ڏھرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي پوليس معصوم شاگرد سان زيادتي واري معاملي جو ايس ايس پي جي نوٽيس بعد ڪيس داخل ڪندي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
ڪجهه ڏينهن اڳ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايل معصوم شاگرد جي وارثن الزام هنيو هو ته پوليس راڄوڻي لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، اهڙي معاملي جو ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺندي ڏهرڪي پوليس کي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ايس ايس پي جي هدايتن تي پوليس نينگر جي پيءُ عبدلجبار جي فرياد تي جوابدارن فضل سومرو ۽ علي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بعد ٻنهي کي گرفتار به ڪري ورتو
ڏهرڪي: ايس ايس پي جي نوٽيس بعد شاگرد سان زيادتي جو ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار
ايس ايس پي گهوٽڪي متاثر ڌر تي راڄوڻي لاءِ دٻاءُ ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو
پوليس ڪيس نينگر جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
ڪرائيسٽ چرچ ٽيسٽ: پهرين ڏينهن 14 وڪيٽون ڪري پيون
سريلنڪا نيوزيلينڊ کي پهرين اننگز ۾ 178 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو
سائوٿي ۽ واٽلنگ نيوزيلينڊ جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سهارو ڏيندي اسڪور ڪيو

ڪرائيسٽ چرچ (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽيسٽ ميچ دوران هڪ ئي ڏينهن 14 وڪيٽون ڪري پيون. باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ سريلنڪن ڪپتان دنيش چنديمل ٽاس کٽي پهريان ميزبان ٽيم کي کيڏڻ جي دعوت ڏني ته سرنگا لڪمل ۽ ڪمارا تباهي ڪندڙ بالنگ ڪندي نيوزيلينڊ جا 66 رنسن تي 6 رانديگر پويلن موڪلي ڇڏيا. ٽم سائوٿي زبردست مزاحمت ڪندي نيوزيلينڊ کي مڪمل تباهي کان بچائي ورتو. ٽم سائوٿي ۽ بي جي واٽلنگ پاران ڀائيواري ڪندي اسڪور کي 172 رنسن تائين پهچايو. ٽم سائوٿي 68 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته واٽلنگ 46 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا طرفان لڪمل ڪيريئر بيسٽ بالنگ ڪندي 5 شڪار ڪيا ۽ ڪمارا 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ سريلنڪا پڻ ڍينگو ڍيري ثابت ٿيڻ لڳي ۽ ٽم سائوٿي بيٽنگ کانپوءِ بالنگ ۾ پاڻ ملهايو ۽ 3 شڪار ڪندي سريلنڪا جا 40 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪرائي ڇڏيون. ڏينهن جي پڄاڻي تي سريلنڪا 4 وڪيٽن جي نقصان تي 88 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. اينجلو ميٿيوز ۽ سلوا ٻئين ڏينهن جي راند جي شروعات ڪندا.
علي رضا عابدي جو قتل ڪراچي جي سڪيورٽي تي سواليه نشان آهي: عاصم حسين

ڪراچي ( ن پ ا) اڳوڻي پيٽروليم وزير ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته علي رضا عابدي جو قتل ڪراچي شهر جي سڪيورٽي تي سواليه نشان آهي، قاتلن جي نشاندهي ڪري شهر ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصم حسين نوازشريف سزا ۽ آصف زرداري جي ڪيس بابت ڪجهه به ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته نوازليگ ۾ قيادت ئي ناهي ۽ پارٽي ڪير به سنڀالي، ڪو به فرق نه ٿو پوي.
عاصم حسين علي رضا عابدي جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته علي رضا عابدي بهترين انسان هو، سندس قتل شهر جي سڪيورٽي تي سواليه نشان آهي، قاتلن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته علي رضا عابدي جي قتل کانپوءِ ڪراچي شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ٻيهر اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
آمريڪا ۾ ويٽريس ٽيڪجي وئي، 10 هزار ڊالرن جي ٽِپ،

ڪيرولينا (م ڊ) آمريڪا ۾ هڪ هوٽل تي ڪم ڪندڙ نينگري کي 10 هزار ڊالرن جو ٽپ مليو آهي، جنهن تي سڀ حيران آهن. ايليانا ڪسٽر هڪ هوٽل ۾ ڪم ڪندي هئي، جتي هن هڪ گراهڪ کي کاڌو توڙي ٻيون شيون کڻي سندس خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ايليانا جو چوڻ آهي ته هوٽل ۾ آيل ان شخص گهڻو ڪجهه آرڊر نه ڏنو پر هو خاموشي سان ويٺل رهيو.
ايليانا موجب هن حيرانگي طور کيس 10 هزار ڊالر جو ٽپ ڏنو، ان محل هوءَ ان کي مزاق سمجهي رهي هئي پر ان همراهه کيس يقين ڏياريو ته توهان لاءِ اهو ٽپ آهي. هوٽل مالڪ پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته کيس به يقين نه آيو، پر اها حقيقت آهي. واضح رهي ته اها خبر پراڻي آهي پر اڃان تائين سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
”رهتون ڏيو“ اسلام آباد سرڪاري آفيسن جا ڪنيڪشن ڪاٽا

اسلام آباد (ن پ ا) آئيسڪو رهتون ادا نه ڪرڻ تان سي ڊي اي چيئرمين جي آفيس، چڪلالا ڪينٽ بورڊ هيڊ آفيس سميت مختلف سرڪاري ۽ نجي عمارتن جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا.
اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن جو باقيدارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، آئيسڪو ترجمان موجب سي ڊي اي چيئرمين جي آفيس ڏانهن هڪ ڪروڙ 52 لک رپين جون رهتون آهن، جنهن تان آفيس جو ڪنيڪشن ڪاٽيو ويو آهي.
ترجمان موجب چڪلالا ڪينٽ بورڊ هيڊ آفيس ۽ ڊي جي پي ڊبليو ڊي هيڊ آفيس سميت 10 ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا، ڊي جي پي ڊبليو ڊي هيڊ آفيس ڏانهن 158 ملين رهتون آهن، واسا طرفان 175 ملين مان 35 ملين جون رهتون ادا ڪرڻ بعد بجلي جزوي طور بحال ڪئي وئي.
آئيسڪو چيف شاهد اقبال جو چوڻ آهي ته باقيدارن کان رهتن جي اوڳاڙي تائين بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽيل رهندا.
سنڌ جي عدالتن ۾ اڄ کان 15 ڏينهن لاءِ سياري جون موڪلون، اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ٿيندي

ڪراچي(ن پ ا ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت سموري صوبي جي عدالتن ۾ اڄ کان 9 جنوري تائين سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهم ڪيسن جون ٻڌڻيون جاري رکيون وينديون.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار موجب سموري سنڌ جي عدالتن ۾ سياري لاءِ 15 ڏينهن جون موڪلون ڪيون ويون آهن.
رجسٽرار موجب اڄ کان 9 جنوري تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين عدالتن ۾ موڪلون هونديون، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پرنسپل بينچ ۾ 2، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سرڪٽ بينچ ۾ هڪ هڪ بينچ اهم ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار موجب موڪلن دوران عدالتن ۾ صبح ساڍي نائين کان منجهند هڪ وڳي تائين اهم ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿينديون.
”7 سالن جيل ڀوڳڻ کانپوءِ آزادي“ گجرات واسي جوابدار آزاد
سُپريم ڪورٽ ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ 7 سالن کان جيل ڀوڳيندڙ منير احمد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
جوابدار خلاف ثبوت نه مليا آهن، بظاهر پوليس رڪارڊ ۾ گڙٻڙ ڪئي آهي: جسٽس آصف سعيد کوسا

اسلام آباد (رپورٽر) پنجاب جي علائقي گجرات ۾ ٻن ڄڻن جي قتل واري ڪيس جي جوابدار کي 7 سالن کانپوءِ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ گجرات ۾ ٻن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت 7 سالن تائين جيل ڀوڳيندڙ جوابدار منير کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته الزام هڻندڙ ڌُر جوابدار خلاف پڪا ثبوت پيش نه ڪري سگهي آهي، تنهن ڪري منير احمد کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪيو وڃي ٿو. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته مقتولن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جي اُبتڙ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، بظاهر پوليس رڪارڊ ۾ گڙٻڙ ڪئي آهي. تربيت هيٺ ججز کي چيو ويندو آهي ته قتل ڪيس تي فيصلو ڏيڻ اوهان جو ڪم نه آهي.
”ڳڙهي خيري ۾ واپڊا عملدارن جو ڪمال“ بجليءَ جون تارون لڪڙن تي ٽنگي ڇڏيون
دوداپور فيڊر جا پول ڪري پوڻ بعد عملدارن بجلي جون تارون لڪڙن تي ٽنگي ڇڏيون آهن: شهري
خوف آهي ته ڪو حادثو نه پيش اچي، عملدارن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪتو: شهري

ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙھي خيرو ۾ واپڊا اختيارين ڪمال جو ڪم ڪندي بجلي جي 11 ھزار وولٽ جون تارون ٿنڀن بجاءِ لڪڙن تي ٽنگي ڇڏيون. ڳڙهي خيرو جي دوداپور فيڊر تي بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ کانپوءِ واپڊا عملدارن نوان پول ھڻڻ بدران بجلي جي تارن کي لڪڙن تي ٽنگي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري رهواسين ۾ خوف پکرجي ويو آهي. شهرين چيو آهي ته ٿوري به تيز هوا آئي ته اهي لڪڙا ڪرِي پوندا ۽ خدا نه ڪري ڪو نقصان ٿي سگهي ٿو.
چرس وٺو، کاڌو ڏيو، فلوريڊا ۾ نوجوان چرس ذريعي بل ڏيندي گرفتار ٿي پيو
فلوريڊا واسي ميڪڊونلڊ ۾ بل چرس ذريعي ڀرڻ جي ڪوشش

فلوريڊا (م ڊ) آمريڪا ۾ 23 سالن جو نوجوان بک سبب پاهه ٿيڻ کانپوءِ هڪ ميڪڊونلڊ ريسٽورنٽ تي ويو ۽ چرس جي ٿيلهي جي بدلي ۾ کاڌي جي طلب ڪيائين پر ابتو کيس پوليس کان گرفتار ڪرايو ويو. آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ نوجوان انٿوني اينڊريو ميڪڊونلڊ ۾ آرڊر ڏنو، کاڌو کائڻ کانپوءِ جڏهن کيس بل گهريو ويو ته هن پيسا نه هئڻ تي چرس جو ٿيلهو ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي. هوٽل مالڪ پوليس سان رابطو ڪري کيس گرفتار ڪرائي ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ به گرفتار ڪيل چرس ذريعي سامان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
علي رضا عابدي جو قتل: وڏي وزير امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا واڳيل آفيسر شرڪت ڪندا
ڪجهه مافيائون امن خراب ڪرڻ گهرن ٿيون، پر اسان ائين ڪرڻ نه ڏينداسين:مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) علي رضا عابدي جي قتل کانپوءِ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ٿيل پڌرائي موجب وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري سوڌو واڳيل عملدار شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ شهر اندر ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن، امن امان کي يقيني بڻائڻ ۽ اهم شصخيتن جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه علي رضا عابدي جي قتل جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ صوبي جو امن خراب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪجهه ٽارگيٽ ڪلرز ۽ مافيائن جا مُهرا صوبي جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا، پر ڪنهن کي ائين ڪرڻ نه ڏينداسين.
خانواهڻ: گٽرن جي گندي پاڻي سبب پورهيتن جا 2 گهر ڊهي پيا، ازالي جو مطالبو
خانواهڻ )ن پ ا) گٽرن جي گندي پاڻي غريب پورهيتن جا اجها ڊاهي ڇڏيا
گٽرن جو گندي پاڻي ڪافي عرصي کان نيڪال نه ٿيڻ ڪري غريب پورهيتن جا 2 گهر ڊهي پيا، جنهن سبب پورهيتن سخت سيءُ ۾ پريشانين کي منهن ڏنو.
پورهيتن شاهد ملاح ۽ گلشن سولنگي جو چوڻ آهي ته ڪافي عرصي کان گندو پاڻي بيٺل هئڻ سبب گهرن جون ڀتيون ڪمزور ٿي ويون ۽ رات دير سان ٻئي گهر ڊهي پيا، ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو.
پورهيتن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪري سندن نقصان جو ازالو ڪيو وڃي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا اڄ پهرين ٽيسٽ ۾ مقابلو ڪندا
پاڪستان 8 سالن کانپوءِ ساڳي گرائونڊ تي ٽيسٽ ميچ کيڏندو
وڪيٽ فاسٽ بالرن لاءِ سازگار هوندي، بيٽنگ ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ اهم

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مقابلو ڪندا، سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميچ 1 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان طرفان محمد عباس زخمي هئڻ ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، جڏهن ته فخر زمان فٽ ٿي ٽيم جو حصو هوندو. سينچورين جي پچ بالرن لاءِ سازگار ٻڌائي پئي وڃي، جيڪا تيز ۽ بائونسي آهي، جڏهن ته پچ تي بال سوئنگ ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن. پاڪستان جي ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، اظهر علي، اسد شفيق، حارث سهيل، بابر اعظم، سرفراز احمد، حسن علي، ياسر شاهه، محمد عامر ۽ شاهين آفريدي شامل هوندا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊيل اسٽين کي پنهنجي ملڪ طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڪيٽ جي ضرورت آهي، جنهن سان ڊيل اسٽين شان پولاڪ جو 422 وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙيندو.
”پٽ بنا جيئڻ ڪهڙو“ پيرڳوٺ ۾ گذريل ڏينهن آپگهات ڪندڙ نوجوان جي پيءُ به خودڪشي ڪري ڇڏي
نوجوان ڪيلاش ڪمار گھرو پريشانين سبب گذريل ڏينھن آپگھات ڪيو ھو
پٽ جي وڇوڙي جي صدمي ۾ چيت رام بھ گاسليٽ پيءُ خودڪشي ڪري ڇڏي
خانپورمھر( ن پ ا) گذريل ڏينهن آپگهات ڪندڙ نوجوان جي پيءُ به جگر جي ٽڪڙي جو وڇوڙو برداشت نه ڪندي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.
گذريل ڏينھن گھرو نوجوان ڪيلاش ڪمار پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪيو، جنهن جي وڇوڙي پيءُ جو جيءُ جهوري ڇڏيو ۽ 50 ورھين جو چيت رام نوجوان پٽ جي جدائي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ هن به گاسليٽ پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو
علائقي ۾ چوٻول آهن ته متاثر خاندان جو مائيٽن سان سڱاوتي معاملو هلندڙ آهي، جنهن سبب نوجوان پريشانين کي منهن ڏئي رهيو هو
ميهڙ: مغوي واپاري تي هڪ ٻئي واپاري جي فرياد تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو
ضمير مونکان 60 لک رپين جو زرعي سامان وٺي فراڊ ڪيو، پيسا نه ٿو ڏئي: روشن شيخ
واپاري ضمير ڏيرو اغوا ناهي ٿيو، کيس حيدرآباد پوليس کنڀي وئي آهي: ذريعن جي دعويٰ
ميهڙ (ن پ ا) پوليس گذريل ڏينهن مبينا طور اغوا ٿي ويل واپاري تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ذريعن موجب واپاري اغوا ناهي ٿيو، کيس حيدرآباد پوليس کنڀي وئي آهي.
سيڪشن ٿاڻي پوليس واپاري روشن شيخ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته واپاري ضمير ڏيرو مون کان 60 لک روپين جو زرعي ڀاڻ، دوائون ۽ سارين جوٻج ورتو، پر هن اڃا تائين پيسا ناهن ڏنا ۽ فراڊ ڪيو آهي.
گذريل ڏينهن انڊس هاءِ وي تان ڪار ۾ سوار هٿياربندن هٿان مبينا طور اغوا ڄاڻايل ضمير ڏيرو جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي، ٻئي طرف روزاني پنهنجي اخبار کي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته واپاري ضمير ڏيرو اغوا نه ٿيو آھي پر کيس سي آء پوليس حيدرآباد جا اهلڪار ڪار ۾ کڻي ويا آھن، پر اها خبر نه پئجي سگهي آهي ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا اڄ پهرين ٽيسٽ ۾ مقابلو ڪندا
پاڪستان 8 سالن کانپوءِ ساڳي گرائونڊ تي ٽيسٽ ميچ کيڏندو
وڪيٽ فاسٽ بالرن لاءِ سازگار هوندي، بيٽنگ ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ اهم

سينچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مقابلو ڪندا، سينچورين جي سپر اسپورٽس پارڪ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميچ 1 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان طرفان محمد عباس زخمي هئڻ ڪري ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، جڏهن ته فخر زمان فٽ ٿي ٽيم جو حصو هوندو. سينچورين جي پچ بالرن لاءِ سازگار ٻڌائي پئي وڃي، جيڪا تيز ۽ بائونسي آهي، جڏهن ته پچ تي بال سوئنگ ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن. پاڪستان جي ٽيم ۾ فخر زمان، امام الحق، اظهر علي، اسد شفيق، حارث سهيل، بابر اعظم، سرفراز احمد، حسن علي، ياسر شاهه، محمد عامر ۽ شاهين آفريدي شامل هوندا. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊيل اسٽين کي پنهنجي ملڪ طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڪيٽ جي ضرورت آهي، جنهن سان ڊيل اسٽين شان پولاڪ جو 422 وڪيٽن جو رڪارڊ ٽوڙيندو.