿا، ڪنهن سان جهيڙو نٿا ڪريون، ان موقعي قمرالزمان ڪائرا جو چوڻ هو ته پ پ ادارن سان ٽڪراءَ جي پاليسي تي يقين نٿي رکي، رڳو ادارن جي آئيني حدن جي ڳالهه ڪريون ٿا، تاثر ڏنو پيو وڃي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سڀ سچ آهي، حڪومت اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، عمران خان ته سڀني کي جيل ۾ وجهڻ چاهي ٿو، شيري الرحمان ڳالهائيندي چيو ته احتساب کان انڪار ناهي، انتقام برداشت نه ڪنداسين، اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آصفه ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، نيئر بخاري، لطيف کوسا ۽ ٻين اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي.

وزيراعظم کي الزامن جي بنيادن تي بيان بازي ڪرڻ نٿو جڳائي: راجا پرويز شرف

سکر(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سياست ۾ گرفتار ڪرڻ مشڪل ڪم ناهي، اصل ڪم الزام ثابت ڪرڻ آهي، سکر هوائي اڏي تي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي خلاف ميڊيا تي الزامن وارو سلسلو شروع ڪي ويو اهي اِن جو منفي اثر پوندو ڪيس عدالت ۾ آهي اِن تي نٿو ڳالهائي سگهجي. هن چيو ته وزير اعظم ۽ وزيرن کي صرف الزامن تي بيان ڏيڻ سٺو نٿو لڳي. پ پ وفاقي ۽ ذميوار پارٽي آهي جنهن هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي معاملن کي عقل بردباري سان ڏسڻ گهرجي. اقتدار ۾ ويٺلن کي ڏسڻ گهرجي ته ملڪ ۾ افراتفري واري ڪيفيت پيدا نه ٿئي. وزير اعظم جا جيڪي بيان اچي رهيا آهن اُهي ٺيڪ ناهن. وزير اعظم مڊٽرم چونڊن بابت ڏنل بيان مان لڳي ٿو ته حڪومت ڪمزرو آهي.